Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Thursday, August 16, 2018

سنڌ جي نئين حڪومت ۽ پيپلز پارٽي -نواز ليگ جي فاصلن جو پسمنظر


سنڌ جي نئين حڪومت ۽ پيپلز پارٽي -نواز ليگ جي فاصلن جو پسمنظر 

جمع 17 آگسٽ 2017ع      

سهيل سانگي

اهو ئي ٿيڻو هو، سيد مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير ٿي ويو. چونڊن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي ٻئي ڪنهن گروپ يا پارٽي جي مدد کان سواءِ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي. ماضي وانگر هن ڀيري کيس صوبي توڙي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ نه ايم ڪيو ايم جي ضرورت هئي، ۽ نه وري ڪو مٿس دٻاءُ، جنهن جو ذڪر پارٽي اڳواڻ ۽ تجزيه نگار ڪڏهن ڪڏهن ڪندا رهندا آهن. گڏيل حڪومت اڪثريت ٺاهڻ لاءِ گهربل ميمبرن جو انگ پورو ڪرڻ لاءِ ٺاهي وڃي ٿي، يا ڪنهن مجبوري ۽ سياسي مصلحت تحت، هر صورت ۾ اهڙي حڪومت کي فيصلا ڪرڻ، پاليسيون ٺاهڻ ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي کي فري هئنڊ آهي. ڏسڻو اهو آهي ته اهڙين مصلحتن کان خالي دور ۾ اها سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڇا ٿي ڪري؟
سنڌ اسيمبلي جي ايوان تي جيڪڏهن نظر وجهجي ته اتي ڪجهه چهرا نوان ضرور نظر ايندا، پر ڪي پراڻا چهرا هاڻ ايوان ۾ ناهن، ڄڻ اهي پنهنجو وارو وڄائي ويا. سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته اسيمبلي وڏي يا خاص پراڻي سياسي ڪيڊر کان خالي ٿي ويئي. سواءِ سائين قائم علي شاهه يا هڪ ٻه ڪي ٻيا هوندا. نثار کهڙو، منظور وساڻ، پير مظهر الحق ۽ ٻيا اڳواڻ جيڪي محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ پارٽي توڙي ايوان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا، اهي هاڻ ايوان ۾ نه رهيا آهن. شايد سائين قائم علي شاهه کي ٻارهين رانديگر جيان اسيمبلي ۾ رکيو ويو آهي ته جيڪڏهن پارٽي جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪو معاملو ٿئي ته آسانيءَ سان اها جاءِ ڀري سگهجي. اهو صحيح آهي ته پراڻو سياسي ڪيڊر ايوان ۾ نه آيو آهي، پر ان ڪيڊر پنهنجي اولاد کي چونڊائي ورتو آهي. نثار کهڙو جي ڌي ندا کهڙو عام چونڊن ۾ پنهنجي پيءُ جي تڪ تان هارايو، پر عورتن لاءِ مخصوص سيٽن تي اچي ويئي آهي. پير مظهر جي جاءِ تي سندس پُٽ پير مجيب الحق ايم پي اي ٿيو آهي. وساڻ خاندان کي هڪ سيٽ ملي آهي. ائين اهي ماڻهو سياست ۽ حڪومت ۾ پنهنجي نمائندگيءَ جو خانداني تسلسل ته برقرار رکي سگهيا، پر سياسي ڪيڊر وارو تسلسل ختم ٿي ويو. پيپلز پارٽي اليڪٽ ايبلز واري حڪمت عملي تحت چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ سنڌ جي ذري گهٽ سمورن اليڪٽ ايبلز کي