Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, December 17, 2021

ڌر ڌڻي حڪومت تبديل ڇو ڪندا؟

   سال جي پڇاڙي ڏانهن ويندي پاڪستان ۾ سياسي حالتن نئون موڙ ورتو آهي،  موجوده حڪمران  جماعت  تحريڪ انصاف کي پهاڄ سمجهندڙ نواز ليگ گذريل  هڪ مهينو راز فاش ڪرڻ جون آڊيو جاري ڪندي رهي ۽ حڪومت توڙي حڪومتي ادارن تي دٻاءُ  وجهندي رهي ته ان جي  ترڪش ۾ اڃان به  ڪيترا تير آهن، جنهن سان هو اهم عهدن تي  ويٺل ماڻهن ادارن توڙي  اهم عهديدارن جي وچ ۾  اختلاف ۽  تڪرار  وڌيا.  ملڪ جي اهم ۽  وڏي  صوبي ۾ بنياد رکندڙ  پارٽي في الحال احتجاج واري سياست کان پاڻ کي  پاسيرو ڪري لابين جي سياست شروع ڪئي آهي،  بلڪه اهڙو اشارو نواز ليگ سان سلهاڙيل اتحاد پي ڊي ايم جي  ان فيصلي مان به ملي ٿو، جنهن ۾ ان مارچ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو  آهي، اها ڳالهه ڏاڍي معنيٰ خيز آهي ته ٽي مهينا اڳ اهڙو سڏو ڏنو ويو آهي، ان سان  سمجهي سگهجي ٿو ته اهي  ٽي مهيناد  ڏاڍا  اهم آهن، انهن ٽن مهينن ۾ ڪا وڏي ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوڪ ٿيڻي آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته نواز ليگ   فوري طور احتجاج جي  واٽ نه وٺڻ باوجود  جارحاڻي سياست ڪري رهي آهي.

 نواز ليگ  جي ابتڙ ملڪ جي ٻي اهم پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي سرگم رکيو، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ احتجاج، جلسا، جلوس بلاول ڀٽو جو  سرائيڪي بيلٽ ۽ بلوچستان توڙي سنڌ جو دورو اهم هئا پر گهڻي  ڀاڱي اهي تنظيمي نوعيت  ۽ ماڻهن کي موبلائيز ڪرڻ جا هئا، جن جي پويان ڪو تڪڙو  مقصد  هو، سواءِ ان جي ته اها سنڌ توڙي ملڪ جي سياسي ميدان ۾  پنهنجي موجودگي برقرار رکي.  جيتوڻيڪ پي ڊِي ايم جو ٺهڻ بلاول ڀٽو جو Initiative هو . پر پوءِ ان کي نواز ليگ پنهنجي حق ۾ هائجيڪ ڪري ورتوآهي هاڻيمخالف ڌر جي انهي اتحاد  تي  نواز ليگ جو رنگ چڙهيل آهي، بلڪه ايئن ٿو  لڳي ڄڻ اهو ٺاهيو ئي نواز ليگ هو.

ساڳي طرح جڏهن آصف علي زرداري جي صلاح سان پنجاب ۾ ان بعد سينيٽ ۽  تنهن بعد قومي  اسيمبلي   ۾ عدم اعتماد جي  رٿ آڻڻ جو آئيڊيا پيش ڪيو ويو،  پنهنجي  پر ۾ پيپلز پارٽي ان تي هوم ورڪ به ڪيو، پر نواز ليگ تڏهن عدم اعتماد واري رٿ آڻڻ   لاءِ تيار نه پئي ٿي، سوال اهو ئي هو ته نگران سيٽ اپ يا وري اسيمبلين جي باقي بچيل مدي دوران ڪنهن جي حڪومت هوندي  جيڪڏهن اهو به سوال هو ته  چونڊون رڳو  پنجاب اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جون ٿينديون، يا سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون؟  ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي ان  لاءِ تيار هئي ته قومي اسيمبلي  جون ڀلي  چونڊون ٿين پر  اها هروڀرو  سنڌ اسميبلي  جون چونڊون  ڪرائي  پنهنجي لاءِ  ڪم وڌائڻ  نه پئي گهري.

