Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, April 03, 2015

اقتداري تبديليءَ جو خطرو اڃا ٽريو ناهي! 31 آڪٽوبر 2014ع

اقتداري تبديليءَ جو خطرو اڃا ٽريو ناهي!
سهيل سانگي
جمع 31 آڪٽوبر 2014ع

پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ليڊر اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته، سندس پارٽيءَ جي اڳوڻي اتحادي جماعت متحده قومي موومينٽ ماڻهن جا جذبات ڀڙڪائي رهي آهي. پيپلز پارٽي انهيءَ تڪرار ۾ اسلام آباد ۾ ان وقت آئي، جڏهن پارٽيءَ جو رهنما سيد خورشيد شاهه جيڪو قومي اسيمبليءَ ۾ ليڊر آف اپوزيشن به آهي، تنهن لفظ ”مهاجر“ تي اعتراض واريو. 
متحده بلاول جي بيانن تي اڳ ئي چِڙيل هئي، سا سنئون سڌو پارٽيءَ جي مخالفت تي لهي آئي آهي ۽ کيس احتجاج ڪرڻ جو هڪ ٻيو موقعو مليو. هاڻي پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم وٽان ڏکيائون درپيش آهن. هڪ اهو ته ايم ڪيو ايم اپوزيشن ۾ هلي وئي آهي. سنڌ ۾ 2008ع کان پوءِ حڪمران جماعت کي پهريون ڀيرو ايوان اندر توڙي ٻاهر اپوزيشن جو مقابلو ڪرڻو پيو پوي، ورنه فرينڊلي اپوزيشن هئي، جنهن سان ”سنگت پروگرام“ پيو هلندو هو. 
ڌرڻن کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم لاءِ وجهه نڪتو ته اها سنڌ ۾ پريشر وجهي، پنهنجا مطالبا مڃائي. اهو ڪم اڳي هو سنڌ ۾ ڏاڍي آرام سان ڪري وٺندي هئي، پر هاڻي اسلام آباد وٽان ۽ اُتي موجود سياسي ڌرين وٽان به پنهنجا مطالبا مڃائي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي سياسي ايجنڊا به اڳتي وڌائي. ڪراچي جي محرومين کان شروع ٿيل ڳالهه نون انتظامي يونٽن، ٻئي صوبي ٺاهڻ، وسيلن جي برابريءَ جي بنياد تي ورهاست ۽ آدم شماري ڪرائڻ تائين هلي وئي آهي. اهو دٻاءُ ان ڪري به وڌو پيو وڃي، جو مڪاني چونڊون ٿيڻ واريون آهن، جنهن ۾ متحده کي نه رڳو پنهنجا ووٽ قابو ڪرڻا آهن، بلڪه تڪ بنديون به پنهنجي پسند جون ٺهرائڻيون آهن. بظاهر ائين ٿو لڳي ته عمران خان وزير اعظم نواز شريف کان استعيفى وٺڻ لاءِ آيو هو، پر پڇاڙيءَ ۾ ماڳهين پاڻ قومي اسيمبليءَ تان استعيفى ڏئي هليو ويو، بنهه ائين به ڪونهي ته ڌرڻن هڻڻ وارا ۽ هڻائڻ وارا هاڻي سڀني ڳالهين تان هٿ کڻي ماٺ ڪري ويٺا آهن. 

ڪجهه اشارا جماعت اسلامي جي سربراهه مولانا سراج الحق جي تازي بيان مان به ملن ٿا. سندس چوڻ آهي ته، ”خطرو اڃا ٽريو نه آهي.“ علامه قادري ”انقلاب“ کي ويڙهي سيڙهي پرڏيهه پڌاريو آهي. پويان سياسي اثر Consolidate ڪرڻ وارو ذمو عمران خان تي آهي، ڇاڪاڻ جو کيس ضرورت به آهي. مولانا ته مڙئي ونگار وهڻ آيو هو، سو نومبر ۾ وري تحريڪ هلائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. 

واقعن مان پتو پوي ٿو ته عمران خان لاءِ خيبر پختونخوا اهم ناهي، ڇاڪاڻ جو تبديليءَ جو رستو پشاور نه، پر لاهور ۽ ڪراچيءَ وٽان آهي. ڪوئيٽا ته هونئن ئي ليکي ۾ ناهي، تنهن ڪري بجاءِ ان جي جو سندس پارٽي حڪومت واري صوبي ۾ ڪجهه ڊليور ڪري، هو سنڌ ۽ پنجاب ۾ سمورو زور لڳائڻ گهري ٿو. سنڌ ۾ به سندس ٽارگيٽ ٻهراڙيون نه، پر ڪراچي آهي، جتي سندس اک نان ايم ڪيو ايم ووٽرن تي آهي. سندس حساب موجب ان تي ايم ڪيو ايم کي به ڪو اعتراض نه ٿيندو. ايم ڪيو ايم ان تي ائين تيار ٿي سگهي ٿي ته ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي عمران خان دعويداري نه ڪندو. 
ٻيو اهو ته آزاد چونڊن ٿيڻ جي صورت ۾ خود ايم ڪيو ايم کي به ته کاٽ لڳي سگهي ٿو، جو گذريل ڀيري ان جي ”دل وارن“ علائقن مان به عمران ڳچ ووٽ کنيا. ڪراچيءَ کي ڇڏي، باقي سنڌ ۾ هو ساڳي پاليسي رکڻ چاهي ٿو، جيڪا نواز ليگ جي هئي يعني جلسا جلوس ڪبا، ماحول ٺاهبو، ٻه چار وڏا نالا ڀرتي ڪبا، باقي هيٺين سطح تي نه تنظيم ڪاري ڪبي ۽ نه وري ڪو گهڻا اميدوار بيهاربا. 
ائين جيڪو ووٽر ۽ علائقو جنهن جو آهي، اُتي اهو خوش رهي واري پاليسي هلائيندو. باقي جيڪي اڻ نبريل Grey)) علائقا آهن، اتي زور وجهبو. ڌرڻا هڻڻ وارا توڙي هڻائڻ وارا پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي هڪ ئي صف ۾ ڳڻين ٿا. 

آگسٽ کان پچندڙ بحران ۾ به ٻئي ڌريون گڏ هيون، جڏهن ٻنهي کي ڌار ڪرڻ لاءِ ورتل ڪجهه ڪوششون ناڪام ويون ته اهو ضروري سمجهيو ويو ته رڳو نواز ليگ کي نه، پر خود پيپلز پارٽيءَ سان به جُٺ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نواز ليگ پنجاب ۾ جيڪا جڳهه ڇڏي رهي هئي، سا عمران خان والاري رهيو هو. پيپلز پارٽي ان اسپيس والارڻ جي دعويدار ٿي زوردار طريقي سان پنجاب ۾ لهڻ جو رٿيو. ان جو مقصد اهو به هو ته عمران خان جي مقبوليت ۽ پ پ-نواز ليگ جي قربت سبب جيڪي پيپلز پارٽيءَ وارا پاسو مٽائڻ تي سوچي رهيا هئا، تن کي پڻ ائين ڪرڻ کان روڪيو وڃي. پيپلز پارٽي جي انهي گرانڊ پلان کي روڪڻ جو طريقو اهو هو ته ان کي سنڌ ۾ ئي ڦاسائي رکجي، جو اها پنهنجن سورن ۾ قابو هجي ۽ پنجاب جو رُخ ئي نه ڪري. اهو ڪم ايم ڪيو ايم کان علاوه ٻيو ڪير به بهتر طور تي نه ٿي ڪري سگهيو، تنهن ڪري ايم ڪيو ايم ڀرپور طريقي سان پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت تي لهي آئي آهي. 

ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ جي جهيڙي جو فائدو عمران خان کي ملي رهيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ عملي طور گڊ گورننس يا ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران نعرا وڪڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان تي ئي گذارو ڪرڻ پئي گُهري. گذريل چونڊن ۾ اُن کي سوڙهو ڪري اڳ ئي صوبائي سائيز ۾ بيهاريو ويو هو، هاڻي وري پنجاب ڏي وڃڻ کان روڪڻ بعد ان جي صوبائي هجڻ واري ٺَپي ۾ پُختگي اچي رهي آهي. ملتان واري ننڍي چونڊ اهو ٻڌايو ته، نتيجا اهي ساڳيا 2013ع وارا اچي رهيا آهن. ها اهو ضرور آهي ته ان سان نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت وائکي ٿي رهي آهي، ان کي وڌيڪ ايڪسپوز ڪرڻ جي في الحال ضرورت نه پئي پوي. ان بدران مقبوليت يا سياسي اثر کي Consolidate ڪرڻ وڌيڪ اهم آهي، ان ڪري اهڙين چونڊن ذريعي ”وارا وٺڻ“ وارين پارٽين کي وڌيڪ ايڪسپوز ڪرڻ بدران ڪنهن ٻئي هنڌ تي ڌڪ هنيو وڃي. ائين قومي اسيمبليءَ تان پي ٽي آءِ جي استعيفائن وارو معاملو نه تحريڪ انصاف کي ۽ نه وري نواز ليگ کي وارو کائي ٿو. هونئن به پي ٽي آءِ جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ تان استعيفى ڏي ٿي ته کيس ترت خيبر پختونخوا حڪومت ۽ اسيمبلي ٻئي ڇڏڻيون پونديون، پر هو سمجهي ٿي ته اُن جو اڃا وقت نه آيو آهي، سو عمران خان ۽ سندس لڏو هاڻي پارليامينٽ ۾ موجود پنهنجي سنگت جي قوت کي استعمال ڪرڻ گُهري ٿو ۽ ايندڙ وقت لاءِ نئين سياسي صف بندي ۾ وڃڻ گهري ٿو. خورشيد شاهه جي بيان کي بنياد بڻائي ڪيل شور مان لڳي ٿو ته سندس ليڊر آف اپوزيشن واري ڪرسي خطري ۾ آهي. 

ممڪن آهي ته عاشوري کان پوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ اهڙي چُرپر ۽ صف بندي نظر اچي. ائين پيپلز پارٽي ليڊر آف اپوزيشن جي سيٽ کان محروم ٿي ويندي. هن وقت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي جماعت وٽ لڳ ڀڳ 144 سيٽون آهن. پيپلز پارٽي اپوزيشن جو وڏو گروپ ضرور آهي، پر وٽس سيٽون رڳو 46 آهن، ائين ان جي اُتي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي آهي. مخالف ڌر جي نئين قائد آڻڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ جو مخالف ڌڙو سرسي رکي ٿو. ڪنهن اهڙي تحرڪ جي صورت ۾ صورتحال هن ريت بيهندي. پيپلز پارٽي 46 سيٽون، جي يو آءِ 13، اي اين پي 2، بي اين پي هڪ ۽ سڀ ملائي 68 سيٽون بيهن ٿيون. ان جي مقابلي ۾ ٻئي وڏي گروپ طور پي ٽي آءِ جنهن شروع ۾ ليڊر آف اپوزيشن جي اميدواري جو اعلان به ڪيو هو. هن ڌڙي جي سيٽن جي صورتحال هن ريت آهي. تحريڪ انصاف 33، ايم ڪيو ايم 24، فنڪشنل ليگ 5، جماعت اسلامي 4، پي ايم ايل 2 جڏهن ته مسلم ليگ ضياءَ، عوامي مسلم ليگ، آفتاب شير پائو ۽ هڪ ٻن وٽ هڪ هڪ سيٽ آهي. ائين هن گروپ جي ميمبرن جو تعداد 76 کان 78 تائين بيهي ٿو. 

هن حڪمت عمليءَ مطابق پيپلز پارٽيءَ جي وفاق ۾ عجيب ۽ غريب حالت ٿي ويندي. مطلب نه حڪومت ۾ هوندي، نه وري اپوزيشن ۾ ڪو اثر رکندي، تنهن ڪري نواز حڪومت کي وفاق ۾ هن نئين اپوزيشن وٽان ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سخت مزاحمت ۽ مخالفت کي مُنهن ڏيڻو پوندو. اهي سڀئي ڌريون گڏجي ڪوشش ڪنديون ته چونڊون 2015ع ۾ ٿي وڃن. مستقبل جي نقشي مطابق چونڊن کان پوءِ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جو اتحاد ٿي ويندو. آزادانه چونڊن جي نتيجي ۾ خيبر پختونخوا پي ٽي آءِ جي هٿن مان نڪري ويندو. ممڪن آهي ته جماعت اسلامي وڏي پارٽي طور اُتي سامهون اچي. 
جماعت اسلامي تازو خيبر پختونخوا جي اسڪولن جو نصاب تبديل ڪري، ضياءَ دور جهڙو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. آخري تجزيي ۾ پي ٽي آءِ پنجاب جي پارٽي طور اُڀرندي. سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي هٿ هيٺ ئي رکيو ويندو. مجموعي طور چونڊن وسيلي ساڄي ڌر وارو گروپ اسٽيبلشمينٽ جو حامي گروپ اقتدار ۾ اچي ويندو

Labels: , , ,

بلاول پنهنجي پارٽيءَ ۾ تبديلي آڻي سگهندو؟ 20 آڪٽوبر 2014ع


بلاول پنهنجي پارٽيءَ ۾ تبديلي آڻي سگهندو؟
سومر 20 آڪٽوبر 2014ع

سهيل سانگي

بلاول ڀٽو زرداري سياسي ورثو نڀائڻ لاءِ پنهنجي سياسي سفر جو آغاز هڪ وڏي جلسي ۾ ڪري ڇڏيو آهي. 18 آڪٽوبر واري هن جلسي ۽ بلاول جي ڊگهي تقرير جنهن ۾ هن هر موضوع تي ڳالهايو. يقيناً عام ماڻهو کي متاثر ڪيو. ڏيڍ ڪلاڪ جي رواني سان پنهنجي ماءُ کان به بهتر لهجي واري اردو ۾ ڪيل هن تقرير ۾ ڊزن کن معاملن تي ڳالهايو. ڪيترن معاملن تي سندس موقف ڄڻ ماڻهن جي دلين وٽان هو. پر لڳي ٿو ته ان ۾ آئيڊيل ازم وڌيڪ هئي، جيڪا پارٽيءَ جي عمليت پسند سوچ ۽ عمل سان ٽڪراءَ ۾ اچي ويندي. گذريل ٻن مهينن کان ملڪ ۾ جيڪي موضوع بحث هيٺ هئا، بلاول ڀٽي ان کان مختلف ڳالهايو، جيڪا پڻ هڪ وڻندڙ ڳالهه لڳي. مختلف پارٽين يا اڳواڻن تي تنقيد پنهنجي جڳهه تي، پر سندس لب و لهجو سياسي هو. ڪنهن خلاف به ڪو گٿو لفظ نه ڳالهايو. ان سان عام ماڻهو اها اميد ڳنڍي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ڄڻ ڪو سنجيده ليڊر ملي ويو آهي. کيس پارٽي جي قربانين جو ذڪر ته ڪرڻو ئي هو. نئين ڳالهه اها آهي ته هن پارٽي جي ٽن نوجوانن اياز سمون، ناصر بلوچ ۽ ادريس طوطي جو ذڪر ڪيو، جن کي الذوالفقار جا ڪارڪن ڄاڻائي فوجي عدالت جي فيصلي هيٺ ڦاهي چاڙهيو ويو هو. پارٽي جي قيادت ڪارڪنن جي انهيءَ گروپ جو ڪو ورلي ذڪر ڪندي هئي. ساڳي ريت دهشتگردن خلاف، آسيه بي بي جي سزا، سلمان تاثير ۽ شهباز ڀٽي جي قتل جي حوالي سان به ڪو شڪ ناهي ته هن بولڊ موقف رکيو. پيپلز پارٽي جي نوجوان ليڊر 73ع جي آئين کي ئي ڀٽو ازم قرار ڏنو. اها ڀٽو ازم جي نئين تشريح آهي. هو انهي آئين جي ڇٽيءَ هيٺان سمورين سياسي قوتن کي گڏ ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙو سڏ ته رڳو مارشل لا جي ڏينهن ۾ ۽ ان جي خطري جي پيش نظر ڏنو ويندو آهي. ڇا 73ع جو آئين پنهنجي اصلي شڪل ۾ اڄ چاليهه سالن کان پوءِ به ملڪ جي سمورن مسئلن لاءِ اڪسير آهي؟ هي ساڳيو آئين آهي، جنهن جي تخليقڪارن خود چيو هو ته ڏهن سالن کانپوءِ ان ۾ ترميمن جي ضرورت پوندي. ان بعد ان ۾ ڊزن کان مٿي مختلف آمرن ترميمون ڪري ان جي روشن خيالي واري پهلو جو ساهه ڪڍي ڇڏيو هو. هي آئين خاص حالتن ۾ ٺاهيو ويو هو، تڏهن سرد جنگ عروج تي هئي. اڄ جي تبديل ٿيل دنيا، حالتن ۽ ٻين حقيقتن ۾ اهو آئين ڪيتري قدر موزون آهي؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. ماڻهن جون گهرجون توڙي مسئلا ۽ سوچون بدلجي ويون آهن. سجاڳي جي لهر عام ماڻهو کي به متاثر ڪيو آهي. ايتري قدر جو خود بلاول جي پارٽي 2-3 سال اڳ هن آئين ۾ ڪيئي ترميمون ڪري چڪي آهي. جڏهن ته اهڙي قسم جي وڌيڪ ترميمن جي اڃا ضرورت آهي ته جيئن اهو آئين ماڻهن جي گهرجن ۽ خواهشن پٽاندڙ ٿي سگهي ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪري سگهي. اها ڳالهه پڻ سواليه آهي ته ملڪ ۾ رڳو ٻه سياسي قوتون آهن. هڪ ڀٽو ازم ۽ ٻي آمريت وارو لڏو يا ڀٽو ازم جا مخالف. گذريل سالن ۾ دنيا ۾ سياسي، معاشي، فڪري ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بي پناهه تبديليون آيون آهن، جن جا اثر لازمي طور تي پاڪستان تي به پيا آهن. پاڪستان مهاڙي رياست جي رول کان وٺي اڄ خود دهشتگردن سان جنگ جو ميدان بڻيل آهي. هتي نوان طبقا پيدا ٿيا آهن. انهن جو رول بدليو آهي، انهن طبقن جا پاڻ ۾ تعلقات بلديا آهن. پنجاب جي شهري آبادي ريديڪلائيز ۽ ڊيموڪريٽائيز ٿي آهي. پوءِ اها کڻي پيپلز پارٽي جي دائري ۾ نه هجي. هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿيو آهي جيڪو ساڄي ڌر سان واسطو رکڻ جي باوجود جمهوريت ۽ ڀارت سان دوستي ڪرڻ لاءِ بيهي رهي ٿو. نواز شريف جمهوريت ۽ پارليامينٽ لاءِ بيهي رهي ٿو. هڪ وڏو حصو اهڙو به پيدا ٿي چڪو آهي جيڪو پيپلز پارٽي توڙي نواز شريف کي صحيح نٿو سمجهي، پر ان جي باوجود پنهنجي فڪر ۽ سوچ ۾ جمهوري، روشن خيال ۽ ترقي پسند آهي. ان کي ٻئي يا جمهوريت مخالف خاني ۾ ڪيئن فٽ ڪري سگهبو؟ باغ جناح ۾ ڪيل تقرير ۾ ڪجهه تضادات به موجود آهن. بلاول پهريون ڀيرو ننڍن صوبن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ گم ٿيل بلوچ اڳواڻن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ماما قدير جي اڳواڻي ۾ ڪيل لانگ مارچ جو به حوالو ڏنو آهي، پر هن اهو ذڪر نه ڪيو ته خود پيپلز پارٽي جي ٻن حڪومتن دوران بلوچستان ۾ ڪارروائي جاري رهي، ان ۾ هڪ دورِ حڪومت ٻه سال اڳ جو آهي. محرومين ۽ ناانصافين جو ذڪر ڪندي هو سيلڪيٽو Select رهيو. هن شڪايت ڪئي ته سرائيڪي بيلٽ ۾ ماڻهو بک پيا مرن، پر هن ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، جتي گذريل ٻن سالن کان ڏڪار آهي. ٿر ۾ ڏڪار سبب پيدا ٿيل غذائيت جي کوٽ ڪري ڏيڍ سئو کان مٿي ٻار موت جو شڪار ٿي چڪا آهن. اهو ڏڪار اڃا جاري آهي. پر سندس پارٽيءَ جي حڪومت امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. ساڳئي حالت سنڌي ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۽ اجاگر ڪرڻ جي نعري سان عوام آڏو اچڻ جي شروعات ڪندڙ بلاول جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ سنڌ ۾ مزاحمت جي ڪردار هوشو شيدي جي مزار تي حاضري ڀري، جنهن ”مرسون، مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو ڏنو، پر هن جي تقرير ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن جو ڪو ذڪر نه هو. جيالن کي ڪراچيءَ ۾ شهيدن جي ڇڪ ۽ بلاول جي سڪ يقيناً متاثر ڪيو، پر اهي واپس جڏهن پنهنجي شهر ڀگل ٽُٽل روڊن ذريعي ويندا، اسپتال ۾ ڊاڪٽر غير حاضر ڏسندا ۽ بند پيل اسڪول پسندا، تڏهن الائجي ڪيئن سوچيندا؟ سنڌ پيپلز پارٽي جو اباڻو صوبو آهي، جتي پارٽي سان ماڻهن جو لڳاءُ سمورين گرمين سردين هوندي ٽُٽي نه سگهيو آهي. جتي گذيل ستن سالن کان ان جي حڪومت به آهي، اتي جي ئي حڪمراني بابت سڀ کان وڌيڪ شڪايتون آهن. اهي شڪايتون سٺي حڪمراني جي غير موجودگي کان وٺي نوڪرين، مقررين، مڪاني ادارن جا فنڊ کائڻ کان وٺي مٽن مائٽن کي ورسائڻ تائين به صوبي جو هر رهاڪو ڄاڻي ٿو ته هتي رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن آهي. ان کان بلاول جي ڳالهه ڏاڍي مشڪل سان هضم ٿيندي، ته سياسي مخالفت جي ڪري پيپلز پارٽي جي ماڻهن تي ڪرپشن جا الزام پيا لڳن. پنهنجي سياسي سفر جي هن تقريبِ رونمائي کان ٻه هفتا اڳ هن کاٻي ڌر کي پارٽي جو ساٿ ڏيڻ جو سڏ ڏنو هو، پر ڇنڇر ڏينهن