Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Thursday, October 04, 2018

ڇا راڻا مشهود جي ڳالهين کي ”هوائي فائر“ سمجهڻ گهرجي؟

ڇا راڻا مشهود جي ڳالهين کي ”هوائي فائر“ سمجهڻ گهرجي؟
جمع 05 اڪٽوبر 2018ع
What Rana Mashood says
سياسي حلقن ۽ ميڊيا ۾ اهو تاثر جڙي رهيو آهي ته عمران خان کي هٿ وٺي شهه ڏئي ڪنهن به طرح سان وزيراعظم بڻايو ويو پر هو گهربل نتيجا نه پيو ڏيئي سگهي. ”نئين پاڪستان“ جي نعري خلاف مصالحو گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف حڪومت نه عوام کي ڪجهه ڏيئي سگهي آهي ۽ نه وري حڪومت ۾ آڻڻ وارين ڌرين جو ڪو ڀلو ٿي سگهيو آهي. ملڪ مالي توڙي پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان بدستور گهوٽالي جو شڪار آهي. هر ڌر جي تحرڪ کي باقي ڌريون ڏاڍي غور سان ڏسي رهيون آهن.
نواز ليگ جي اڳواڻ راڻا مشهود علي جي هڪ خانگي ٽي وي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جو وڏو چئوٻول آهي. شهباز شريف جي دور ۾ راڻا مشهود پنجاب جو وزيرِ تعليم رهيو آهي ۽ ٻنهي شريف ڀائرن کي ويجهو رهيو آهي. ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه- سندس بيان تي هر ڌر پنهنجي راءِ ڏيڻ ۽ تبصرو ڪرڻ ضروري سمجهيو. پاڪ فوج جي ترجمان سندس بيان کي بي بنياد ۽ افسوسناڪ سڏيندي چيو ته اهڙي غير ذميوارانه روين سان ملڪي استحڪام کي نقصان پهچندو. پي ٽي آءِ کي ته ڪاوڙ لڳڻي ئي هئي. ان پنجاب اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي. سُڌ سماءَ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري چوي ٿو ته راڻا کي ڪهڙي خبر ته مذاڪرات ڪهڙا ٿيا آهن؟
جيتوڻيڪ کانئس پارٽي طرفان پڇا ڳاڇا ٿيڻ تي وضاحت ڪئي وئي ته سندس بيان کي سياق سباق کان ڌار ڪري پيش ڪيو ويو آهي. پر سندس هن وضاحت سان ڪم هلي نه سگهيو. نواز ليگ جي ترجمان قومي اسيمبلي جي ميمبر مريم اورنگزيب راڻا جي هن بيان کي ذاتي راءِ سڏيو ۽ چيو ته هن بيان سان پارٽي ۽ ان جي قيادت جو ڪوبه تعلق ناهي. بيان حيرت جوڳو آهي. نواز ليگ جي سربراهه شهباز شريف هن تڪراري بيان تي راڻا مشهود جي پارٽي رڪنيت معطل ڪندي راجا ظفر الحق جي اڳواڻي ۾ ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا کانئس پڇا ڪري پارٽي کي ٻن ڏينهن اندر رپورٽ ڏيندي. اڳوڻو صوبائي قانون وارو وزير راڻا ثناءُالله چوي ٿو ته پنجن سالن ۾ نواز ليگ تي جيترا الزام مڙهيا ويا، ان کان پوءِ ڊيل جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پارٽي سمورا معاملا پارليامينٽ اندر طئي ڪندي. سندس چوڻ آهي ته ڪي ماڻهو پنهنجي خواهشن کي خبر ٺاهي وٺندا آهن. راڻا مشهود جيڪي ڪجهه چيو آهي، سا سندس خواهش ته ٿي سگهي ٿي پر ان جو حقيقت سان ڪو تعلق ناهي. بهرحال اڳوڻي قانون واري وزير اهو به چيو ته راڻا مشهود اهو بيان پنهنجي سمجهه ۽ معلومات جي بنيادن تي ڏنو آهي. هو اها به اميد رکي ٿو ته چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت جاچ ڪندڙ پارلياماني ڪميشن، پي ٽي آءِ جي ”جعلي“ مينڊيٽ جي حقيقت پڌري ڪري ڇڏيندي. اهي ته آهن تحريڪ انصاف، نواز ليگ جي پارٽين جا سرڪاري طرح ڏنل بيان ۽ وضاحتون.
