Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

سنڌ ۾ سياسي تبديلي آڻڻ لاءِ شروع ٿيل راند : ڊسمبر 2014ع

سنڌ ۾ سياسي تبديلي آڻڻ لاءِ شروع ٿيل راند
اڱارو 23 ڊسمبر 2014ع

سهيل سانگي

پيپلز پارٽيءَ جي وائيس چيئرمين مخدوم امين فهيم، پير پاڳاري سان گڏجي ريٽائرڊ جنرل مشرف سان ملاقات ڪئي آهي. لڳي ٿو ته مستقبل جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪجهه تبديل ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. مخدوم خاندان لڳاتار شڪايتن بعد ڀائنجي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ کي خدا حافظ ڪرڻ گُهري ٿو. اسلام آباد جي هڪ دوست چواڻي ته، سڄي ملڪ ۾ تبديليءَ جي فضا ۾ سنڌ ئي رڪاوٽ هئي، پاڳارو-مخدوم اتحاد جي ذريعي حالتون سازگار ڪيون پيون وڃن، جتي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جي خراب حڪمرانيءَ مان هونئن ئي بيزار آهن. مخدوم خاندان جي پيپلز پارٽيءَ سان جيتري ڊگهي وابستگي آهي، ان جي ناراضگين جي لسٽ به اوتري ئي ڊگهي آهي. پيپلز پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو هو، ان ڪري چيو ويندو آهي ته اها پارٽي هالا ۾ ٺهي، جيتوڻيڪ اها لاهور ۾ ٺهي هئي. پارٽي ٺهڻ بعد وڏو مخدوم طالب المولى تاحيات وائيس چيئرمين رهيو، ان بعد اهو عهدو مخدوم امين فهيم کي ڄڻ ورثي ۾ مليو.

 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي موت جي سزا ٻُڌائڻ بعد جڏهن پيرزادو ۽ ممتاز ڀٽو پوئتي هٽي ويا، تڏهن مخدوم خاندان بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان گڏ بيٺو رهيو. نوجوان نينگري بينظير ڀٽو ايجيٽيٽر ۽ احتجاج ڪندڙ طور ميدان ۾ لٿي ته مخدوم خليق الزمان نه رڳو سنڌ ۾ بلڪه ملڪ ۾ جلسن جلوسن ۾ ساڻس گڏ رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ جڏهن غلام مصطفى جتوئي پارٽيءَ کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته مخدوم خليق کي پارٽيءَ جو صدر بڻايو ويو. پارٽيءَ جي بااثر جاگيردار جتوئي جي اثر کي منهن ڏيڻ لاءِ مخدوم خاندان ڏاڍو ڪم آيو، بعد ۾ مخدوم خليق الزمان ذاتي ۽ ڪجهه سياسي معاملن سبب پارٽيءَ کان پاسيرو ٿي ويو.

 ضياءَ جي 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن جي موقعي تي مخدوم خاندان کي پارٽي ڇڏڻ لاءِ پُرڪشش آڇون ڪيون ويون، پر وڏي مخدوم خاندان کي پارٽي ۾ ئي رهڻ جو حڪم ڏنو. 1988ع جون چونڊون کٽي پارٽي حڪومت ۾ آئي ته مخدوم خاندان فرمائش ڪئي ته گهرو معاملن واري وزارت مخدوم رفيق الزمان کي ڏني وڃي، پر پيپلز پارٽي ڪنهن به مرحلي تي سنڌ اندر مخدوم خاندان کي حڪومت ۾ اثرائتي پوزيشن نه ڏني، شايد اهو فيصلو غلام مصطفى جتوئي کي ڏنل اختيارن ۽ پوزيشن کان پوءِ ڪيو ويو.

 1990ع واري ڏهاڪي ۾ مخدوم امين فهيم محترمه کان وفاق ۾ ڪا وزارت گُهري، جنهن تي پيپلز پارٽيءَ جي حلقن ۾ اهي ڳالهيون هُلڻ لڳيون ته، ”محترمه چوي ٿي ته مخدوم صاحب جو ۽ سرڪاري آفيس جو وقت مٽائي شام جو ڪرڻو پوندو.“ مخدوم امين فهيم پنهنجي ننڍي ڀاءُ خليق الزمان وانگر ڪو مقرر يا عوامي ليڊر ڪونهي، هو پارٽي ليڊر ۽ ڊرائنگ روم جي سياست جو گُر ڄاڻيندڙ طور سُڃاڻپ رکي ٿو. بينظير ڀٽو ملڪ ۾ پنهنجي غير حاضريءَ ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ملڪ اندر رهندي به اسلام آباد جي ڌرين سان مخدوم امين جي ذريعي ئي ڳالهائيندي رهي. چون ٿا ته، هو اهو ڪم محترمه جي اطمينان جي حد تائين سرانجام ڏيندو رهيو. خود مشرف سان به مخدوم امين جي ذريعي ڳالهيون ٿينديون رهيون، جنهن ڪري سندس مشرف سان ويجهڙائپ ٿي.

 2002ع جي چونڊن کان پوءِ وزارت عظمى مخدوم کان ڪجهه وکن جي پنڌ تي هئي، جڏهن مشرف ساڻس مرگلا جي ٽڪرين تي واقع هڪ هوٽل ۾ سرعام ملاقات ڪئي ۽ ان عهدي جي آڇ ڪئي. دراصل سنڌ ۾ وڏ وزارت ماڻڻ مخدوم خاندان جو پراڻو خواب آهي. 1993ع ۾ هو ان خيال سان ئي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي بيٺو، پر محترمه کيس سنڌ ۾ اها ذميواري نه ڏني، جنهن تي کيس ڏک رسيو. اهڙو اظهار هو ڪڏهن ذاتي محفلن ۾ به ڪندو رهيو. مشرف جو خيال هو ته مخدوم کان اهو زخم وسريو نه هوندو ۽ هو وزارت عظمى جو عهدو قبول ڪري وٺندو، پر هن محترمه جي هدايت تي عهدو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي مشرف ۽ امين فهيم جي ويجهڙائپ کي ائين امتحان ۾ وڌو ويو، جو مشرف جي مقابلي ۾ کيس صدارتي اميدوار بيهاريائين. 

سنڌ جي سياست ۾ ڀوتارن طرفان پارٽيون مٽائڻ عام آهي، پر ان حوالي سان مخدوم وفاداريءَ جي علامت بڻيل رهيو، هن پارٽي نه مٽائي. ڪيترن موقعن تي هن چيو، ”بينظير منهنجي ليڊر ۽ منهنجي ليڊر جي ڌيءُ آهي، آئون ان سان دوکو نه ٿو ڪري سگهان.“ محترمه جي شهادت کان پوءِ عام تاثر هو ته کيس پارٽيءَ جو سرواڻ بڻايو ويندو ۽ وزير اعظم جو عهدو ڏنو ويندو، پر ائين نه ڪيو ويو. آصف علي زرداري پاڻ پارٽيءَ جو سرواڻ ۽ ملڪ جو صدر ٿيڻ پئي گُهريو، ٻه حڪومتي عهدا سنڌ مان نه پئي ٿي سگهيا. هڪ دفعو وري مخدوم خاندان ڪنهن اهم عهدي کان محروم رهيو. پارٽي حلقن ۾ اهي ڳالهيون هلنديون رهيون ته مخدوم مشرف سان ملندو رهندو آهي. مبصرن جو خيال آهي ته آصف علي زرداريءَ کي خطرو هو ته امين فهيم کي وزير اعظم يا وزير اعلى سنڌ جو عهدي ڏيڻ سان هو سنڌ ۾ پنهنجو اثر ۽ لابي ٺاهي وٺندو، جيڪو هن لاءِ چئلينج بڻجي سگهي ٿو.

 2008ع کان پوءِ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ٻه ڀيرا حڪومت ۾ آئي، ذوالفقار مرزا، پير مظهرالحق يا وري نثار کهڙي کي سينئر وزير بڻايو ويو، پر مخدوم خاندان کي اهو عهدو نه مليو. هلندڙ سال مارچ، اپريل ۾ ٿر ۾ ڏڪار سبب ٻارڙن جي مرڻ تي وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪاوڙجي پيو. ٿر ۾ تڏهن ڊپٽي ڪمشنر مخدوم جو پُٽ عقيل الزمان ۽ رليف منسٽر ٻيو پُٽ جميل الزمان هو. وڏي وزير مخدوم خاندان جي انهن ڀاتين کي ڏڪار کي مُنهن ڏيڻ وارن انتظامن ۾ ناڪام ٿيڻ جي الزام ۾ معطل ڪري ڇڏيو. ان تي مخدوم امين کي به ڪاوڙ لڳي. هن پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، اها ملاقات پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڌمڪي هئي ته هو پير پاڳاري سان اتحاد ٺاهي وٺندو. وڏي وزير سائين قائم علي شاهه کي حڪم واپس وٺڻا پيا. مخدوم جو موقف هو ته معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. قائم علي شاهه پنهنجو موقف مٽائي، جاچ جو حڪم ڏنو ۽ اهو به چيو ته ٿر ۾ ڏڪار سندس حڪومت خلاف سازش آهي. ”سازش“ لفظ اڄ سوڌو ڏڪاريل ٿرين جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي. حڪومت پنهنجي ئي جوڙيل ڪميٽين جي رپورٽن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي، پنجين ڪميٽي ويهاري آهي. تازو پنجاب ۾ پارٽيءَ جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مخدوم ٻُڌايو ته، ”پارٽيءَ ۾ گروهه بندي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ناراض دوستن کي پرچائي گروهه بندي ختم ڪرائي وڃي.“ سندس انهن ريمارڪس تي آصف علي زرداري ڪاوڙ ڏيکاري ته ناڪاره ويٺل ماڻهن کي ڇنڊي ڦوڪي اڳيان آندوسين ته هاڻي اهي گروهه بنديءَ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. 

پارٽيءَ جي سربراهه وٽان اهڙن ريمارڪس ۽ ملڪ ۾ بدليل حالتن مخدوم لاءِ واٽ ٺاهي ڏني. هن پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي ۽ ان بعد اهي ٻئي اڳواڻ ريٽائرڊ جنرل مشرف سان مليا. آصف علي زرداري جي هدايت تي پارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ اڳوڻو وزير اعظم پرويز اشرف مخدوم سان مليا. 

اطلاع آهن ته ٻئي اڳواڻ کيس پرچائي نه سگهيا، جنهن بعد مخدوم پنهنجي سروري جماعت جي خليفن جو اجلاس گهرايو آهي. اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا وانگر سنڌ ۾ به عمران خان کي پاپولر ليڊر طور متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سنڌ ۾ اثر ڏيکاري نه سگهيو. سنڌ ۾ پاور بروڪرس تيستائين پاسو مٽائڻ لاءِ تيار نه هئا، جيستائين کين پڪ نه پئي ٿي ته سنڌ حڪومت ۾ ڪير ايندو؟ سندن خيال آهي ته امڪاني تبديليءَ جي صورت ۾ عمران خان اسلام آباد يا لاهور ۾ ته حڪومت ٺاهي سگهي ٿو، پر سنڌ ۾ وري به پيپلز پارٽي آهي، جنهن کي عمران خان ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، ان بعد پلان ”بي“ کي عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سنڌ جي ٽن اڳوڻن وڏن وزيرن لياقت جتوئي، غوث علي شاهه ۽ ارباب غلام رحيم گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ نواز دور جو اڳوڻو اسپيڪر الاهي بخش سومرو به شريڪ ٿيو. سندن دعوى هئي ته هن گڏجاڻيءَ کي ٻن وڌيڪ اڳوڻن وڏن وزيرن ممتاز ڀٽو ۽ مظفر شاهه جي به حمايت حاصل هئي، پر اهو پلان اڏامڻ کان اڳ ئي پٽ پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته انهن کي نه ماڻهن وٽان، نه ڀوتارن وٽان ڪنهن مڃتا ملڻ جو آسرو مليو. هاڻي پلان ”سي“ طور پاڳارو- مخدوم اتحاد کي اڳيان آڻڻ جي ڪئي پئي وڃي، يعني ٻئي پيراڻي گادين وارا آهن، واڌو ڀوتار به حمايت ڪري سگهن ٿا، جو کين سمجهه ۾ ڳالهه ايندي ته اهو اتحاد گيم چينجر ٿي سگهي ٿو. 

ڊسمبر 2012ع ۾ پير پاڳاري سنڌ جي قومپرست ڌرين کي ساڻ ڪري، حيدرآباد ۾ طاقت جو مظاهرو ڪيو هو، پر پوءِ جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌ ۾ وري به پيپلز پارٽي پئي اچي ته پاڻ پاسيرو ٿي ويو. سياسي ڪارڪنن جي ملندڙ لاشن بعد سنڌ ۾ قوم پرستيءَ جا جذبا هڪ دفعو وري اُڀري رهيا آهن، بلڪل ائين جيئن بلدياتي نظام جي حوالي سان ٻه سال اڳ جذبا اُڀريا، جن کي پاڳاري يڪجا ڪيو، هو اهو ڪم هن ڀيري به ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو انگريزن خلاف گوريلا جنگ وڙهندڙ سندس ڏاڏي سورهيه بادشاهه کي سنڌ جون مختلف ڌريون قومپرست سمجهن ٿيون. ميڊيا جي حلقن ۾ اها ڳالهه به اُڇلائي وئي آهي ته اڄوڪي صورتحال ۾ جڏهن سمورا اختيار ۽ فيصلا وزير اعظم نواز شريف کان منتقل ٿي ويا آهن، تڏهن پرويز مشرف ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

 پرويز مشرف اهڙو ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو يا نه، پر هو اهڙين ڌرين کي گڏ ڪري سگهي ٿو، جيڪي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي کي ڌڪ رسائين. جيڪڏهن اسلام آباد ۾ ايندڙ وقت لاءِ ڪا کچڻي پچي رهي آهي ته سنڌ وٽان پوندڙ ”رڪاوٽ“ هن سرگرميءَ وسيلي دور ٿي وڃي ٿي.

Labels: , , , , , ,

پشاور سانحي کان پوءِ گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻ جي ضرورت! 20 ڊسمبر 2014ع

پشاور سانحي کان پوءِ گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻ جي ضرورت!
ڇنڇر 20 ڊسمبر 2014ع

سهيل سانگي

سڄي ملڪ ۾ پشاور سانحي جي مذمت، ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. ڪي ماڻهو پنهنجن اهڙن جذبن جو اظهار ميڊيا، سوشل ميڊيا تي ڪري رهيا آهن، ڪي وري شهيد ٿيل معصومن جي ياد ۾ بتيون ٻاري، مظاهرن ۽ احتجاجن ذريعي ڪري رهيا آهن. ڀائنجي ٿو ته اها صورتحال اڃا چند ڏينهن وڌيڪ هلندي. حڪومت طرفان موت جي سزا تي عمل تي بندش ختم ڪرڻ ۽ آرمي چيف طرفان 6 ڊيٿ وارنٽن تي صحيح ڪرڻ شايد ماڻهن جي ڏک ۽ ڪاوڙ وارن جذبن تي ڪو پاڻي جو ڇنڊو وجهي سگهي. اهي ٻئي اپاءَ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ رُڌل ماڻهن لاءِ پيغام آهن ته هاڻي عدالتن مان سزا کاڌل سندن ساٿي بچي نه سگهندا ۽ کين ڦاهي اچي ويندي. ان ڏس ۾ عسڪري ۽ حڪومتي سطح تي ”زيرو ٽالرنس“ هجي، ۽ ان سان گڏوگڏ قبائلي علائقن توڙي وڏن شهرن ۾ آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 

اهڙن سخت فيصلن مان لڳي ٿو ته حڪومت توڙي عسڪري ادارا ڪنهن کي به بخشڻ جي موڊ ۾ ناهن. اڱاري ڏينهن سانحو پيش اچڻ کان پوءِ عمران خان فوري طور ملڪ گير پنهنجي احتجاج جو سڏ واپس ورتو. وزير اعظم نواز شريف پشاور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي ورتي، جنهن ۾ دهشتگردن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سياسي پارٽين تي مشتمل ڪميٽي به ٺاهي وئي. 

آرمي چيف جنرل راحيل شريف افغانستان جو دورو ڪيو. تاثر اهو پيو ڏنو وڃي ته افغان حڪومت کي اتي موجود تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻن ۽ انهن طرفان پاڪستان ۾ ٿيندڙ وارداتن بابت آگاهي ڏني وڃي ۽ سهڪار لاءِ چيو وڃي. اهو به نظر آيو ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهن، انهن سمورن حڪومتي، عسڪري ۽ سياسي اپائن تي ملڪ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ مبارڪون ڏنيون پيون وڃن ۽ سڀني جي سندن ڏاهپ تي واهه واهه ڪئي پئي وڃي. پشاور وارو سانحو واقعي اهڙو ئي هو، جنهن سڀني ڌرين کي لوڏي وڌو ۽ کين ڇڪي هڪ هنڌ تي بيهاري ڇڏيو، ان ڪري اهو ته ٿيڻ ئي گهربو هو. ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن اهو واقعو نه ٿئي ها ته پوءِ اسان سڀني مان ڪير ڪٿي بيٺو هجي ها؟ اها سوچڻ جي ڳالهه آهي. 

هر ڪو ڄاڻي ٿو ته واقعي کان اڳ به ملڪ ۾ سڀ خير ڪو نه هو. هي ڪو رات وچ ۾ يا اوچتو ئي اوچتو واقعو ڪو نه ٿيو آهي. سويلين توڙي فوجي ادارن ايتري قدر جو فوجي ادارن جي هيڊ ڪوارٽرن تي به حملا ٿي چڪا آهن، ڄڻ ڪو به محفوظ هنڌ نه بچيو هو. هي هڪ لڳاتار عمل هو، جيڪو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي جنگ وڙهڻ مهل اسان پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو هو. مذهبي انتهاپسندي ۽ جهاديت کي سرڪاري پاليسي بڻايو ويو. ضياءُالحق ته جهاز جي حادثي ۾ مري ويو، پر سندس اها پاليسي سويلين حڪومت اچڻ بعد به تبديل نه ٿي سگهي ۽ جاري رهي. 
هونئن ته ملڪ ٺهڻ کان فورن پوءِ ملڪ اندر اڻ سهپ، نفرت، حق نه ڏيڻ واري پاليسي ۽ سياسي نظام لاڳو ڪيو ويو هو، پر ان کي پچي راس ٿيڻ جو موقعو افغان جهاد ۾ مليو. مون کي مير غوث بخش بزنجي جا لفظ ياد ٿا اچن، جيڪي هن محمد خان جوڻيجي جي جنيوا ٺاهه جي حوالي سان گُهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ چيا هئا: ”اڄ اوهان روس کي ٽوڙڻ لاءِ آمريڪا سان ياري رکي، جاهل طالبان پيدا ڪري رهيا آهيو، پر ياد رکو، اهي طالبان سڀاڻي اوهان جا ٻچا کائيندا ۽ اوهان سواءِ تماشي جي ڪجهه به نه ڪري سگهندا.“ اڄ واقعي ائين ئي ٿي رهيو آهي. 
ان دور کان وٺي اسان وٺي اوڙي پاڙي سان جهيڙو ڄڻ پرڏيهي پاليسيءَ جو سنگ بنياد بڻائي ڇڏيو، ان جي آبياريءَ لاءِ ملڪ اندر به اهڙو ئي ماحول جوڙيو ويو. تعليمي نصاب ۽ نظام کان وٺي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي جوڙجڪ تائين سموريون شيون نفرت، اڻ سهپ، حق نه ڏيڻ، پنهنجن ئي شهرين کي پرائو سمجهڻ جي نقطه نگاهه کان ڪيون ويون. ائين ملڪ اندر هڪ اهڙو ماحول ۽ مائينڊ سيٽ جوڙيو ويو، جنهن ۾ جمهوريت، پارليامينٽ يا عوام جي بالادستيءَ جي ٻئي درجي واري حيثيت ٿي وئي. ملڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي ويو، ايتري قدر جو ملڪ جو هر شهري، هر خانگي توڙي سرڪاري ادارو غير محفوظ بڻجي ويو. پوليس توڙي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ جوڙيل ادارا پنهنجو رول وڃائي ويٺا، انهن جي جاءِ تي خانگي سيڪيورٽي ايجنسيون اچي ويون. 
مون کي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ريٽائرڊ جنرل جو بيان ياد اچي ٿو. هن چيو هو ته، ”ماڻهن جي حفاظت سندن ذاتي معاملو آهي، ماڻهو پنهنجي حفاظت پاڻ ڪن.“ حد ڪمال گورنر صاحب جو، اهو بيان ئي نه هو، بلڪه ان بيان تي خاموشي هئي، ڇاڪاڻ ته آئين ته چوي ٿو ته، ”هر شهريءَ جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي.“ واقعي مثبت ڳالهه آهي ته پشاور سانحي سڀني کي جاڳايو ۽ ڇڪي هڪ هنڌ تي بيهاريو. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ڪيتري جذباتيت آهي، ڪيتري شعوري جاڳرتا ۽ ماضي جي غلطين جو احساس آهي؟ ۽ خود اهو ته متان ڪو حصو عوام ۾ موجود تاءُ به هجي. 

اصل ۾ هي سڄو معاملو گهڻو گهرو، گهڻ پاسائون ۽ ڊگهو آهي، فوري طور تي ورتل اپاءَ هنگامي حالتن ۾ ڏنل رليف جو ڪم ڪري سگهن ٿا. شايد انهن اپائن سان في الحال صورتحال ۾ بهتري به اچي وڃي، پر ڇا جيتري گهرائيءَ تائين خرابي پهتل آهي، ان جي حل ۽ سڌاري لاءِ ڪيترو گهڻو اڳتي ۽ گهرائيءَ ۾ وڃڻ جي ضرورت آهي؟ ملڪ جي سياسي نظام کان وٺي، تعليمي نظام تائين ماڻهن انهن جي حقن بابت رياست جي اپروچ، سوچ ۽ عمل ۾ تبديليءَ تائين گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اهڙيون سازگار حالتون ۽ زرخيز زمين موجود رهندي، جنهن ۾ انتهاپسندي، جهاديت ۽ دهشتگردي وري پلجي سگهي ٿي، پنهنجون پاڙون هڻي سگهي ٿي، ان کي ائين ڪرڻ ۾ شايد چند سال ئي لڳندا. مطلب حالتون ۽ سمورو ملڪي ماحول تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. 
سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت، اسان جون سياسي ڌريون ۽ عسڪري ادارا ان لاءِ تيار آهن؟ جيڪڏهن ها ته سيڪيورٽي پلان ۽ پاليسيون ڀلي پنهنجي جاءِ تي جوڙيون وڃن، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته بنيادي پاليسيون تبديل ڪيون وڃن. 
ٻي صورت ۾ ڪو هاءِ ڪورٽ جو جج ايندڙ وقت ۾ مذهبي حوالي سان حساس بڻايل ڪيس ٻُڌڻ کان اهو چئي لنوائيندو ته ”ناٽ بفور مي.“ پنهنجو ڪالم آئون هڪ دوست جي موڪليل ايس ايم ايس تي پورو ڪريان ٿو: ٽي وي سيٽ جي سامهون ويٺل هر ڪنهن شخص جي دل گُهري پئي ته سانحي جي ذميوارن کي هو پاڻ قتل ڪري، پر ڪو به اُٿڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

Labels: , , , , , , ,

عمران خان جي ”لاهور شو“ کان پوءِ اڀريل سوال: 16 ڊسمبر 2014ع

عمران خان جي ”لاهور شو“ کان پوءِ اڀريل سوال!
اڱارو 16 ڊسمبر 2014ع

سھیل سانگی

پلان ”سي“ جي ٽئين مرحلي ۾ تحريڪِ انصاف جو لاهور وارو احتجاج سخت ڇڪتاڻ وارين حالتن ۾ ٿيو. فيصل آباد وارو احتجاج پر تشدد هو، پر ڪراچيءَ ۾ اهو احتجاج پرامن رهيو، جنهن سبب عمران خان توڙي پيپلز پارٽيءَ جون سياسي مارڪون وڌي ويون. عمران خان جون ان ڳالهه تي ته ڪراچي پرامن طور به بند ٿي سگهي ٿو، جيڪو مافيائن جي هن ميٽروپوليٽن شهر جي گذريل ٽيهارو سالن جي روايتن جي ابتڙ هو. پيپلز پارٽي جون سياسي مارڪون ان لاءِ وڌيون ته ان نه ڪا تڪڙ ڪئي ۽ نه محاذ آرائي- ان عمران خان کي پنهنجو مهاڙي وارو مخالف نه پئي سمجهيو. بهرحال جمهوريت ۾ اپوزيشن ڏي رويو وڏي ڳالهه هوندو آهي. 

سنڌ سرڪار تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عقلمندي جي حڪمت عملي جوڙي. لاهور وارو عمران خان جو ”شو“ صورتحال ۾ ڪا بنهه وڏي شفٽ ناهي، بس اهو ئي ته تختِ لاهور جو قصو آهي، جيڪو نواز ليگ کان هضم نه پيو ٿئي. احتجاج جي پنهنجي نفسيات هوندي آهي، مظاهرو ڪندڙ تڪڙا هوندا آهن ته ڪو حڪومت سان ٽڪراءُ ٿئي. احتجاج ڪندڙن ۾ اها سوچ مقبول رهي آهي ته ڪجهه اهڙو ڪم ڪجي جو وڏو واقعو ٿئي ته جيئن حڪومت تي ڪو ڏوهه ڏئي سگهجي. ٻئي پاسي حڪومت جي انتظامي مشينري ان کان لنوائيندي آهي، پر حڪومت جي سياسي ونگ لاءِ عزت جو سوال بڻجي ويندو آهي، جنهن جو اظهار نواز ليگ جي ريلوي واري وزير سعد رفيق ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان ڪيو آهي ۽ ان پي ٽي آءِ کي دهشتگرد تنظيم سڏيو آهي. 

هر طرف احتجاج آهي ۽ حڪمران جماعت ۽ پي آءِ ٽي جو هڪٻئي ڏانهن شديد مخالفت وارو رويو آهي. ٻئي طرف ڳالهيون رسمي طور شروع ٿي ويون آهن. ٻنهي ڌرين تجويز ڪيل جوڊيشل ڪميشن بابت پنهنجين تجويزن جي مٽا سٽا ڪئي آهي. 

چونڊن ۾ ڌانڌلين وارو معاملو ٻنهي ڌرين لاءِ سواليه نشان آهي، ٻنهي مان هر هڪ جي ڪوشش آهي ته قاعدا قانون اهڙا ٺهن جو هڪ کي فائدو ۽ ٻئي ڌر کي سياسي نقصان ٿئي، ڳالهين جا اهي دور انهي ”سچائي“ سان هلي رهيا آهن. نواز ليگ ڪنهن به صورت ۾ ڪا اهڙي جاچ ڪميشن ٺاهڻ جي حق ۾ نه بيهندي، جنهن جي رپورٽ جي بنياد تي 2013ع جي چونڊن وارو سندن مينڊيٽ ڪوڙو ثابت ٿئي ۽ وقت کان اڳ يعني 2018ع کان اڳ ٽپڙ ويڙهڻا پون. 

تحريڪ انصاف جو سمورو زور وچ مُدت وارين چوندن تي آهي، يعني 2018ع کان اڳ چونڊون ٿين. هو ڪا به اهڙي صورت قبولڻ لاءِ راضي ناهي، جو نواز ليگ پنهنجي حڪومت جي آئيني مُدت پوري ڪري. ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي ايترو پختگي سان بيٺيون آهن، جو ڳالهين ذريعي ڪو نبيرو ٿيڻ ممڪن نٿو لڳي.

 حڪومت جو خيال آهي ته ڪميشن جو ڪم اهڙي قسم جو رکيو وڃي، جنهن ۾ رڳو انهن سيٽن جي جاچ ٿئي، جن بابت عمران خان جا الزام آهن، ڳالهه انهيءَ کان اڳتي نه وڌي. عمران خان چاهي ٿو ته مئي 2013ع واري سموري چونڊ جي آڊٽ ٿئي، ان جي نتيجي ۾ چار يا ويهارو کن سيٽون ئي نه، پر سڄي اليڪشن کي غلط يا ناجائز قرار ڏنو وڃي. ان معاملي تي وڏي ريڙهه پيڙهه ٿي به رهي آهي ۽ اڃا به ٿيندي. ڳالهين لاءِ سڄي اپوزيشن جو زور آهي، ان ڪري ڳالهيون ضرور ٿينديون پر حڪومت جو زور هوندو ته معاملو ڊگهو ٿي وڃي ۽ ڳالهيون ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچن، پر عمران خان کي تڪڙ آهي هو چاهي ٿو ته جلد ڳالهيون ٿين. 
هو ڳالهين ذريعي ۽ دٻاءُ وجهي جلد نتيجا وٺڻ جو خواهشمند آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ته ڪا ڊيڊ لائين مقرر آهي، هو ان ڊيڊ لائين اندر ڪو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ گهري ٿو.

  سياسي مارڪيٽ ۾ ٻه ڳالهيون وڌيڪ آهن. سياسي حلقا جنرل راحيل جي آمريڪي دوري ۽ آمريڪا طرفان دفاعي معاملن ۾ سهڪار جو هٿ ڊگهيڙڻ کي اهم قرار ڏيئي رهيا آهن. اهو دورو ۽ سهڪار واقعي وڏي اهميت رکندڙ آهي، پر ڇا ان جي ڪا سياسي معنيٰ به آهي؟ سينيٽ جي ڪميٽي خط لکي گهر ڪئي آهي ته ان دوري ۾ ٿيل ڳالهين بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. شايد ڪي ڌريون محسوس ڪن ٿيون ته آمريڪا پاڪستان جي سياست جي حوالي سان به ڪجهه چاهي ٿو. ان ڏس ۾ عمران خان جي ان بيان جو به حوالو ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ هن چيو هو ته آخر چين پاڪستان لاءِ ايتري سيڙپ ڇو ڪري رهيو آهي؟ 
ائين عمران خان جو رويو آمريڪا نواز محسوس ٿئي ٿو. جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن چونڊن کي غير قانوني يا غلط قرار نه ٿي ڏئي. نواز شريف حڪومت برقرار رهي ٿي ته ڇا اهڙي صورت ۾ عمران خان ماٺ ڪري ويهندو؟ هو اهو ئي چوندو رهيو آهي ته هو ڌانڌلي واري اسيمبلي ۾ نه ويهندو، يعني گذريل چونڊن جي نتيجي ۾ ٻئي نمبر تي ايندڙ جماعت اسيمبلي کان ٻاهر احتجاج ڪندي رهي ۽ اهو سلسلو ٽن سالن يعني 2018ع تائين هلندو رهي، اهو به مشڪل ٿو لڳي. 
جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن چونڊن کي غلط قرار ڏئي ٿي ته اهڙي صورت ۾ 2015ع ۾ چونڊون ٿيندي نظر ڪو نه ٿيون اچن. اهڙي صورت ۾ ڪجهه ٻيون شيون ڪر کڻنديون، انهن ڳالهين ۾ پنهنجي جاءِ تي وزن به آهي. اهي هي ته پهرين آدمشماري ڪرائي وڃي، صوبن ۾ سيٽن جي ٻيهر الاٽ منٽ ٿيڻ گهرجي ۽ تڪن جي جوڙجڪ به نئين سير ٿئي. ٻيو چونڊ سڌارا جن بابت سڄي ملڪ ۾ گڏيل راءِ موجود آهي، اهي سڌارا ڪهڙا، ڪيترا ۽ ڪئين هجڻ گهرجن؟ اهو وڏو سوال آهي. 
جيڪڏهن واقعي شفاف چونڊن لاءِ سڌارا آندا وڃن ٿا ته ملڪ جو اقتداري ڍانچو تبديل ٿي ويندو، ان لاءِ ملڪ جون مکيه ڌريون راضي ڪيئن ٿينديون. جيڪڏهن اهي ٻئي اشو ميچوئر ٿي ٿا وڃن ته ڪجهه وڌيڪ مدت لاءِ عبوري يا نگران حڪومت جي گنجائش نڪري ٿي. اها حڪومت اهڙي هجي، جيڪا آدمشماري به ڪرائي سگهي ۽ چونڊن جا سڌارا به آڻي سگهي. پاڪستان جي سياسي پارٽين وٽ نه ايتري طاقت آهي، ۽ نه وري سياسي ڪمنٽمنٽ، جو اهي ٻئي اشو اڻ ڌرئي نموني ۾ مضبوطي سان حل ڪري سگهن ۽ ائين هڪ دفعو وري عدليه ۽ سگهارين قوتن جي گڏيل هٿن واري حڪومت لاءِ جاءِ پيدا ٿئي ٿي. گهمي ڦري عمران خان جي پراڻي مطالبي تي ڳالهه بيهي ٿي. 

هڪ دفعو وري سڄو معاملو عدليه حوالي ٿيڻ وڃي پيو. ملڪ جي سياسي نظام ۽ حالتن جي تعين لاءِ عدليه جو رول وڌي رهيو آهي، جڊيشل ڪميشن چونڊن جي تحقيقات لاءِ 5-7 مهينا وٺي سگهي ٿي. اها عجيب ڳالهه هوندي ته عدليه ئي چونڊن جي نگراني ڪئي هئي ۽ انهن جي بي قاعدگين جي جاچ به عدليه ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ تان استعيفا ڏيندڙ اڳواڻ جاويد هاشمي جو بيان واقعي سچو ئي رهيو آهي. هن چيو هو ته پلان مطابق هڪ جج اهڙو اچڻو آهي، جيڪو معاملن کي سڌو ڪري ڇڏيندو. هن وقت تائين تحريڪ انصاف جي احتجاج ڪجهه ڳالهين کي گهڻو چٽو ڪيو آهي.
 
عمران خان پنهنجي ذاتي توڙي سياسي رويي ۾ اڻ سهپ ۽ ٻئي جي نه ٻڌڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. لاهور ۾ ڪجهه صحافين جي مارڪٽ ۽ انهن سان توهين آميز رويو رکڻ، سموريون سياسي ڌريون هڪ طرف ۽ عمران خان ٻئي طرف ڳالهه کي واضح ڪري ڇڏين ٿيون. ان کان علاوه احتجاج، ڌرڻن ۽ شهر بند ڪرڻ واري سياست، جنهن جو هن رواج ۽ روايت وجهي ڇڏي آهي انهن کي تحريڪ انصاف سڀاڻي جيڪڏهن حڪومت ۾ اچي ٿي ته ڪيئن منهن ڏيندي؟ هينئر مخالف آواز ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ته سڀاڻي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ان جو رويو ۽ عمل ڪيترو جمهوري ۽ رواداري وارو هوندو؟ 
تحريڪ انصاف جو رويو رڳو ميڊيا ۽ سياسي ڌرين سان اهڙو ناهي، سڀاڻي صوبن جي حوالي سان به سندس رويي ۾ شايد ڪنهن بهتري جي گنجائش نٿي لڳي. نواز شريف ڪجهه ڪڙا تجربا ۽ سبق حاصل ڪرڻ بعد اهو سکيو، جو هن ڪنهن حد تائين سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرستن سان ڳالهيون ته ڪيون. هي ٻئي صوبا گرم آهن، ۽ انتهاپسندي جي حوالي سان وڌيڪ گرم ٿيندا پيا وڃن. انهن کي سياسي طور تي ڊيل ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر اها ڳالهه عمران خان جي ڪيس ۾ٿيندي نظر ڪو نه ٿي اچي.

Labels: , , , , , ,

...۽ تاريج جو هڪ باب بند ٿي ويو! 09 ڊسمبر 2014ع

...۽ تاريج جو هڪ باب بند ٿي ويو!
اڱارو 09 ڊسمبر 2014ع
 سھیل سانگی
اڄ مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته تاريخ جو باب ڪيئن بند ٿيندو آهي. هونئن پڙهندو يا ٻُڌندو رهندو هوس، پر ڪامريڊ سوڀي جي وڇڙي وڃڻ اها ڳالهه سمجهائي ڇڏي. هڪ اڏول ماڻهو، سالم هوش حواس سان 94 سالن جي عمر ۾ به ائين بيٺو هو، جيئن مون کيس چاليهه سال کن اڳ ڏٺو هو. جذبا جوان، ڳالهه ٻولهه ۾ چٽائي ۽ رواني، فڪر ۾ پُختگي ۽ ڪميٽمينٽ. ڪامريڊ سان منهنجي پهرين ملاقات ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏ ٿي، تڏهن آئون ڪاليج ۾ پڙهندڙ ٻار هئس، ان بعد ڀٽو دور ۾ نذير عباسي سان گڏ ڪامريڊ سان ملڻ لاءِ وياسين. پارٽيءَ جي تنظيم، تاريخ، سياسي صورتحال، ايندڙ وقت جي حڪمت عمليءَ تي ڊگهيون ڪچهريون ٿيون. 

گذريل سال ڊسمبر ۾ پنهنجي ٻارن دانيال، ارباز، شيراز ۽ دانش کي موهن جو دڙو گهمائڻ وٺي ويس. تاريخي آثار گهمڻ مهل مون ٻارن کي ٻُڌايو ته، ”هي تاريخي آثار آهن، واپس لاڙڪاڻي هلي، توهان کي زندهه تاريخ سان ملاقات ڪرائينداسين.“ اسين مهمان ته بشير چانڊيو جا هئاسين، پر محمد علي پٺاڻ سڄو وقت گڏ هو. منهنجي انهيءَ خواهش تي محمد علي پٺاڻ چيو ته، ”بلڪل ڪچهري رکون ٿا.“ 

خبر تڏهن پئي ته اسين مچ ڪچهري لڳايو ويٺا هئاسين، جو ڪامريڊ سوڀو، محمد علي پٺاڻ کي ساڻ ڪري اچي نڪتو. منهنجي شرمساريءَ جي حد هئي، وڏو بزرگ، مارڪسي مفڪر هن عمر ۽ ايتري سيءَ ۾ هتي اچي پهتو آهي. چيومانس ته، ”ڪامريڊ هي توهان ڇا ڪيو؟ آئون توهان وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ آيس پئي.“ کِلي چيائين ته، ”محمد علي پٺاڻ ڳالهه ڪئي، سوچيم توهان جو الائي جي شيڊيول ڪيئن هجي، سو هليو آيس.“ اهو منهنجي ۽ منهنجي ٻارن لاءِ يادگار لمحو هو، مون پنهنجو پاڻ کان پُڇيو ته، ”ڇا آئون ان لائق آهيان، جو ڪامريڊ مون سان ملڻ اچي؟“ وڏي ڪچهري ٿي، اسان جو دوست بدر ابڙو به موجود هو. مون ٻارن کي ٻُڌايو هو ته، ”هن زندهه تاريخ سان ملڻ بنا موهن جو دڙو گُهمڻ اڌورو ٿيندو.“ 

شروعات ڪامريڊ جي شروعاتي ذاتي زندگيءَ سان ٿي. اهو منهنجي ٻارن لاءِ ته وڏو سبق، تجربو شيئر ڪرڻ هو، پر اسان جي ڪچهريءَ ۾ موجود باقي شرڪت ڪندڙن لاءِ به هو. ڪامريڊ ٻُڌايو ته، سندس هڪ ڪلاس فيلو نينگري، شانتي نڪيتن ۾ پڙهندي هئي، جنهن کيس ٻُڌايو آهي ته، ”جيڪڏهن پڙهڻو آهي ۽ زندگي جو علم پرائڻو آهي ته شانتي نڪيتن اچو.“ ان بعد ڪامريڊ ڊاڪٽر يا وڪيل ٿيڻ وارو فيصلو ترڪ ڪري رابندر ناٿ ٽئگور جي يونيورسٽي شانتي نڪيتن وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪامريڊ ٻُڌايو ته، ”آرٽ، ميوزڪ، فلسفو، تاريخ، ڪلچر، سائنس مطلب ته ڪو اهڙو علم نه هو، جيڪو اُتي نه پڙهايو ۽ سيکاريو پئي ويو.“ ڪامريڊ سوڀي اُتي ڇا سکيو؟ ان جو احوال هن هڪ انٽرويو ۾ هن ريت ڪيو. ”جڏهن پڙهائي پوري ڪري شانتي نڪيتن ڇڏڻ وارو هوس ته هڪ استاد پُڇيو ته، ”هتي ڇا پڙهيو ۽ سکيو؟“ ڪامريڊ وراڻيو ”آئون ٻارن جيان آيو هوس ۽ انسان بڻجي وڃان پيو.“ اتي سندس ملاقات ٽئگور سان به ٿي، جنهن شڪايت ڪئي ته، ”توهان سنڌين بنگالي ماهر آثار قديمه مجمدار کي قتل ڪيو.“ 

ڪامريڊ کيس ٻُڌايو ته، ”ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي مجمدار کي قتل ڪيو هو، جو کين غلط فهمي ٿي هئي ته موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان سون لڌو آهي.“ سندس ان وضاحت ٽئگور تي گهڻو اثر ڪيو ۽ مٿس ”مين فرام موهن جو دڙو“ جو نالو رکيائين. 

ڪامريڊ سوڀي 21 سالن جي عمر ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان فڪر ۽ نظريي سان مرڻ گهڙي تائين واڳيل رهيو. سندس ڪميونسٽ تحريڪ ۾ رول ايترو هو، جو مٿس نالو ”ڪامريڊ“ پئجي ويو. وڏي ڳالهه ته هن ان لفظ جو آخري دم تائين ڀرم رکيو. هن عمر جي آخري حصي ۾ به نه اميد پرستي ڇڏي ۽ نه ئي همت هاري. سوويت يونين جي ٽُٽڻ بعد به کيس پُختو ويساهه هو ته انقلاب ضرور ايندو، ڇاڪاڻ جو سرمائيدار وٽ انسان ذات کي ڏيڻ يا آڇڻ لاءِ ڪا گهڻي شئي ناهي ۽ وٽس ٻي ڪا واٽ به ناهي. 

ورهاڱي مهل ڪيترن ئي همراهن کيس صلاح ڏني ته هو لڏي ڀارت هليو وڃي، پر هن انڪار ڪيو. چيو ته هو هن ڌرتيءَ جو پُٽ آهي، سندس ماضي، حال ۽ مستقبل ان سان ئي ڳنڍيل آهي. لڏي وڃڻ بابت سوچڻ ئي ايترو عذاب ڏيندڙ آهي، جو هو سوچي به نه ٿو سگهي. 

ڪامريڊ کان جڏهن ٻارن سندس صحت جو راز پڇيو ته، هُن ٻڌايو ته هن نه ڪڏهن شراب پيتو، نه ڪوڙ ڳالهايو ۽ نه وري پرائي عورت کي بُري نظر سان ڏٺو. جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهيس، ان تي بيهي رهيس ۽ قائم رهيس. پنجين خوبي جيڪا ڪامريڊ بيان ڪئي، سا هئي پنهنجي فڪر، نظريي سان ڪمٽمينٽ. ايتري قدر جو هن جيڪي لکيو، جيڪي ڳالهايو ۽ جيڪي عمل ڪيو، سو سڀ نظريي سان مطابقت رکندڙ هو. ڪڏهن به ڪو ٿيڙهه يا تضاد نه هو. 

ورهاڱو مذهبي بنياد تي ٿيو، مٿان وري پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ڪميونسٽن خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا. ڪامريڊ سنگت جي صلاح سان پارٽيءَ جي قيادت ۾ نه اچڻ، پر پارٽيءَ ۾ ڪم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر کي گرفتار ڪري پوءِ شهيد ڪيو ويو، تڏهن گرفتار ٿيلن ۾ ڪامريڊ سوڀو به شامل هو، جنهن کي بدنام زمانه اذيت گاهه شاهي قلعي نيو ويو. 

ڀٽو دور ۾ وري سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ويا. مير غوث بخش برنجو تڏهن بلوچستان جو گورنر هو، تنهن ڀُٽي کي ڳالهه مڃائي ته سوڀي کي گرفتار نه ڪيو وڃي. بشير چانڊيو جي اوطاق تي هن مچ ڪچهريءَ ۾ ڪامريڊ سوڀي حسن ناصر جي گرفتاريءَ واري واقعي بابت به ٻُڌايو. هو ان خيال جو هو ته پارٽيءَ طرفان ان جي جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو رکيون وڃن ها. 

ڪراچيءَ مان منهنجي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار لاءِ اسان ڪامريڊ سان ملاقات ڪئي هئي. ڊگهي ڪچهريءَ بعد ڪامريڊ کي مڃايو هوسين ته هو اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکندو، پوءِ ڪامريڊ ڳالهائيندو هو ۽ محمد علي پٺاڻ اهو لکي اسان کي موڪلي ڏيندو هو، جيڪو ”تاريخ ڳالهائي ٿي“ جي نالي سان شايع ٿيندو هو، بعد ۾ انهن ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب پڻ شايع ٿيو. 
هڪ ٻي يادگار ملاقات اسلام آباد ۾ ڪامريڊ روچيرام سان گڏ ٿي هئي، جتي اهي ٻئي جهونا اقليتن جي چونڊن ۾ تبديليءَ لاءِ حڪومت کي قائل ڪرڻ لاءِ آيل هئا. ڊاڪٽر کٽومل ايم اين اي جي ڪمري تي اقليت جي مسئلن جي مختلف پهلوئن تي گهڻو ڪجهه ڳالهايو. ڪامريڊ جو چوڻ هو ته، ”اصل ڳالهه اها ته سوسائٽي ان اشو تي ڪيئن ٿي موٽ ڏي، اها ئي شئي عملي شڪل ۾ بيهندي.“ پاڪستان جي سياسي نظام ڪڏهن به ڪامريڊ کي هضم نه ڪيو. کيس ڪيئي سال روپوش رهڻو پيو يا وري قيد ۾. 1988ع کان پوءِ عام چونڊون به لڙيون، پر ادارن طرفان جوڙ ڪٽ جي حساب کيس چونڊيل ايوانن کان ٻاهر رکيو، بلڪل ائين جيئن گرامچي لاءِ سندس ملڪ جي آمر چيو هو ته، کيس گهٽ ۾ گهٽ 30 سال ماڻهن کان پري رکيو وڃي، تيئن ڪامريڊ سوڀي لاءِ به ڪيو ويو. هو پاڻ چوندو هو ته اسٽيبلشمينٽ کيس ٽمورتي ديو سمجهي ٿي، هڪ ڪميونسٽ ٻيو وري سنڌي، مٿان وري هندو. پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڪميونسٽ تحريڪ ۽ ان جي مختلف محاذن کي منظم ڪرڻ ۾ ڪامريڊ جو وڏو ڪردار رهيو، هو ڪراچيءَ جي مزدورن جو ليڊر ۽ ترقي پسند اديبن جو ساٿي هو. 
سٺ واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ عملي طور تي ڪنهن به حقيقي ڪميونسٽ تحريڪ کي ساڻ نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو. ڪامريڊ ان بعد به پنهنجو فطري ۽ ذهني لڳاءُ پارٽي سان واڳيل رکيو ۽ وقت بوقت صلاحون ڏيندو رهيو. ڪيترن ئي موقعن تي پارٽي کائنس خاص طور تي صلاحون وٺندي رهي.ڪامريڊ سوڀو نظريي ۽ فڪر سان والهانه وابستگي رکندڙ هو، اهو رشتو ڪو به دٻاءُ ۽ سختي ٽوڙي نه سگهي. هو هڪ اڏول، قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي رکندڙ، حقيقي معنائن ۾ سياسي ڪارڪنن لاءِ مڪمل رول ماڊل هو. 
ميرا عشق تها گواهي تيري حسن کي ديکهه
 اس گواهي پر قائم رهي هم

Labels: ,

حڪومت سنڌ ۾ ڪرندڙ لاشن جو غم ڪڏهن محسوس ڪندي؟ 03 ڊسمبر 2014ع

حڪومت سنڌ ۾ ڪرندڙ لاشن جو غم ڪڏهن محسوس ڪندي؟
اربع 03 ڊسمبر 2014ع
سھیل سانگی
سنڌ سخت تاءَ ۽ ڳڻتيءَ مان گذري رهي آهي، ان جو سيڪ هر سنڌ واسي محسوس ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ قومي اسيمبليءَ ۾ اُن جو هلڪو پڙاڏو ضرور ٿيو آهي، پر حڪومت توڙي حڪمرانن تائين اُن جي تپش اڃا نه پهتي آهي. سنڌ اندر سمورا معاملا ۽ سياستون غير لاڳاپيل ٿي ويون آهن. عمران خان جو لاڙڪاڻي وارو جلسو ۽ ان جا پوندڙ اثر بحث کان پاسيرا ٿي ويا آهن. ڪپتان جو اسلام آباد ۾ وڏا شهر بند ڪرڻ وارو اعلان به ڄڻ سنڌ جي ڪنن تي پيو ئي ناهي. سنڌ جي ٽن اڳوڻن وڏن وزيرن ڪجهه ٻين جهونن سان گڏجي پنهنجي لاءِ ڪو چڱو ڪم ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هنن جو خيال هو ته سنڌ ۾ سياست پلٽو کائي رهي آهي. ان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت کان پري رکڻ، عمران خان جي وس جي ڳالهه نه پئي لڳي، ان ڪري انهن همراهن پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ته اهي پيپلز پارٽيءَ کي اُٿلائي سگهن ٿا. 

اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته جيستائين پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ حڪومت کان پري نه ٿو ڪجي، تيستائين نه پنجاب ۾ آيل تبديلي ڪنهن ڪم جي آهي ۽ نه ئي وري بدليل حالتن ۾ نواز شريف کي ناڪ آئوٽ ڪري سگهي ٿي، ان ڪري اهڙو تاثر ڏيڻ لاءِ جيئن مشرف جي دور ۾ ٿيل پهرين چونڊن ۾ سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس ٺاهي ڏنو ويو هو ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ ۽ نواز ليگ جي ڏهه جماعتي اتحاد جي ذريعي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، حالانڪه اهو سڄو تحرڪ اڃا تائين پڪو ٿي نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وڏ وزارت جو عهدو ته هڪڙو ئي آهي، پر اتحاد ۾ ٽي ”وڏا وزير“ يعني لياقت جتوئي، ارباب غلام رحيم ۽ غوث علي شاهه ويٺا آهن، جڏهن ته ٻن ”وڏن وزيرن“ ممتاز ڀٽو ۽ مظفر شاهه جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن طرفان هن نئين اتحاد کي حمايت حاصل آهي، پر اهو ته سودو اڌ ڪچو اڌ پڪو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو گذريل چونڊن ۾ انهن سڀني همراهن سان نواز شريف پَٽي ڪري ويو، پاڻ حڪومت ۾ اچي ويو، هنن همراهن کي نه سنڌ ۾ ۽ نه وري وفاق ۾ ڪا اهميت ملي. 

پر تازو سنڌ ۾ پيش آيل واقعن هن ”اهم تحرڪ“ کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي نهوڙي ڇڏيو. پُراسرار طور گم ٿيل سياسي ڪارڪنن جا هڪ هفتي اندر ڇهه لاش ملي چڪا آهن، انهن جا ماريندڙ ڪير آهن؟ انهن کي ڇا جي ڪري ماريو ويو آهي؟ جيئن ظاهري توڙي اندروني نشان ٻُڌائين ٿا ته کين ماريو ويو آهي يعني قتل ڪيو ويو آهي ته قتل جي صورت ۾ ڪيس داخل ٿيندو آهي، ان قسم جي هن وقت تائين ڪا به چُرپر يا وضاحت سامهون نه آئي آهي. آئين تحت حڪومت هر شهري جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت لاءِ ذميوار آهي. هتي ملڪ جا سڄا سارا ڇهه شهري مارجي ويا، پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومت خاموش آهي. وڏي ڳالهه ته عدليه ۽ ان جي جوڊيشل ايڪٽوازم به. سياسي راءِ جو اختلاف رکڻ هر شهري جو آئيني حق آهي. قومپرست تحريڪ هجي يا جمهوري تحريڪ، ان جي شروعات حقن گهرڻ سان ٿئي ٿي. رياست ۽ رياستي ادارن جو فرض هوندو آهي ته اهي عوام سان ماءُ جهڙو سلوڪ ڪندي، کين اهي حق ڏين ۽ کين دليلن سان قائل ڪن، سمجهائين. 

ملڪ جي ٽنهي صوبن ۾ قومي حقن واري تحريڪ جي تاريخ پراڻي آهي. ڪڏهن سمورن ننڍن صوبن گڏجي نيشنل عوامي پارٽي جي جهنڊي هيٺ جدوجهد پئي ڪئي، پر 70ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ هر قوم پنهنجي جدوجهد اڪيلي سر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٿيندو اهو رهيو ته بلوچن ۽ پختونن کي واري ڦيري سان يا ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اقتدار ۾ شرڪت يا اڪموڊيٽ ڪيو ويو، پر سنڌ ۾ اهڙي صورت نه نڪري سگهي. سنڌ ۾ قومپرستن جي بدران اهو ڪُڻو پيپلز پارٽي جي نالي جو نڪرندو رهيو. قومپرست تحريڪ جون جيتريون فڪري پاڙون پختيون آهن، ان ۾ اوتري ئي تڪثريت ((Diversity موجود آهي، جنهن جو اظهار مختلف موقعن تي هڪ کان وڌيڪ طريقن سان ٿيندو رهيو آهي. انهن سمورن واقعن جي باوجود هتان جي ماڻهن کي پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ، کين وسيلن کان وٺي، سياسي فيصلن تائين جو اختيار ۽ حق ڏيڻ وارو معاملو خال خال رهيو آهي. اها ڏاڍي اهم ڳالهه آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ کڻي ڪيترو به قومپرست ڇو نه هجي، پر اهو جمهوريت پسند ٿي رهيو آهي. هو ضياءَ، نواز شريف، مشرف جي دورن ۾ سمورين تبديلين جي باوجود جمهوري تحريڪ جو حصو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو قوم پرستي جي ڪڏهن هلڪي، ڪڏهن ڳري لهر جي باوجود هن جمهوريت جو ساٿ ڏيندي، پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏنو آهي. اهڙي دور ۾ اڄ سڄي سوسائٽيءَ ۾ فڪري ڏڪار هجي، سياسي تربيت ۽ تعليم جا روايتي توڙي غير روايتي ادارا پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهيا هجن، تڏهن سياسي غذائيت جي کوٽ شايد ان کان به گهڻي وڌيل هوندي، جيتري ٿر جي ڏڪاريل ٻارن ۾ کاڌ خوراڪ واري غذائيت جي هوندي آهي. ادارن جي اڻ هوند، فڪري ڏڪار ۽ سياسي غذائيت جي کوٽ هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪري وڌي آهي، جتي نوجوان وڌيڪ مايوسيءَ جي آڙاهه ۾ ڌڪجي وڃي ٿو. دنيا توڙي علائقي ۽ ملڪ جي بدليل حالتن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ به پاڻ کي بدلائي، حالتن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي. 

ڪجهه اهم سوال زير بحث آهن. قومپرست سياست کي ڪيئن ڊگهي حڪمت عملي ۽ جدوجهد ڪجي؟ ان کي ڪيئن ملڪي مين اسٽريم سياست سان ڳنڍجي؟ ملڪي سياست ۾ قومپرستن جي اهميت ڪيئن وڌائجي؟ پنهنجي بيانيه ۾ ڪهڙي تبديلي آڻجي؟ ۽ ڪيئي ٻيا به اهڙا سوال. 
اهڙي موقعي تي جيڪڏهن ڪنهن به بيانيه تحت ڪارروائي ٿئي ٿي ته اها شدت پسند رجحان کي وڌيڪ هٿي ڏيندي ۽ مين اسٽريم سياست يا ڊگهي حڪمت عمليءَ واري لاڙي يا اهي لاڙا جيڪي جمهوري ۽ طبقاتي تحريڪ سان قومي تحريڪ کي گڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تن جي حوصله شڪني ڪندا ۽ ان جون واٽون بند ڪندا. سنڌ جي سياست ۾ هي هڪ اهڙي مداخلت هوندي، جنهن بعد حقن واري جدوجهد پاسيري رهجي ويندي ۽ وڏيون ڌريون پنهنجون ايجنڊائون سيٽ ڪري پنهنجا نتيجا ڪڍنديون. هيءَ گهڙي وڌيڪ فڪر جي آهي، ان جو سيڪ بهرحال اڳ پوءِ حڪومت کي به محسوس ٿيندو. جيڪڏهن اها ڳالهه هو محسوس ڪري وٺي ته ان ۾ سڀني جو ڀلو آهي.

Labels: , , , , , , , ,

عمران خان جي سنڌ ۾ تبديليءَ واري خواهش! 25 نومبر 2014ع


عمران خان جي سنڌ ۾ تبديليءَ واري خواهش!
سهيل سانگي,
اڱارو 25 نومبر 2014ع

اسلام آباد ۽ پنجاب جي وڏن شهرن ۾ نواز ليگ کي چئلينج ڪرڻ کان پوءِ عمران خان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اچي سڱن تي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. سياسي پنڊتن چواڻي ته ان لاءِ هن پ پ جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪيو، تحريڪ انصاف پاڻ سان تبديلي يا پراڻي نظام جي خاتمي جو نعرو کڻي آئي. گذريل هڪ سئو ڏينهن دوران سنڌ ۾ عمران خان جو هي ٽيون جلسو هو، هو ڪنهن حد تائين ميڙو لڳائڻ ۾ ته ڪامياب ويو، پر ميڙو مچي نه سگهيو. 
اڄ جي دور ۾ سفري توڙي ٻين سهولتن جي آرامده ۽ عام ٿيڻ بعد ماڻهو گڏ ڪرڻ، سو به وري سنڌ اندر جتي قبائلي اثر ۽ بااثر ماڻهن جو داٻو دڙڪو موجود آهي، اهڙو ميڙ ڪرڻ بنهه ڪو مشڪل ناهي. اهم ڳالهه اها آهي، اها ناهي ته جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪيترائي هئا؟ هاڻي اها ڳالهه وڌيڪ اهم بڻجي وئي آهي ته شرڪت ڪندڙ ڪير هئا؟ اهي جلسي گاهه تائين ڇو آيا؟ ڪيئن آيا؟ جوش خروش جي ڇا صورتحال هئي؟ جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب ڳولجي ٿو ته ڳالهه پڌري پٽ اچي ٿي وڃي. عمران جيڪو نئين نظام جو نعرو هڻي رهيو آهي، انهي نواڻ جي نمائندگي ڪندڙ جلسي ۾ ڪو نه هئا، اهو عمران خان يا ان جي پاليسين جي حامين جو نه، پر وڌ ۾ وڌ پيپلز پارٽيءَ جي مخالفن جو ميڙ هو. 

لاڙڪاڻي واري جلسي ۾ اها ڳالهه سامهون اچي وئي ته هو سنڌ کي ڇا ڏيڻ گهري ٿو؟ ۽ ڪيئن ڏيڻ گهري ٿو؟ هن سنڌين کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو ته، کيس ڪالاباغ ڊيم تيستائين منظور ناهي، جيستائين سنڌ جا ماڻهو ان کي نه ٿا قبول ڪن. هي اهو گٺل موقف آهي، جيڪو سينٽرل پنجاب جي هر ليڊرشپ پيش ڪندي رهي آهي، نواز شريف ان کان پوءِ جنرل مشرف به (جڏهن مٿس دٻاءُ پيو) مطلب ته پنهنجي طور اهڙي ليڊر شپ پاڻيءَ جي هن تڪراري منصوبي جي حق ۾ آهي، پر سنڌ تي احسان ڪري چوي ٿي ته ”چلو توهان نه ٿا مڃون ته ڪو نه ٿا ڪريون“ يعني سنڌ جي اصولي موقف کي مڃڻ بدران يا دل سان مڃڻ بدران ان کي سنڌ جي ضد جي طور ورتو پيو وڃي. ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ واري ڳالهه تان هن ان ڪري هٿ کنيو، جو ان سان نه کيس ڪو ڪراچي ۾ فائدو آهي ۽ نه وري سرائيڪي بيلٽ ۾. ڪراچي ۾ اهو نعرو ايم ڪيو ايم جو آهي ۽ سرائيڪي بيلٽ ۾ اهو نعرو پيپلز پارٽيءَ جو آهي. 

اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ عدليا جي اصرار بعد اختيارن جي منتقليءَ جي راهه هموار ٿي وئي آهي. اهي اختيار هاڻي مڪاني ادارن ڏي ويندا، ان ڪري عمران خان لاءِ وڌيڪ صوبن واري ڳالهه ايتري فائديمند ۽ پُرڪشش نه رهي ۽ هن سنڌ جي ورهاست جي مخالفت جو اعلان ڄڻ ائين ڪيو ته اها ”بچت جي بچت ۽ انعام جو انعام آهي.“ بظاهر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پيپلز پارٽي ۽ شهر ۾ ايم ڪيو ايم مختلف آهي. ٻنهي لاءِ سبب ڌار ڌار آهن، ٻئي ڌريون اقتدار ۾ رهندي، سُٺي حڪمراني، قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. 
سمورين سياسي هڪ هٽيءَ وارين دعوائن، حڪومتي ساٿ جي باوجود ڪراچي ڄڻ ڪنهن جو به شهر ناهي، پر ڪراچي شهر امن گُهري ٿو. سياسي جڳهه شهري توڙي ٻهراڙين ۾ موجود آهي، فرق اهو آهي ته ٻهراڙين ۾ ميدان کُليل آهي، ڪير به اچي سياست ڪري سگهي ٿو، پر شهري علائقن ۾ گهڻيون خاطريون، پارتون ۽ ضمانتون گُهربل آهن. اها حقيقت آهي ته عام چونڊون هجن يا احتجاج، خواهه روزمره جي سياست، عمران خان وٽ گذريل ڏهن پندرهن سالن دوران سنڌ ۽ بلوچستان نظر انداز ٿيل آهن. 2010ع جي بدترين مها ٻوڏ، 2011ع واريون تباهي آڻيندڙ برساتون ۽ هاڻي ٿر جو ڏڪار يا ڪي ٻيا مسئلا، هن جي نعرن ۽ دليلن ۾ نظر نه آيا. هتي نه هن ڪا تنظيم سازي ڪئي ۽ نه وري عام راءِ تي اثر انداز ٿيندڙن کي پنهنجو موقف سمجهائي سگهيو. هاڻي رڳو هڪ جلسو سنڌ کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. اهڙين حالتن ۾ هو کڻي ڪيتريون ئي ڪوششون ڪري، هن لاءِ ووٽ وٺڻ ڏکيو ڪم آهي. 

سنڌ ۾ عمران خان پنهنجي چوڌاري اهڙا ماڻهو گڏ ڪيا آهن، جيڪي رڳو هڪ تبديلي ۾ يقين رکن ٿا ۽ اها آهي، پارٽي تبديل ڪرڻ. هو وري ڀوتارن ۽ وڏيرن کي ڳولي رهيو آهي. هو اهڙن ماڻهن تي ڀاڙي رهيو آهي، جيڪي پيپلز پارٽي وارن کان وڌيڪ ويل آهن، يا پراڻ پرست آهن. اهي همراهه سدائين اسٽيبلشمينٽ ۽ غير جمهوري سيٽ جا ڳولائو رهيا آهن، سنڌ انهن ماڻهن تي ڪيئن ويساهه ڪري، جيڪي سياسي پناهه گير آهن ۽ ڪالهه ڪنهن هڪ پاسي هئا، اڄ عمران خان سان آهن. عمران، سنڌ اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪرڻ ٿو چاهي يا اهڙن ماڻهن جي ذريعي سنڌ ۾ تبديلي آڻڻ ٿو چاهي؟ عمران خان ڪو اهڙو خواب ڏسي ته منع ناهي. سنڌ جو ماڻهو انهن همراهن جي ڪڙين حقيقتن ۽ تلخ تجربن مان گذري چڪو آهي. 

بلاشبه سنڌ شدت سان تبديلي گُهري ٿي، خاص ڪري ان جو وچولو ۽ پورهيت طبقو، پر اڃا تائين ڪو به گروپ ان تائين پهچي نه سگهيو آهي. ساڳي طرح ايم ڪيو ايم به موثر طور ماڻهن جا مسئلا حل نه ڪري سگهي آهي. ڪراچي هجي يا حيدرآباد، اُتي امن امان، ٽرانسپورٽ، تعليم توڙي ٻيون شهري سهولتون تباهه آهن. باقي رهيل سنڌ ۾ ماڻهو پيپلز پارٽي کي ان ڪري ووٽ ڏئي رهيا آهن، جو متبادل ڪونهي ۽ جن کي متبادل ڪري ميدان ۾ لاٿو ٿو وڃي، سي سنڌ جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نٿا سگهن. 

قصو اهو به آهي ته ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ صوبن ۾ سياست ئي تبديل ٿي وئي آهي، خاص ڪري اُهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي ”اليڪٽ ايبل“ سڏائين ٿا. ان ترميم بعد فنڊ، اختيار، نوڪريون، مالي فائدا، ترقياتي ڪم وغيره وفاق مان نڪري صوبن جي دائري ۾ اچي ويا آهن. مشرف دور واري ناظمي سرشتي جو اڀياس هن نقطي کي گهڻو چٽو ڪري ڇڏي ٿو، تڏهن فنڊز، ترقياتي ڪم ۽ اختيار ضلعي حڪومتن وٽ هئا. نتيجي ۾ سڀ بااثر اليڪٽ ايبل مهر، مزاري، بجاراڻي، جيلاني، شيرازي، قومي اسيمبلي ڇڏي، ضلعي ناظميءَ لاءِ اچي ويا هئا. هاڻي جڏهن اهو سڀ ڪجهه صوبن وٽ آهي ته انهن همراهن جي وفاق ۾ ڪا دلچسپي ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هو سمجهن ٿا ته جيڪي ڪجهه ملڻو آهي، سو صوبي مان ئي ملڻو آهي. عمران کڻي وزير اعظم ٿي سگهي ٿو، پر هو سنڌ ۾ ته حڪومت نه ٿو ٺاهي سگهي. صوبائي حڪومت جي حد تائين سنڌ وري به پيپلز پارٽي جي جهوليءَ ۾ پوي ٿي. اهو بااثر ماڻهو توڙي اپر مڊل ڪلاس عمران خان جي آسري ۾ پيپلز پارٽيءَ کان دوري نه ٿو چاهي. ماضيءَ ۾ مشرف خواهه نواز شريف تڏهن پيپلز پارٽيءَ کي اڪيلو ڪري سگهيا، جڏهن انهن پڪ ڪري ورتي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ حڪومت نه ٺاهي سگهندي. 

هن ڀيري پيپلز پارٽي ڀلي ڪرپشن يا خراب حڪمرانيءَ جا رڪارڊ ٽوڙيا آهن، پر اها سنڌ سان چنبڙيل رهڻ واري حڪمت عمليءَ تي عمل پيرا آهي. هڪ اهو ته نواز شريف ان کان پري نه وڃي، ٻيو اهو ته وڌ ۾ وڌ بااثر وڏيرا سندس دائري ۾ رهن، ٽيون وري قوم پرستيءَ جو نعرو ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون.“ سوال اهو آهي ته سينٽرل پنجاب جي پارٽي سنڌ ۾ ڪهڙي سياست ڪري؟ اها لازمي طور تي سينٽرل پنجاب جي مفادن جي نگراني ڪندي. سنڌ جي ماڻهن لاءِ نواز شريف هجي يا عمران خان ان حوالي سان ٻنهي ۾ ڪو فرق ناهي، ٻئي پنجاب جي هڪ ئي طبقي جا نمائندا آهن ۽ ٻنهي جو سنڌ ۾ دارومدار مدي خارج طبقن ۽ گروهن سان ڳنڍيل آهي. اها سوچ ”لاڙڪاڻو فتح ٿي ويو، ڄڻ سنڌ فتح ٿي وئي“ بنهه ائين به ناهي، هي ڪو بادشاهن وارو دور ڪونهي ته آخري قلعو فتح ٿيڻ سان ڄڻ سڄو علائقو فتح. ممڪن آهي ته لاهور ۽ اسلام آباد به سنڌ فتح ڪرڻ جي چڪر ۾ هجن. 

سنڌ هڪ مختلف گيم بال آهي، في الحال لاڙڪاڻي کي ئي وٺو، پيپلز پارٽيءَ پنهنجي دور ۾ جيترو لاڙڪاڻي کي نوازيو آهي، اوترو ته نواز شريف ۽ نه ئي وري عمران خان ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪرپشن جي قصي کي مڃجي کڻي، اها ڪرپشن مٿان کان وٺي، هيٺئين سطح تائين تعلقي صدر تائين به وئي آهي، اهو ڪارڪن به پارٽيءَ جي حڪومت مان فائدو کڻندڙ آهي. عمران خان ۽ نواز ليگ ان معاملي ۾ ان پاور بروڪر کان اونچا آهن. سنڌ جي ماڻهن ۾ تبديليءَ جي خواهش شديد آهي، پر چهرن جي نه، حقيقي تبديلي. کين پسند جي تبديلي نه ملي رهي آهي، تنهن ڪري هو پاسو مٽائڻ لاءِ تيار نه پيا ٿين.

Labels: , ,

ٿر جي ڏڪار تي ٿيندڙ سياست: 15 نومبر 2014ع

ٿر جي ڏڪار تي ٿيندڙ سياست !
ڇنڇر 15 نومبر 2014ع

بعد از خرابيءِ سيار سنڌ ڪابينا مٺيءَ ۾ اجلاس ڪري، ڄڻ ڏڪار کي ٿر مان ڀڄائي ڇڏيو ۽ ٿر جي ماڻهن تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو. اجلاس جي بريفنگ ۽ فيصلن جو گهرو مطالعو ماڳهين حڪومت جي وڌيڪ پت وائکي ڪري ڇڏي ٿو. سُٺي حڪمرانيءَ جي نشاني اوڏي مهل چِٽي ٿي وئي، جڏهن پتو پيو ته ٿر جي ڏڪار لاءِ رکيل رقم مان اڌ رقم مس خرچ ٿي سگهي آهي. حڪومت ۽ چونڊيل عيوضين جون اوڏي مهل به اکيون نه کُليون، جڏهن بريفنگ ۾ ئي ٻُڌايو ويو ته سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٿر لاءِ 17 ارب 66 ڪروڙ رپيا رکيل هئا، پر ان مان هن وقت تائين ست ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا آهن. حڪومت جي سنجيدگيءَ جو اهو عالم آهي، جو ٿر ۾ ڇهه مهينا اڳ جيڪي ڊاڪٽر ۽ استاد ڀرتي ڪيا ويا، انهن کي اڃا تائين پگهارون به نه مليون آهن.

 اجلاس جنهن ۾ ٻن وزيرن مخدوم جميل الزمان ۽ منظور وساڻ شرڪت نه ڪئي، ڇاڪاڻ جو هو حڪومت لاءِ، حڪومت انهن لاءِ تڪراري بڻيل آهي. مخدوم جميل ۽ سندس ڀاءُ مخدوم عقيل الزمان خلاف ست مهينا اڳ ڏڪار جون تباهه ڪاريون ظاهر ٿيڻ تي قدم کنيو ويو هو. منظور وساڻ وري تڪراري رپورٽ سبب ”گڊ بوڪس“ ۾ نه ٿو لڳي. ڪابينا جي فيصلي موجب ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو بل سومر ڏينهن اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو، ان بل جو مسودو ماهرن، آفيسرن ۽ چونڊيل عيوضين تي ٻڌل ڪميٽيءَ ٽي مهينا اڳ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو هو. 
ڪميٽي ڏڪار پاليسيءَ جو مسودو به گهڻو اڳ حڪومت کي ڏنو هو، پر ان کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي. شايد ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي ان ڪري ٺاهي پئي وڃي، جو ان لاءِ بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ رپيا رکيل آهن. ڏڪار پاليسي آڻڻ جي صورت ۾ حڪومت مجبور ٿي ويندي ته اُها ڏڪاريلن کي ڪجهه ڏي. ترقياتي ڪمن ۾ ته ڪميشنون آهن. حڪومت سنڌي ميڊيا کي ليکڻ لاءِ تيار نه هئي. ڏڪار جو معاملو ان ڪري ٻيهر ياد آيو آهي، جو مين اسٽريم ميڊيا، اسيمبليءَ اندر اپوزيشن ۽ ڪجهه ٻين جماعتن اُن کي سوڙهو ڪيو. تعجب جي ڳالهه آهي ته رليف لاءِ رکيل گهٽ رقم خرچ ٿيڻ، ڪرپشن، رليف جو سامان ضايع ٿيڻ ۽ ٻين اهڙن معاملن جو ڪابينا ڪو به نوٽيس نه ورتو ۽ صرف ڏيکارڻ خاطر فيصلا ڪيا. حڪومتي حلقن وٽان هڪ ئي ساهه ۾ ٻه ڳالهيون چيون پيون وڃن. 
حڪومت مڃي ٿي ته ٿر ۾ ڏڪار آهي. اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته 15 آگسٽ بدران ٻه مهينا دير سان ڏڪار ڊڪليئر ڇو ڪيو ويو. حڪومت چوي ٿي ته ٻار ڏڪار سبب نه پيا مرن، اُن لاءِ داين هٿان ڄم کي ڪارڻ ڄاڻايو پيو وڃي. حڪومت عالمي اداري طرفان غذائيت جي کوٽ واري رپورٽ تي غور ڪرڻ ۽ پيٽ وارين عورتن جي غذائيت نه هجڻ واري معاملي تي ويچارڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن داين هٿان ڄم ٿيڻ ئي ٻارن جي موت جو ڪارڻ آهي ته اُن لاءِ به حڪومت ئي ذميوار آهي، جيڪا ويم جون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ 650 ليڊي هيلٿ ورڪرز سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪرايون آهن. زميني حقيقتون حڪومتي دعوى کي رد ڪن ٿيون. اهو موقف ته ٻارن جو مرڻ ڏڪار سان نه، پر صحت سان واڳيل آهي، اهو عقل جي ڏاهن کي ڪير سمجهائي ته ٻارن ۾ صحت جو معاملو حمل دوران شروع ٿئي ٿو، ان بعد ماءُ جي ٿڃ سان واڳيل آهي. هڪ بُکايل ۽ گهٽ خوراڪ واري ماءُ ۾ ڪيتري ٿڃ ٿي سگهي ٿي؟ 

ٿر ۾ بلاشبه طبي سهولتن جي کوٽ آهي، پر اها حڪومت جيڪا پي پي ايڇ آءِ جي ذريعي هڪ ڳوٺاڻي صحت مرڪز کي ايتري بجيٽ ڏي ٿي، جيڪا ڪنهن وزير جي ٿر جي هڪ دوري جي خرچ کان به گهٽ آهي. دراصل حڪومت ان مان ٻه فائدا وٺڻ گهري ٿي، هڪ اهو ته صحت جو اشو سڄي صوبي ۾ آهي، ان ڪري ٿر ۾ ان جو هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. ان ڪري سڄي غير معمولي صورتحال کي معمولي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ٻيو اهو ته جيئن ته اهو معاملو صحت سان واڳيل آهي ۽ صحت واري وزارت گذريل 15 سالن کان ايم ڪيو ايم وٽ آهي، ان ڪري اها ذميواري حڪومت يا پيپلز پارٽي جي نه، پر ايم ڪيو ايم تي اچي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته حڪومت ان کي هروڀرو سياسي بڻائي، حڪومت بمقابله ايم ڪيو ايم ڪرڻ گهري ٿي ته جيئن اها تنقيد کان بچي سگهي. هاڻي ٻئي جماعتون ڏي جواب، وٺ جواب ۾ لڳي ويون آهن، ٿر جو معاملو ڇُٽو. ايم ڪيو ايم کي وري وجهه لڳو، اها پنهنجي سياست کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ان کي ڪوٽا سسٽم سان ڳنڍي رهي آهي. ائين غريب ٿرين ۽ ڏڪار تي سياست ٿي رهي آهي، جنهن ۾ حڪومت توڙي ايم ڪيو ايم ٻنهي جو ڀلو ٿي رهيو آهي. 

سوال آهي ته ڇا پيپلز پارٽي ٿر ۾ صحت جون سهولتون پهچائڻ جي جڏهن ڪا ڪوشش ڪئي ته ڇا ايم ڪيو ايم ان ۾ رنڊڪون وڌيون؟ اهڙو ڪو به رڪارڊ ڪو نه ٿو ملي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ائين ڪيو به ته صحت جي شعبي ۾. خيرپور، نوابشاهه يا لاڙڪاڻي جي معاملن ۾ ان ائين ڇو نه ڪيو؟ ۽ جيڪڏهن ڪيو، ان جي باوجود حڪومت اهي رٿائون عمل ۾ آڻي ڇڏيون! ٻن منٽن لاءِ کڻي مڃجي ته ايم ڪيو ايم جو رڪارڊ سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ اهڙو رهيو آهي، اُن ٿر لاءِ به ائين ڪيو هوندو، پر اها جماعت ٿر جي ڏڪار جي مستقل حل ڳولڻ يا ٻن اهم شعبن، زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ ته آڏي ٽنگ نه پئي ڏني، انهن شعبن کي ڇو ترقي نه ڏياري وئي؟ جيڪڏهن انهن شعبن کي پيپلز پارٽي ترقي ڏياري ها ته اڄ ڏڪار، اِهي اثر نه ڏيکاري ها. سنڌ ۽ وفاق جي وچ ۾ قومي مالياتي فنڊ جي رقم جاري ڪرڻ تي ڦڏو هلندڙ آهي. 
وفاقي حڪومت سنڌ کي ٻن طريقن سان دٻاءَ ۾ آڻڻ گهري ٿي، هڪ اهو ته ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ٻيو اهو ته سنڌ پوليو مهم بابت سنجيده ناهي. اهو پوليو افغانين جي ڪري پکڙجي رهيو آهي، جيڪي وفاق جي پاليسين سبب سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن. تعجب جي ڳالهه آهي ته انساني المئي کي وفاق ۽ صوبائي قرار ڏنو پيو وڃي. ٿر وانگر ڀارتي صوبي راجسٿان ۾ به ڏڪار ايندا آهن، پر اُتي سٺ واري ڏهاڪي کان قومي مالياتي ڪميشن ڏڪار لاءِ ڌار رقم رکندي آهي. ٿر رڳو سنڌ جو ئي نه، پر پاڪستاني رياست جو به حصو آهي. وفاق چين سان توانائي شعبي لاءِ ٺاهه ڪري رهيو آهي، پر سولر سسٽم رائج ڪرڻ لاءِ سولر پينل ۽ سولر پليٽون مقامي طور ٺهرائڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن وسيلي ماڻهن کي سهولتون به ملنديون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار به کُلندا. سنڌ حڪومت ٻه سال اڳ هر ضلعي لاءِ خاص ترقياتي پيڪيج ڏنا، پر هن ضلعي کي پسمانده ۽ ڏڪارن جي لپيٽ ۾ هجڻ جي باوجود اهڙو ڪو پيڪيج نه ڏنو ويو. 
ڪجهه ضلعن ۾ يونيورسٽيءَ مٿان يونيورسٽي، اداري مٿان ادارو کوليو ويو، پر ٿر کي ڪو ڪاليج به نه ڏنو ويو. وفاق يوٿ لون اسڪيم تحت به ٿر جي نوجوانن جي مدد ڪري سگهي ٿو ۽ صوبائي حڪومت بينظير اِسڪل ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي. ٻئي حڪومتون ٻُڌائين ته هن وقت تائين انهن ٻنهي پروگرامن تحت ٿر کي ڇا مليو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿر کي ڇا ڏيڻ گهرن ٿيون؟ ٿر جي ماڻهن سان هڪ سياست حڪومت ڪري رهي آهي، ٻي سياست وفاق ڪري رهيو آهي ۽ ٽئين سياست ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي. ٿر جي اڄوڪي صورتحال ڪيئي ڏهاڪن کان اُن کي نظرانداز ڪرڻ سبب آهي. لڳاتار ڏڪار پوڻ سان وسيلا سُسندا ويا، آبادي وڌندي وئي، حڪومت ترقياتي ڪم خير ڪو ڪيو، اُنهن سڀني ڳالهين المئي کي جنم ڏنو. اڄ حڪومت زميني حقيقتون ۽ ڪوتاهيون مڃڻ بدران ٿر جي معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي لاءِ ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهي آهي. 
مختلف ڌريون هڪ ٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ لاءِ ٿر جي ڏڪار کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن سان انهن سڀني ڌرين جو ته فائدو ٿي رهيو آهي، جو سڀ ذميوارين کان آجيون ٿي وڃن ٿيون، پر ٿر جو ڪو ڀلو نه ٿي رهيو آهي.

Labels: , , , , , , ,

اقتداري تبديليءَ جو خطرو اڃا ٽريو ناهي! 31 آڪٽوبر 2014ع

اقتداري تبديليءَ جو خطرو اڃا ٽريو ناهي!
سهيل سانگي
جمع 31 آڪٽوبر 2014ع

پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ليڊر اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته، سندس پارٽيءَ جي اڳوڻي اتحادي جماعت متحده قومي موومينٽ ماڻهن جا جذبات ڀڙڪائي رهي آهي. پيپلز پارٽي انهيءَ تڪرار ۾ اسلام آباد ۾ ان وقت آئي، جڏهن پارٽيءَ جو رهنما سيد خورشيد شاهه جيڪو قومي اسيمبليءَ ۾ ليڊر آف اپوزيشن به آهي، تنهن لفظ ”مهاجر“ تي اعتراض واريو. 
متحده بلاول جي بيانن تي اڳ ئي چِڙيل هئي، سا سنئون سڌو پارٽيءَ جي مخالفت تي لهي آئي آهي ۽ کيس احتجاج ڪرڻ جو هڪ ٻيو موقعو مليو. هاڻي پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم وٽان ڏکيائون درپيش آهن. هڪ اهو ته ايم ڪيو ايم اپوزيشن ۾ هلي وئي آهي. سنڌ ۾ 2008ع کان پوءِ حڪمران جماعت کي پهريون ڀيرو ايوان اندر توڙي ٻاهر اپوزيشن جو مقابلو ڪرڻو پيو پوي، ورنه فرينڊلي اپوزيشن هئي، جنهن سان ”سنگت پروگرام“ پيو هلندو هو. 
ڌرڻن کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم لاءِ وجهه نڪتو ته اها سنڌ ۾ پريشر وجهي، پنهنجا مطالبا مڃائي. اهو ڪم اڳي هو سنڌ ۾ ڏاڍي آرام سان ڪري وٺندي هئي، پر هاڻي اسلام آباد وٽان ۽ اُتي موجود سياسي ڌرين وٽان به پنهنجا مطالبا مڃائي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي سياسي ايجنڊا به اڳتي وڌائي. ڪراچي جي محرومين کان شروع ٿيل ڳالهه نون انتظامي يونٽن، ٻئي صوبي ٺاهڻ، وسيلن جي برابريءَ جي بنياد تي ورهاست ۽ آدم شماري ڪرائڻ تائين هلي وئي آهي. اهو دٻاءُ ان ڪري به وڌو پيو وڃي، جو مڪاني چونڊون ٿيڻ واريون آهن، جنهن ۾ متحده کي نه رڳو پنهنجا ووٽ قابو ڪرڻا آهن، بلڪه تڪ بنديون به پنهنجي پسند جون ٺهرائڻيون آهن. بظاهر ائين ٿو لڳي ته عمران خان وزير اعظم نواز شريف کان استعيفى وٺڻ لاءِ آيو هو، پر پڇاڙيءَ ۾ ماڳهين پاڻ قومي اسيمبليءَ تان استعيفى ڏئي هليو ويو، بنهه ائين به ڪونهي ته ڌرڻن هڻڻ وارا ۽ هڻائڻ وارا هاڻي سڀني ڳالهين تان هٿ کڻي ماٺ ڪري ويٺا آهن. 

ڪجهه اشارا جماعت اسلامي جي سربراهه مولانا سراج الحق جي تازي بيان مان به ملن ٿا. سندس چوڻ آهي ته، ”خطرو اڃا ٽريو نه آهي.“ علامه قادري ”انقلاب“ کي ويڙهي سيڙهي پرڏيهه پڌاريو آهي. پويان سياسي اثر Consolidate ڪرڻ وارو ذمو عمران خان تي آهي، ڇاڪاڻ جو کيس ضرورت به آهي. مولانا ته مڙئي ونگار وهڻ آيو هو، سو نومبر ۾ وري تحريڪ هلائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. 

واقعن مان پتو پوي ٿو ته عمران خان لاءِ خيبر پختونخوا اهم ناهي، ڇاڪاڻ جو تبديليءَ جو رستو پشاور نه، پر لاهور ۽ ڪراچيءَ وٽان آهي. ڪوئيٽا ته هونئن ئي ليکي ۾ ناهي، تنهن ڪري بجاءِ ان جي جو سندس پارٽي حڪومت واري صوبي ۾ ڪجهه ڊليور ڪري، هو سنڌ ۽ پنجاب ۾ سمورو زور لڳائڻ گهري ٿو. سنڌ ۾ به سندس ٽارگيٽ ٻهراڙيون نه، پر ڪراچي آهي، جتي سندس اک نان ايم ڪيو ايم ووٽرن تي آهي. سندس حساب موجب ان تي ايم ڪيو ايم کي به ڪو اعتراض نه ٿيندو. ايم ڪيو ايم ان تي ائين تيار ٿي سگهي ٿي ته ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي عمران خان دعويداري نه ڪندو. 
ٻيو اهو ته آزاد چونڊن ٿيڻ جي صورت ۾ خود ايم ڪيو ايم کي به ته کاٽ لڳي سگهي ٿو، جو گذريل ڀيري ان جي ”دل وارن“ علائقن مان به عمران ڳچ ووٽ کنيا. ڪراچيءَ کي ڇڏي، باقي سنڌ ۾ هو ساڳي پاليسي رکڻ چاهي ٿو، جيڪا نواز ليگ جي هئي يعني جلسا جلوس ڪبا، ماحول ٺاهبو، ٻه چار وڏا نالا ڀرتي ڪبا، باقي هيٺين سطح تي نه تنظيم ڪاري ڪبي ۽ نه وري ڪو گهڻا اميدوار بيهاربا. 
ائين جيڪو ووٽر ۽ علائقو جنهن جو آهي، اُتي اهو خوش رهي واري پاليسي هلائيندو. باقي جيڪي اڻ نبريل Grey)) علائقا آهن، اتي زور وجهبو. ڌرڻا هڻڻ وارا توڙي هڻائڻ وارا پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي هڪ ئي صف ۾ ڳڻين ٿا. 

آگسٽ کان پچندڙ بحران ۾ به ٻئي ڌريون گڏ هيون، جڏهن ٻنهي کي ڌار ڪرڻ لاءِ ورتل ڪجهه ڪوششون ناڪام ويون ته اهو ضروري سمجهيو ويو ته رڳو نواز ليگ کي نه، پر خود پيپلز پارٽيءَ سان به جُٺ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نواز ليگ پنجاب ۾ جيڪا جڳهه ڇڏي رهي هئي، سا عمران خان والاري رهيو هو. پيپلز پارٽي ان اسپيس والارڻ جي دعويدار ٿي زوردار طريقي سان پنجاب ۾ لهڻ جو رٿيو. ان جو مقصد اهو به هو ته عمران خان جي مقبوليت ۽ پ پ-نواز ليگ جي قربت سبب جيڪي پيپلز پارٽيءَ وارا پاسو مٽائڻ تي سوچي رهيا هئا، تن کي پڻ ائين ڪرڻ کان روڪيو وڃي. پيپلز پارٽي جي انهي گرانڊ پلان کي روڪڻ جو طريقو اهو هو ته ان کي سنڌ ۾ ئي ڦاسائي رکجي، جو اها پنهنجن سورن ۾ قابو هجي ۽ پنجاب جو رُخ ئي نه ڪري. اهو ڪم ايم ڪيو ايم کان علاوه ٻيو ڪير به بهتر طور تي نه ٿي ڪري سگهيو، تنهن ڪري ايم ڪيو ايم ڀرپور طريقي سان پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت تي لهي آئي آهي. 

ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ جي جهيڙي جو فائدو عمران خان کي ملي رهيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ عملي طور گڊ گورننس يا ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران نعرا وڪڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان تي ئي گذارو ڪرڻ پئي گُهري. گذريل چونڊن ۾ اُن کي سوڙهو ڪري اڳ ئي صوبائي سائيز ۾ بيهاريو ويو هو، هاڻي وري پنجاب ڏي وڃڻ کان روڪڻ بعد ان جي صوبائي هجڻ واري ٺَپي ۾ پُختگي اچي رهي آهي. ملتان واري ننڍي چونڊ اهو ٻڌايو ته، نتيجا اهي ساڳيا 2013ع وارا اچي رهيا آهن. ها اهو ضرور آهي ته ان سان نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت وائکي ٿي رهي آهي، ان کي وڌيڪ ايڪسپوز ڪرڻ جي في الحال ضرورت نه پئي پوي. ان بدران مقبوليت يا سياسي اثر کي Consolidate ڪرڻ وڌيڪ اهم آهي، ان ڪري اهڙين چونڊن ذريعي ”وارا وٺڻ“ وارين پارٽين کي وڌيڪ ايڪسپوز ڪرڻ بدران ڪنهن ٻئي هنڌ تي ڌڪ هنيو وڃي. ائين قومي اسيمبليءَ تان پي ٽي آءِ جي استعيفائن وارو معاملو نه تحريڪ انصاف کي ۽ نه وري نواز ليگ کي وارو کائي ٿو. هونئن به پي ٽي آءِ جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ تان استعيفى ڏي ٿي ته کيس ترت خيبر پختونخوا حڪومت ۽ اسيمبلي ٻئي ڇڏڻيون پونديون، پر هو سمجهي ٿي ته اُن جو اڃا وقت نه آيو آهي، سو عمران خان ۽ سندس لڏو هاڻي پارليامينٽ ۾ موجود پنهنجي سنگت جي قوت کي استعمال ڪرڻ گُهري ٿو ۽ ايندڙ وقت لاءِ نئين سياسي صف بندي ۾ وڃڻ گهري ٿو. خورشيد شاهه جي بيان کي بنياد بڻائي ڪيل شور مان لڳي ٿو ته سندس ليڊر آف اپوزيشن واري ڪرسي خطري ۾ آهي. 

ممڪن آهي ته عاشوري کان پوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ اهڙي چُرپر ۽ صف بندي نظر اچي. ائين پيپلز پارٽي ليڊر آف اپوزيشن جي سيٽ کان محروم ٿي ويندي. هن وقت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي جماعت وٽ لڳ ڀڳ 144 سيٽون آهن. پيپلز پارٽي اپوزيشن جو وڏو گروپ ضرور آهي، پر وٽس سيٽون رڳو 46 آهن، ائين ان جي اُتي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي آهي. مخالف ڌر جي نئين قائد آڻڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ جو مخالف ڌڙو سرسي رکي ٿو. ڪنهن اهڙي تحرڪ جي صورت ۾ صورتحال هن ريت بيهندي. پيپلز پارٽي 46 سيٽون، جي يو آءِ 13، اي اين پي 2، بي اين پي هڪ ۽ سڀ ملائي 68 سيٽون بيهن ٿيون. ان جي مقابلي ۾ ٻئي وڏي گروپ طور پي ٽي آءِ جنهن شروع ۾ ليڊر آف اپوزيشن جي اميدواري جو اعلان به ڪيو هو. هن ڌڙي جي سيٽن جي صورتحال هن ريت آهي. تحريڪ انصاف 33، ايم ڪيو ايم 24، فنڪشنل ليگ 5، جماعت اسلامي 4، پي ايم ايل 2 جڏهن ته مسلم ليگ ضياءَ، عوامي مسلم ليگ، آفتاب شير پائو ۽ هڪ ٻن وٽ هڪ هڪ سيٽ آهي. ائين هن گروپ جي ميمبرن جو تعداد 76 کان 78 تائين بيهي ٿو. 

هن حڪمت عمليءَ مطابق پيپلز پارٽيءَ جي وفاق ۾ عجيب ۽ غريب حالت ٿي ويندي. مطلب نه حڪومت ۾ هوندي، نه وري اپوزيشن ۾ ڪو اثر رکندي، تنهن ڪري نواز حڪومت کي وفاق ۾ هن نئين اپوزيشن وٽان ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سخت مزاحمت ۽ مخالفت کي مُنهن ڏيڻو پوندو. اهي سڀئي ڌريون گڏجي ڪوشش ڪنديون ته چونڊون 2015ع ۾ ٿي وڃن. مستقبل جي نقشي مطابق چونڊن کان پوءِ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جو اتحاد ٿي ويندو. آزادانه چونڊن جي نتيجي ۾ خيبر پختونخوا پي ٽي آءِ جي هٿن مان نڪري ويندو. ممڪن آهي ته جماعت اسلامي وڏي پارٽي طور اُتي سامهون اچي. 
جماعت اسلامي تازو خيبر پختونخوا جي اسڪولن جو نصاب تبديل ڪري، ضياءَ دور جهڙو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. آخري تجزيي ۾ پي ٽي آءِ پنجاب جي پارٽي طور اُڀرندي. سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي هٿ هيٺ ئي رکيو ويندو. مجموعي طور چونڊن وسيلي ساڄي ڌر وارو گروپ اسٽيبلشمينٽ جو حامي گروپ اقتدار ۾ اچي ويندو

Labels: , , ,

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ جو حساب ڪيئن ڏيندي؟ 25 آڪٽوبر 2014ع

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ جو حساب ڪيئن ڏيندي؟
ڇنڇر 25 آڪٽوبر 2014ع

سهيل سانگي


چلو بلاول ڀٽو زرداريءَ جي تقرير به ٿي وئي، جنهن ۾ وڏيون اُميدون رکڻ جي ڳالهه ٿي وئي. ان تقرير جا سياسي اثر، تجزيا ۽ تبصرا به ٿي ويا، باقي رهيل تبصرا ايندڙ وقت به ٿيندا رهندا. هاڻي ڳالهه وڃي بيهي ٿي، ان تقرير جي عملي پهلوئن جي باري ۾ يعني بلاول جيڪي ڪجهه تقرير ۾ چيو ۽ جيڪي نه به چيو، پر اهڙا اشارا ڏنائين يا وري جن ڳالهين جي باري ۾ سنڌ جي عوام کي هروڀرو به آسرو آهي، ان ڏس ۾ ڇا سامهون اچي رهيو آهي، ماڻهو اُن جا مُنتظر آهن. ڪنهن به پارٽي يا حڪومت جي اڳواڻ جي تقرير دراصل مختلف پاليسين ۽ فيصلن جو اعلان هوندو آهي، جن تي فوري طور عمل شروع ٿي ويندو آهي يعني فيصلي يا اعلان تي اڳواٽ هوم ورڪ تيار ٿيل هوندو آهي. موجوده حالتن ۾ اهڙي ڪا به شئي عملي طرح سامهون نه آئي آهي. ملڪ جون پاليسيون ۽ حڪمت عمليءَ کي پاسيرو رکي، رڳو سنڌ کي ئي ٿا وٺون، جتي پارٽيءَ جي حڪومت آهي ۽ ان سان گڏوگڏ دعوى به ته سنڌ ساڻس گڏ آهي، اهڙي غلط فهمي سنڌ جي ماڻهن کي هڪ حد تائين آهي ته پيپلز پارٽي سندن پارٽي آهي. 
عام ماڻهوءَ کان وٺي، خاص ماڻهن تائين سڀئي ڪجهه حقيقتن تي متفق آهن، پوءِ ڀلي کڻي هو سياسي بيان ڪهڙو به ڏين، ذاتي ڪچهرين ۾ اهڙو ذڪر ضرور ڪندا آهن. سنڌ جو ماڻهو وڏي پئماني تي سماجي انصاف کان محروم آهي، ساڻس ڪو وڏو ظلم ٿئي ٿو يا ننڍڙي به ناانصافي ٿئي ٿي ته ان جي ڪا به داد رسي نه ٿي ٿئي. عام ماڻهو ته ماڳهين هر قسم جو آسرو لاهي ويٺو آهي. هو چوي ٿو ته ”ادا ٿيندو ڪجهه ڪو نه.“ ڪجهه عرصو اڳ تائين احتجاج، جلسا، جلوس ۽ بک هڙتالون ڪو نه ڪو اثر ڏيکارينديون هيون، پر هاڻي اهي به بي اثر ثابت ٿي رهيون آهن. نتيجي ۾ ماڻهو پاڻ کي بي وس، ننڌڻڪو ۽ لاچار سمجهي ٿو، ڄڻ هڪ نئين قسم جي غلاميءَ ۾ اچي ويو آهي. ڏئي وٺي ميڊيا ڏاڍو اهم رول ادا ڪري رهي هئي. لڳاتار اشو کڻڻ تي حڪومت مجبور ٿي تحرڪ ۾ اچي ويندي هئي، پوءِ اهو تحرڪ ڪافي حد تائين رڳو ڏيکاءُ وارو هوندو هو، ان کان پوءِ حڪومت هر ڳالهه جو ”نوٽيس“ وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو، ان نوٽيس وٺڻ جو مطلب اهو هوندو هو ته ”ها اسان ڳالهه ٻُڌي“ پر اُن تي عمل ايترو به ڪو نه ٿي رهيو آهي، جيترو ڪنهن زماني ۾ وزير اعظم يا صدر کي موڪليل درخواست تي ڪو واندو ويٺل سيڪشن آفيسر جواب لکي موڪليندو هو ته، ”توهان جي شڪايت ازالي لاءِ واسطيدار عملدار کي موڪلي وئي آهي“ تڏهن ٻيو نه ته ٺهيو گهٽ ۾ گهٽ ننڍي يا وڏي شڪايت جي رسيد ته ملندي هئي، پر هاڻي ماڻهن جي شڪايتن جي پوءِ اهو خون هجي يا ٻيو ڪو ظلم يا ناانصافي ماڻهن کي ڪا رسيد به نه ملي رهي آهي. مٿان وري حڪومت جا ڀاڳ ڀلا جو خود ميڊيا مالڪن جي حد تائين ئي نه، پر ضلعن جي سطح تائين به ورهائجي وئي آهي، جنهن جو ڀلو نه صحافين کي ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي وري عوام کي البته حڪومت ۽ حڪومتي اهلڪار مزي ۾ آهن. اهي نه رڳو هن جهيڙي جو تماشو ڏسي مزو وٺي رهيا آهن، بلڪه ميڊيا جي گڏيل ڪاهه کان به بچيا پيا آهن. ٻيو وڏو معاملو ڪرپشن جو آهي، جنهن بابت حاوي تاثر آهي. ڪرپشن جيڪا ترقياتي ڪمن ۾ ٿئي ٿي، ڪرپشن جيڪا مختلف ادارن خاص ڪري ميونسپل ادارن کي هر ماهه جاري ٿيندڙ فنڊن ۾ ٿئي ٿي. اڃا ٻه هفتا اڳ جي ڳالهه آهي ته ميڊيا ۾ اهي رپورٽون شايع ٿيون ته وارياسي علائقي جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ ٽينڪر سان ٽانڪي ڀري آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو، اهو ته هڪ اڌ واقعو آهي، جيڪو الائجي ڪيئن ميڊيا جي لپيٽ ۾ اچي ويو، ورنه هر ضلعي ۾ اهڙن واقعن جا داستان جڙيل آهن. ڪنهن دور ۾ ترقياتي ڪمن جا قبرستان هوندا هئا، ڇاڪاڻ جو هر ايندڙ حڪومت پراڻي حڪومت جي شروع ڪيل رٿائن کي اڌورو ڇڏي ڏيندي هئي ۽ نيون رٿائون شروع ڪندي هئي، پوءِ نه حڪومتون مدو پورو ڪنديون هيون، نه ئي وري اهي رٿائون راس ٿينديون هيون. عوام جو ناڻو ڦاٿو پيو هوندو هو. ٺيڪيدار ۽ ڪميشنون وٺندڙ عملدار ۽ ٻيا همراهه مزي ۾ هوندا هئا. هاڻي ته ترقياتي ڪم ڄڻ ”ورچوئل“ ٿيڻ لڳا آهن، يعني فائيلن ۽ ڪاغذن ۾ آهن، سرزمين تي ڪجهه نه. صوبائي گاديءَ واري شهر ۾ اهي به ڳالهيون هلن پيون ته ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن سڌي يا اڻ سڌي طرح سولر جون ڪمپنيون ٺاهي ورتيون آهن، ان ڪري ئي شايد حڪومت سولر تي وڌيڪ زور ڀري رهي آهي. اهي حقيقتون به پنهنجي جاءِ تي آهن ته جيتري رقم آر او پلانٽ ۽ سولر سسٽم لڳائڻ تي سرڪاري طرح خرچ ٿي رهي آهي، ان جي اصل لاڳت چوٿين پتي جيتري جي آهي. صوبي جي سمورن شهرن ۾ انفرا اسٽرڪچر يعني روڊ، گهٽيون، ناليون وغيره تباهه ٿي چڪو آهي. اها ڳالهه مشرف دور جي مڪاني ادارن جا ڳڻ ڳائيندڙن کي ٻُڌائي وڃي، جيڪي رڪارڊ ترقيءَ جون دعوائون ڪندا آهن يعني 8-10 سالن ۾ سڄو انفرا اسٽرڪچر ويهي رهيو، باقي ڪاريگري پاڻ واري سنگت ڪئي، جو نه مرمت، نه سار سنڀال ڪئي وئي. حالت اها آهي، جو ڳوٺن کان وٺي شهرن جي رستن ۽ گهٽين تائين سڀ ڪجهه ڀڳل ٽُٽل ۽ تباهه آهي. ناليون ۽ گٽر تباهه آهن. چلو اهي نه ٿا ٺهرائي سگهجن ته گهٽ ۾ گهٽ ناليون ۽ گهٽيون صاف ته ڪرائي سگهجن ٿيون، پر ڪٿي به ائين نه ٿو ٿئي. گٽر ۽ ناليون اُٿلن ٿيون ته روڊ ۽ گهٽيون ڪنهن ڍنڍ جو منظر ڏين ٿيون، مٿان وري صفائي نه ٿيڻ ڪري گند جا ڍير لڳا پيا آهن. گندي پاڻي، پکڙيل گندگي، دز ۽ مٽيءَ سبب مختلف بيماريون شهرين جي جان ئي ڪو نه ٿيون ڇڏين، جنهن جو فائدو وري صحت کاتو ۽ دواساز ڪمپنيون به کڻن ٿيون. پيپلز پارٽي گذريل دور ۾ ٻيو ته ڇڏيو، ويچارن صفائي ڪندڙن خاڪروبن کي به نه بخشيو، اُتي به ميرٽ تي ۽ جائز ڀرتيون نه ڪيون ويون. هزارن جي تعداد ۾ سفيد پوش ماڻهن کي بطور خاڪروب ڀرتي ڪيو ويو، جن ڪڏهن ڊيوٽي نه ڪئي. اهڙيون هزارين ننڍيون وڏيون ڀرتيون مڪاني ادارن ۾ ان کان سواءِ آهن، جيڪي بنا انٽرويو، بنا اشتهار ۽ بنا ميرٽ جي ڪيون ويون. چيو وڃي ٿو ته ان مان ستر سيڪڙو نوڪريون وڪرو ٿيون آهن. بنا ميرٽ جي ڀرتي ٿيل يا خريد ڪيل نوڪري تي آيلن کي نه ڪو ڪم اچي ٿو ۽ نه وري ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اُهي به مال ميڙڻ جي پويان آهن. اهڙي قسم جون ڀرتيون روينيو ۽ ٻين کاتن ۾ به چور دروازي مان ٿيون آهن. تعليم کاتو ته هروڀرو پڙ چڙهي ويو آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهي ڀرتيون ميرٽ تي ڇو نه ڪيون ويون؟ سنڌ ۾ ذري گهٽ هر ڪو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پيپلز پارٽيءَ جي کاتي ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن ميرٽ تي اهي نوڪريون ڏنيون وڃن ها ته پيپلز پارٽيءَ جي ماڻهن کي ملن ها. ائين ڪرڻ سان نه رڳو پارٽيءَ جي ساک ٺهي ها، بلڪه حق حقدارن کي ملي ها ۽ مختلف کاتن ۽ ادارن جو ڪم ڪار به چڱو هلي ها، جيڪا ڳالهه حڪومت جي ڪارڪردگيءَ ۾ شمار ٿئي ها، پر پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پنهنجي حصي ۾ ايندڙ اهڙي چڱائي الائجي ڇو کڻڻ لاءِ تيار نه ٿي. ساڳي صورتحال مختلف عهدن تي مقررين ۽ ترقين جي آهي، اُتي به سمورا قاعدا قانون لتاڙيندي شيون ڪيون ويون. جڏهن شيون مقرر دائري ۽ پروسيس کان ٻاهر ٿين ٿيون ته اُهي غير منطقي غير قانوني هجڻ سان گڏ سمجهه کان به ٻاهر هونديون آهن، ائين ڪري حڪومت گهٽ تعداد ۾ ماڻهن کي خوش ڪيو ۽ وڏي انگ ۾ ناراض ڪيو. مڪاني ادارن جا ذميوار عملدار دانهون ٿا ڪن ته اڳي رڳو کاتي جي اعلى عملدارن تائين منٿليون پهچائڻيون هونديون هيون، پر هاڻي ته هر ماهه ايندڙ فنڊن مان علائقي جا چونڊيل عيوضي به ڀاڱي ڀائيوار آهن. نتيجي ۾ ماڻهن کي شهري سهولتون ڏيڻ لاءِ ٽَڪو به ڪو نه ٿو بچي. جلد ئي مڪاني چونڊون ٿيڻ واريون آهن. پارٽيءَ کي هڪ دفعو وري ماڻهن وٽ وڃڻو پيو پوي، پر وٽس ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ واقعي ڇا آهي؟ رڳو سياسي نعرا، شهيدن جون قربانيون، ايم ڪيو ايم جو ڊپ يا ٻيو ڪجهه، يا اهو ته مقامي سطح تي ڪيل سياسي ڀڃ ڊاهه، جنهن ۾ ذات وڏيري کي ڳولي خوش ڪيو ويندو ۽ کيس اقتدار، اختيار ۽ فنڊن ۾ حصو پتي ڪرائي ويندي؟ ڪنهن پاسي مان ته عوام کي ڪجهه ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن پارٽيءَ ۾ ڪا شئي تبديل نه ٿا ڪريو ته حڪومت ذريعي ڪجهه ڏيو، ادارن ۾ ماڻهن کي حقيقي نمائندگي ڏيو. عام راءِ موجب پارٽي ڳرن الزامن هيٺ آيل آهي. پارٽي قيادت کي گهرجي ته اها انهن سمورين شڪايتن جي حقيقي معنائن ۾ جاچ ڪري. جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪجي ته شايد هڪ ٻه جج ان ڪم لاءِ ڏئي سگهي ٿي، جيڪي اهو ڏسن ته اهي سڀ ناانصافيون، ناجائزيون ۽ زيادتيون ڪيئن ٿيون؟ ان لاءِ ذميوار ڪير آهي؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي واقعي گڊ گورننس چاهي ٿي، عوام کي ڪجهه ڏيڻ چاهي ٿي ته نون اعلانن کان اڳ ماضيءَ وارن معاملن مان پنهنجا پانڌ اَڇا ڪرڻا پوندا.

Labels: ,

بلاول پنهنجي پارٽيءَ ۾ تبديلي آڻي سگهندو؟ 20 آڪٽوبر 2014ع


بلاول پنهنجي پارٽيءَ ۾ تبديلي آڻي سگهندو؟
سومر 20 آڪٽوبر 2014ع

سهيل سانگي

بلاول ڀٽو زرداري سياسي ورثو نڀائڻ لاءِ پنهنجي سياسي سفر جو آغاز هڪ وڏي جلسي ۾ ڪري ڇڏيو آهي. 18 آڪٽوبر واري هن جلسي ۽ بلاول جي ڊگهي تقرير جنهن ۾ هن هر موضوع تي ڳالهايو. يقيناً عام ماڻهو کي متاثر ڪيو. ڏيڍ ڪلاڪ جي رواني سان پنهنجي ماءُ کان به بهتر لهجي واري اردو ۾ ڪيل هن تقرير ۾ ڊزن کن معاملن تي ڳالهايو. ڪيترن معاملن تي سندس موقف ڄڻ ماڻهن جي دلين وٽان هو. پر لڳي ٿو ته ان ۾ آئيڊيل ازم وڌيڪ هئي، جيڪا پارٽيءَ جي عمليت پسند سوچ ۽ عمل سان ٽڪراءَ ۾ اچي ويندي. گذريل ٻن مهينن کان ملڪ ۾ جيڪي موضوع بحث هيٺ هئا، بلاول ڀٽي ان کان مختلف ڳالهايو، جيڪا پڻ هڪ وڻندڙ ڳالهه لڳي. مختلف پارٽين يا اڳواڻن تي تنقيد پنهنجي جڳهه تي، پر سندس لب و لهجو سياسي هو. ڪنهن خلاف به ڪو گٿو لفظ نه ڳالهايو. ان سان عام ماڻهو اها اميد ڳنڍي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ڄڻ ڪو سنجيده ليڊر ملي ويو آهي. کيس پارٽي جي قربانين جو ذڪر ته ڪرڻو ئي هو. نئين ڳالهه اها آهي ته هن پارٽي جي ٽن نوجوانن اياز سمون، ناصر بلوچ ۽ ادريس طوطي جو ذڪر ڪيو، جن کي الذوالفقار جا ڪارڪن ڄاڻائي فوجي عدالت جي فيصلي هيٺ ڦاهي چاڙهيو ويو هو. پارٽي جي قيادت ڪارڪنن جي انهيءَ گروپ جو ڪو ورلي ذڪر ڪندي هئي. ساڳي ريت دهشتگردن خلاف، آسيه بي بي جي سزا، سلمان تاثير ۽ شهباز ڀٽي جي قتل جي حوالي سان به ڪو شڪ ناهي ته هن بولڊ موقف رکيو. پيپلز پارٽي جي نوجوان ليڊر 73ع جي آئين کي ئي ڀٽو ازم قرار ڏنو. اها ڀٽو ازم جي نئين تشريح آهي. هو انهي آئين جي ڇٽيءَ هيٺان سمورين سياسي قوتن کي گڏ ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙو سڏ ته رڳو مارشل لا جي ڏينهن ۾ ۽ ان جي خطري جي پيش نظر ڏنو ويندو آهي. ڇا 73ع جو آئين پنهنجي اصلي شڪل ۾ اڄ چاليهه سالن کان پوءِ به ملڪ جي سمورن مسئلن لاءِ اڪسير آهي؟ هي ساڳيو آئين آهي، جنهن جي تخليقڪارن خود چيو هو ته ڏهن سالن کانپوءِ ان ۾ ترميمن جي ضرورت پوندي. ان بعد ان ۾ ڊزن کان مٿي مختلف آمرن ترميمون ڪري ان جي روشن خيالي واري پهلو جو ساهه ڪڍي ڇڏيو هو. هي آئين خاص حالتن ۾ ٺاهيو ويو هو، تڏهن سرد جنگ عروج تي هئي. اڄ جي تبديل ٿيل دنيا، حالتن ۽ ٻين حقيقتن ۾ اهو آئين ڪيتري قدر موزون آهي؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. ماڻهن جون گهرجون توڙي مسئلا ۽ سوچون بدلجي ويون آهن. سجاڳي جي لهر عام ماڻهو کي به متاثر ڪيو آهي. ايتري قدر جو خود بلاول جي پارٽي 2-3 سال اڳ هن آئين ۾ ڪيئي ترميمون ڪري چڪي آهي. جڏهن ته اهڙي قسم جي وڌيڪ ترميمن جي اڃا ضرورت آهي ته جيئن اهو آئين ماڻهن جي گهرجن ۽ خواهشن پٽاندڙ ٿي سگهي ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪري سگهي. اها ڳالهه پڻ سواليه آهي ته ملڪ ۾ رڳو ٻه سياسي قوتون آهن. هڪ ڀٽو ازم ۽ ٻي آمريت وارو لڏو يا ڀٽو ازم جا مخالف. گذريل سالن ۾ دنيا ۾ سياسي، معاشي، فڪري ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بي پناهه تبديليون آيون آهن، جن جا اثر لازمي طور تي پاڪستان تي به پيا آهن. پاڪستان مهاڙي رياست جي رول کان وٺي اڄ خود دهشتگردن سان جنگ جو ميدان بڻيل آهي. هتي نوان طبقا پيدا ٿيا آهن. انهن جو رول بدليو آهي، انهن طبقن جا پاڻ ۾ تعلقات بلديا آهن. پنجاب جي شهري آبادي ريديڪلائيز ۽ ڊيموڪريٽائيز ٿي آهي. پوءِ اها کڻي پيپلز پارٽي جي دائري ۾ نه هجي. هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿيو آهي جيڪو ساڄي ڌر سان واسطو رکڻ جي باوجود جمهوريت ۽ ڀارت سان دوستي ڪرڻ لاءِ بيهي رهي ٿو. نواز شريف جمهوريت ۽ پارليامينٽ لاءِ بيهي رهي ٿو. هڪ وڏو حصو اهڙو به پيدا ٿي چڪو آهي جيڪو پيپلز پارٽي توڙي نواز شريف کي صحيح نٿو سمجهي، پر ان جي باوجود پنهنجي فڪر ۽ سوچ ۾ جمهوري، روشن خيال ۽ ترقي پسند آهي. ان کي ٻئي يا جمهوريت مخالف خاني ۾ ڪيئن فٽ ڪري سگهبو؟ باغ جناح ۾ ڪيل تقرير ۾ ڪجهه تضادات به موجود آهن. بلاول پهريون ڀيرو ننڍن صوبن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ گم ٿيل بلوچ اڳواڻن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ماما قدير جي اڳواڻي ۾ ڪيل لانگ مارچ جو به حوالو ڏنو آهي، پر هن اهو ذڪر نه ڪيو ته خود پيپلز پارٽي جي ٻن حڪومتن دوران بلوچستان ۾ ڪارروائي جاري رهي، ان ۾ هڪ دورِ حڪومت ٻه سال اڳ جو آهي. محرومين ۽ ناانصافين جو ذڪر ڪندي هو سيلڪيٽو Select رهيو. هن شڪايت ڪئي ته سرائيڪي بيلٽ ۾ ماڻهو بک پيا مرن، پر هن ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، جتي گذريل ٻن سالن کان ڏڪار آهي. ٿر ۾ ڏڪار سبب پيدا ٿيل غذائيت جي کوٽ ڪري ڏيڍ سئو کان مٿي ٻار موت جو شڪار ٿي چڪا آهن. اهو ڏڪار اڃا جاري آهي. پر سندس پارٽيءَ جي حڪومت امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. ساڳئي حالت سنڌي ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۽ اجاگر ڪرڻ جي نعري سان عوام آڏو اچڻ جي شروعات ڪندڙ بلاول جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ سنڌ ۾ مزاحمت جي ڪردار هوشو شيدي جي مزار تي حاضري ڀري، جنهن ”مرسون، مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو ڏنو، پر هن جي تقرير ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن جو ڪو ذڪر نه هو. جيالن کي ڪراچيءَ ۾ شهيدن جي ڇڪ ۽ بلاول جي سڪ يقيناً متاثر ڪيو، پر اهي واپس جڏهن پنهنجي شهر ڀگل ٽُٽل روڊن ذريعي ويندا، اسپتال ۾ ڊاڪٽر غير حاضر ڏسندا ۽ بند پيل اسڪول پسندا، تڏهن الائجي ڪيئن سوچيندا؟ سنڌ پيپلز پارٽي جو اباڻو صوبو آهي، جتي پارٽي سان ماڻهن جو لڳاءُ سمورين گرمين سردين هوندي ٽُٽي نه سگهيو آهي. جتي گذيل ستن سالن کان ان جي حڪومت به آهي، اتي جي ئي حڪمراني بابت سڀ کان وڌيڪ شڪايتون آهن. اهي شڪايتون سٺي حڪمراني جي غير موجودگي کان وٺي نوڪرين، مقررين، مڪاني ادارن جا فنڊ کائڻ کان وٺي مٽن مائٽن کي ورسائڻ تائين به صوبي جو هر رهاڪو ڄاڻي ٿو ته هتي رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن آهي. ان کان بلاول جي ڳالهه ڏاڍي مشڪل سان هضم ٿيندي، ته سياسي مخالفت جي ڪري پيپلز پارٽي جي ماڻهن تي ڪرپشن جا الزام پيا لڳن. پنهنجي سياسي سفر جي هن تقريبِ رونمائي کان ٻه هفتا اڳ هن کاٻي ڌر کي پارٽي جو ساٿ ڏيڻ جو سڏ ڏنو هو، پر ڇنڇر ڏينهن واري تقرير ۾ کاٻي ڌر جو نه، پر مولانا مودودي جو ذڪر هو. ها اهو ضرور هو ته هن عراق ۽ شام جي واقعن تي زور ڏنو ۽ ان مذهبي انتهاپسندي واري خطري کي پاڪستان ڏي وڌڻ بابت ڳالهايو. اهو هڪ حد تائين صحيح آهي، پر لڳي ٿو ته هن اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته لبرل ۽ روشن خيال ماڻهو هن خطري جي پيشي نظر ان جو ساٿ ڏين. روشن خيال طبقو گذريل چئن ڏهاڪن کان پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، ليڪن پارٽي هن حلقي سان ۽ روشن خيال پاليسين سان جيڪو سلوڪ ڪيو آهي، سو به سڀني جي سامهون آهي. 18 آڪٽوبر واري ها تقرير سڄي عمر بلاول جي پاليسي تقرير طور سمجهي ويندي، ان ۾ ڪنهن نظام جي خلاف يا ڪنهن نئين نظام جي لاءِ ڪو پيغام ڪونهي. اڄ ملڪي ادارن، سياست ۽ سوسائٽيءَ جي حالت مختلف آهي، ماڻهو تبديلي گهرن ٿا. هو ستر واري ڏهاڪي ۾ واپس نٿا وڃڻ گهرن، کين 73ع جي آئين کان وڌيڪ ڪجهه گهرجي. نتيجي ۾ نه چاهيندي به کين عمران خان کڻي نه وڻي پر سندس تبديلي ۽ اسٽيٽسڪو ٽوڙڻ واري ڳالهه وڻي ٿي. بلاول جي تقرير ۾ اهڙي ڪنهن به تبديلي جو اشارو يا تاثر ڪونه ٿو ملي. سٺو ٿو لڳي ته بلاول ڪراچي تي پنهنجو مالڪي جو حق ڄاڻايو، پر ايم ڪيو ايم کي گڏ رکڻ جي اپيل ڪئي. ايتري قدر جو هن باقي سنڌ کي ڇڏي ڪراچي لاءِ وزير اعظم کان پيڪيج گهريو، جنهن جو مطالبو ايم ڪيو ايم ڪندي رهي آهي. بلاول شايد نان ايم ڪيو ايم Non M Q M ووٽ تحريڪ انصاف يا ڪنهن ٻئي جي کاتي ۾ وجهڻ بدران پيپلز پارٽي لاءِ گهري رهيو آهي. اهو حوالو ايم ڪيو ايم خلاف عمران خان جي تبديلي واري ڳالهه جي دليل جي ٽوڙ طور ڏنو ويو آهي. ها هڪ حد تائين سنڌ جي ماڻهن کي ان سان خوش ڪري سگهي ٿو ته هن ڪراچيءَ تي پنهنجو حق جتايو آهي. توڙي جو اعتزاز احسن هن جلسي ۾ پارٽي نوجوانن کي اڳيان آڻڻ جو چٽو اشارو ڏئي بلاول کي سٺو موقعو ڏنو، پر هن ان جو ڪو جواب نه ڏنو. سابق وزير اعظم يوسف رضا گيلاني به اعتزاز واري ڳالهه کي اڳتي وڌايو ته پارٽي جي ٻيهر تنظيم سازي ڪريو، نوجوانن کي اڳيان آڻيون. ڇا واقعي پارٽي اهڙي ڪا حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي؟ لڳي نٿو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جيڪو پيپلز پارٽي جو قلعو آهي، جتي ان جي حڪومت هجڻ سبب ان جو ”شوڪيس“ به آهي، اتي اٽڪل نوي سالن جو بزرگ چاچو سائين قائم علي شاهه حڪومت ۽ پارٽي ٻنهي جي قيادت ڪري رهيو آهي. پارٽيءَ جي ڪن حلقن جو چوڻ آهي ته نوجوانن کي اڳيان آڻڻ واري خيال تي عمل ٿيڻ وارو آهي، پر پارٽي جي موجوده اسيمبلي ميمبرن ۽ انهن جي پٽن، پوٽن وغيره کي اهم ذميواريون ڏنيون وينديون. بلاول ڀٽو ”مين باغي هون“ جي سڄي نظم پڙهي ۽ پاڻ کي بغاوت ۽ مزاحمت جي اهڃاڻ طور پيش ڪيو، پر ان کان چند منٽ اڳ سندس والد جي ڪيل ان اعلان سان ٽڪراءَ ۾ آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ، عدليه، الطاف حسين ۽ سڀني سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. ان صورتحال ۾ لڳي ٿو ته بلاول جي آئيڊيل ازم سندس والد ۽ پارٽي جي ٻين سينئر اڳواڻن ۽ انڪلز جي عمليت آڏو ڪٿي جهڪي نه وڃي. بهرحال دنيا اميد تي قائم آهي، ۽ سنڌي ماڻهو هونئن ئي توڪلي آهي ۽ اميد پرست به.

Labels: , ,

عمران خان جي ٻڌايل ڪهاڻي ۽ تبديليءَ لاءِ منتظر عوام! آڪٽوبر 2014ع


عمران خان جي ٻڌايل ڪهاڻي ۽ تبديليءَ لاءِ منتظر عوام!
اڱارو 15 آڪٽوبر 2014ع

سهيل سانگي

عمران خان نواز شريف کي مَلهه دَسي ته نه سگهيو، پر ملڪ اندر اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته نواز شريف جون حڪمت عمليون/ پاليسيون يا طرز حڪمراني صحيح ناهي. اهڙي صورت ۾ عمران خان کي پنهنجو مقصد ماڻڻ ۾ ڪاميابي نه ٿي سگهي آهي، پر عام سوچ جي حوالي سان نواز شريف کي به سرسي حاصل ناهي. اهو سڄو تاثر ڪيئن جُڙيو؟ اُن جو اڀياس صورتحال کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي، اهو ان لاءِ ته ايندڙ وقت ۾ ماڻهن جو موڊ ڇا بيهندو، ان کي سمجهڻ لاءِ به اهم آهي. نفسيات جي ماهرن چواڻي، سوچ يا تاثر زميني حقيقتن جي بنياد تي جُڙندا آهن. اهو تاثر ان وقت وڌيڪ هڪ ٺوس ۽ خاص شڪل اختيار ڪري ويندو آهي، جڏهن انهن حقيقتن کي هڪ خاص ڍانچي ۾ رکي، ان جي تشريح ڪئي ويندي آهي. جڏهن اهي حقيقتون سياسي ميدان جون هجن ۽ ان جي تشريح سياسي حوالي سان ڪئي وڃي ته پوءِ جُڙندڙ تاثر هڪ سياسي ماحول ٺاهي وجهندو آهي. اهو ماحول ڪڏهن ڪنهن جي مخالفت ۾ هوندو آهي ته وري ڪڏهن ڪنهن جي حمايت ۾. 60 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي اهو تاثر جوڙيو ۽ پنهنجي چوڌاري خلق کي جوڙي ورتائين. دراصل اهو بيان مختلف واقعن کي ڳنڍي، هڪ ڪهاڻيءَ جي شڪل ڏيڻ بعد ئي قائم ٿيندو آهي. ڪي به واقعا الڳ الڳ ڪا وڏي اهميت نه رکندا آهن، جيستائين انهن کي ڪنهن ڪهاڻيءَ جي ڍانچي ۾ فِٽ نه ڪبو آهي، خاص ترتيب سان نه سلهاڙبو آهي، بلڪل ائين جيئن ڪنهن پُر اثر ڪهاڻيءَ جي لاءِ پلان ۽ ان جي اندر اسٽوري ۽ مضبوط ڪردار ضروري هوندا آهن، تيئن ڪنهن مضبوط بيان ((Narrative جي لاءِ به اهي سڀ شيون ضروري هونديون آهن. اها ته ٿي، ڪنهن ڪهاڻيءَ جي ڳالهه، پر سياسي بيان ((Narrative لاءِ ٽي ڳالهيون ضروري آهن. (1) اهو ته ڪهاڻي ۽ ان جا واقعا عام ماڻهو تي اثر انداز ٿيندا هجن ۽ دنيا بابت سندس نقطه نگاهه سان ٺهڪندڙ هجن. ماڻهن ۾ اهي جذبات پيدا ڪن، پوءِ اُهي جذبا اُميد جا به ٿي سگهن ٿا، خوف جا به. (2) سياسي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ پنهنجي سامعين کي اسٽوري سمجهائي به سگهي ۽ پنهنجي ايندڙ وقت جي ارادن کي به ان ۾ فِٽ ڪري سگهي. (3) ماڻهن کي اُميد ڏياري وڃي ۽ هر بار اهڙي پڪ ڏياري وڃي ته ڪجهه نه ڪجهه ٿي رهيو آهي، اِجهو ڪجهه ٿي رهيو آهي. عمران خان ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ چونڊن ۾ ڌانڌلين جي ڪهاڻيءَ سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ هو ماڻهن کي اسلام آباد جي مارچ تائين وٺي ويو، جيڪي ماڻهو جسماني طور تي ساڻس انهي مارچ ۾ نه هليا، تن کي ميڊيا جي وسيلي ذهني طور پاڻ سان ڳنڍيل رکيو. پنهنجي انهيءَ ڳالهه کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪردارن کي به شامل ڪيو، يعني جج، رٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن جا ڪجهه ماڻهو، ان سان گڏوگڏ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي يا آڱوٺن تي استعمال ٿيندڙ مَس وارو معاملو. انهيءَ سڄي ڪهاڻيءَ جو مقصد اهو هو ته نواز شريف حڪومت جي قانوني حيثيت کي چئلينج ڪجي، اُن کي ڦِٽائجي. ساڳئي وقت ماڻهن ۾ به اهو تاثر پيدا ڪرڻ ته سندن ووٽ جو قدر نه ڪيو ويو، ان جي تقدس کي پائمال ڪيو ويو وغيره. جڏهن ڪنٽينر تي ويهي لائوڊ اسپيڪر يا ميڊيا جي مائيڪرو فون ذريعي اِهي الزام هڪ ڪهاڻيءَ جي واقعن جي شڪل ۾ لڳايا پئي ويا ته ان ڪهاڻيءَ جي ٻي ڪڙيءَ جي طور تي بي قاعدگين جا مختلف واقعا ٻيهر ڳڻپ وغيره جي ذريعي سامهون اچي رهيا هئا، جيڪي ڪهاڻيءَ جي پلاٽ کي مضبوط به ڪري رهيا هئا ۽ اڳتي به وڌائي رهيا هئا، ائين اها يڪطرفي ڪهاڻي هلي رهي هئي، جيڪا ڪنٽينر وارن جي واتان آئي پئي. ان سڄي دور ۾ ڪهاڻيءَ جو ٻيو پاسو حڪومت جي طرفان سامهون اچڻو هو، سو نه اچي سگهيو. حڪومت جي ائين نه ڪرڻ جا هڪ کان وڌيڪ سبب ٻُڌايا وڃن ٿا. صورتحال اها وڃي بيٺي، جو ڪنهن ٺوس ثبوت نه هوندي به ماڻهن اها ڳالهه قبول ڪري ورتي ته 2013ع وارين چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. اهو ثبوتن جو ڪمال نه، پر ڪهاڻيءَ جو ڪمال هو، جنهن ۾ سمورا واقعا ڳنڍي اهڙي طرح سان رکيا ويا، جو منطقي نتيجو اهو ئي پئي نڪتو. چونڊن ۾ ڌانڌلين جي ماڻهن وٽان مڃتا ته ملي وئي، پر اها مڃتا ماڻهن کي ايترو متحرڪ ۽ سرگرم نه ڪري سگهي، جو اُهي نواز ليگ جي حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ رستن تي اچن يا وري ڪو ٻيو اهڙو واقعو يا ٻيو رستو نڪري، جو حڪومت کي اُڇلائي پاسيرو ڪري سگهجي. اوڏي مهل ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئين ڪڙيءَ جو اضافو ڪيو ويو، اُها هئي ته سمورو نظام ئي خراب آهي، جنهن کي بدلائڻ ۽ ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نواز شريف حڪومت ۾ هو، اُن ڪري مٿس اهو الزام پئي لڳو ته هو نظام کي ٺيڪ ڪرڻ نه ٿو ڏي. معنى ته نواز شريف ۾ رڳو اها خرابي نه هئي ته ڪو هو ڌانڌلي ڪري وزير اعظم ٿيو هو، بلڪه هو ملڪ ۽ قوم لاءِ ئي خراب آهي، ان ڪري کيس گهر ڀيڙو ڪرڻ ضروري آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن حڪومت طرفان ڪهاڻيءَ جو ٻيو پاسو نه اچي رهيو هو. ملڪ اندر سُٺي حڪمراني يعني ماڻهن تائين سماجي انصاف پهچڻ واري صورتحال نه پئي بيهي سگهي. معاشي بحران جيڪو نئين صدي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو هو، سو وِک وِک تي پنهنجا اثر ڏيکاري رهيو هو. روز ڪو نه ڪو واقعو، پوءِ اها مهانگائي هجي، لاقانونيت هجي يا ٻيو ڪجهه حڪومت بابت خراب تاثر کي مضبوط ڪري رهيو هو ۽ ان کي هٽائڻ لاءِ اڻٽر بڻائي رهيو هو، اها صورتحال اڄ به قائم آهي. عمران خان تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ جلسا ڪري رهيو آهي. علامه قادري ڪنٽينر کڻي، سڄي ملڪ ۾ نڪرڻ وارو آهي، ائين معاملي ۾ تيزي ايندي ويندي. حڪومت وٽ ڇا آهي؟ حڪومت سويلين ۽ ملٽري بالادستيءَ واري ڇڪتاڻ ۾ فيصلي سازيءَ ۾ پنهنجي حڪومت ڪمزور ڪري چڪي آهي، ان ڪري اُتي کيس ڪرڻ لاءِ تمام گهٽ اسپيس آهي. ڌرڻي دوران سياسي ڌريون پارليامينٽ جي ذريعي يا سياسي جرڳي جي شڪل ۾ ساٿ ڏئي رهيون هيون، اهي سڀ هاڻي سڄي ملڪ ۾ پيدا ٿيل خال کي ڀرڻ ۽ پنهنجي حق ۾ اهو خال ڀرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيون آهن. جماعت اسلامي جو مولانا سراج الحق ٽنڊو محمد خان تائين مار ڪري رهيو آهي. آصف زرداري پنجاب ۾ ڪئمپ ڪيو ويٺو آهي، ائين حڪومت لاءِ ڄڻ سياسي اسپيس به گهٽجي رهيو آهي. ماحول اهو بڻيل آهي ته ٽي وي تي ڪا اهڙي خبر هلي ٿي ته گهرن ۾ ويٺل ڪنڌ ڌوڻي چوي ٿو ته، ”ها ڪجهه تبديل ٿيڻ کپي.“ جنهن جي سياسي معنى اها ڪڍي ٿي وڃي ته اسٽيٽسڪو ٽُٽڻ گهرجي، ڪا تبديلي اچڻ گهرجي. حڪومت اڃا تائين انهيءَ Narrative جو ڪو ٽوڙ ۽ جواب نه ڳولي سگهي آهي ۽ نه ئي گو نواز گو مان پيڇو ڇڏائي سگهي آهي. معاملو رڳو نواز ليگ يا نواز شريف جو ڪونهي، بدليل حالتن ۾ پيپلز پارٽي جيڪا ٻئي واري جي انتظار ۾ آهي ۽ اهڙو اعلان به ڪري چڪي آهي، تنهن کي به پنهنجو پاڻ تبديل ڪرڻو پوندو. تبديل ته عمران خان کي پنهنجو پاڻ به ٿيڻو پوندو، جنهن جو Narrative ته قبول پيو آهي، پر پاڻ قبول نه پئجي سگهيو آهي.

Labels: ,

زرداري جي پنجاب ۽ بلاول جي سنڌ ۾ سرگرمي! 09 آڪٽوبر 2014

زرداري جي پنجاب ۽ بلاول جي سنڌ ۾ سرگرمي!
خميس 09 آڪٽوبر 2014ع
 سهيل سانگي,
آصف علي زرداري پنجاب جو دورو ڪري رهيو آهي، جتي هن ضلعي عهديدارن سان گڏجاڻيون ڪرڻ سان گڏوگڏ جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ چوڌري برادران سان به ملاقاتون ڪيون آهن. سندس اهو دورو تنظيمي به لڳي ٿو ته وري لابنگ وارو به. يعني پنجاب آصف زرداري سنڀالي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ وري بلاول ڀٽو زرداري هاءِ پِچ تي کڻي ويو آهي. پنهنجون صفون ٺيڪ ڪرڻ ۽ موسمي پکين کي ڀڄڻ کان روڪڻ لاءِ هن اعلان ڪيو ته ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي هوندي ۽ وزير اعظم ڀٽو خاندان مان هوندو. هن عمران خان ۽ نواز شريف تي تنقيد ڪئي، پر سندس لهجو انڪل الطاف حسين لاءِ چئلينج وارو هو. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم ان جو تڪڙ ۾ نوٽيس ورتو ۽ ذري گهٽ احتجاج جي ڌمڪي ڏني، پر ٻه ڏينهن رکي، الطاف حسين ان چئلينج کي ”معاف“ ڪري ڇڏيو.   
ماضيءَ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي هڪٻئي جي مخالفت ڪري، هڪٻئي جي مدد ڪنديون رهيون آهن ته جيئن ايم ڪيو ايم مهاجرن جي حمايت ۽ پيپلز پارٽي سنڌين جا ووٽ پڪا ڪري سگهي، پر هن ڀيري اها ڳالهه بنهه ظاهر ٿي پئي. پيپلز پارٽي 18 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي جلسي ذريعي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ گهري ٿي. هن جلسي ذريعي هو اسٽيبلشمينٽ، پنجاب، سنڌ جي اقتداري ڀوتارن ۽ خود سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ئي ڌڪ ۾ پيغام ڏيڻ گهري ٿي ته پارٽي اڃا سگهه رکي ٿي، اها ڪنهن به طور تي Irrelevantنه ٿي آهي. پارٽي جلسو ته واقعي وڏو ڪري وٺندي، ممڪن آهي ته ڪنهن حد تائين گهربل پيغام به واسطيدار ڌرين تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب وڃي، پر اهو سڀ ڪجهه وقتي هوندو. اصل ڳالهه پيپلز پارٽي کي بطور هڪ منظم ۽ موثر سياسي جماعت ۽ قوت جي طور تي پنهنجو اظهار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سا ڳالهه انهيءَ جلسي جي ذريعي نه ٿي سگهندي. اصل ۾ پارٽيءَ کي ٻيهر منظم ڪرڻ ۽ ان جي اندر سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو تقريبن پنهنجي هر تقرير ۾ چوندو رهيو آهي، پر محترمه جي پهرين ورسيءَ تي ڪيل تقرير کان وٺي، اڄ سوڌو ان ڏس ۾ ڪا به پيش رفت نه ٿي آهي. جيڪڏهن پارٽيءَ جي صفن کي ڏسجي ته اُن ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اُهي ساڳيا پراڻا چهرا آهن، جيڪي 30_40 سالن کان هلندا اچن. اهي سڀ نه پاڻ جوان رهيا آهن ۽ نه ئي سندن جذبا. پارٽيءَ سان وابستگي جذبات سان گڏوگڏ مفادن واري به ٿي وئي آهي. 80ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي ۽ ان بعد 88ع ۾ محترمه سڄي سنڌ ۾ ريليون، جلسا ۽ جلوس ڪري، سڄي سنڌ کي متحرڪ ڪيو هو، ان کي به هاڻي ٽيهارو سال ٿي ويا. 80ع واري ڏهاڪي جو ٻار ۽ ان بعد جنم وٺندڙ اڄ جو نوجوان سرگرمي ۽ سياست ۾ اهم بڻجي ويو آهي. خود ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ محترمه به نوجوانن کي ئي متحرڪ ڪيو هو، پر اڄ جو نوجوان ڄڻ پارٽيءَ کان پري بيٺل آهي، ڇاڪاڻ جو پارٽيءَ ۾ بلاول کان پوءِ هيٺ پوءِ اها مرڪزي ڪميٽي هجي يا صوبائي ڪميٽي يا وري ضلعي عهديدار يا اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽيءَ جو ڪيڊر نوجوان موجود ناهي. پارٽيءَ جي شاگرد ونگ به پارٽيءَ جي ڊسپلين ۽ چئي ۾ ناهي، ان ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙا ماڻهو آهن، جن جا يونيورسٽي جي حد تائين مفاد هوندا آهن ۽ اهي لوڪل جهيڙن ۽ معاملن ۾ ڦاٿل رهندا آهن. پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن وچ ۾ رابطو ناهي. پارٽيءَ جو سمورو ڍانچو اسيمبلي ميمبرن يا انهن جي خاندانن تي مشتمل لڳي ٿو. ايم اين اي، ايم پي ايز ضلعي يا ڊويزنل صدر آهن، جنهن جا ٻه نقصان ٿيا آهن. هڪ اهو ته اُهي اسيمبلي ميمبر خود ايوان جي ميمبري وارو فرض به پوريءَ طرح نه سنڀالي پيا سگهن، سي پارٽي ڪيڊر ۽ ووٽر کي ڪٿان وقت ڏئي سگهندا؟ ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي، جو نتيجي ۾ پارٽي ڪيڊر/عام ورڪر ۽ پارٽيءَ جي ادارن ۽ قيادت جي وچ ۾ گيپ پيدا ٿي ويو آهي. اهو گيپ هاڻي ڪميونيڪيشن گيپ جي حد تائين وڃي پهتو آهي. ڪڏهن ڪنهن ميٽنگ تائين ڪن ڪارڪنن جي رسائي ٿيندي آهي ته انهن جون دانهون سامهون اينديون آهن. اهڙي پارٽي اسٽرڪچر جو ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي، جو اسيمبلي ميمبرن تي پارٽي تنظيم/ڪيڊر جو چيڪ اينڊ بيلنس ختم ٿي ويو آهي. اسيمبلي ميمبرن جي مرضي آهي ته اُهي نوڪريون وڪڻن، ترقياتي ڪم ذاتي پسند نا پسند تي ڪرائين، کانئن ڪو به پُڇڻ وارو ناهي. هن صورتحال جو نتيجو اهو به نڪتو آهي، جو ڪجهه ضلعن ۾ اسيمبلي ميمبر پارٽي جا عهديدار به پنهنجي پسند جا مقرر ڪرايا آهن. ان کان علاوه ذاتي بنياد تي پنهنجا ”پٽيل“ تيار ڪيا آهن، جن جو عملي طرح سان مان مرتبو ۽ اثر رسوخ پارٽي کان به مٿڀرو آهي. تنظيمي طور تي پاڪستان ۾ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ٻه مضبوط پارٽيون سمجهيون وينديون آهن، ٻنهي جو پارلياماني ۽ پارٽي تنظيمي ڍانچو ڌار ڌار آهي، انهن وٽ اسيمبلي ميمبر پارٽي ڪيڊر يا تنظيم جي ماتحت آهن. ڪميونسٽ نظام ۾ به پارٽي ۽ حڪومتي عهدن تي ساڳين ماڻهن جي هجڻ ڪري، وڏي خرابي پيدا ٿي هئي. بلاول نوجوان آهي، سندس جذبا جوان، خواهشون يقينن نيڪ هونديون، سندس سامهون تنظيم جي اها صورتحال به يقينن هوندي. هو نوجوانن کي ڇا آڇي سگهي ٿو؟ پارٽيءَ جي صفن ۾ هنن لاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙي جڳهه پيدا ڪري سگهي ٿو؟ بظاهر لڳي ٿو ته بلاول وٽ نئين ڪيڊر کي آڻڻ ۽ نوجوانن کي آڇڻ لاءِ ڪا گهڻي اسپيس موجود ناهي. بينظير ڀٽو سياست شروع ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو سندس رهنمائي ۽ نگراني ڪئي. فيصلا محترمه ڪندي هئي، ڄڻ انهن جي منظوري بيگم صاحبه ڏيندي هئي يا بيگم صاحبه ڪو فيصلو ڪندي هئي ته محترمه کي اعتماد ۾ وٺندي هئي. بينظير سياست ۾ اچڻ شرط پنهنجي ”انڪلز“ کي پري ڪيو ۽ نون ماڻهن، نون چهرن لاءِ جڳهه پيدا ڪئي، سندس اهو تجربو ڪامياب رهيو. بلاول ڀٽو جي صورتحال گهڻي مختلف آهي، هن جي چوڌاري انڪلز ئي انڪلز آهن، جيستائين هو پاڻ کي پارٽي ۾ Involve نه ٿو ڪري، جيستائين نون چهرن ۽ نون ماڻهن کي جڳهه نه ٿي ملي، تيستائين هو نئين نسل جي اُميد بڻجي، سو ڪجهه ڏکيو ٿو لڳي. بلاول کاٻي ڌر جي ماڻهن ۽ اهڙي سوچ رکندڙن کي به پارٽي ۾ اچڻ جو سڏ ڏنو آهي. کاٻي ڌر جا ماڻهو ۽ اها سوچ رکندڙ ضياءَ جي مارشل لا کان وٺي، اڄ سوڌو پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏيندا اچن، پر پارٽي نه کاٻي ڌر جي سوچ کي ۽ نه ئي انهن ماڻهن لاءِ ڪا گنجائش ڪڍي آهي. اعتزاز احسن هجي يا رضا رباني يا تاج حيدر کي اوڏي مهل گهرايو ويندو آهي، جڏهن گاڏي گپ ۾ گچي پوندي آهي. سنڌ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي کي پارٽي ۾ آندو ويو، ان جو فائدو نه پارٽي کي مليو ۽ نه ئي ڪامريڊ ساقي کي، بلڪه ڪي ماڻهو ته ان کي ماڳهين سياسي خودڪشي سڏي رهيا آهن. کاٻي ڌر جي ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو به ٿيندو آهي ته پارٽي اندر مختلف طبقن جي تنظيمن کي به مڃيو وڃي. مزدور فرنٽ ۽ هاري فرنٽ سالن کان خالي آهن، ائين شاگرد ونگ جو حال مٿي بيان ڪري آيا آهيون. ائين سياسي يا فڪري ۽ تنظيمي طور تي وجود رکندڙ عوام جو وسيع تر حصو پيپلز پارٽي جي دائري ۾ نه پيو بيهي يا ائين کڻي چئجي ته پارٽي انهن جي پهچ کان ٻاهر هلي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ پارٽي تر جي بااثر ماڻهو تي ڀاڙي رهي آهي. اهڙو ماڻهو جنهن وٽ 10-15 هزار ووٽ به آهن ۽ ڪجهه پئسا به. ائين برادري ۽ قبائلي سسٽم جنهن جو وجود 70ع ۽ 80ع جي سياسي تحريڪن ۾ خاتمو اچي ويو هو، پر ان کي ضياءَ ۽ مشرف ٻيهر جياريو. پيپلز پارٽي به ان کي پنهنجي لٺ وانگر استعمال ڪري رهي آهي. اهڙي طرح مختلف وقتن تي ننڍن وڏن پيرن، وڏيرن جي پريشر ۾ ايندي رهي آهي، جنهن کي تجزيه نگار اهو نالو ڏيئي رهيا آهن ته انهن هٿان پارٽي بليڪ ميل ٿي رهي آهي. اهو تجزيو اُن ڪري به صحيح لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي جو بنياد عوام هو. 88ع ۾ اها عوامي قوت ئي هئي، جنهن وڏا وڏا بُت ڪيرائي وڌا هئا. پارٽيءَ جي الڳ تنظيم رکڻ جي ڪري، جهونو سائين قائم علي شاهه وڏو وزير به آهي، وٽس ڊزن کن کاتا به آهن، هو پارٽي جو صوبائي صدر به آهي. نتيجي ۾ ٻوڏ جي صورتحال هجي يا امن امان جو معاملو يا وري 18 آڪٽوبر واري جلسي جا انتظام سڀ ڪجهه هن پوڙهي مڙس کي ڏسڻا پيا پون. ملڪ اندر رڳو عمر جي حوالي سان ئي نه پر، سياسي، معاشي ۽ سماجي طور تي نوان طبقا پيدا ٿيا آهن. مختلف طبقن جو پاڻ ۾ لاڳاپو ۽ رشتو به تبديل ٿيو آهي. سياسي حالتون ائين به تبديل ٿيون آهن ته ملڪ پنج ڇهه سال جو مختصر عرصو جمهوريت هيٺ گذاريو آهي. احتجاج ۽ سياست به تبديلي ٿي آهي. اهڙين حالتن ۾ پيپلز پارٽي بلڪه هڪ حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ٻين پارٽين کي به پاڻ ۾ تبديلي آڻي پوندي. گيپ، خاميون ۽ اوڻايون دور ڪرڻيون پونديون. کين اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پارٽي اندر جاءِ پيدا ڪرڻ، پاليسيون ۽ حڪمت عمليءَ جي بهتري لاءِ مٿن ايندڙ وقت ۾ اڃا به وڌيڪ پريشر پوندو.

Labels: , , , , ,

بلاول جي معافي ۽ وڏين پارٽين جو مستقبل! پهرين آڪٽوبر 2014


بلاول جي معافي ۽ وڏين پارٽين جو مستقبل!
اربع پهرين آڪٽوبر 2014ع
پيپلز پارٽي کي دير سان احساس ٿيو ته خاص ڪري پنجاب ۾ زمين ان جي پيرن هيٺان نڪري رهي آهي. ان ڪري پارٽي جي سرپرست بلاول ڀٽو جي ذريعي ڪجهه اهم ڳالهيون ۽ فيصلا پارٽي ڪارڪنن تائين پهچايا آهن. هڪ اهو ته بلاول پارٽيءَ جي ناراض ڪارڪنن کان معافي ورتي، گڏوگڏ اهو پڻ ته پارٽي کي ٻيهر منظم ڪيو ويندو. ٻيو اهو ته بلاول ڀٽو پنهنجي ماءُ جي تڪ مان چونڊ وڙهندو. ٽيون اهو ته پارٽي ڇڏيندڙن کي صلاح ته اهي جيڪڏهن پارٽي ڇڏين ٿا (اڻ سڌي طرح اهو اشارو ڏنو آهي) ته اهي عمران خان جي پارٽي ۾ شموليت بدران نواز ليگ ۾ وڃن. چوٿون اهو ته پارٽي 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري جي انهن اعلانن کي عام ماڻهو توڙي سياسي خلق ڏاڍي دلچسپي سان ڏسي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پارٽيءَ جو ماڻهن ڏي، ساڳي ريت ماڻهن جو پارٽيءَ ڏي رويو تبديل ٿيو. گذريل سال وارين چونڊن ۾ پارٽي سُڪڙجي ڄڻ رينجل پارٽي ٿي ويئي ۽ رڳو سنڌ تائين محدود ٿي ويئي. پنجاب ۾ پارٽي کي پهتل ان نقصان جي پورائي لاءِ ڪو ٺوس ۽ اثرائتو قدم نه کنيو ويو، ڄڻ پارٽي انهن چونڊن کان اڳ توڙي پوءِ اتي سر زمين کان پري بيٺل رهي. گهڻو اڳ ضرورت هئي ته اتي پارٽي جي بحالي لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي ها. مٿان وري عمران خان جي سياسي نظام تي ڪاهه دوران پارٽي نوا ليگ جي حمايت ۾ ايتري قدر هلي وئي، جو ان پنهنجي پاڻ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. تجزيه نگارن موجب اها نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ هلندڙ ان جنگ ۾ پنهنجي جڳهه نه ٺاهي سگهي. سندن خيال آهي ته سسٽم جي حمايت ڪندي به اهڙو موقف رکي پئي سگهي. نيٺ مجبور ٿي پارٽي بلاول ڀٽو کي پنجاب ۾ ٻوڏ واري پاڻي ۾ لاٿو. عمران خان جڏهن پنهنجي تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ته پارٽي کي ڪمزوري جو وڌيڪ احساس ٿيو. ڪراچيءَ ۽ ان بعد لاهور ۾ مينار پاڪستان واري جلسي وڌيڪ صورتحال کي چٽو ڪري ڇڏيو. پنجاب اندر اهو ماڻهو، جيڪو نواز شريف جي خلاف هو، سو پيپلز پارٽي ۾ هو. هاڻي ان ماڻهو وٽ نواز شريف کي چئلينج ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي قوت، ٻي ڌر چوائس طور سامهون اچي ويندي. پيپلز پارٽي جنهن گذريل پنجن سالن دوران اهو ئي سمجهيو ته عمران خان جي پارٽي دراصل نواز ليگ جي بنيادن کي ڪمزور ڪري رهي آهي، تنهن کي پتو پيو ته اهو کاٽ دراصل سندس ئي جماعت کي لڳي رهيو آهي، جيڪڏهن پنجاب ۾ نواز ليگ سان ڪا ڌر مقابلو ڪري سگهي ٿي ته پيپلز پارٽي ڄڻ غير متعلق ٿي وڃي ٿي. حالانڪه اهڙو اشارو گذريل سال وارين چونڊن ۾ ملي چڪو هو. جڏهن سيٽن توڙي کنيل ڪل ووٽن جي انگ ۾ تحريڪ انصاف هن وڏي صوبي ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويئي هئي. ووٽن بعد هاڻي ڄڻ تحريڪ انصاف نواز ليگ جي مخالفن ۾ وڌيڪ ڪشش جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي. مٿان وري نواز ليگ سان بحران دوران ڳنڍجڻ سان پارٽي کي وڌيڪ هاڃو رسيو. سياست به هڪ قسم جي جنگ آهي. سياست ۽ جنگ جون حڪمتِ عمليون به ڄڻ هڪ جهڙيون هونديون آهن. بلاول ڀٽو نوجوان آهي، سندس جذبا جوان آهن. ڪارڪنن جي نالي بلاول جي هن خط کي ڪيئن وٺجي؟ اهو سندس عزم ۽ جذبن جو اظهار آهي يا واقعي ڪنهن حڪمتِ عملي جو حصو آهي. ڇا اهو پنهنجي ڪارڪنن (سپاهين) کي سڏ آهي ته اهي گڏ ٿين ۽ منظم ٿين ته جيئن سياسي جدوجهد ڪري سگهجي. گذريل چونڊن جي پنجاب ۾ آيل نتيجن بعد پارٽي اتي ڪم ڪرڻ بدران ڏيکاءُ اهو ڏنو ته اها سنڌ تي وڌيڪ فوڪس ڪندي ۽ ان بنياد تي ئي پنهنجي سياست وڌائيندي، پر عملي طرح سان سنڌ ۾ خراب حڪمراني، ڪرپشن، پنهنجا نوازڻ واريون پاليسيون عروج تي پهچي ويون. شهر هجن خواه ٻهراڙيون، امن امان، قانون جي رٽ، ميرٽ، بنيادي سهولتن جي فراهمي ڳولي به نظر نٿي آيون. سنڌ جا ضلعا اتي جي انتظاميه ۽ بجيٽ سميت مخصوص گهراڻن يا پارٽي جي ايم پي ايز، ايم اين ايز کي لکي پڙهي ڏنا ويا آهن. ڇا اهڙي صورتحال ۾ سنڌ هجي يا پنجاب، اتي بلاول جي معافين سان ڪم هلندو؟ ائين لڳي ته نٿو. پيپلز پارٽي کي ماڻهن جي لاءِ نه سهي، خود پنهنجي مقبوليت، حمايت ۽ وجود کي برقرار رکڻ لاءِ ڪجهه عملي قدم کڻڻا پوندا. تازي بحران، جنهن جي وقتي بحران يا سويلين ۽ غير سويلين جي وچ ۾ اختيارن جي ڇڪتاڻ طور تشريح ڪئي پئي وڃي، ان جو هڪ پهلو اهو به آهي ته، ملڪ ۾ واقعي بحران آهي ۽ ان بحران ۾ سياسي خال هڪ سبب آهي. هِي اهو خال آهي، جنهن جو فائدو مختلف حلقا وٺندا رهيا آهن ۽ جمهوري توڙي سياسي نظام تي ڪاهون ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن هن خالَ کي صحيح طريقي سان نه ڀريو ويو، ته ايندڙ وقتن ۾ به انهن ڪاهن جو سلسلو جاري رهندو. قصو اهو آهي ته، ملڪ ۾ موجود ٻن وڏين پارٽين، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ، جن طبقن جي نمائندگيءَ جي دعويٰ ڪن ٿيون، سي دراصل انهن طبقن جي نمائندگي نه ڪري رهيون آهن/ناڪام ويون آهن/دراصل ڪرڻ نٿيون چاهين. ان کان به وڏو سبب اهو آهي، جو نوي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اهي جماعتون واري واري سان اقتدار ۾ آيون هيون، تڏهن صحيح معنائن ۾ عوام کي ڪجهه ڏئي نه سگهيون هيون. سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن نوان سياسي، مُعاشي ۽ سماجي مظهر سامهون آيا، ته نعرا ۽ بيانيه (Narratives) به نوان آيا. پراڻيون پارٽيون پنهنجو رول وڃائي ويٺيون ته هڪ خال پيدا ٿيو. اهو اسپيس کاٻي ڌُر جي Narratives جو هو. پيپلز پارٽي نئين پارٽيءَ طور وجود ۾ آئي ۽ ان اهو اسپيس ڀريو. هن جماعت هڪ حد تائين ان Narrative کي ايڊريس ڪيو، اهو ئي سبب آهي ته چاليهه سالن تائين ملڪي سياست ۾ اها پارٽي اهم بڻيل رهي. ان بعد اسي واري ڏهاڪي تائين نه رڳو وقت بدليو، بلڪه سياسي توڙي معاشي حالتون به بدليون. طبقن، انهن جي مفادن ۽ رول ۾ تبديلي آئي. طبقن جي پاڻ ۾ ڳنڍجڻ ۽ Interplay سان نئين صورتحال بڻي. تڏهن نواز ليگ سامهون آئي. بظاهر نواز ليگ پراڻي مسلم ليگ هئي، پر پنهنجي ماهيت ۽ رُوح ۾ تبديل ٿيل هئي، پر اها جماعت هڪ ڏيڍ ڏهاڪي تائين ئي پنهنجي جڳهه برقرار رکي سگهي. هاڻي ائين ٿو لڳي ته، ملڪ جون موجوده سياسي جماعتون پنهنجي ڪردار سبب عوام کان لاتعلق ٿي ويون آهن. نتيجي ۾ عوام به اُنهن کان لاتعلق ٿي ويو آهي. ائين ملڪ ۾ هڪ سياسي خال پيدا ٿي ويو آهي. هڪ نئين صورتحال اُڀري آهي. پيپلز پارٽي پنجاب ۾ واش آئوٽ ٿي ويئي آهي، اها اتي هڪ روايتي جماعت طور جيئري آهي. گُذريل چُونڊن ۾ نواز شريف کي اتي ٽف ٽائيم مليو. سنڌ ۾ اها جماعت پاڻ کي هڪ ڌُر طور پيش ڪري نه سگهي آهي. تازن احتجاجن دوران ماڻهن وٽان ٻن قسمن جا مطالبا سامهون اچي رهيا آهن، جيڪي نئين صورتحال کي سمجهڻ ۾ ڪافي مدد ڏين ٿا. لاهور ۾ احتجاج ڪندڙن لاءِ وڏو مسئلو لوڊشيڊنگ ۽ بيروزگاري آهي. ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز، ڀته خوري ۽ بدامني وڏو مسئلو آهي. سنڌ جي اندرين علائقن ۾ ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي گذريل دورِ حڪومت ۾ وفاق خواه سنڌ ۾، نواز ليگ ٻئي ڀيرا پنجاب ۾ ۽ هاڻي وفاق ۾ اهڙيون پاليسيون جوڙڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن سان ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ جو خاتمو ٿي سگهي. اها ڳالهه عام هلندڙ هئي ته، انهن جماعتن کي هڪ هڪ ٽرم پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، جنهن ۾ اهي پاڻ ايڪسپوز ٿي وينديون. سو گهٽ ۾ گهٽ پيپلز پارٽي ته مڪمل طور ايڪسپوز ٿي وئي، جنهن جا اثر به بِنهه چِٽا نظر آيا. ”روٽي ڪپڙا اور مڪان“ جو نعرو هڻي پيپلز پارٽي آئي هئي ۽ پوءِ اهي نعرا به لڳندا رهيا آهن ته، ”بينظير آئي گي روزگار لائي گي“ يا ”بيبي ڪا بيٽا آئيگا...وغيره- ماڻهو اڃا تائين آسري ۾ آهن ته اهو روزگار ڪٿي آهي؟ گذريل 30 سالن کان اڄ تائين ڄڻ ڪجهه به نه بدليو آهي. عام ماڻهوءَ لاءِ صورتحال اُتي جو اُتي آهي. ماڳهين اڳي کان بدتر ٿي آهي. روزگار هُجي، ملڪي معيشت، عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ مواصلات، توڙي شهري سهولتون هجن يا مهانگائي وغيره، ماڻهن وڃايو ئي آهي. کين مليو ڪجهه به ناهي، اهي جماعتون گذريل ويهارو کن سالن ۾ عوام کي ڪجهه به ڏئي نه سگهيون آهن. اهو صحيح آهي ته عمران خان تي اهو الزام آهي ته، هو آمريت جي حمايت ڪري رهيو آهي، ليڪن عوام جي انهن ٻنهي پارٽين کان بيزاري صاف ظاهر آهي، جنهن سان سياسي خلا ۽ نئين صورتحال پيدا ٿي آهي. ڏٺو وڃي ته عمران خان کي اُميد بنائڻ ۾ انهن ٻنهي پارٽين جو هٿ آهي، جو اهي پنهنجو رول ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويون. جيڪڏهن اهي ٻئي جماعتون سٺي حڪمراني ۽ عوام کي ڪجهه ڏين ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. اهو ئي سبب آهي جو هيوي مينڊيٽ واري حڪومت ائين ئي جُهڪي ڄڻ ان جي پويان عوام موجود ناهي، جڏهن ته عوام جو کاتو خالي آهي. ان ڪري ڪنهن نئين ڌُر جي جڳهه جُڙي ٿي. اها جڳهه جُڙڻ دراصل انهن ٻنهي پارٽين جي ناڪامي آهي. عمران خان کي ملندڙ حمايت، ان جي سياست، نعرن يا پروگرام جي ڪري نه ملي رهي آهي، بلڪه اصل ڳالهه اها آهي ته، مختلف حڪومتن ۽ مکيه پارٽين کان عوام جي بيزاريءَ سبب ائين آهي. ان غير اطمينان بخش ڪارڪردگيءَ سبب ماڻهو تبديلي گُهرن ٿا. جيتوڻيڪ عمران خان ڪو آئيڊيل طور نه آيو آهي. ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪرپشن جو اهڙو جهان نه هو. سياستدان هجن يا بيورو ڪريسي، ڪرپشن عيب هو. اڄ سياستدان به ڪرپٽ آهن، بيورو ڪريسي به...وڏي ڳالهه ته انهن ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي جي خبر آهي، ته وري عوام به ڪو ان کان بيخبر ڪونهي. ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏو حصو ايم ڪيو ايم مخالف يا غير ايم ڪيو ايم ووٽر آهي. اهو پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڪندو رهيو آهي، ليڪن ٿيندو ائين رهيو آهي جو پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪندي رهي ۽ ڪراچيءَ جو اهو ووٽر اهو سمجهڻ لڳو ته ساڻس دوکو ٿي رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اڳي هڪ اڌ سيٽ ملندي هئي. هاڻي اهو نان ايم ڪيو ايم ووٽر عمران خان ڏانهن وڌي رهيو آهي، جيتوڻيڪ اهو ووٽر عمران خان جي ايم ڪيو ايم سان قُربت سبب پريشان ضرور آهي. عمران خان جي ڪراچي آمد کي سڀ کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم پنهنجي لاءِ خطرو سمجهيو ۽ پنهنجو ووٽ بچائڻ/برقرار رکڻ لاءِ انتهاپسنديءَ وارا نعرا ڏنا. پيپلز پارٽي شڪر ڪري، جو اڃا ٻهراڙين ۾ تحريڪِ انصاف نه وڌي آهي. پيپلز پارٽي پاڻ تان دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو هڻي رهي آهي. عمران خان جيڪڏهن سڀاڻي اقتدار ۾ اچي ٿو ته ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن هُو به انهن ٻنهي پارٽين وانگر ناڪام وڃي ٿو، ته ڇا مذهبي جماعتون اينديون؟ ماڻهو جمهوري پارٽين کي آزمائي چڪا آهن، اهڙي فِضا ٺهي چڪي آهي، جنهن ۾ مذهبي رجحان وڌيو آهي. ڇا مستقبل جو منظرنامو واقعي اهڙو ٺهي پيو؟

Labels: , ,

ڌرڻي وارا ڪهڙي معجزي جي انتظار ۾ آهن؟ 20 سيپٽمبر 2014ع

ڌرڻي وارا ڪهڙي معجزي جي انتظار ۾ آهن؟
ڇنڇر 20 سيپٽمبر 2014ع
 سهيل سانگي
ملڪ جي سياسي صورتحال تي ويچار ڪرڻ لاءِ گهرايل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس پنهنجي آخري ڏينهن تي ٺهراءُ جي شڪل ۾ ڌرڻن جي مذمت ڪئي آهي. هي پهريون ڀيرو آهي، جو ائين کليل لفظن ۾ پارليامينٽ انهن احتجاجن جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان سبب ملڪ کي پهچندڙ اقتصادي نقصان توڙي عالمي ساک کي رسندڙ ڌڪ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ٺهراءُ ۾ آئين، جمهوريت جي برقرار رکڻ جو به وچن ڪيو ويو آهي. بظاهر اهو ٺهراءُ روايتي لڳي ٿو، پر بدليل حالتن ۾ اهو ظاهر ڪري ٿو ته پنجن هفتن کان جاري احتجاج کانپوءِ پارلياماني ڌريون گڏ ۽ ساڳئي موقف تي بيٺيون آهن. هن ٺهراءُ کي وزير اعظم نواز شريف جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير سان گڏ پڙهڻ سان اُن جو وزن وڌي وڃي ٿو. احتجاج ڪندڙ ڌرين سان ڳالهيون هلائڻ لاءِ جوڙيل سياسي جرڳي اها صلاح ڏني هئي ته وزير اعظم پارليامينٽ ۾ اهڙو اعلان ڪري ته چونڊن ۾ ڌانڌليون ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ استعيفى ڏيئي ڇڏيندو. جرڳي موجب ٽي ڌريون آهن. هڪ حڪومت ۽ ٻه احتجاج ڪندڙ جماعتون، جڏهن ته جرڳي پاڻ کي ڄڻ الڳ ڌر طور شمار ڪيو آهي. گڏيل پارليامينٽ ۾ ٿيل تقريرن ۽ پاس ڪيل ٺهراءُ ۾ رڳو ٻن ڌرين کي مڃيو ويو آهي، يعني پارليامينٽ ۽ سياسي ڌريون هڪ پاسي ته وري احتجاج ڪندڙ ٻئي ڌريون ٻئي پاسي آهن. گڏيل اجلاس حڪومت کي اڪيلو يا الڳ نه رکيو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو عوامي نيشنل پارٽي توڙي پيپلز پارٽي جي ميمبرن وزير اعظم کي پارليامينٽ جو نمائندو يا ملڪ جي 18 ڪروڙ عوام جو وزير اعظم سڏيو آهي. هونئن سياسي جرڳي پنهنجي حساب سان قرار ڏنل ٽنهي ڌرين کي خط به لکيو آهي، جنهن ۾ 11 نقطا شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ گذريل سال وارين چونڊن جي مبينه ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ واري ڳالهه به شامل آهي. عام خيال اهو هو ته وزير اعظم پنهنجي تقرير ۾ سياسي جرڳي جي صلاحن کي آڏو رکي، ڪجهه ڳالهيون ڪندو ۽ جيڪڏهن سڌي طرح سان استعيفى جو ذڪر نه به ڪندو، تڏهن به اهو ضرور چوندو ته ڌانڌليون ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ قومي اسيمبلي ختم ٿي ويندي وغيره، پر ان خيال جي ابتڙ وزير اعظم نه رڳو اهو ته اهڙو ڪو ذڪر نه ڪيو، بلڪه جڊيشل ڪميشن جي به ڪا ڳالهه نه ڪئي. ماڳهين انگ اکر ڏيندي چيو ته، ”ڌانڌلين وارا الزام غلط آهن.“ تحريڪ انصاف رڳو 30 سيٽن بابت اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواستون ڏنيون هيون، جن مان صرف 12 تي نواز ليگ ڪامياب ٿي آهي. سندس تقرير ۾ توڙي باڊي لئنگويج ۾ ڪو اهڙو اشارو نه ملي رهيو ته سندس موقف ۾ لچڪ آهي. سندس هي جملا معنى رکن ٿا ته، ”جمهوريت جو سفر جاري رکنداسين، ڪنهن گروهه جي چند هزار ماڻهن جي چوڻ تي پارليامينٽ يا حڪومت کي نه ٽوڙينداسين.“ اها پراڻي ڳالهه آهي ته ڪو ننڍو وڏو لشڪر چڙهائي ڪري، زبردستي ڪنهن کي حڪومت ڏي يا مرضيءَ جي حڪومت مُسلط ڪري. هن اهو به اعلان ڪيو ته جمهوريت لاءِ آخري حدن تائين وينداسين. وزير اعظم جو اهڙو سختيءَ وارو موقف پهريون ڀيرو سامهون آيو آهي. اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته ٺهراءُ ۾ سياسي جماعتن سول سوسائٽي، وڪيلن، واپارين وغيره جو ٿورو مڃيو ويو، جن جمهوريت جي عمل کي جاري رکڻ ۾ مدد ڪئي يا اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو. نه ٺهراءُ ۾، نه ئي وزير اعظم جي تقرير ۾ ڪن اهم ادارن جو ٿورو مڃڻ جو ذڪر موجود نه هو، جيڪي مختلف وقتن تي جمهوريت جو ساٿ ڏيڻ جو چوندا رهيا آهن. ائين وزير اعظم ڄڻ سويلين جي بالادستي واري موقف تي قائم رهيو. سندن ئي چواڻي ته ان لاءِ هو اپوزيشن پارٽين جو ٿورائتو آهي، واقعي اها ڳالهه صحيح به آهي، ڇاڪاڻ جو اپوزيشن پارٽين پنهنجي پاڻ کي ۽ حڪومت کي پارليامينٽ جو حصو قرار ڏنو ۽ پارليامينٽ جي بچاءُ جي ڳالهه ڪندي حڪومت کي به بچايو. سياسي ڌريون توڙي سڄي ملڪ جا ماڻهو ان سوال جو جواب ڳولي رهيا آهن ته آخر ڌرڻو ختم ڇو نه ٿو ٿئي؟! اهو ڌرڻو ڪيئن ۽ ڪڏهن ختم ٿيندو؟ حڪومت ان طرف پنهنجو ڪهڙو موقف اختيار ڪندي. جمعي ڏينهن واري پارليامينٽ جي اجلاس کان اڳ وزير اعظم سمورين پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي نواز ليگ ۾ سخت موقف رکندڙ ڪجهه ميمبرن طرفان اها رٿ آئي ته طاقت جو استعمال ڪري، ڌرڻي وارن کي اُٿاريو وڃي، پر اپوزيشن جي جماعتن اهڙي ڪنهن قدم جي مخالفت ڪئي ۽ صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ جي صلاح ڏني. بعد ۾ خورشيد شاهه پنهنجي تقرير ۾ به اهو چيو ته اهڙي موقف رکڻ بابت سندس ئي صلاح هئي. ٺهراءَ جيتوڻيڪ ڌرڻي جي مذمت ڪئي، اُن جي مطالبن کي غير آئيني سڏيو، پر ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت ڪنهن عملي قدم جو ذڪر نه ڪيو ويو. البته وزير اعظم پنهنجي تقرير ۾ چيو ته،”شاهراهه دستور خالي ڪرائڻ نه ڪالهه مسئلو هو نه اڄ آهي، پر حڪومت صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ چاهي ٿي.“ مطلب ته حڪومت زبردستي اُٿارڻ وارو قدم نه ٿي کڻڻ چاهي. عام خيال اهو هو ته ڌرڻي وارا همراهه به ٿَڪجي پيا آهن. اسان جي اسلام آباد جي هڪ دوست چواڻي ته، هنن همراهن ”سنگت“ کي نياپو به ڪيو هو ته کين زوري ئي سَهي، ڀلي اُٿاريو وڃي، پر اهي به اسلام آباد ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن ته کين خالي هٿ نه وڃڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. بهرحال اپوزيشن جي صلاح تي ئي سهي، پر حڪومت ڪو به زبردستي يا تشدد وارو رستو اختيار ڪرڻ نه پئي چاهي ۽ ڌرڻي وارن کي ٿَڪائڻ جي حڪمت عمليءَ تي برقرار آهي. ڌرڻي وارا ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ اڃا ويٺا آهن. ساڳئي وقت اها به حڪمت عملي جوڙي ويئي آهي ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به نواز حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي. ايندڙ ڏينهن ٻن ۾ ڪراچي ۾ عمران خان جو جلسو رکيو ويو آهي. لاهور نواز ليگ جو ڳڙهه هو، شروعات اُتان ڪئي وئي. اسلام آباد وفاقي گادي وارو شهر هو، اُتي وڌ ۾ وڌ دٻاءُ وڌو ويو، پر حڪومت جي ٿوڻي ڪجهه مضبوط نڪتي. هاڻي هڪ وڌيڪ هاٽ اسپاٽ ڪراچي کي اِن مقصد لاءِ چونڊيو ويو آهي. ڪراچي لاءِ سگهارن ادارن جو به خيال آهي ته ٽيڪس اتان اچي ٿو، ان کي متحرڪ ڪري جلدي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. معاملي کي ڪراچي ڏانهن شفٽ ڪرڻ جي کُڙڪ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين کي ٽي چار ڏينهن اڳ پئجي ويئي، اهو ئي سبب آهي، جو هو پاڻ کي ڳرو بڻائي رهيو آهي ۽ فرمائشون وڏيون ڪري رهيو آهي. عمران خان وڌيڪ صوبن جي ڳالهه ته ڪري ويٺو، پر پوءِ کيس احساس ٿيو ته ڳالهه ڳري ٿي ويندي، ان ڪري سنڌ کي ان دائري کان ٻاهر رکي ڳالهه ڪرڻ لڳو، پر ايم ڪيو ايم پنهنجي الڳ حيثيت رکڻ ۽ الڳ ڊيل ڪرڻ جي خواهشمند لڳي ٿي، اُن ڪري عمران خان جي ڪراچيءَ واري جلسي جي آجيان ڪرڻ بدران ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ عمران کان سنڌ جي ورهاڱي بابت وضاحتون ۽ خاطريون گهريون. پهريون رائونڊ ته پارلياماني ۽ سياسي ڌرين جي حق ۾ رهيو آهي. بظاهر لڳي ٿو ته سندن سرسي ٿي آهي. اختيار گهٽجي چڪو آهي سياسي ڌريون رڳو پارليامينٽ ۽ حڪومت کي ئي بچائي سگهيون آهن. ڇا هاڻي ٻيو رائونڊ ٿيڻ ڏي وڃي پيو؟ ائين ٿيو ته ان لاءِ ٻيا هاٽ اسپاٽ ڳوليا ويندا ۽ ان جون شڪليون ۽ اظهار مختلف هوندا.

Labels: , , ,