کڻي پنهنجي جهوليءَ ۾ وڌو. پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ تان اختلاف ٿيا. ڊزن کن سيٽن تي اهي اختلاف پارٽي قيادت آصف علي زرداي، بلاول ڀٽو ۽ فريال ٽالپر جي وچ ۾ اچڻ تي نبرجي نه سگهيا. پارٽي کي پنهنجي 2013ع کان پوءِ واري ٺاهيل حڪمت عملي جي غلطي جو احساس ٿيو، ان ڪري پارٽي قيادت پلان ”بي“ وارو رستو اختيار ڪيو. جيتوڻيڪ عام سيٽن تي خانداني سياست ڪندڙ ۽ بااثر ئي رهيا. پارٽي قيادت، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جيان عوام ۾ هيٺ نٿي لهي سگهي، تنهن پنهنجو ووٽ بئنڪ بچائڻ لاءِ اهو پلان اختيار ڪيو ته ڏتڙيل برادرين کي پنهنجي صفن ۾ جاءِ ڏني. پر اها جاءِ سڌي ووٽ واري نه، پر پارٽي جي نامزدگي واري جاءِ آهي. ننگرپارڪر جي ڪرشنا ڪولهي کي سينيٽر چونڊيو ويو. تنزيلا شيديءَ کي عورتن جي مخصوص سيٽ تي ايم پي اي چونڊيو ويو. ميگهواڙ برادري مان انجنيئر گيانچند اڳ ئي سينيٽر هو، پر ڊاڪٽر کٽو مل کي سمورين ڪوششن باوجود اسلام ڪوٽ واري صوبائي سيٽ تي ٽڪيٽ نه ڏني وئي. ميگهواڙ برادري مان پارٽي جي سرگرم ڪارڪن سمترا جو نالو عورتن واري سيٽ جي لسٽ ۾ وڌو ويو، پر جنهن نمبر تي سندس نالو وڌو ويو، ان جي اچڻ جا امڪان بنهه نه هئا، پر پارٽي کيس مڃتا ڏني. اها مثبت ڳالهه آهي ته انهن ڏتڙيل برادرين ۾ حڪمران جماعت ۾ شموليت سان شراڪت داريءَ جو احساس پيدا ٿيو. ان سان گڏوگڏ پارٽي جي اقليتن جي دل ۾ جاءِ ٺهي. ساڳئي وقت ملڪي سطح توڙي عالمي طور وڏي هاڪ ٿي ته پيپلز پارٽي ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل طبقن کي پاڻ سان کڻي هلي رهي آهي، انهن کي ايوان ۾ آڻي مڃتا ڏئي رهي آهي. ائين پارٽي جو سيڪيولر ۽ عوامي رنگ اڀارڻ ۾ مدد ملي. دراصل پارٽي قيادت هيٺين سطح تي تنظيم سازي ڪرڻ ۽ پارٽي ڪيڊر ٺاهڻ ذريعي عوام جي شموليت ڪرڻ واري کوٽ هن انداز ۽ شڪل ۾ پوري ڪئي. جنهن ۾ پارٽي جي عزت به وڌي ۽ پارٽي چونڊون به کٽيون. پارٽي جي هن حڪمت عملي جو چونڊن تي اهو اثر ٿيو، جو اقليتن پارٽي جي حمايت ڪئي. ايتري قدر جو سڄي ميرپور خاص ڊويزن، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ بدين ۾ پارٽي جي اميدوارن جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته انهن ضلعن ۾ پارٽي اميدوارن جي يقيني جيت جو وڏو ڪارڻ اهو ئي هو. جڏهن نتيجا آيا ته نه رڳو پارٽي وٽ سيٽون وڌيڪ هيون، بلڪه کٽيل اميدوارن جي ليڊ به وڏي هُئي. پارٽي جي هن حڪمت عملي ساڳئي وقت اليڪٽ ايبلز کي اهو پيغام ڏنو ته توهان ڀلي کڻي وڏا هجو يا گهڻو بااثر ڇو نه هجو، پارٽي جي حمايت کان سواءِ کٽي نٿا سگهو. ان جو وڏو مثال وڏن وڏن هيوي ويٽ پير پاڳاري جي ڀاءُ پير صدرالدين شاهه، غلام مرتضيٰ جتوئي، ارباب غلام رحيم جي شڪست آهي.