 نواز  ليگ ذري گهٽ سال ان ۾  لڳايو  ته  ڪو مناسب وقت  اچي. مناسب وقت اهو ته عدليه  عسڪري ادارن  کان وٺي اليڪشن ڪميشن تائين مکيه ادارن ۾ ڪي مثبت تبديليون اچن، مناسب وقت ان شڪل ۾  ته وزير اعظم عمران خان جي حڪومت کان اهم ۽  وڏا ادارا  ٻئي بيزار ٿين،  نواز ليگ  سمجهي ٿي  ته اهو وقت انهن  ٽنهي حوالن کان اچي ويو آهي، لڳي ٿو ته اها عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ لاءِ تيار آهي ۽ مختلف آپشنز تي  هوم ورڪ به ڪري  ڇڏيو آهي، اهڙي طرح سان هن وقت عدم اعتماد جي رٿ   جي واڳ به  نواز ليگ پنهنجي هٿ ۾ کنئي آهي، پيپلز پارٽي  پنهنجي سموري سگهه ۾ ڏاهپ ۽ اٽڪل بازي  جي باوجود  ٻئي  نمبر تي هلي وئي آهي.

لنڊن پاڪستان جي  سياست ۾ اهم رول ادا ڪندو رهيو آهي،   سٺ واري ڏهاڪي جي آخر ۾  لنڊن پلان  جو گهڻو چوٻول ٿيو جنهن ۾ ولي خان  ۽ بلوچ اڳواڻن کي ملوث ڪيو ويو، جنرل ضيا جي   ڏينهن ۾ به لنڊن پاڪستان جي سياست ۾ سرگرميون ۽ تبديلين جي حوالي سان اهم رهيو، ايتري قدر جو ايم ڪيو ايم جي  سياست جو مکيه مرڪز رهيو، هن وقت  اڳوڻو وزيراعظم  نواز ليگ علاج  سانگي لنڊن ۾ ترسيل آهي. حڪمران جماعت تحريڪ  انصاف جو باغي اڳواڻ  جها نگير ترين به لنڊن ويل هو، تازيون  خبرون اهي آهن ته قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اياز  صادق هڪ تجويز کڻي لنڊن ويل آهي، اها تجويز  جنهن کي پلان جو به نالو ڏنو پيو وڃي، تنهن بابت هن نواز ليگ سان ڳالهه ٻول ڪئي آهي، اتان کان ڳالهه ظاهر ٿي ۽  بيان اچڻ شروع ٿيا ته ايندڙ وزيراعظم لاءِ نواز ليگ جو اميدوار شهباز شريف  هوندو. اهو بيان شاهد خاقان عباسي ڏنو  جنهن لاءِ سڀني کي  پڪ آهي ته شريف خاندان کان ٻاهر جيڪڏهن  نواز ليگ جو وزيراعظم ٿي سگهي ٿو ته اهو شاهد خاقان عباسي ئي هوندو،

نواز شريف کي پاناما ڪيس ۾ عدالت جي  ذريعي جڏهن  لاٿو ويو  تڏهن شاهد خاقان عباسي کي وزيراعظم جو عهدو ڏنو ويو هو. شاهد خاقان عباسي جي بيان جي ٻي  معنيٰ اها هئي ته مريم نواز پارٽي وزيراعظم جي اميدوار ناهي ڇاڪاڻ  جو هونااهل قرار ڏنل آهي. بيان جي آخري جملي  مريم نواز جي  ترجمان  محمد زبير کي مجبور ڪيو ته هو وضاحت ڪري. هي اهڙو بيان هو جنهن جي وضاحت  يا ترديد مريم نواز نه پئي ڪري سگهي،  شايد اهڙن موقعن لاءِ ئي ترجمان رکيا ويندا آهن. محمد زبير  ساڳي وقت ميان نواز شريف جو به ترجمان آهي تنهن چيو ته مريم نواز خلاف معمولي ڪيس آهن جيڪي ڌوپجي به سگهن ٿا،  ٻين لفظن  ۾ اهو ته مريم نواز به اميدوار آهي.  ظاهر آهي  ته ملڪي سياست جي حوالي سان هي هڪ اهم معاملو هو، جنهن بابت  خيال آهي  ته محمد زبير ضرور مريم نواز  بلڪه خود ميان نواز شريف سان به صلاح ئي هوندي. هي رڳي سياست جو نه پر خاندان جو، اهو به اندروني معاملو آهي.

  تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته نواز  ليگ  لاءِ هميشه  ٻه وڏا مسئلا  رهيا آهن، هڪ بيانيو ۽ ٻيو خاندان  جي  اندر تڪرار. مريم نواز سخت  بيانيي جي نمائندگي ڪندڙ سمجهي ويندي آهي ۽  اهو به سمجهيو ويندو آهي ته سندس موقف  نواز شريف جو موقف آهي، جنهن ۾ سمورن ادارن کي پنهنجي آئيني  قانوني حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ ۽ گڏوگڏ حڪومتي پارليامينٽ جي معاملن ۾  آڏي ٽنگ نه ڏيڻ شامل آهي. ٻئي طرف شهباز شريف جو موقف مفاهمت ۽  مصحلت وارو سمجهيو ويندو آهي،   جنهن موجب  جهيڙي ۽ ٽڪراءُ  واري پاليسي  سان اقتداري سياست نه ٿي ڪري سگهجي. اقتداري سياست لاءِ ضروري آهي ته  ڪجهه شرطن تي ڳالهه مڃي ۽ ڪم کي اڳتي هلايو وڃي، ٻي صورت ۾  اليڪٽيبل ڀڄي ويندا  پر  گذريل  ٽن چئن سالن دوران  مريم نواز  جي سرگرمي  محاذ آرائي  واري پاليسي ۽  احتجاج اهو ڏيکاريو ته جيستائين عام ماڻهو پارٽي سان گڏ آهن،  تيستائين ڪو به اليڪٽيبل پارٽي کان ٻاهر نه ويندو، هي هڪ سياسي موقف هو.

ڏٺو وڃي ته  وڏي حد تائين مريم نواز جي  حڪمت عملي ڪامياب وئي،  سندس  هن حڪمت عملي ۽  موقف جي ڪري پارٽي اندر  توڙي پنجاب ۾ به  مريم نواز پنهنجي لاءِ جڳهه ورتي هي هڪ اهڙي  جڳهه آهي جيڪا جيڪڏهن شهباز شريف کان وڌيڪ ناهي ته  ان کان  گهٽ به ناهي. تجزيانگارن جو خيال  آهي  ته جيڪڏهن نواز ليگ شهباز شريف کي  وزيراعظم جو اميدوار بڻائي ٿي ته  اقتدار ۾ واپسي لاءِ پنهنجي رستو آسان بڻائي ٿي، ڇاڪاڻ  جو  شهباز شريف ڌر ڌڻين وٽ وڌيڪ قابل قبول آهي ۽ ان جي ڪا وڏي  فرمائش به ناهي.   مريم نواز کي وزيراعظم بڻائڻ وارو آپشن  ڌر ڌڻين وٽ قابل قبول ٿيڻ ڏکيو ٿيندو.  خود پيپلز پارٽي لاءِ شهباز شريف وزيراعظم طور  وڌيڪ قابل قبول ٿي سگهي ٿو،  ٻه ٽي مهينا اڳ  خود بلاول ڀٽو زرداري شهباز جي حق ۾  بيان ڏنو هو ته  اسين شهباز جي موقف کي  نواز ليگ جو   موقف سمجهون ٿا ڇاڪاڻ جو هو نواز ليگ جو صدر آهي.  بهرحال مريم نواز به ڏاڍي ڏاهپ سان پتا کيڏي رهي آهي، ان خاص ڪري بلاول ڀٽو زرداري بابت  ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه نه چئي آهي.

سوال اهو آهي ته عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ ڪو ايڏو سول ڪم آهي؟ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ گڏيل اپوزيشن پارليامينٽ ۾ ٽي چار دفعا  ان امتحان ۾ گذري  آهي، هر ڀيري ناڪام وئي آهي باقي ننڍا ننڍا تفصيل پاسيرا ٿا رکون. سينيٽ چيئرمين چونڊ  مهل پيپپلز پاٽي ۽ نواز ليگ پنهنجي اڪثريت هوندي   هارائي وئي. ساڳي طرح بجيٽ اجلاس ۾ به  سواءِ تقرير جي  عملي طرح سان ڪٽ موشن ۽ ووٽنگ مهل ٻڌي جو اظهار نه ڪري  سگهي،  تازو  ٿيل پارليامينٽ جي گڏيل اپوزيشن حڪومت جي قانون سازي واري راهه روڪي نه سگهي ۽ حڪمران ڌر پنهنجي مرضي جا قانون پاس ڪرائي ورتا، جنهن ۾ اليڪشن قانون ۾ ترميمون به شامل هيون.

آخر مخالف ڌر ٻڌي جو مظاهرو  ڇو نٿي ڪري؟ ۽ نواز ليگ توڙي پيپلز پارٽي اها ڳالهه  وڏي واڪ ۽ چٽي طرح چونديون رهيون آهن ته   جيڪڏهن وڏا   عمران خان تان هٿ هٽائين ته پوءِ واهه جو ڊوڙائي ڊوڙائي مارينداسين، ان جي پويان هڪ منطق  اها آهي ته اهڙي صورت ۾  خود انهن پارٽين ۾ ويٺل ڪجهه اسيمبلي  ميمبر  واسطيدار پارٽي بدران ٻئي ڪنهن جي چوڻ تي  ووٽ ڪن ٿا،  يا غير حاضر رهن ٿا  ان سان گڏوگڏ  اوتري ئي اهم ڳالهه اها آهي ته  جيڪڏهن وڏا هٿ ڪڍن ٿا ته پوءِ خود حڪومت جا  اتحادي يعني  مسلم ليگ  قاف ۽ ايم ڪيو ايم به حڪومت سان گڏ نه بيهنديون. اتحادين جي حڪومت کان پري ٿيڻ بابت هڪ اشارو اهو مليو آهي ته نواز شريف چوڌري پرويز الاهي کي  فون ڪري  وڏي چوڌري يعني شجاعت  جي طبعيت پڇي آهي  جيڪو ڪجهه عرصي کان بيمار آهي .نواز شريف چوڌري برادران کي ڪوٺ ڏني ته  لنڊن اچو ته ڳالهيون ڪريون.

  چوڌري برادران  پاڪستان جي سياست ۾  هڪ خاص طبقي جي نمائندگي ڪن ٿا  ۽ اقتدار جا منگتا ڏيندا آهن ته چوڌري برادران ڪهڙي پاسن ٿا بيهن.  چوڌري پرويز الاهي ميان نواز جي هن ڪوٺ کي موٽ ڏيندي  ڪو عملي قدم  کڻي ٿو يا نه اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو، في الحال ان ميان نواز شريف سان فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه  جو خاص ڪري   لنڊن واري ڪوٺ جو ذڪر پنهنجي پريس رليز ۾ به ڪيو آهي،

 هي ته سياست جو هڪڙو پاسو آهي  ٻيو پاسو اهو آهي ته گذريل  اڍائي ٽن مهينن دوران بحران چڱو خاصو پچي راس ٿي ويو هو،  پر وزيراعظم عمران خان  سعودي  عرب کان 3 ارب ڊالر ۽ اوڌر تي تيل وٺڻ وارو ٺاهه ڪري آيو. آءِ ايم ايف جا سمورا  شرط مڃي ورتائين ساڳي وقت پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي به لاڳو ڪيائين. هي اهڙو ٽيڪس آهي جيڪو  اين ايف سي ايوارڊ  جھوحصو نه بڻبو آهي. هن ٽيڪس وسيلي وفاقي حڪومت کي  530 ارب رپين جي لڳ ڀڳ آمدني ٿيندي،  ان ڪري ملڪ ۾  في الحال پئسو اچي ويو آهي،  ان جي نتيجي ۾  ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو ان جي  ڪا پرواهه ناهي،  پئسو اچي ويو آهي  ته اقتداري ڌريون ۽ ادارا به ڪي ارها ڪو نه ٿيندا.

اهو ئي سبب آهي جو  وزيراعظم  پاڻ ۽ سندس وزير باقاعده  اعلان ڪندا ٿا وتن ته اڃان مهانگائي وڌندي.  بجلي ۽ تيل جا اگهه وڌندا مطلب حڪومت پاڻ کي خراب صورتحال ۾ نه ٿي ڏسي. هو سمجهي ٿي  پٽ سٽ ڪري اوڌر ۽ قرض کڻي ملڪ ۾ پئسا رکبا ته ڏکيا  ڏينهن نه ايندا. هر اداري ۽ اقتداري ڌرين کي بحرحال پئسو گهرجي، اهڙين حالتن ۾ ڇا حڪومت ڌر ڌڻي حڪومت جي واڳ تبديل ڪندا؟  بظاهر منطق نظر نٿي اچي. 

Pahenji Akhbar Dec 17,2021

https://thetimenews.tv/%da%8c%d8%b1-%da%8c%da%bb%d9%8a-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d8%aa%d8%a8%d8%af%d9%8a%d9%84-%da%87%d9%88-%da%aa%d9%86%d8%af%d8%a7%d8%9f/