Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, December 21, 2015

گرينڊ الائنس“ بعد سنڌ حڪومت جي حڪمتِ عملي ڇا هُوندي؟! Sohail Sangi

گرينڊ الائنس“ بعد سنڌ حڪومت جي حڪمتِ عملي ڇا هُوندي؟!
(سهيل سانگي)

سنڌ ۾ رينجرز کي پوليسنگ جا اختيار ڏيڻ وارو تڪرار، جيڪو هاڻ بحران جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي، جاري هو ته سنڌ ۾ گرينڊ الائنس جون پهريون خبرون اچڻ لڳيون، هاڻي بنا تنظيمي ڍانچي جي ان جي ٺهڻ جو اعلان به ٿي ويو آهي، مٿان وري 9 جنوريءَ کان تحريڪ هلائڻ جي ڌمڪي به اچي ويئي آهي. سياست توڙي جمهوري حڪومت ۾ حامي ۽ مُخالف اتحادن جو ٺهڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پاڪستان جي توڙي سنڌ جي تاريخ اهڙن اتحادن سان ڄڻ ڀري پئي آهي، ستر واري ڏهاڪي کان پوءِ جيڪي اتحاد ٺهيا، سواءِ ايم آر ڊي تحريڪ بحالي جمهوريت جي، ذري گهٽ سمورا اتحاد پيپلز پارٽيءَ جي خلاف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حق ۾ ٺهيا، ٻه وڏا اتحاد پاڪستان قومي اتحاد، جيڪو ستر جي ڏهاڪي ۾ ٺهيو ۽ 9 سِتارن واري پي اين اي جي تحريڪ جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو، هن اتحاد جي تحريڪ جي نتيجي ۾ ذُوالفقار علي ڀُٽي جي چُونڊيل حڪومت جو تختو اُونڌو ڪيو ويو، ملڪ ۾ ضياءَ الحق جو مارشل لا لاڳو ٿيو، پاڪستان سياسي، پرڏيهي پاليسي، توڙي ٻين شعبن ۾ ڇا وڃايو، اهو سڀني جي سامهون آهي، بلڪه ضياءَ جي پاليسين جا راڱا اڃا تائين تازا آهن ۽ زخم چِڪي رهيا آهن، ٻيو وڏو اتحاد آءِ جي آءِ جي نالي سان ٺهيو، جنهن جو مقصد پنجاب مان پيپلز پارٽيءَ کي بيدخل ڪرڻ هو.
سنڌ ۾ ويجهي ماضيءَ جو اتحاد 9 جماعتي اتحاد آهي، جيڪو 2013ع جي چُونڊن لاءِ پير پاڳاري جي اڳواڻيءَ ۾ جوڙيو ويو هو، اهو مقصد به پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ ئي ڦاسائي رکڻ ۽ پنجاب کي اهو نياپو ڏيڻ هو ته، توهان پنجابي ڇو اچي پ پ جي ڪَڍ لڳا آهيو، ان کي ته پنهنجي گهر سنڌ ۾ به ووٽ ڪو نه ملندا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا قوم پرست دوست گيم کي سمجهڻ بدران تاڙيون وڄائي انهيءَ اتحاد جو حِصو بڻيا، هُو اليڪشن ۾ پنهنجو ڌارَ ڪو ووٽ بينڪ ۾ اڪائونٽ کولي نه سگهيا، ائين انهن اسٽيبلشمينٽ جي ان آئيڊيا کي پاڻي ڏنو ته پيپلز پارٽيءَ جو مُتبادل قومپرست ڌُريون نه، پر پير پاڳارو آهي ۽ ان جي مٿان نواز شريف جي ڇَٽي آهي. خير، اها گيم ته هلي پوري ٿي پر شايد ئي قومپرست دوستن گُذريل ٻن سالن ۾ ان سڄي قِصي جو پوتاميل ڪيو هُجي ۽ ڳالهه جي پاڙَ تائين پهتا هُجن.