چوڌري فواد جي توڙي راڻا ثناءُالله جي بيان ۾ اهڙا اشارا موجود آهن ته دال ۾ ڪجهه ”ڪارو“ ضرور آهي. سُڌ سماءَ واري وزير فواد حسين جا اهي لفظ معنيٰ رکن ٿا ته راڻا مشهود کي ”ڪهڙي خبر ته ڪهڙيون ڳالهيون“ ٿيون آهن. هن جو رٽيل جملو اهو آهي ته ڳالهيون ٿيون آهن، جن جي راڻا مشهود کي خبر ناهي. راڻا ثناءُالله چوي ٿو ته اهو بيان راڻا مشهود پنهنجي سمجهه ۽ ڄاڻ جي بنياد تي ڏنو آهي. هتي به ڳالهين ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو. بيان، جنهن تان ٻڙدڪ متو، ان ۾ راڻا مشهود علي اها دعوا ڪئي هئي ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ پنجاب ۾ اسان جي حڪومت ٺهندي. جن پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو آهي، اهي سوچين پيا ته پي ٽي آءِ وارا ڊليور نه ڪري سگهيا آهن ۽ اهو احساس ٿي رهيو آهي ته چونڊن ۾ جيڪي ٿيو، سو غلط ٿيو. اهي ڌريون سمجهن ٿيون ته شهباز شريف ئي بهتر چوائيس هئي. سندس بيان جي کول تڏهن به ٿي، جڏهن هن پنهنجي بيان جي واضاحت ڪئي. هن وضاحت ۾ چيو هو ته، مون ڪنهن ڊيل جي ڳالهه نه ڪئي هئي. ادارن جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿيندي آهي ان جي بنياد تي چوان پيو ته، پنجاب ۾ اسان جي حڪومت ٺهندي. هو چوي ٿو ته ان ۾ ايندڙ مهينن دوران ڇوٽي چونڊ ٿيڻي آهي. عدالت يا عوام ذريعي حڪومت جو خاتمو ٿيڻو آهي. سندس اهو به چوڻ آهي ته آزاد اميدوارن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا، اهي نه نڀايا ويا. نتيجي ۾ اهي پنهنجي تڪ ۾ منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهيا آهن.
جيڪڏهن راڻا مشهود جو بيان خام خيالي تي ٻڌل ۽ ڀڀڪيون هجي ها ته ڪير ان بيان کي ليکي به نه ها، اهو بيان پنهنجي موت ائين مري وڃي ها جيئن روز ڪيترائي سياسي بيان مري ويندا آهن. خام خيالي تي ايترو ردعمل ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. نواز ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ادارن سان معاملا طئي ٿي ويا آهن ته ان ۾ خراب ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ان لاءِ ته مختلف ڌريون ماضي ۾ به ڪوششون ڪنديون رهيون آهن.