واري تقرير ۾ کاٻي ڌر جو نه، پر مولانا مودودي جو ذڪر هو. ها اهو ضرور هو ته هن عراق ۽ شام جي واقعن تي زور ڏنو ۽ ان مذهبي انتهاپسندي واري خطري کي پاڪستان ڏي وڌڻ بابت ڳالهايو. اهو هڪ حد تائين صحيح آهي، پر لڳي ٿو ته هن اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته لبرل ۽ روشن خيال ماڻهو هن خطري جي پيشي نظر ان جو ساٿ ڏين. روشن خيال طبقو گذريل چئن ڏهاڪن کان پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، ليڪن پارٽي هن حلقي سان ۽ روشن خيال پاليسين سان جيڪو سلوڪ ڪيو آهي، سو به سڀني جي سامهون آهي. 18 آڪٽوبر واري ها تقرير سڄي عمر بلاول جي پاليسي تقرير طور سمجهي ويندي، ان ۾ ڪنهن نظام جي خلاف يا ڪنهن نئين نظام جي لاءِ ڪو پيغام ڪونهي. اڄ ملڪي ادارن، سياست ۽ سوسائٽيءَ جي حالت مختلف آهي، ماڻهو تبديلي گهرن ٿا. هو ستر واري ڏهاڪي ۾ واپس نٿا وڃڻ گهرن، کين 73ع جي آئين کان وڌيڪ ڪجهه گهرجي. نتيجي ۾ نه چاهيندي به کين عمران خان کڻي نه وڻي پر سندس تبديلي ۽ اسٽيٽسڪو ٽوڙڻ واري ڳالهه وڻي ٿي. بلاول جي تقرير ۾ اهڙي ڪنهن به تبديلي جو اشارو يا تاثر ڪونه ٿو ملي. سٺو ٿو لڳي ته بلاول ڪراچي تي پنهنجو مالڪي جو حق ڄاڻايو، پر ايم ڪيو ايم کي گڏ رکڻ جي اپيل ڪئي. ايتري قدر جو هن باقي سنڌ کي ڇڏي ڪراچي لاءِ وزير اعظم کان پيڪيج گهريو، جنهن جو مطالبو ايم ڪيو ايم ڪندي رهي آهي. بلاول شايد نان ايم ڪيو ايم Non M Q M ووٽ تحريڪ انصاف يا ڪنهن ٻئي جي کاتي ۾ وجهڻ بدران پيپلز پارٽي لاءِ گهري رهيو آهي. اهو حوالو ايم ڪيو ايم خلاف عمران خان جي تبديلي واري ڳالهه جي دليل جي ٽوڙ طور ڏنو ويو آهي. ها هڪ حد تائين سنڌ جي ماڻهن کي ان سان خوش ڪري سگهي ٿو ته هن ڪراچيءَ تي پنهنجو حق جتايو آهي. توڙي جو اعتزاز احسن هن جلسي ۾ پارٽي نوجوانن کي اڳيان آڻڻ جو چٽو اشارو ڏئي بلاول کي سٺو موقعو ڏنو، پر هن ان جو ڪو جواب نه ڏنو. سابق وزير اعظم يوسف رضا گيلاني به اعتزاز واري ڳالهه کي اڳتي وڌايو ته پارٽي جي ٻيهر تنظيم سازي ڪريو، نوجوانن کي اڳيان آڻيون. ڇا واقعي پارٽي اهڙي ڪا حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي؟ لڳي نٿو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جيڪو پيپلز پارٽي جو قلعو آهي، جتي ان جي حڪومت هجڻ سبب ان جو ”شوڪيس“ به آهي، اتي اٽڪل نوي سالن جو بزرگ چاچو سائين قائم علي شاهه حڪومت ۽ پارٽي ٻنهي جي قيادت ڪري رهيو آهي. پارٽيءَ جي ڪن حلقن جو چوڻ آهي ته نوجوانن کي اڳيان آڻڻ واري خيال تي عمل ٿيڻ وارو آهي، پر پارٽي جي موجوده اسيمبلي ميمبرن ۽ انهن جي پٽن، پوٽن وغيره کي اهم ذميواريون ڏنيون وينديون. بلاول ڀٽو ”مين باغي هون“ جي سڄي نظم پڙهي ۽ پاڻ کي بغاوت ۽ مزاحمت جي اهڃاڻ طور پيش ڪيو، پر ان کان چند منٽ اڳ سندس والد جي ڪيل ان اعلان سان ٽڪراءَ ۾ آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ، عدليه، الطاف حسين ۽ سڀني سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. ان صورتحال ۾ لڳي ٿو ته بلاول جي آئيڊيل ازم سندس والد ۽ پارٽي جي ٻين سينئر اڳواڻن ۽ انڪلز جي عمليت آڏو ڪٿي جهڪي نه وڃي. بهرحال دنيا اميد تي قائم آهي، ۽ سنڌي ماڻهو هونئن ئي توڪلي آهي ۽ اميد پرست به.

Labels: , ,

زرداري جي پنجاب ۽ بلاول جي سنڌ ۾ سرگرمي! 09 آڪٽوبر 2014

زرداري جي پنجاب ۽ بلاول جي سنڌ ۾ سرگرمي!
خميس 09 آڪٽوبر 2014ع
 سهيل سانگي,
آصف علي زرداري پنجاب جو دورو ڪري رهيو آهي، جتي هن ضلعي عهديدارن سان گڏجاڻيون ڪرڻ سان گڏوگڏ جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ چوڌري برادران سان به ملاقاتون ڪيون آهن. سندس اهو دورو تنظيمي به لڳي ٿو ته وري لابنگ وارو به. يعني پنجاب آصف زرداري سنڀالي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ وري بلاول ڀٽو زرداري هاءِ پِچ تي کڻي ويو آهي. پنهنجون صفون ٺيڪ ڪرڻ ۽ موسمي پکين کي ڀڄڻ کان روڪڻ لاءِ هن اعلان ڪيو ته ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي هوندي ۽ وزير اعظم ڀٽو خاندان مان هوندو. هن عمران خان ۽ نواز شريف تي تنقيد ڪئي، پر سندس لهجو انڪل الطاف حسين لاءِ چئلينج وارو هو. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم ان جو تڪڙ ۾ نوٽيس ورتو ۽ ذري گهٽ احتجاج جي ڌمڪي ڏني، پر ٻه ڏينهن رکي، الطاف حسين ان چئلينج کي ”معاف“ ڪري ڇڏيو.   
ماضيءَ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي هڪٻئي جي مخالفت ڪري، هڪٻئي جي مدد ڪنديون رهيون آهن ته جيئن ايم ڪيو ايم مهاجرن جي حمايت ۽ پيپلز پارٽي سنڌين جا ووٽ پڪا ڪري سگهي، پر هن ڀيري اها ڳالهه بنهه ظاهر ٿي پئي. پيپلز پارٽي 18 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي جلسي ذريعي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ گهري ٿي. هن جلسي ذريعي هو اسٽيبلشمينٽ، پنجاب، سنڌ جي اقتداري ڀوتارن ۽ خود سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ئي ڌڪ ۾ پيغام ڏيڻ گهري ٿي ته پارٽي اڃا سگهه رکي ٿي، اها ڪنهن به طور تي Irrelevantنه ٿي آهي. پارٽي جلسو ته واقعي وڏو ڪري وٺندي، ممڪن آهي ته ڪنهن حد تائين گهربل پيغام به واسطيدار ڌرين تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب وڃي، پر اهو سڀ ڪجهه وقتي هوندو. اصل ڳالهه پيپلز پارٽي کي بطور هڪ منظم ۽ موثر سياسي جماعت ۽ قوت جي طور تي پنهنجو اظهار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سا ڳالهه انهيءَ جلسي جي ذريعي نه ٿي سگهندي. اصل ۾ پارٽيءَ کي ٻيهر منظم ڪرڻ ۽ ان جي اندر سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو تقريبن پنهنجي هر تقرير ۾ چوندو رهيو آهي، پر محترمه جي پهرين ورسيءَ تي ڪيل تقرير کان وٺي، اڄ سوڌو ان ڏس ۾ ڪا به پيش رفت نه ٿي آهي. جيڪڏهن پارٽيءَ جي صفن کي ڏسجي ته اُن ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اُهي ساڳيا پراڻا چهرا آهن، جيڪي 30_40 سالن کان هلندا اچن. اهي سڀ نه پاڻ جوان رهيا آهن ۽ نه ئي سندن جذبا. پارٽيءَ سان وابستگي جذبات سان گڏوگڏ مفادن واري به ٿي وئي آهي. 80ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي ۽ ان بعد 88ع ۾ محترمه سڄي سنڌ ۾ ريليون، جلسا ۽ جلوس ڪري، سڄي سنڌ کي متحرڪ ڪيو هو، ان کي به هاڻي ٽيهارو سال ٿي ويا. 80ع واري ڏهاڪي جو ٻار ۽ ان بعد جنم وٺندڙ اڄ جو نوجوان سرگرمي ۽ سياست ۾ اهم بڻجي ويو آهي. خود ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ محترمه به نوجوانن کي ئي متحرڪ ڪيو هو، پر اڄ جو نوجوان ڄڻ پارٽيءَ کان پري بيٺل آهي، ڇاڪاڻ جو پارٽيءَ ۾ بلاول کان پوءِ هيٺ پوءِ اها مرڪزي ڪميٽي هجي يا صوبائي ڪميٽي يا وري ضلعي عهديدار يا اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽيءَ جو ڪيڊر نوجوان موجود ناهي. پارٽيءَ جي شاگرد ونگ به پارٽيءَ جي ڊسپلين ۽ چئي ۾ ناهي، ان ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙا ماڻهو آهن، جن جا يونيورسٽي جي حد تائين مفاد هوندا آهن ۽ اهي لوڪل جهيڙن ۽ معاملن ۾ ڦاٿل رهندا آهن. پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن وچ ۾ رابطو ناهي. پارٽيءَ جو سمورو ڍانچو اسيمبلي ميمبرن يا انهن جي خاندانن تي مشتمل لڳي ٿو. ايم اين اي، ايم پي ايز ضلعي يا ڊويزنل صدر آهن، جنهن جا ٻه نقصان ٿيا آهن. هڪ اهو ته اُهي اسيمبلي ميمبر خود ايوان جي ميمبري وارو فرض به پوريءَ طرح نه سنڀالي پيا سگهن، سي پارٽي ڪيڊر ۽ ووٽر کي ڪٿان وقت ڏئي سگهندا؟ ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي، جو نتيجي ۾ پارٽي ڪيڊر/عام ورڪر ۽ پارٽيءَ جي ادارن ۽ قيادت جي وچ ۾ گيپ پيدا ٿي ويو آهي. اهو گيپ هاڻي ڪميونيڪيشن گيپ جي حد تائين وڃي پهتو آهي. ڪڏهن ڪنهن ميٽنگ تائين ڪن ڪارڪنن جي رسائي ٿيندي آهي ته انهن جون دانهون سامهون اينديون آهن. اهڙي پارٽي اسٽرڪچر جو ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي، جو اسيمبلي ميمبرن تي پارٽي تنظيم/ڪيڊر جو چيڪ اينڊ بيلنس ختم ٿي ويو آهي. اسيمبلي ميمبرن جي مرضي آهي ته اُهي نوڪريون وڪڻن، ترقياتي ڪم ذاتي پسند نا پسند تي ڪرائين، کانئن ڪو به پُڇڻ وارو ناهي. هن صورتحال جو نتيجو اهو به نڪتو آهي، جو ڪجهه ضلعن ۾ اسيمبلي ميمبر پارٽي جا عهديدار به پنهنجي پسند جا مقرر ڪرايا آهن. ان کان علاوه ذاتي بنياد تي پنهنجا ”پٽيل“ تيار ڪيا آهن، جن جو عملي طرح سان مان مرتبو ۽ اثر رسوخ پارٽي کان به مٿڀرو آهي. تنظيمي طور تي پاڪستان ۾ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ٻه مضبوط پارٽيون سمجهيون وينديون آهن، ٻنهي جو پارلياماني ۽ پارٽي تنظيمي ڍانچو ڌار ڌار آهي، انهن وٽ اسيمبلي ميمبر پارٽي ڪيڊر يا تنظيم جي ماتحت آهن. ڪميونسٽ نظام ۾ به پارٽي ۽ حڪومتي عهدن تي ساڳين ماڻهن جي هجڻ ڪري، وڏي خرابي پيدا ٿي هئي. بلاول نوجوان آهي، سندس جذبا جوان، خواهشون يقينن نيڪ هونديون، سندس سامهون تنظيم جي اها صورتحال به يقينن هوندي. هو نوجوانن کي ڇا آڇي سگهي ٿو؟ پارٽيءَ جي صفن ۾ هنن لاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙي جڳهه پيدا ڪري سگهي ٿو؟ بظاهر لڳي ٿو ته بلاول وٽ نئين ڪيڊر کي آڻڻ ۽ نوجوانن کي آڇڻ لاءِ ڪا گهڻي اسپيس موجود ناهي. بينظير ڀٽو سياست شروع ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو سندس رهنمائي ۽ نگراني ڪئي. فيصلا محترمه ڪندي هئي، ڄڻ انهن جي منظوري بيگم صاحبه ڏيندي هئي يا بيگم صاحبه ڪو فيصلو ڪندي هئي ته محترمه کي اعتماد ۾ وٺندي هئي. بينظير سياست ۾ اچڻ شرط پنهنجي ”انڪلز“ کي پري ڪيو ۽ نون ماڻهن، نون چهرن لاءِ جڳهه پيدا ڪئي، سندس اهو تجربو ڪامياب رهيو. بلاول ڀٽو جي صورتحال گهڻي مختلف آهي، هن جي چوڌاري انڪلز ئي انڪلز آهن، جيستائين هو پاڻ کي پارٽي ۾ Involve نه ٿو ڪري، جيستائين نون چهرن ۽ نون ماڻهن کي جڳهه نه ٿي ملي، تيستائين هو نئين نسل جي اُميد بڻجي، سو ڪجهه ڏکيو ٿو لڳي. بلاول کاٻي ڌر جي ماڻهن ۽ اهڙي سوچ رکندڙن کي به پارٽي ۾ اچڻ جو سڏ ڏنو آهي. کاٻي ڌر جا ماڻهو ۽ اها سوچ رکندڙ ضياءَ جي مارشل لا کان وٺي، اڄ سوڌو پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏيندا اچن، پر پارٽي نه کاٻي ڌر جي سوچ کي ۽ نه ئي انهن ماڻهن لاءِ ڪا گنجائش ڪڍي آهي. اعتزاز احسن هجي يا رضا رباني يا تاج حيدر کي اوڏي مهل گهرايو ويندو آهي، جڏهن گاڏي گپ ۾ گچي پوندي آهي. سنڌ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي کي پارٽي ۾ آندو ويو، ان جو فائدو نه پارٽي کي مليو ۽ نه ئي ڪامريڊ ساقي کي، بلڪه ڪي ماڻهو ته ان کي ماڳهين سياسي خودڪشي سڏي رهيا آهن. کاٻي ڌر جي ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو به ٿيندو آهي ته پارٽي اندر مختلف طبقن جي تنظيمن کي به مڃيو وڃي. مزدور فرنٽ ۽ هاري فرنٽ سالن کان خالي آهن، ائين شاگرد ونگ جو حال مٿي بيان ڪري آيا آهيون. ائين سياسي يا فڪري ۽ تنظيمي طور تي وجود رکندڙ عوام جو وسيع تر حصو پيپلز پارٽي جي دائري ۾ نه پيو بيهي يا ائين کڻي چئجي ته پارٽي انهن جي پهچ کان ٻاهر هلي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ پارٽي تر جي بااثر ماڻهو تي ڀاڙي رهي آهي. اهڙو ماڻهو جنهن وٽ 10-15 هزار ووٽ به آهن ۽ ڪجهه پئسا به. ائين برادري ۽ قبائلي سسٽم جنهن جو وجود 70ع ۽ 80ع جي سياسي تحريڪن ۾ خاتمو اچي ويو هو، پر ان کي ضياءَ ۽ مشرف ٻيهر جياريو. پيپلز پارٽي به ان کي پنهنجي لٺ وانگر استعمال ڪري رهي آهي. اهڙي طرح مختلف وقتن تي ننڍن وڏن پيرن، وڏيرن جي پريشر ۾ ايندي رهي آهي، جنهن کي تجزيه نگار اهو نالو ڏيئي رهيا آهن ته انهن هٿان پارٽي بليڪ ميل ٿي رهي آهي. اهو تجزيو اُن ڪري به صحيح لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي جو بنياد عوام هو. 88ع ۾ اها عوامي قوت ئي هئي، جنهن وڏا وڏا بُت ڪيرائي وڌا هئا. پارٽيءَ جي الڳ تنظيم رکڻ جي ڪري، جهونو سائين قائم علي شاهه وڏو وزير به آهي، وٽس ڊزن کن کاتا به آهن، هو پارٽي جو صوبائي صدر به آهي. نتيجي ۾ ٻوڏ جي صورتحال هجي يا امن امان جو معاملو يا وري 18 آڪٽوبر واري جلسي جا انتظام سڀ ڪجهه هن پوڙهي مڙس کي ڏسڻا پيا پون. ملڪ اندر رڳو عمر جي حوالي سان ئي نه پر، سياسي، معاشي ۽ سماجي طور تي نوان طبقا پيدا ٿيا آهن. مختلف طبقن جو پاڻ ۾ لاڳاپو ۽ رشتو به تبديل ٿيو آهي. سياسي حالتون ائين به تبديل ٿيون آهن ته ملڪ پنج ڇهه سال جو مختصر عرصو جمهوريت هيٺ گذاريو آهي. احتجاج ۽ سياست به تبديلي ٿي آهي. اهڙين حالتن ۾ پيپلز پارٽي بلڪه هڪ حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ٻين پارٽين کي به پاڻ ۾ تبديلي آڻي پوندي. گيپ، خاميون ۽ اوڻايون دور ڪرڻيون پونديون. کين اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پارٽي اندر جاءِ پيدا ڪرڻ، پاليسيون ۽ حڪمت عمليءَ جي بهتري لاءِ مٿن ايندڙ وقت ۾ اڃا به وڌيڪ پريشر پوندو.

Labels: , , , , ,