هاڻي هڪ دفعو وري نئين اتحاد کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، جيڪو نه رُڳو پنهنجي جوهر ۾، بلڪه نعري ۾ به رُڳو پيپلز پارٽي مخالف ۽ پرو اسٽيبلشمينٽ آهي، اُن وٽ صُوبي ۾ سماجي ۽ مُعاشي ترقيءَ لاءِ ٻيو ڪو نعرو يا پروگرام ناهي، اها پيپلز پارٽيءَ کي رُڳو رينجرز کي اختيار ڏيڻ واري تڪرار وقت ئي سوڙهو نه ڪري رهيا آهن، بلڪه هُو چون ٿا ته، رينجرز کي اختيار ڏيو، ائين هُو غير جمهوري مُطالبي ۽ غير سياسي ڌُرين کي مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. سنڌ ۾ رينجرز 1997ع کان موجود آهي ۽ ان کي سَنها ٿُلها اختيار تڏهن کان رهيا آهن، هاڻي آپريشن وقت اُن کي پوليسنگ وارا اختيار ڏنا ويا، جيڪي چئن مهينن تائين رهيا، اهي اختيار رينجرز کي اڄ به حاصل آهن، اُن ۾ صرف اِضافو ان ڳالهه جو ڪيو ويو آهي ته وڌيڪ اختيار استعمال ڪرڻ لاءِ ان کي وڏي وزير يعني صُوبائي حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي، رينجرز جي اختيارن وارو معاملو آئين جي آرٽيڪل 147 ۽ رينجرز ايڪٽ 1959ع يا وري دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع جي دائري ۾ اچي ٿو. حالانڪه قانوني ماهر ان تي ورهايل آهن ته انهن مان ڪن هڪ يا ٻن قانونن جي تحت ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ٻن منٽن لاءِ کڻي مڃجي به سَهي ته اهي کڻي قانون لاڳو ٿين ٿا، پر اُن صُورت ۾ به صُوبائي حڪومت جي اٿارٽيءَ کي مٿڀرائپ حاصل آهي.
آپريشن، اهو ڪنهن ماڻهوءَ جي عِلاج لاءِ ڪَجي يا دهشتگردن يا ڏوهارين خلاف، اهو مُقرر ۽ محدود مُدت لاءِ هُوندو آهي، مُلڪ توڙي سنڌ جي سياسي ڌُرين کي سمجهڻ گُهرجي ته ڊِگهي عرصي تائين اهڙي قسم جا اختيار ڏيڻ جو مطلب ڇا بِيهندو؟ بلوچستان جو مثال اسان جي اڳيان آهي، جتي جِيئن پوءِ تِيئن سويلين سياسي اختيار گهٽبا ويا ۽ هاڻي حڪومتن جي ٺهڻ، فيصلي سازي وغيره ۾ سياسي يا سويلين ڌُرين جو اختيار ڪيترو گهٽجي ويو آهي. عجيب  ڳالهه آهي ته خيبر پختونخوا، جتي دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيندا رهن ٿا، اُتي رينجرز اختيار ناهن. نئين گرينڊ الائنس جو ٺهڻ رينجرز جي اِختيارن ۽ اُنهن اختيارن جي بُڻ بنياد واري تضاد کان ڌار ناهي، سماجي عِلمن جا ماهر ان خيال جا آهن ته، ارڙهين ترميم کان پوءِ مُلڪ اندر مرڪزيت نه رهي آهي، ائين ان جو سياسي توڙي انتظامي ڍانچو غير مرڪزيت وارو بڻجي ويو آهي.
رياست مرڪزيت ناهي. اها مرڪزيت اسٽيبلشمينٽ ۾ به آهي، ان ڪري امن امان، دهشتگردي، پرڏيهي پاليسي ۽ پرڏيهي واپار وغيره کي هينڊل ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رهي آهي. جنرل مشرف جو رضا رباني لاءِ ڪاوڙ وارو بيان ان ڳالهه جو چٽو اظهار ڪري ٿو ته ارڙهين ترميم ذريعي رضا رباني رياست جي مرڪزيت ختم ڪري ڇڏي آهي.
          اهو صحيح آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي خراب حڪمراني، ڪرپشن سنڌ جي ماڻهن کي گهڻو ستايو آهي، بيزار ڪيو آهي، اها ماڻهن کي گذريل ستن سالن ۾ سواءِ سرڪاري نوڪرين جي ٻيو ڪجهه ڏئي نه سگهي آهي. پارٽي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ توڙي تنظيم اندر ڪنهن به سطح جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌيون آهن. هڪ جاءِ موجود آهي، جنهن کي ڀرڻ لاءِ نه نواز شريف ۽ نه ئي وري عمران خان کي ضرروت آهي. ان جاءِ کي ڀرڻ لاءِ اهڙين ڌرين کي اتحاد جي شڪل ۾ آندو ٿو وڃي، جيڪي ماضيءَ ۾ آپيشاهيءَ جون ساٿاري رهيون آهن، بلڪه اهي ڌريون 2008ع وارين چونڊن کانپوءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت سان چنبڙيل هيون. قومي عوامي تحريڪ، جنهن کي ڪا خوش فهمي يا غلط فهمي ٿي سگهي ٿي) ان کي ڇڏي، باقي سڀ ڌريون غير جمهوري لڏي جون ساٿاري رهيون آهن ۽ پنهنجا سياسي توڙي معاشي مفاد ان وسيلي پورا ڪنديون رهيون آهن. سندن عوام دوستي ۽ جمهوريت يا وطن دوستيءَ جو ڪو رڪارڊ ڪو نه ٿو ملي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهي سڄي اتحاد مان جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي الڳ رکجي ٿو ته پويان زيرو آهي. اهو ان ڪري به چئي سگهجي ٿو ته تازو ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ انهن جيڪو ٻوٽو ٻاريو، سو سڀني جي سامهون آهي.