سنڌ ڪابينا ۾ ڪجهه ردوبدل يقيني آهي، پر فريال ٽالپر جي سنڌ اسيمبلي ۾ موجودگي بعد سنڌ جا معاملا ۽ فيصلا وري به سندس ئي ميز تي ٿيندا. سنڌ حڪومت کي ڪجهه مشڪلاتون به ٿينديون، ڇاڪاڻ جو هن ڀيري به صوبي ۾ اپوزيشن ۽ گورنر پيپلز پارٽي مخالف پارٽي يعني تحريڪ انصاف جا آهن. هينئر ئي پيپلز پارٽي پاران تحريڪ انصاف جي نامزد گورنر عمران اسماعيل تي اعتراض واريا ويا آهن. هو سمجهي ٿي ته اپوزيشن جي قيادت پي ٽي آءِ وٽ هجڻ سان گڏوگڏ جيڪڏهن انهن جي پارٽي جو گورنر هوندو، سو به وري سخت موقف رکندڙ ته صوبائي حڪومت کي ڏکيائي ٿيندي. نامزد گورنر عمران اسماعيل جو ”بلاول هائوس جون ديوارون ڪيرائڻ“ وارو بيان پيپلز پارٽي جذباتي مسئلي طور کڻي رهي آهي، پر ان جون سياسي معنائون به آهن. اها پارٽي کي وارننگ آهي. پيپلز پارٽي ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف کان وضاحت گهري آهي ته اهو بيان پارٽي جو پاليسي بيان آهي يا نامزد گورنر جي ذاتي راءِ؟ پيپلز پارٽي اها به فرمائش ڪئي آهي ته کيس گورنر مقرر نه ڪيو وڃي. اصل ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي جي قيادت چاهي ٿي ته سندن گورنر کي اهڙا ۽ اوترا اختيار هجن، جيترا ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي رکيل گورنر عشرت العباد کي هُئا. پيپلز پارٽي کي عمران اسماعيل جي بيان مان اها بوءِ اچي ٿي.
وفاق سان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو معاملو خاص ڪري ٻن ڳالهين تي مدار رکندو. هڪ اهو ته سنڌ ۾ ان جي حڪومت کي ”ڊسٽرب“ نه ڪيو وڃي. ٻيو اهو ته پارٽي جي مُک قيادت خلاف ڪرپشن، مني لانڊرنگ وغيره جي حوالي سان ڪا وڏي ڪارروائي نه ڪئي وڃي. جڏهن ته صوبي طور تي سنڌ جا وفاق وٽ جيڪي معاملا اٽڪيل آهن، تن جي حيثيت ثانوي رهندي. انڪري پيپلز پارٽي وفاق ۾ پاڻ به حڪومت سان ”فرينڊلي“ رهندي ۽ باقي اپوزيشن کي به فرينڊلي رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي اها گهر به هوندي ته تحريڪ انصاف سنڌ ۾ به ان سان فرينڊلي رهي. تحريڪ انصاف جو فائدو انهي ۾ آهي ته اپوزيشن ورهايل هُجي. اها پيپلز پارٽي کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي ته نواز ليگ ٻنهي جي گڏيل دشمن آهي. پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي مجبوري آهي ته هڪ ٻئي کي ويجهو رهن. انڪري نٿو لڳي ته پارليامينٽ ۾ تازو ٺاهيل وسيع تر اتحاد ڪو گهڻو وقت هلي. جيڪڏهن هليو، تڏهن به ان جو موثر ڪردار نه هوندو. آصف علي زرداري تحريڪ انصاف توڙي ڌر ڌڻين لاءِ وڏو ڪم ڪيو، جو هن اسيمبلي ۾ قسم نه کڻڻ ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ واري مولانا فضل الرحمان جي تجويز اپوزيشن جي اتحاد ۾ رد ڪرائي. جيڪڏهن هو ائين نه ڪري ها ته تازو ٿيل چونڊن جي ڪا به ساک يا ڪريڊبلٽي نه بيهي ها، معاملو اهم ادارن تائين هليو وڃي ها.