گذريل ڪجهه مهينن دوران جڏهن کان نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب عتاب هيٺ آهي، ڊيل ڊيل ۽ اين آر او جون ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن. هڪ عدالتي فيصلي جي نتيجي ۾ نااهلي، ان کانپوءِ احتساب عدالت طرفان ايون فيلڊس ڪيس ۾ سزائون ٿيون. نواز شريف جڏهن پنهنجي گهر واري جي طبيعت پڇڻ لاءِ لنڊن ويو ته اهي ڳالهيون هلايون ويون ته اهي موٽي نه ايندا. جڏهن عدالت سزا ٻڌائي تڏهن به نواز توڙي مريم ٻئي لنڊن ۾ هئا، پر هو موٽي آيا ۽ گرفتاري ڏنائون. تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهڻ بعد هڪ دفعو وري نواز شريف سان مفاهمت جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. اينڪر پرسن لڏو اهي ڪهاڻيون گهڙيندو ۽ خبرون ڏيندو رهيو ته سعودي عرب نواز شريف جي آزادي جي عيوض 12 ارب يا 2 ارب ڊالر ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي يا وري اهو ته اوڌر تي تيل ڏيڻ آڇيو آهي. ڪلثوم نواز جي وفات تي نواز شريف سان سعودي، ترڪي توڙي ٻين ملڪن جا سفير عذرخواهي لاءِ آيا. اهڙين ”خبرن“ کي هوا ملي. اڃا فضا ۾ انهن ”خبرن“ جو پڙاڏو موجود هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جو فيصلو معطل ڪندي نواز شريف، سندس ڌي ۽ ناٺي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سزائن جي معطلي نواز شريف سان ڌرين جي سرچاءَ پرچاءَ وارين خبرن تي ويساهه نه ڪندڙن کي به سوچڻ تي مجبور ڪيو. مٿان وري چيف جسٽس جا گهٽ ۾ گهٽ ٻن موقعن تي موجوده حڪومت بابت سخت ريمارڪس سامهون آيا، جن کي تجزيه نگار صورتحال ۾ تبديلي سان گڏڻ لڳا. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته ٺاهه يا ڳالهيون جيڪي به ٿيون، سي عدالت سان ته ڪونه ٿيون هونديون، اهي اصل ڌر ڌڻين سان ٿيون هونديون. ها، ان جو اظهار عدالت ۾ ٿي سگهي ٿو. نواز شريف ۽ مريم اڃا ڪلثوم نواز جي سوڳ ۾ آهن. وقت وڏو مرهم آهي، جيئن جيئن وقت گذري پيو ۽ سزائن جي معطلي بعد روزمره جي زندگي جون ڳالهيون معمول تي اچن ٿيون، هو عدالتن ۾ به پيش ٿي رهيا آهن. ها اهو ضرور آهي ته نواز شريف ۽ سندس ڌي ماٺ آهن. اها ڊگهي ماٺ ڏاڍي معنيٰ خيز آهي.
جيڪڏهن راڻا مشهود جو بيان رڳو ”هوائي فائر“ هجي ها ته مخالف کڻي پنهنجي چڙ ڏيکارين ها، پر سوال اهو آهي ته نواز ليگ ان تي ايترو جذباتي ڇو ٿي وئي؟ جيڪڏهن واقعي ڪا ڳالهه سر زمين تي نه هئي ته اهو بيان هيڪاري سرڪاري ڌر تي داٻي لاءِ سٺو هو، جنهن مان نواز ليگ مزو وٺي ها. جيڪڏهن راڻا ثناءُالله جي تبصري کي وٺجي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ”نواز ليگ سمورا معاملا پارليامينٽ ۾ طئي ڪرڻ گهري ٿي“ مطلب ته اڃا قومي سيمبليءَ جي 11 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 13 سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿيڻ ڏي وڃي پئي. اهو تعداد قومي توڙي پنجاب اسيمبليءَ جي عددي اڪثريت لاءِ اهم آهي، جيڪو تعداد اتي ڪيفتي تبديلي آڻي سگهي ٿو، توڙي جو اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته ننڍي چونڊ هميشه حڪومتي ڌر کٽندي آهي. هڪ ٻي اهم ڳالهه سامهون آئي آهي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ ويجهڙائپ وڌي رهي آهي. مولانا فضل الرحمان لڳو پيو آهي ته اهي ٻئي پارٽيون ويجهو ٿين ۽ گڏيل اپوزيشن ٺهي. شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي چيمبر ۾ خورشيد شاهه سان وڃي ملاقات ڪئي.
عوام تڪڙو رليف چاهي ٿو پر کيس مهانگائي پئي ملي. چونڊن جي موقعي تي تڪڙ ۾ پي ٽي آءِ جي غيباڻن گهوڙڻ تي سواري ڪندڙ اسيمبلين ۾ ته آيا آهن، پر کين ملي ڪجهه به نٿو. حڪومتي پاليسين بابت ڌر ڌڻين سان ناتا ۽ واعدا اهم آهن. مشهود جي خام خيالي نه هوندي، لڳي ٿو ته هن ڪنهن وڏي پٿر جي چُرڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي.

Labels: , ,