          ايم ڪيو ايم ٻن ڳالهين جي ڪري ساٿ ڏئي رهي آهي، هڪ ان لاءِ ته ڪراچي ۾ ميئرشپ ملڻ بعد ان کي اتي اختيار کپن، سو ان لاءِ ته اسٽيبلشمينٽ جو مٿس هينئر جيڪو ”سخت“ هٿ آهي، ان کي هلڪي ڪرڻ لاءِ سودي بازي ڪرڻ گهري ٿي. ان سڄي قصي ۾ هن اتحاد جي ڪُلهي تي چڙهي، اها شايد ڪجهه حاصل به ڪري وڃي. اهو به الميو آهي ته اتحاد غلام مصطفى جتوئي ۽ پير پاڳاري جي وفات کانپوءِ سنڌ ۾ ڪا به پيپلز پارٽي مخالف قدآور شخصيت موجود نه آهي، ان ڪري جيڪي همراهه موجود آهن، اهي سڀ هڪ قد وارا ۽ سڀ وڏ وزارت جا اميدوار آهن، ان ڪري اهي پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ۾ ته گڏ آهن، پر ساڳئي وقت هڪ ٻئي جا مخالف به آهن. جڏهن ڪو وفاقي وزير سنڌ حڪومت کي ٻين آپشنز جا دڙڪا ڏيندو آهي ۽ ڊيڄاريندو آهي ته ان جو مطلب تجزيه نگار اهو وٺندا آهن ته شايد ممتاز ڀٽو کي ڪو رول ڏنو ويندو، جيڪو سگهارو گورنر ٿي سگهي ٿو. هڪ شخص ذريعي حڪومت ٺاهڻ ۽ هلائڻ وارا تجربا ڄام صادق جي فارمولا واري زماني کان آزمائبا رهيا آهن، پر ڳالهه اتي جي اتي بيٺل رهي. اهي سڀ وفاق ۽ ان جي ادارن جي لٺ کان سواءِ بيهي نه سگهيا. اها قيمت پنهنجي جاءِ تي آهي ته پيپلز پارٽي جيڪڏهن پنهنجي حڪمرانيءَ کي بهتر نه بڻائيندي، گڊ گورننس سان گڏ پارٽيءَ اندر ماڻهن ۽ ڪارڪنن لاءِ جاءِ پيدا نه ڪندي، تيستائين ان کي اهڙي صورتحال کي مُنهن ڏيڻو پوندو رهندو، ڇاڪاڻ جو ان جون اهي حرڪتون سازگار حالتون ٺاهين ٿيون. ميلاپ جوڙين ٿيون ته غير جمهوري ڌريون مداخلت ڪن.
          لڳي ٿو ته هي سڀ نعرا هڻڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، جنهن مان ڪنهن مثبت تبديليءَ جي آس نه ٿي رکي سگهجي. هونئن به چونڊيل حڪومتن خلاف جڏهن به اتحاد ٺهيا آهن يا تحريڪون هلايون ويون آهن ته جمهوريت وڌيڪ ڪمزور ٿي آهي. بينظير ڀٽو جهڙي شخصيت کي به آخر ۾ ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ ٺاهڻو پيو ۽ صحيح ڪرڻي پئي. چونڊيل حڪومتن خلاف اهڙن اتحادن سان ڪا تبديلي آئي به آهي ته ان مان عوام کي ڪڏهن به ڪجهه نه مليو آهي. ملڪ ان لاءِ هر حوالي سان وڌيڪ سوڙهو ئي آهي ۽ تڪليف وڌي آهي.
sohailsangi@yahoo.com



Labels: