Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, April 08, 2020

سنڌي صحافت ۾ مختلف ڪاروباري انتظامي ماڊل وارا تجربا


هر ڏهن سالن کان پوءِ نئين اخبار جي ضرورت

ننڍي کنڊ جي صحافت جيان سنڌي صحافت جي شروعات نئون علم پکيڙڻ سان ٿي اهو علم جيڪو يورپ ۾ صنعتي انقلاب جي ڪري پيدا ٿيو ٿورو اڳتي هلي صحافت، ادب، اظهار ۽ سياسي پرچار وارو رخ اختيار ڪيو. جيئن ته اخبار روزمرهه جي واقعن ۽ حالتن بابت ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ انهن تي ٽيڪاٽپڻي ۽ تشريح لاءِ ايڊيٽوريل ڪالم مضمون به شايع ڪنديون هيون، ان ڪري مختلف سياسي ڌريون، گروپ توڙي فرد پنهنجي حق ۾ راءِ جوڙڻ يا پنهنجا هم خيال پيدا ڪرڻ لاءِ به اخبارون ڪڍندا رهيا. سنڌ ۾ جي ايم سيد، ايوب کهڙو، قاضي اڪبر۽ نجم الدين سريوال جهڙن سياستدانن پنهنجون اخبارون ڪڍيون. سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ بعد سنڌ جو سياسي مرڪز گاديءَ وارو شهر ڪراچي رهيو، ان ڪري اخباري دنيا جو مرڪز به اهو ئي شهر وڃي بيٺو. 1940ع کان وٺي ون يونٽ ٺهڻ تائين اهو سلسلو چيٽاڀيٽي جي شڪل ۾ جاري رهيو پر ون يونٽ ٺهڻ بعد سياست اختيار ۽ اقتدار جو مرڪز لاهور منتقل ٿي ويو، سنڌي اخبارون جيڪي سياسي مقصدن لاءِ جاري ٿينديون هيون انهن جي اهميت گهٽ ٿيندي ويئي، مٿان وري ايوب خان جي آمريت لاڳو ٿي جنهن هڪ طرف مجموعي طور تي سياست ۽ اظهار تي پابنديون لڳايون، پر ساڳئي وقت وفاقي حڪومت جو گاديءَ وارو هنڌ اسلام آباد کڻي ويو. ان جو سنڌي صحافت تي اهو اثر ٿيو جو سنڌي اخبارون بند ٿي ويون، يا وري حيدرآباد لڏي آيون پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين سنڌي صحافت توڙي ادب جو مرڪز وري حيدرآباد ٿيو.
ان سموري عرصي دوران اخبار هلائڻ لاءِ مختلف ڪاروباري انتظامي ماڊل وارا تجربا ڪيا ويا، پر اهي سڀ جا سڀ ذري گهٽ هڪ جهڙا هئا، جنهن ۾ اخبار جو مالڪ ڪنهن هڪ وڏي نالي واري کي ايڊيٽر طور مقرر ڪري سڀ ڪجهه ان جي وس ڇڏي ڏيندو هو. اخبار هلائڻ جي ماڊل ۾ وڏي تبديلي قاضي محمد اڪبر آندي، جنهن اخبار کي سياسي خيالن جي پرچار بدران ڪاروبار طور بڻائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي. هن عبرت اخبارکي هڪ باقاعده اداري جي شڪل ڏني جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ پروفيشنل صحافي موجود هئا. اخبار جو خرچ پکو اخبار جي سرڪيوليشن توڙي سالياني چندي بدران اشتهارن جي ذريعي پورو ڪرڻ ۽ ان مان ئي نفعو ڪمائڻ جو ماڊل بڻيو، ان بعد ساڳئي ماڊل تي ٻيون اخبارون به نڪتيون پر اهي ڪا وڏي ڪاميابي ماڻي نه سگهيون، ڇاڪاڻ جو انهن جو هڪ ته ماڊل ساڳيو هو ٻيو وري هنن جو خبرن ڏانهن لاڙو به ساڳيو هو انهيءَ ماڊل ۾ تبديلي هلال پاڪستان جي ذريعي آئي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ پيپلز پارٽي جي اخبار هئي ان کي سڌي مالي سهائتا سان گڏ اشتهارن ۾ به اوليت ملي، نتيجي ۾ هن اخبار ۾ صحافين جون پگهارون به ٺيڪ ٿيون، ساڳئي وقت ٽيڪنالاجي توڙي صحافتي ٽيڪنيڪ ۾ به ڪجهه نواڻ آندي وئي، اڳتي هلي قاضي اڪبر سنڌ نيوز اخبار ڪڍي، ان جو بزنس ماڊل ساڳيو عبرت وارو هيو، پر ان ۾ ڪجهه تبديلي اها آئي جو سليم قاضي جيڪو شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪميونسٽن سان رهيو هو روشن خيالي ۽ صحافت جي حوالي سان اپ ڊيٽ شيخ عزيز ايڊيٽر ٿيو. سليم قاضي مون کي به ان ٽيم جو حصو بڻايو، ڪوشش رهي ته سنڌ ۾ نمائندن جو نيٽ ورڪ روشن خيال ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جو بڻائجي، سانگهڙ ۾ آفتاب نظاماڻي، نواب شاهه ۾ صالح بلو، خيرپور ۾ منصورميراڻي، جيڪب آباد ۾ امداد اوڍا ان نيٽ ورڪ ۾ شامل ٿيا، پر اهي سموريون ڪوششون سليم قاضي جي حادثي ۾ وفات ۽ اخبار جي پراڻي بزنس ماڊل توڙي روايتي ڊيسڪ جي ڪري رنگ ڏيکاري نه سگهيون، ستت ئي ضياءَ الحق جو مارشل لا لاڳو ٿي ويو. 2019ع ۾ جڏهن سڄي دنيا ۾ پرنٽ ميڊيا سسي رهي هئي، پهرين ٽي وي، ان کانپوءِ آن لائن جرنلزم ۽ اڳتي هلي سوشل ميڊيا خبرن، معلومات، ڄاڻ توڙي آگاهي جون نه رڳو ضرورتون پوريون ڪيون، بلڪه ان حوالي سان سمورا پراڻا فارميٽ ۽ روپ به تبديل ڪري ڇڏيا، اهڙي موقعي تي علي قاضي طرفان پنهنجي اخبار جاري ڪرڻ ڪيترن ئي ماڻهن کي ديواني جو خواب پئي لڳو، مٿان وري ميڊيا تي سنسرشپ، سرڪاري اشتهارن ۽ انهن پئسن جي روڪ، ڪجهه هنڌن تي صحافين خلاف ڪارروايون نوڪرين مان ڪڍڻ جا وڏي پيماني تي واقعا ٿيا، ان ڪري علي قاضي جي اخبار ڪڍڻ واري ڳالهه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ئي نه پر عالمي ميڊيا تي بحث هيٺ آئي. صحافت ۾ وار اڇا ڪرڻ ۽ پندرنهن سورنهن سال صحافت پڙهائڻ توڙي پڙهڻ دوران ڪجهه ڳالهيون چٽيون ٿيون، آءُ ان پختي راءِ جو آهيان ته هر ڏهن سالن کانپوءِ نئين اخبار جي لاءِ پڙهندڙ پيدا ٿئي ٿو، ڳالهه ان پڙهندڙ کي ڳولڻ ۽ ان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي آهي، اهو نئون پڙهندڙ ڇا پڙهڻ چاهي ٿو، ڪهڙي شڪل ۾ ڪيئن ۽ ڪيڏي مهل چاهي ٿو، اهي وڏا سوال آهن، پنهنجو پڙهندڙ ڳوليون جنهن کي بنياد بڻائي ايڏي وڏي عمارت جوڙجي. اها ٽِيهه سال پراڻي ڳالهه آهي، انهن ٽيهن سالن ۾ ڄڻ ٻه نسل جوان ٿي ويا، منهنجي فارمولي موجب اها مدت ٽن نين اخبارن جي آهي، 80 ۽ 90 ع واري ڏهاڪي جو سياسي ڪارڪن به ناهي رهيو، اهو دانشور به ناهي رهيو، اڄ جي سموري دانشوري ۽ ايڪٽوازم سوشل ميڊيا تي هاريل نظر ايندي آهي، پراڻو ڪارڪن پراڻو دانشور پنهنجو پاڻ کي اڄ سان ڳنڍيل رکڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بقا لاءِ هٿوراڙيون پيو ڏيئي. اڳي ميڊيا جو مطلب معلومات يا خبريت هوندو هو، هاڻي باقاعده ميڊيا سڏجندڙ ۾ خبريت وارو عنصر گهٽجي ويو آهي، اڳي ماڻهو اخبارن جو ساليانو چندو ڀريندا هئا، ٽپال رستي کين اخبار ملندي هئي، ڳوٺن ۾ خبرن ۽ خاص ڪري بي بي سي جي خبرن مهل ماڻهو ريڊيو جي چوڌاري جمع ٿيندا هئا، پوءِ پي ٽي وي جي خبر نامي لاءِ 9 وڳي جو انتظار ڪيو ويندو هو، هاڻي ته سوشل ميڊيا وقت ۾ خبرون ڏيئي ٿي، ان لاءِ ڳوٺ موجود ريڊيو رکندڙ ٻن ٽن همراهن جي گهر يا اوطاق تي وڃڻ يا خبر نامي جو انتظار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سوشل ميڊيا خبرون ڏي ٿي، حقيقت اها آهي ته سوشل ميڊيا صرف اطلاع ڏي ٿي، خبر نٿي ڏي، هڪ ٻن جملن وارو اطلاع خبر ناهي، ان لاءِ پس منظر ۽ تفصيلي واقعو ۽ سمورا پاسا ضروري آهن. اطلاع اڌوري خبر هوندو آهي، جنهن جا ماڻهن جي سوچ فڪر توڙي عمل تي هاڃيڪار اثر ٿيندا آهن، ان سان گڏوگڏ اهي اطلاع افواهه به ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ جو اطلاع ڏيندڙ جو ساکائتو هجڻ ضروري آحي ان جو مثال ايئن وٺي سگهجي ٿو ته جڏهن به ڪا نئين معلومات اسين آمهون سامهون به شيئر ڪندا آهيون ته اهو ئي پڇندا آهيون ته اهو ڪنهن ٻڌايو، سوشل ميڊيا تي اڄ جيڪا به خبر اطلاع شيئر ٿئي ٿو ته ان لاءِ هر ڪو تصديق لاءِ پڇا ڪندو آهي يا وري ويب سائيٽ ڏسندو آهي.
پنهنجي اخبار، ڇپيل اخبار جي شڪل ۾ موجود آهي، ان جو وڏو ڪمال ڊجيٽل هجڻ آهي جتي هر پل ٿيندڙ واقعن جون خبرون، اپ لوڊ ٿين ٿيون، واضح رهي ته اهو سوشل ميڊيا وارو اطلاع نه پر خبر آهي. پنهنجي اخبار جي ڪيس ۾ ته هيڪاري اها ڳالهه وڌيڪ پڪي هوندي آهي ڇاڪاڻ جو علي قاضي معنيٰ ساکائتي خبر، اهو ماڻهو جيڪو خبرون وڌيڪ اچڻ تي پيسٽنگ ٽيبل تي بيهي اشتهار پٽي اڇلائي ڇڏيندوهو، هن لاءِ خبر اهم آهي ڇاڪاڻ ته خبر عوام جي ملڪيت آهي. اها ان تائين وڃڻ گهرجي.


Labels: , ,