صوبي جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي کي هن ڀيري هڪ مختلف قسم جي اپوزيشن سامهون آهي. ان اپوزيشن جي پارٽي وفاق ۾ حڪمران آهي، يعني انهن وٽ وفاقي حڪومت، صوبائي گورنر ۽ صوبي ۾ اپوزيشن هڪ ئي پارٽي وٽ آهن. سنڌ حڪومت لاءِ اهڙي صورتحال ان کان اڳ ڪڏهن به پيدا نه ٿي هئي. گذريل دور ۾ وفاقي حڪومت نواز ليگ وٽ هئي. سنڌ ۾ اپوزيشن ايم ڪيو ايم وٽ هئي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي سياسي طور هئنڊل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي محتاج هُئي- پر هاڻي پيپلز پارٽي جي حڪومت تي ٽه طرفو دٻاءُ هوندو. ساڳئي وقت تحريڪ انصاف اهو به چاهيندي ته اها سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پير ڊگهيري. پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته ڪراچي ”حساس“ پچ آهي، جتي هاڻوڪي بالنگ ۽ بئٽنگ هڪڙي ئي ڪمانڊ سان ٿيندي. انڪري پيپلز پارٽي ڪراچي بابت ”نرم رويي“ جو اظهار ڪيو آهي. ٻيهر چونڊيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي وڌيڪ ترقي ڏيارينداسين. هن مطابق ته جن کي ڪراچي جي شهرين رد ڪيو آهي، انهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. هن هڪ قدم اڳتي وڌي اها ڳالهه به ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن الڳ صوبي واري مطالبي تان هٿ کڻي ته ان کي صوبائي حڪومت ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير جو اهو بيان عملي گهٽ ۽ سياسي وڌيڪ آهي. اهو ان ميار جو جواب آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي کي کنگهيو ئي ڪونه. ساڳئي وقت ايم ڪيو ايم کي تحريڪِ انصاف جي بنهه ويجهو وڃڻ کان روڪڻ جي حڪمت ٿي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ پاڻ کي مڃائڻ لاءِ وڌيڪ سرگرم ۽ فعال ڪردار ادا ڪندي. ان کي هڪ ئي وقت صوبي ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪرڻو آهي ۽ وفاق ۾ اڪثريت برقرار رکڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي به پاڻ سان گڏ کڻي هلڻو آهي. ساڳئي وقت مستقبل لاءِ ڪراچي ۾ پنهنجي جاءِ به ٺاهڻي آهي. ائين کڻي چئجي ته ڪراچي ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ ٽئي جماعتون هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ رهنديون. ڏسجي ان صورتحال ۾ ٻن وڏين پارٽين تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي جون ڪهڙيون ترجيحون ٿيون بيهن ۽ پنهنجا ذاتي ۽ سياسي مفاد بچائڻ لاءِ اهي ڪهڙيون حڪمت عمليون ٿيون جوڙين.

Labels: , , ,

Friday, August 03, 2018

تحريڪ انصاف جون ”نئين پاڪستان“ لاءِ سوديبازيون سنڌ کي وڌيڪ پراڻو ته نه ڪنديون؟

سهيل سانگي

ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سڄو ملڪ نئين پاڪستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، سنڌ اڃان تائين پراڻي پاڪستان ۾ ئي بيٺل آهي. ڄڻ نئين پاڪستان ۾ ماڻهن کي جيڪو لاڀ ملندو، سنڌ ان کان وانجهيل رهندي. اهڙي خيال وارن کي ٻڌائڻ ضروري آهي ته پاڪستان، پاڪستان آهي. اهو نئين پاڪستان جو ٺپو پاڪستان جي مشهوري لاءِ آهي. جيڪي ڪجهه نئين پاڪستان ۾ ٿيندو، ان جو اُپاسرو سنڌ کي به ملندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ اڃان تائين جاگرافيائي، سياسي ۽ انتظامي طور تي پاڪستان ۾ ئي آهي.
عمران خان جي پارٽي بس ذري تان مار کائي ويٺي. جيڪڏهن خيبر پختونخوا اسيمبلي وانگر اها قومي اسيمبلي ۾ به سادي اڪثريت حاصل ڪري وٺي ها ته ان کي آزاد ۽ اتحادي ميمبرن جي ضرورت نه پوي ها. انڪري پنهنجي اڪثريت کي مساله دار بڻائڻ لاءِ سودي بازي ڪرڻ، فرمائشون مڃڻ کان سواءِ تحريڪ انصاف وٽ ٻيو ڪو رستو ڪونهي. اهو مسالو اليڪشن کان اڳ ئي پئجي چڪو، جڏهن تبديلي جو دهل وڄائيندڙ پارٽي جي سربراهه پاڻ چيو هو ته اقتدار ۾ اچڻ لاءِ پئسو ۽ اليڪٽيبلز کي ساڻ کڻڻ ضروري آهي. هن وقت جتي وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ عمران خان سمورا حيلا هلائي رهيو آهي، ساڳئي وقت پنجاب ۾ به صوبائي حڪومت نواز ليگ کي ڏيڻ جي موڊ ۾ ناهي. ان ڪري اتي به پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن. انهن ٻن حڪومتن ٺاهڻ جو سُٽ منجهڻ ڪري خيبر پختونخوا ۾ به حڪومت سازي جو معاملو مونجهاري جو شڪار آهي. تحريڪ انصاف آڏو رڳو وفاق، خيبر پختونخوا يا پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ جي حد تائين معاملو ناهي پر انهن ٻنهي اسيمبلين ۾ اسپيڪر ڪير هجن، صوبائي گورنر ڪير هجن، سيپٽمبر تائين خالي ٿيندڙ صدارتي عهدي تي ڪير اچي؟ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر ڪير هُجن؟ ايتري قدر جو خود سينيٽ جي چيئرميني ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. اليڪشن جا نتيجا اهڙا آيا آهن، جنهن ۾ رڳو عددي لحاظ کان ڳالهه اڪثريت واري ۽ ٺهڪندڙ نه پئي بيهي، بلڪه ملڪ ۾ ٽي وڏيون پارٽيون سامهون آيون آهن. انهن پارٽين جي ايڊجسمينٽ سان گڏوگڏ صوبن جي اقتدار ۾ شراڪت ۾ توازن وارا معاملا به ايندڙ هفتي ٻن ۾ اُڪلايا ويندا. اهو ئي سبب آهي ته اپوزيشن طرفان گڏيل تحريڪ هلائڻ تي ويچار ڪيو پيو وڃي.
حڪومت سازي جي معاملي ۾ سنڌ تحريڪ انصاف کي ليکي ۾ ناهي، ڇاڪاڻ جو عمران خان چونڊن کٽڻ کان پوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ پيپلز پارٽي کي پنهنجي سنگت مان خارج ڪري چڪو آهي. ان جي بدران هن ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کي گڏيل حڪومت ۾ اچڻ جي صلاح ڏني. سنڌ ۾ حڪومت سازي جو ڪم اڃان شروع نه ٿيو آهي، پر هتي پيپلز پارٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. ايم ڪيو ايم هونئن پيپلز پارٽي بدران تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويٺي هئي، ڪالهه انهن جي باضابطه طور تي عمران خان سان ملاقات به ٿي، ۽ انهن تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي پاران وفاقي حڪومت ڏي وڃڻ بعد تحريڪ انصاف لاءِ صوبي ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو وٺڻ سولو ٿي ويو آهي. هونئن سنڌ اسيمبلي ۾ 166 ميمبرن جي ايوان ۾ پي ٽي آءِ ٻئي نمبر تي آهي. وٽس 30 سيٽون آهن. ايم ڪيو ايم وٽ 21 سيٽون، جي ڊي اي وٽ مخصوص سيٽون ملائي 15 سيٽون آهن. جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ گڏجي چونڊون وڙهيون هيون. ائين اپوزيشڻ ليڊر جو عهدو پي ٽي آءِ وٽ هجڻ تي ان کي ڪو اعتراض نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي کي ٻئي ڌريون گڏيل دشمن سمجهن ٿيون.
سنڌ جي حوالي سان سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته نئين سيٽ اپ ۾ سنڌ کي ڪٿي بيهاريو ويندو؟ اهو درست آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت سان کٽيو آهي ۽ صوبي ۾ ان جي حڪومت ٺهندي، پر اقتدار ۾ شراڪتداري رڳو پارٽي جي حساب سان نه ٿيندي آهي. پاڪستان گهڻ قومي رياست آهي، انڪري ڀلي ڏيکاءَ لاءِ ئي سهي، پر اقتدار ۾ شراڪتداري رکي ويندي آهي. تحريڪ انصاف وٽ سنڌ ۾ قومي اسيمبليءَ جون 12 سيٽون آهن، جن مان 11 ڪراچيءَ جون آهن. باقي سنڌ ۾ ميان محمد سومرو جي ئي سيٽ پي ٽي آءِ وٽ آهي. ساڳي طرح صوبائي اسيمبلي تي اسلم ابڙو ۽ شهريار شر آهن. سوال کي ائين به رکي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ سان ڪهڙو سلوڪ ڪندي؟ سنڌ کي ڪيترو ۽ ڪيئن سوڙهو ڪندي؟ هن سوال جا ٻه ٽي حصا آهن. (1) حڪمران جماعت چونڊن ۾ ساٿ ڏيندڙن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندي؟ (2) پارٽي ۽ وفاقي حڪومت جون پاليسيون ڪراچي کان ٻاهر نڪري باقي سنڌ کي به فوڪس ڪنديون؟ (3) سنڌ جي ڪور اشوز تي تحريڪ انصاف جو بطور پارٽي ۽ بطور حڪومت ڇا رويو هوندو؟
اچو ته انهن ٽنهي نقطن کي ڪجهه تفصيل سان ڏسون. گرينڊ الائنس ۽ تحريڪ انصاف سنڌ ۾ اتحادي ٿي چونڊون وڙهيون ۽ هڪ ٻئي جو مقابلو نه ڪيو پر قومي اسيمبلي لاءِ فهميدا مرزا ۽ علي محمد کٽي سگهيا، ۽ پي ٽي آءِ ڪراچي کي ڇڏي رڳو محمد ميان سومري واري سيٽ کٽي سگهي. جيڪڏهن پارٽي ميمبرن جي بنياد تي وزارت يا اقتدار ۾ شراڪت جي ڳالهه ڳولبي ته معاملو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ بيهندو. سنڌ يونائٽيڊ پارٽي به تحريڪ انصاف جي چونڊن ۾ اتحادي هئي پر اها به نه صوبائي، نه وري قومي اسيمبلي ۾ ڪا سيٽ ڪڍي سگهي. ايم ڪيو ايم چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي مخالف رهي. بلڪه انهن هڪ ٻئي خلاف چونڊون وڙهيون. جيڪي سيٽون تحريڪ انصاف کٽيون، سي ماضي ۾ ايم ڪيو ايم کڻندي رهي آهي. ائين ڄڻ ان جي حصي جون سيٽون تحريڪ انصاف کي مليون پر ان جي باوجود عمران خان ايم ڪيو ايم کي گڏيل حڪومت ۾ کڻڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.
سنڌ کي اقتدار ۾ شراڪتداريءَ جو هڪ ماڊل مسلم ليگ نواز استعمال ڪندي رهي آهي. اهو ماڊل ڪراچي فوڪسڊ آهي. ان ۾ باقي سموري سنڌ سان پارٽي خواهه حڪومت جي پاليسين ۾ به ٻئي درجي وارو سلوڪ ٿيندو رهيو آهي، ۽ سنڌ رڳو پيپلز پارٽي جي ئي رحم ڪرم تي رهي. نواز ليگ گورنر جو عهدو هجي، صدر يا سينيٽ توڙي اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽن وارو معاملو هجي ڪراچي کي ئي ترجيح ڏيندي رهي. ان جي باوجود اها ڪراچيءَ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي نه سگهي. ڇا تحريڪ انصاف به ان ماڊل ڏي ويندي؟ انڪري به اهو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي جو سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي وڌيڪ سيٽون ڪراچيءَ مان ئي مليون آهن ۽ وفاق ۾ سنڌ مان کيس ڇهه سيٽن تي حمايت به ايم ڪيو ايم وٽان ملي رهي آهي. امڪان آهي ته تحريڪ انصاف چاهيندي نه چاهيندي پنهنجي پاليسين ۽ رويي ۾ ايم ڪيو ايم جي فريم ورڪ ۾ هلي وڃي، ڇاڪاڻ جو هڪ ته اها ان جي اتحادي آهي، ٻيو اهو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجا تڪ ٺاهڻا آهن، جتي کيس ايم ڪيو ايم جي ڪراچي يا لسانيت تائين محدود دائري ۾ ڪم ڪندڙن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. ائين ان جون پاليسيون ايم ڪيو ايم جي پچ تي هليون وينديون. اهو سڀ ڪجهه ان ڊپ وچان به ٿيندو ته ڪٿي ايم ڪيو ايم پنهنجي وڃايل جاءِ ٻيهر نه والاري وٺي. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ڪجهه ڌريون چاهين ٿيون ته تحريڪ انصاف ايم ڪيو ايم جي پچ تي اچي. جيڪڏهن ان ڪراچي بيسڊ سياست ڪئي ته اها سنڌ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي نه سگهندي ۽ سنڌ ۾ سياست هڪ دفعو وري شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادين جي وچ ٽڪراءَ ڏي هلي ويندي.
ٽيون نقطو سنڌ جي هاٽ اشوز بابت آهي. سنڌ جا پنجاب ۽ وفاق سان پراڻا تڪرار هلندڙ آهن. جن مان اڪثريتي سنڌ جو هر مڪتبهءِ فڪر ايتري قدر جو جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ به سنڌ سان گڏ رهيون آهن. پاڻي جي انصاف ڀري ورهاست ۽ 1991ع واري ٺاهه تي ان جي روح موجب عمل، ڪالاباغ ڊيم هجي، قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۽ ان تحت سنڌ کي ملندڙ مالي وسيلا، توانائي جا وسيلا ۽ انهن جي ورهاست مکيه اشوز رهيا آهن. هاڻي ارڙهين آئيني ترميم به ان بحث جو حصو بڻجي وئي آهي. ارڙهين ترميم تحت صوبن کي صوبائي خودمختياري مليل آهي. جيتوڻيڪ ان جي ڪجهه اهم حصن تي عمل ٿيڻ اڃان باقي آهي پر ڪجهه سگهارن حلقن طرفان اهڙا اشارا ڏنا پيا وڃن ته ان ترميم کي تبديل ڪيو وڃي. سنڌ جي عام راءِ ارڙهين ترميم کي ڦٽائڻ جي حق ۾ ناهي. ماضي ۾ سنڌ جون سموريون ڌريون ۽ قومپرست انهن مطالبن لاءِ احتجاج ڪنديون رهيون آهن. پيپلز پارٽي به ڪڏهن سنڌ جي انهن ڌرين سان گڏ ته ڪڏهن انهن کان ڌار اهي مطالبا پنهنجي انداز سان کڻندي رهي آهي. ارڙهين آئيني ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ صورتحال تبديلي ٿي ويئي آهي، جو انهن مطالبن کي آئيني ۽ قانوني مڃتا ملي وئي. نتيجي ۾ اهم نقطا پارلياماني سياست جي دائري ۾ هليا ويا. پوءِ ٿيو ائين جو قومپرستن به اهي مطالبا ڪرڻ ڇڏي ڏنا، ۽ رڳو پيپلز پارٽي ئي اهي مطالبا کڻندي رهي. نواز ليگ حڪومت جي گڏيل دور ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي وفاقي سرڪار سان ڇڪتاڻ رهي. سرڪاري طرح لکپڙهه ۽ واسطيدار فورمن ۾ اهي گهرجون کڻڻ سان گڏوگڏ پاڻي جي ورهاست ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف پيپلز پارٽي روڊن تي به آئي. هي سنڌ جا هاٽ اشوز آهن، جن تي حڪومتي توڙي عوامي سطح تي مضبوط راءِ موجود آهي. تحريڪ انصاف پنهنجي نقطهءِ نظر ۾ نواز ليگ کان وڌيڪ مرڪزيت پسند آهي، سا ڪالاباغ ڊيم جي به حامي رهي آهي. هن جي نزديڪ صوبن جا حق ۽ صوبائي برابري ثانوي سوال آهي. جڏهن ته انهن اشوز تي پارٽي جي ڪا واضح پاليسي موجود ناهي پر تاثر اهو ڏيندي رهي آهي ته ”گڊ گورننس سان معاملو حل ٿي ويندو.“ ان حد تائين ته صحيح آهي ته ڪنهن به صوبي اندر گڊ گورننس سان ڪافي مسئلا حل ٿيندا پر جيڪي معاملا ٻن صوبن يا ڪنهن هڪ صوبي ۽ وفاق وٽ تڪراري بڻيل آهن، يا صوبائي خودمختياري آهي. اهي مسئلا پنهنجي جاءِ تي ڪر کڻي بيٺل رهندا.
ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف ۽ ان جو ليڊر سنڌ جي انهن اشوز کي ڪيترو سمجهي ٿو ۽ اهميت ڏي ٿو؟ ٻي صورت ۾ هڪ دفعو وري صوبائي خودمختياري ۽ قومي حقن وارو سوال شدت سان اٿندو.

http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2018/Aug/04-08-2018/Page4/P4-2.jpg
http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/04%20Aug%202018.htm

Labels: , ,