Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, July 30, 2018

اليڪشن کانپوءِ حڪومت سازيءَ لاءِ ٿيندڙ صلاحون!

سهيل سانگي 
جمع 27 جولاءِ 2018غ

هن ڀيري چونڊن ۾ سنڌ ڪيترن هنڌن تي حيران ڪندڙ نتيجا ڏٺا آهن. سمورن آسرن، وڏن واڪن جي باوجود گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سنڌ مان ڌوپجي وئي آهي. هن اتحاد جي مرڪزي قيادت به هارائي ويٺي. اهو الائنس فنڪشنل ليگ لاءِ بنهه سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيو، جو خيرپور مان به اها پارٽي هارائي ويٺي. پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ آيل نتيجا لڳ ڀڳ اهڙا ئي هئا، جن جي رٿابندي ڪئي وئي هُئي. عمران خان جي تحريڪ انصاف اڪثريت رکندڙ پارٽي طور تي اڀري آئي آهي ۽ اها ئي مرڪز ۾ حڪومت ٺاهيندي. پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي سيٽن ۾ ڪو ٿورو فرق آهي. اتي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو آزاد اميدوار ڪندا، جيڪي ٻه ڊزن کان ڪجهه وڌيڪ تعداد ۾ کٽي آيا آهن. سواءِ تحريڪ انصاف جي باقي سمورين پارٽين چونڊ نتيجن کي رد ڪيو آهي يا وري ان تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. نواز ليگ جي صدر شهباز شريف نتيجن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڌانڌلي ٿي آهي. پيپلز پارٽي نتيجن کي تڪراري سڏيو آهي. پارٽي مطابق ان جي ايجنٽن کي ووٽن جي ڳڻپ بعد هر اميدوار جي کنيل ووٽن واري شيٽ، جيڪا فارم 45 ڪوٺجي ٿي، سا نه ڏني وئي آهي. مذهبي جماعتن جي اتحاد ايم ايم اي جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان نتيجن مڃڻ کان انڪار ڪندي ان نقطي تي آل پارٽيز ڪانفرس سڏائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته اهڙين چونڊن ۽ ان جي نتيجن جي خلاف ملڪ ۾ نئين صف بندي ٿيندي. عوامي نيشنل پارٽي ملڪ جي اڪيلي سياسي جماعت آهي، جنهن هارائڻ بعد به نتيجن کي قبول ڪيو آهي. اي اين پي جي اڳواڻ هارون بلور کي دهشتگرد حملي ۾ شهادت کان پارٽي اڳواڻن کي خطري جا الرٽ مليا. پر ماضي ۾ پختون قومپرستي ۽ کاٻي ڌر ڏي جهڪاءُ رکندڙ پارٽي، جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن کان زوال جو شڪار آهي، چونڊ مهم جو حصو بڻيل رهي. ان مين اسٽريم سياست ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو، حالانڪه پارٽيءَ جي هن پاليسي تي تنقيد به ٿي ته اسفنديار ولي اسٽيبلشمينٽ کي هروڀرو گهڻو ويجهو رهيو آهي، پر هن شايد بلوچ قومپرست سياستدانن جي سياسي اڪيلائپ ۾ وڃڻ واري ڪجهه غلطين کي آڏو رکي اهو فيصلو ڪيو. هونئن به ايندڙ حڪومت تي مجموعي طور تي پختون رنگ چڙهيل هوندو. ان ڪري به شايد اسفنديار ولي انهن چونڊن جي ساک کي ڇيهو رسائڻ نه پئي گهريو.
چونڊ نتيجن جاري ٿيڻ ۾ دير، ايجنٽ اٿارڻ يا ايجنٽن کي نتيجن جو تصديق ٿيل فرام 45 نه ڏيڻ بابت پيپلز پارٽي جي شڪايتن ۾ وزن آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حد تائين نتيجا اهو ٻڌائين ٿا ته هن صوبي ۾ پيپلز پارٽي سان ڪا راند يا هٿ چراند نه ٿي آهي. ان کي جيڪڏهن لياري مان ڪو جهٽڪو لڳو آهي ته اهو ٿيڻو ئي هو. لياري کي سياسي، انتظامي ۽ ترقياتي حوالي سان جيترو نڌڻڪو ڇڏيو ويو هو، ان جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو. لياري ان نڌڻڪائي جي ڪري پهرين گينگ وار ۽ مافيا جو ڳڙهه رهيو، بعد ۾ اتان ماڻهن ڪو سڪون ڳولڻ لاءِ مذهبي جماعتن ۾ جاءِ ورتي، جيڪي ڄڻ جهولي کولي ان لاءِ واجهائي رهيون هيون. سنڌ ۾ مجموعي طور پيپلز پارٽي جون سيٽون وڌيون آهن، پر لياري مان پيپلز پارٽي جو هارائڻ گهڻو ڳايو ويندو ۽ تاريخ جو حصو رهندو، واري ڦيري سان جنهن جو طعنو پيپلز پارٽي کي ملندو رهندو. سنڌ ۾ جڏهن جي ڊي اي کي پيپلز پارٽي جي متبادل طور لاٿو ويو ۽ جي ڊي اي صوبائي حڪومت ٺاهڻ بابت ڳالهيون ڪيون ته ان سنڌ جي ماڻهن کي ماڳهين ڊيڄاري وڌو. ڪجهه سرگرم ۽ حقن لاءِ وڙهندڙ ڌريون جي ڊي اي کان ڪاوڙ ڏيکارڻ لاءِ پيپلز پارٽي جون حامي بڻجي ويون. جي ڊي اي پاڻ کي ماڻهن لاءِ نه، پر اليڪٽ ايبلز لاءِ متبادل طور پيش ڪيو. ان جي موٽ به ماڻهن ساڳي انداز سان ڏني ۽ اهو نياپو ڇڏيو ته جي ڊي اي پيپلز پارٽي جو متبادل ناهي. جي ڊي اي جي قيادت ۾ ڪا به سافٽ چهري واري شخصيت نه هُئي.
ڪراچي ۾ آيل چونڊ نتيجا ڪنهن حد تائين توقع جي ابتڙ آيا. خيال هو ته پراڻي ايم ڪيو ايم وارو ووٽ ان جي ڪُک مان جنم وٺندڙ پارٽين جي وچ ۾ ورهائجي ويندو ۽ سيٽن ۾ به ان مطابق ورهاست ٿيندي، پر ٿيو ائين جو ايم ڪيو ايم کان گذريل پنجن سالن ۾ سرعام پهرين بغاوت ڪندڙ گروپ، جنهن پاڻ کي پاڪ سرزمين پارٽي جي شڪل ۾ سامهون آندو، سا پارٽي صاف ٿي ويئي، ڪا به سيٽ نه کڻي سگهي. پيپلز پارٽي، جنهن آخري ڏينهن ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن تي وڏيون رقمون خرچ ڪيون، تنهن کي اميد هئي ته ايم ڪيو ايم ۾ ٿيل ورڇ ۽ نيئن سر ٿيل تڪن جي ڊيزائين ۾ اها قومي جون پنج کان ڇهه سيٽون ۽ صوبائي جون ان جي ٻيڻ تي سيٽون کڻندي- پر ٿيو ائين جو ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي جاءِ نه ان جا مختلف گروهه وٺي سگهيا، نه ئي پيپلز پارٽي ۽ نه وري مذهبي جماعتن جو اتحاد، جنهن ۾ جماعت اسلامي، جعميت علماءِ پاڪستان، ۽ جمعيت علماءِ اسلام به شامل هيون. انهن مان ٻه جماعتون 80ع واري ڏهاڪي کان اڳ ڪراچي جي سياست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهينديون رهيون، بلڪه ٻه ڀيرا مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ جماعت اسلامي پنهنجو اثر ڏيکاريو هو، پر انهن روايتي مذهبي جماعتن کي ڪراچي ۾ سياسي طور جڳهه نه ملي. ٿيو ائين جو تازو ٺهيل ۽ پنجاب ۾ هيڊ ڪوارٽر رکندڙ نوان مذهبي گروپ نروار ٿيا. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي جڳهه تحريڪ انصاف کي ڏني وئي، جنهن جي تشريح ائين پئي ڪئي وڃي ته ان سان ڪراچي محدود حدن جي بدران ملڪ گير ۽ قومي وهڪري واري سياست ۾ شامل ٿي ويو آهي، انڪري اهو سٺو سنئوڻ آهي. ڪراچيءَ ۾ پي ٽي آءِ کي ميل سيٽون انڪري به اهم آهن، جو ان جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ٻئي نمبر تي وڏي پارٽي ٿي ويئي ۽ ائين سنڌ اسيمبلي ۾ اها اپوزيشن جي قيادت ڪندي. ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف واقعي ڪراچي کي محدود سوچ مان ڪڍي ٿي يا ماڳهين پاڻ ان جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
جيئن مٿي ڄاڻايو آهي ته نتيجن مان لڳي ٿو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ نه ٿي آهي پر پوءِ به پارٽي کي اها شڪايت آهي ته چونڊون تڪراري آهن. سو انڪري جو چونڊن جي نتيجن بعد جيڪا وڏي تصوير ٺهي آئي آهي، ان ۾ پيپلز پارٽي جو ڪو رول نه پيو بيهي. اها حڪومت سازي توڙي مخالف ڌر جي اڳواڻي ڪرڻ واري حيثيت وڃائي ويٺي آهي. لڳي ٿو ته ايندڙ وقت جي وڏي تصوير ٺاهيندڙن پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ سيٽون ڏيئي ڇڏيون، جو انهن سيٽن جي مٿي ڪا اهميت نه ٿي رهي. فيصلو ڪندڙ ڌرين جي اصل دلچسپي پنجاب جي نتيجن ۾ هُئي. نتيجا ان جي خواهشن ۽ ضرورت مطابق اچي ويا، ائين پيپلز پارٽي ملڪي سطح تي ٽئين نمبر تي هلي وئي آهي. اصل ۾ 88ع کان پوءِ ملڪ ٻه پارٽي نظام تحت هليو پئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مکيه پارٽيون هيون. باقي ننڍا وڏا گروپ ۽ پارٽيون- پر مشرف دور کان ملڪ اندر ٽن جماعتن وارو نظام لاڳو ٿي چڪو آهي. مذهبي جماعتن ”ٽئين ڌر“ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جا مرڪزي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ۽ مولانا سراج الحق پنهنجون سيٽون به وڃائي ويٺا. ٽه جماعتي نظام جوڙيندڙن  جي ويجهو ايم ايم اي وارو آپشن وڌيڪ فيصله ڪن نه پئي بيٺو، جو اهي پراڻيون پارٽيون هيون، جن جي ڪلهن ۽ پٺن تي ماضي جي رڪارڊ جو پراڻو بار کنيل به هو. ان سان گڏوگڏ اهو ته ملڪ مذهبي جماعتن جي حوالي ڪرڻ سان عالمي طور تي به مسئلا هئا ۽ معاملو وري واپس ٻن جماعتن واري نظام ۾ هليو وڃي ها.
تحريڪ انصاف چونڊون کٽي ته ويئي آهي، پر مرڪز ۾ ان کي حڪومت ٺاهڻ توڙي ان کي مضبوط رکڻ لاءِ به ڊزن کن ميمبرن جي ضرورت پوندي. اڳي سمجهيو پئي ويو ته ايترا آزاد ميمبر چونڊجي ايندا، پر زرداري صاحب جي پيشن گوئي صحيح ثابت نه ٿي ۽ ان ڪري سندس خواهش به پوري نه ٿي ته آزاد اميدوارن سان گڏجي هو حڪومت سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. پيپلز پارٽي نه حڪومت سازي، نه وري حڪومت ڊاهڻ جي پوزيشن ۾ بيهي ٿي. تحريڪ انصاف ان ڳالهه کي ترجيح ڏيندي ته ميمبرن جو باقي گهربل انگ بلوچستان ۽ ڪجهه ٻين ننڍن گروپن يا پارٽين جي ذريعي پورو ڪيو وڃي. اهو ئي سبب آهي، جو ان جي ڊي اي، بلوچستان جي پارٽي ”باپ“ ۽ ٻين کي پنهنجي اڄوڪي پاليسي تقرير ۾ دعوت ڏني آهي. ائين هو پيپلز پارٽي يا ٻي ڪنهن وڏي پارٽي سان سياسي ٺاهه ڪرڻ کان بچي ويو آهي. جيڪڏهن هو پيپلز پارٽي سان ٺاهه ڪري ٿو ته هڪ ته هميشه ايڏي وڏي انگ وارن ميمبرن جي کيس محتاجي رهندي. ٻيو اهو ته اهڙي وڏي پارٽي هن جي پاليسين ۽ فيصلن تي به اثرانداز ٿيندي، ڇاڪاڻ جو وڏي پارٽي جون فرمائشون به وڏيون هونديون آهن. ننڍي پارٽي ۽ ننڍن گروپن جا مفاد به ننڍا ۽ فرمائشون به ڪي وڏيون نه هونديون آهن. ان ڪري انهن کي منهن ڏيڻ به سولو ٿيندو آهي. ”نئين پاڪستان“ جي عملي شڪل جو هڪ ٻيو پاسو به آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي، پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ کي سرسي آهي. 2013ع جي چونڊن ۾ به صوبن جي حد تائين ايئن هو. بلوچستان ۾ اڳي نواز ليگ بلوچ قوم پرستن جي هڪ ڌر سان گڏجي حڪومت ٺاهي. ساڳي صورتحال هن صوبي ۾ هاڻي به بيهندي. رڳو حاصل بزنجو ۽ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ جي جاءِ تي سردار اختر مينگل هوندو.
سياسي نقشي جي نئين شڪل ڪجهه هن ريت بيهي ٿي ته تحريڪ انصاف وٽ وفاقي حڪومت ۽ سرحد جي صوبائي حڪومت هوندي، پر اها پارٽي ٻن صوبن پنجاب ۽ سنڌ ۾ اپوزيشن ۾ هوندي. نواز ليگ وٽ پنجاب جي حڪومت ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو عهدو هوندو. پيپلز پارٽي وٽ سنڌ حڪومت ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو هوندو. اڄ جڏهن هڪ دوست سان بحث دوران مون اها ڳالهه ڪئي ته هن اهڙي نقشي جي تشريح ماڳهين هن ريت ڪئي ته وفاق ۽ خيبر پختوخوا ۾ پختون رنگ بيهندو، ڇاڪاڻ جو نواز ليگ جي حڪومت جو مطلب پنجاب جي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي حڪومت مان مراد سنڌين جي حڪومت سمجهيو ٿي ويو. اها ڳالهه مون کي عمران خان جي اڄوڪي ٽي وي واري خطاب جي موقعي تي عجيب لڳي، جڏهن هن چيو ته اسين افغانستان واري سرحد کليل رکنداسين.
ڀُٽي کان وٺي محترمه تائين پيپلز پارٽي جي حڪومتن کي سنڌ ۽ پنجاب جي اتحاد ۽ اقتدار ۾ شراڪت داري جو نالو پئي ڏنو ويو. هن ڀيري خيبر پختونخوا وٽ ڪيڪ جو وڌيڪ حصو پيو اچي. اهو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيو ٿئي. بقول اسان جي دوست اسلم خواجه جي جيڪڏهن حڪومت پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي گڏيل طريقي سان ٺهي ها ته خيبر پختونخوا مان هوتي وزيراعظم ٿئي ها، جيڪڏهن معاملو مولوين ڏانهن سياسي ڦيرو کائي ها ته مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هجي ها.
تحريڪ انصاف جيڪڏهن وڌيڪ اقتدار جي حوس ۾ اچي ڪجهه آزاد ميمبرن کي ملائي پنجاب ۾ حڪومت ٺاهي، نواز ليگ کي آئوٽ ٿي ڪري ته اهو ڪو سٺو فيصلو نه هوندو. پنجاب صوبي توڙي وفاق ٻنهي ۾ اپوزيشن ۾ ٿي ويندي. بينظير ڀٽو اهڙو تجربو ڪيو هو. اهو دليل ڏئي سگهجي ٿو ته تحريڪ انصاف هاڻي پنجاب جي پارٽي ٿي وئي آهي، پر ڇا پنجاب ان کي دل سان قبول ڪندو؟ يا ان سان پيپلز پارٽي جهڙو سلوڪ ڪندو؟ هاڻي ان جو سمورو دارومدار عمران خان تي آهي ته هو اقتدار جي ڪيڪ جي تقسيم ڪهڙي ريت ٿو ڪري؟ اڪيلي سر حڪومت ڪرڻ يا وڌ ۾ وڌ اختيارن جي خواهش ٿو رکي يا شراڪت جي فارمولا کي اڳتي ٿو واڌئي؟ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ کي حڪومت جو ٺاهڻ جو موقعو ڏئي، اتي چيڪ اينڊ بيلنس لاءِ تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ موجود آهي. عمران خان وٽ اها ئي پوانٽ آهي، جو خيبر پختونخوا ۾ نواز ليگ اپوزيشن ۾ ناهي جيڪا صوبي ۾ ان جو چيڪ اينڊ بلينس رکي.
انهن نتيجن جي هڪ شرط اها به آهي ته سنڌ ۽ پنجاب وري به پنهنجي روايتي سياست تي آهن. عمران خان جي حڪومت جي سياسي طور مخالفت موجود آهي ۽ عددي لحاظ کان ڪمزور حال هوندي ان کي ٻين وڏين پارٽين جي سينيئر پارليامينٽرين کي منهن ڏيڻو آهي. جيڪڏهن ان سنڌ يا پنجاب ۾ ڪا غلطي ڪئي ته اقتدار کي ڌڪ لڳي سگهي ٿو.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/27%20Jul%202018.htm

Labels:

Monday, July 23, 2018

سڀاڻي واري چونڊ کان اڳ جا منظر ۽ نتيجن جي ساک بابت اٿاريل سوال! سهيل سانگي

اڱارو 24 جولاءِ 2018ع

Photo courtesy ARY News

سهيل سانگي

سڀاڻي پاڪستان جو عوام ملڪ جي مهانگي ترين ۽ گهڻو تڪراري بنيل، بلڪه رتوڇاڻ ڀريل چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ وڃي رهيو آهي. هن ڀيري واري چونڊ مهم ڪيترن ئي حوالن سان ماضيءَ کان گهڻو مختلف رهي. 2013ع جي چونڊن ۾ رڳو دهشتگردي جو خطرو هو، پر هاڻوڪي چونڊن جي سرگرمي دهشتگردي جو نشانو بڻي. ٽن اميدوارن سميت اٽڪل پوڻا ٻه سئو ماڻهو دهشتگرديءَ جو کاڄ ٿي ويا. چونڊن جي عمل شروع ٿيڻ کانپوءِ جيڪي حالتون ۽ موقعا سامهون آيا، ان بعد سواءِ تحريڪ انصاف جي سمورن پارٽين کي شڪايتون رهيون. ڪن چيو ته برابري جا موقعا نه پيا ڏنا وڃن، هڪجهڙو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي، ڪي جماعتون ان حد تائين به ويون ته ڌانڌلي ٿي چڪي آهي يا وري اهو ته ڌانڌلي ضرور ٿيندي.
مکيه ادارن جو رول چونڊ مهم ۾ بحث ۽ تڪرار هيٺ رهيو. اليڪشن ڪميشن تي سڌي تنقيد ڪندڙ اڳوڻو چيئرمين سينيٽ رضا رباني هو، جنهن ايوان ۾ وڏي واڪي چيو ته، اليڪشن ڪميشن بي ضابطگين تي مجرمانه خاموشي اختيار ڪيو ويٺي آهي. هن انتخابي عمل ۾ فوج جي رول بابت چيو ته، فوج بابت اليڪشن ڪميشن جي ضابطي ۾ ڪا ڳالهه چٽي ناهي. فوج جي ترجمان، ايتري قدر جو آرمي چيف وضاحت ڪئي ته فوج چونڊن جي عمل ۾ اليڪشن ڪميشن سان سهڪاري رهندي ۽ ان جي ئي هدايتن تي عمل ڪندي. ميڊيا کي رياستي ادارن جي ڪنٽرول جون شڪايتون رهيون.
اصل ۾ ملڪ ۾ چونڊون هڪ اهڙي ماحول ۾ ٿي رهيون آهن، جڏهن سياسي ورڇ وڌي آهي. اها عجيب ڳالهه آهي، جو پهريون ڀيرو چونڊون غير نظرياتي بنيادن تي ٿي رهيون آهن. سياسي جماعتن جيتوڻيڪ چونڊ منشور ۽ پروگرام جاري ڪيا آهن پر اهي گهٽ اهميت رکن ٿا. منشور يا پروگرام جي بدران سياسي پارٽيون ٻن قسمن جي بيانيه ۾ ورهايل آهن. هڪ نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ/سويلين اختيارين جي بالادستيءَ جو نعرو ٿو هڻي، جيڪو ان جي سامهون واري قطار ۾ بيٺل آهي. پاڪستان ۾ اڳي وڏي حد تائين ٻه جماعتي سياسي نظام رهيو آهي، جنهن ۾ ننڍيون پارٽيون پنهنجو رول ادا ڪنديون رهيون آهن پر معاملو ٻن جماعتن جي چوگرد گهمندو رهيو. هيءُ پهريون ڀيرو آهي جو ملڪ ٽه جماعتي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آهي. هاڻي جيئن ته نظرياتي سياست ختم ٿي ويئي آهي ته سياسي پارٽيون ڪنهن معاشي يا سماجي تبديلي جي پروگرام يا موقف تي بيٺل ناهن. نتيجي ۾ سياست توڙي چونڊون اقتدار وٺڻ لاءِ ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ذاتي مفاد جي اهميت وڌي وئي آهي.
پهريون موقعو آهي جو نواز ليگ بنا نواز شريف جي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ ان جي قيادت شهباز شريف وٽ آهي. چونڊ مهم شروع ٿيڻ سان نواز ليگ جي اميدوارن ۽ اليڪٽ ايبلز تي دٻاءُ وڌيو. ڪن خلاف جاچ ٿي، ڪن تي ڪيس داخل ٿيا، ڪي وري پارٽي مٽائي ويا. ڪن اهم اميدوارن جهڙوڪ شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف جا نامينيشن ڪاغذ رد ٿيا. جن مان ڪجهه اميدوارن کي عدالتن چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني. سنڌ ۾ پي پي پي جا ٻه سينيئر اڳواڻن نثار کهڙو ۽ منظور وساڻ مقابلي مان آئوٽ ٿي ويا. صورتحال اها وڃي بيٺي، جو اليڪشن کان ڏهاڪو ڏينهن اڳ تائين اٽڪل 85 اميدوارن جا معاملا عدالتن ۾ هئا. کين پڪ نه هئي ته اهي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندا يا نه؟ تنهن ڪري اهي چونڊ مهم ڀرپور طريقي سان هلائي نه سگهيا.
چونڊن وارو عمل شروع ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي احتساب عدالت ايون فيلڊ فليٽ واري ڪيس ۾ سزا ٻڌائي. سزا ڪاٽڻ لاءِ وطن پهتل ٻنهي پيءُ ۽ ڌيءَ جي استقبال جي موقعي تي نواز ليگي ڪارڪنن کي روڪڻ ۽ ميڊيا تي مڙهيل پابندي پنجاب توڙي وفاقي نگران حڪومت بابت سوال پيدا ڪيا، ۽ سياسي جماعتن ان عمل تي تنقيد ڪئي. چونڊ مهم عروج تي هئي ته پيپلز پارٽي جي ”وڏي“ آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ٿي. کين ايف آءِ اي ۽ سپريم ڪورٽ آڏو گهرايو ويو. سندن نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حسين لوائي خلاف عدالت ۾ پيش ڪيل چالان ۽ انهن ٻنهي اڳواڻن کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي. بهرحال ايف آءِ اي ۽ عدالت ان معاملي کي اليڪشن کانپوءِ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چونڊن ۾ سرڪاري عملدارن جي مداخلت يا اثرانداز ٿيڻ جي پيش نظر نگران حڪومتن خاص ڪري سنڌ ۽ پنجاب ۾ سيڪريٽري کان وٺي مختيارڪار تائين ۽ آءِ جي پوليس کان وٺي ايس ايڇ او تائين بدليون ڪيون. چونڊ مهم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه کي خاص هدايتون ۽ اختيار ڏنا ويا، جن جي ضلعي انتظاميه سختي سان مانيٽرنگ ڪندي رهي. 20 جولاءِ تائين سڄي ملڪ ۾ 11 هزار 93 اميدوارن اليڪشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي، جن مان 2 هزار 3 سئو 33 اميدوارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا. ان ۾ ڪجهه وڏا نالا به شامل آهن. 43 اميدوارن تي ڏنڊ وڌو ويو ۽ 2 لک 18 هزار وڏي سائيز جا بينر ۽ هولڊنگ هٽايا ويا.  پنجاب هڪ لک، سنڌ ۾ 75 هزار، بلوچستان ۾ 3 هزار، خيبر پختونخوا ۾ 45 هزار بينر ۽ هولڊنگز هٽايا ويا.
هن ڀيري چونڊ مهم هيٺين سطح تائين نه لٿي. نه رستن ۽ گهٽين ۾ گهما گهمي نظر آئي، نه چونڊن جو ماحول. ووٽ وٺڻ لاءِ سياسي طريقي جي بدران ذاتي طريقا (يعني در تي لنگهي وڃڻ) اختيار ڪيا ويا. سڄي دنيا ۾ چونڊن جي عمل دوران وڏي پيماني تي ماڻهو سياسي عمل ۾ شرڪت ڪندا آهن، سياست ۽ سياسي پارٽين سان رشتو ٺاهيندا آهن. سياسي پارٽيون ماڻهن آڏو وچن، واعدا ۽ دعوائون ڪنديون آهن. پر هن ڀيري ڀرپور چونڊ مهم نه هجڻ ڪري ماڻهن جي سياسي عمل ۾ شرڪت نه ٿي سگهي. ائين اها مهم پنهنجي جوهر ۾ غير سياسي رهي. نتيجي ۾ عام ماڻهن مان سياسي پارٽين کي ڪو نئون ڪارڪن به نه ملي سگهيو.
ووٽرن جي حڪمران جماعت جي اميدوارن کان جواب طلبي ۽ سوشل ميڊيا جو رول چونڊ مهم جي خصوصيت رهي، جنهن سان عام ماڻهو کي حوصلو ٿيو ته هو جيڪڏهن ڀوتار کان ائين سوال کڻي نٿو پڇي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ووٽ ته پنهنجي مرضيءَ سان ڏيئي سگهي ٿو. منفي مهم ووٽرن جي توجهه جو مرڪز رهندي آهي. اهو رجحان موجوده چونڊ مهم ۾ به وڏي حد تائين رهيو. مک اڳواڻن عمران خان، اسپيڪر اياز صادق، خيبر پختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ، مولانا فضل الرحمان جا نالا گهڻو سامهون آيا، جن جو اليڪشن ڪميشن به نوٽيس ورتو.
سيڪيورٽي چونڊ مهم کي گهڻو متاثر ڪيو. مستونگ، پشاور، ڊيرا اسماعيل خان ۾ بم ڌماڪن ۾ ٽن اميدوارن سميت 175 ماڻهو مارجي ويا. مکيه سياسي پارٽين جي اهم اڳواڻن کي سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيا ويا. اي اين پي پنهنجي اڳواڻ هارون بلور جي شهادت کانپوءِ چونڊ مهم دوران پنهنجا سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ مهم جاري رکي. خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ ڪري بلاول ڀٽو زرداري جلسا نه ڪري سگهيو. سنڌ جي سياست ۾ نئين روپ ۾ آيل مذهبي عنصر مين اسٽريم ۾ ايندي نظر آيو. هتي روايتي مذهبي جماعتون ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود رهيون آهن، پر هن ڀيري انتها پسندي واري نعري واريون جماعتون به سنڌ پهتيون آهن ۽ سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ ڪجهه اميدوارن ڪجهه ووٽن جي آسري تي انهن سان اتحاد به ڪري ويٺا آهن.
اهو الميو هڪ دفعو وري سامهون آيو ته سنڌ جا قوم پرست سڏائيندڙ منظم طور اليڪشن ۾ سامهون نه آيا. ساڳي طرح ايم ڪيو ايم ۽ ان جي ڪک مان جنم وٺندڙ گروپ به گڏيل حڪمت عملي ٺاهي ۽ گڏيل اميدار آڻي نه سگهيا. هي چونڊون ملڪ جي اهم ادارن، اليڪشن ڪميشن توڙي سياسي پارٽين لاءِ امتحان آهن. سگهاري بڻيل اليڪشن ڪميشن پهريون ڀيرو پولنگ جي موقعي تي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي. اهو سٺو سنئوڻ آهي. چونڊن جو عمل فني يا ٽيڪنيڪلي حوالي سان کڻي ڪيترو ئي جديد هجي، پر سڄي عمل تي عوام جو اعتماد هجڻ ضروري آهي. ڪجهه ڪري وٺو، جيڪڏهن عوام سمجهي ٿو ته ووٽ جي جيڪا پرچي هن وڌي هئي، نتيجا ان کان مختلف آهن ته پوءِ اها سڄي ٽيڪنالاجي ۽ ڪوششون بي معنيٰ بڻجي وڃن ٿيون.
چونڊن ۾ هن ڀيري اسٽيڪ وڏا آهن، ان ڪري چونڊن جي عمل توڙي نتيجن بابت شڪ شبها به اوترائي وڏا آهن. ڏسجي اسان جا ادارا ان امتحان تي ڪيترا پورا ٿا لهن؟

Labels: ,

پيپلز پارٽيءَ جي چونڊ مهم مان آصف زرداري آئوٽ ۽ بلاول سرگرم ڇو آهي؟ سهيل سانگي

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/24%20Jul%202018.htm
سهيل سانگي

  چونڊ مهم جو آخري هفتو آهي، جو پير پاڳارو پاڻ جي ڊي اي جي مهم ۾ لٿو آهي. ان کان اڳ هو انتظار ڪري رهيو هو ته پيپلز پارٽي جي بس تان جيڪي مسافر هيٺ ڪرن، تن کي پنهنجي ٻيڙي ۾ ويهاري ڊرائنگ روم ۾ ويهي جوڙ توڙ ڪري رهيو هو. ميڊيا اهو تاثر ڏيئي رهي آهي ڄڻ سنڌ پيپلز پارٽي جي هٿن مان وڃي پئي.
جڏهن چونڊ مهم عروج تي هئي يا پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت کي حقيقي معنيٰ ۾ هلائيندڙ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف مني لانڊرنگ جو معاملو منظر تي اچي ويو. ظاهر لڳو پئي ته اهو پيپلز پارٽي تي اوچتو حملو هو- پر حالتون ۽ واقعا ٻڌائين ٿا ته پارٽي قيادت معاملي کان آگاهه هئي. اهو ئي سبب آهي، جو اهي ٻئي مک اڳواڻ اميدوارن کي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ ڄڻ چونڊ مهم جي منظر عام تان ئي گم هئا. ٽڪيٽ جاري ڪرڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو ڪو رول نظر نه آيو، پر جيئن چونڊ مهم شروع ٿي ته ان جي سموري ذميواري مٿس وڌي ويئي. ڄڻ کيس اهو چيو ويو هو ته جهڙا به آهن، انهن کي کٽائڻو آهي. پارٽي 2013ع جي چونڊ کان پوءِ مڪمل طور اليڪٽئبلز جي سياست ۾ هلي وئي هئي. اسٽيبلشمينٽ توڙي ان جي روايتي اتحادي اشرافيه جي خواهش هئي ته پيپلز پارٽي عوامي سياست واري حڪمت عملي کي پاسي تي رکي اليڪشن ۾ اليڪٽئبلز واري پچ تي اچي ته کيس هينڊل ڪرڻ سولو ٿي پوندو. جيئن چونڊ مهم شروع ٿي ته ڏٺو ويو ته، ”سنگ هر شخص ني هاتهون ۾ اُڻها رکها هي“ واري صورتحال هئي، پر هن ڀيري پٿر نه هو، پر موبائيل فون واري ڪئميرا هئي. هڪ پاسي اسيمبلي ميمبرن کان ماڻهن جو پڇاڻو هو ته ٻئي پاسي وري اهي اليڪٽئبلز هئا، جن کي پارٽي ۾ جڳهه نه ملي سگهي، سي ناراض ٿي ويا ۽ انهن آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو.
جيتوڻيڪ پارٽي اها ڳالهه اعلانيه نه مڃي ته عوام تي ڀاڙڻ واري سياست ڇڏي اليڪٽئبلز جي سياست ڪرڻ وارو فيصلو صحيح نه هو، پر ان پارٽي کي پهچندڙ نقصان کي روڪڻ لاءِ ترت علاج اهو ڳوليو ته پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو کي اڪيلو چونڊ مهم هلائڻ جو ذمو ڏنو ويو. ڪنهن به موقعي تي پارٽي جا فيصلا ڪندڙ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ساڻس گڏ نظر نه آيا. پارٽي جي اندرين ذريعن جو چوڻ آهي ته چونڊ مهم بلال هلائيندو ۽ چونڊن کانپوءِ واري سياسي جادوگيري آصف زرداري ڪندو.
پهرين مرحلي ۾ بلاول سنڌ جو دورو ڪيو، جولاءِ جي ٻئي هفتي ۾ سندس توجهه جو مرڪز پنجاب هو. ايتري ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي مني لانڊرنگ معاملي ۾ ايف آءِ اي ۽ سپريم ڪورٽ گهرائي ورتو. ان سان گڏ ٻنهي جا نالا اي سي ايل لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا. اهي خبرون هليون ته مني لانڊرنگ جي جاچ پاناما ڪيس جي طرز تي جي آءِ ٽي ڪندي. اهي سڀ واقعا ۽ احوال اهو اشارو ڏيئي رهيا هئا ته سنڌ ۾ ڪنگ ميڪر هاڻي آصف زرداري نه، پر پير پاڳارو آهي. پيپلز پارٽي قيادت جو خيال هو ته سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ هنن جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ مسئلو نه بڻبو. ان ڪري سندس توجهه ان تي بيٺي ته سنڌ مان قومي اسيمبلي جون 50 کن سيٽون کٽي ته جيئن مرڪز ۾ ٺهندڙ حڪومت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. پر هتي ڪهاڻي ۾ هڪ دفعو وري نئون ۽ خطرناڪ موڙ اچي ويو. گرينڊ نيشنل الائنس اهو محسوس ڪرايو ته سنڌ ۾ به زمين پيپلز پارٽي جي پيرن هيٺان نڪري سگهي ٿي. پير پاڳارو جي سنڌ جي دوري جو پروگرام سامهون اچي ويو. تيستائين نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز سزا ڪاٽڻ لاءِ لنڊن مان اچي لاهور لٿا. پنجاب ڀرپور استقبال ۽ احتجاج جي موڊ ۾ ٿي لڳو. اوڏي مهل زرداري ۽ نواز شريف کي هڪ ٻئي کان پري رکڻ ضروري هو. زرداري کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. هن تڪڙ ڪرڻ بدران اهو معاملو چونڊن کان پوءِ واري وقت لاءِ رکيو. نتيجي ۾ عدالت توڙي ايف آءِ اي ٻنهي وٽ مني لانڊرنگ وارو معاملو به اليڪشن کانپوءِ وارين تاريخن ۾ هليو ويو.جي ڊي اي عام راءِ ٺاهيندڙن جي حد تائين اهو تاثر ڏياري وئي ته ممڪن آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت نه ٺهي. شرط اهو آهي ته پيپلز پارٽي کان ٻاهر ويٺل سڀ آزاد، مختلف سياسي پارٽيون گڏجي ”ون ٽو ون“ مقابلي جي صورتحال پيدا ڪري ڏين. ڪيترن هنڌن تي اهڙي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪئي وئي. ٻئي پاسي چئن پنجن شهرن ۾ جلسن ذريعي طاقت جو مظاهرو ڪري ووٽرن جي روئي تي به اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
پيپلز پارٽي ناراض اڳواڻن کي پرچائڻ لاءِ سموريون ڪوشش ڪري وڏي حد تائين پهتل نقصان جو الزالو ڪري ورتو. بظاهر نظر ايندڙ هالا جو مخدوم خاندان آهي، جنهن کي ايندڙ وقت ۾ ”وڌيڪ فضيلت“ واري طريقي سان حڪومت ۾ اڪموڊيٽ ڪرڻ جي شرط تي ٽي ٽاسڪ ڏنا ويا. هڪ اهو ته بدين ۾ فهميده مرزا جي مقابلي ۾ حاجي رسول بخش چانڊيو، عمرڪوٽ ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي جي مقابلي ۾ يوسف ٽالپر ۽ ٿرپارڪر ۾ ننگر پارڪر- ڇاڇرو واري صوبائي سيٽ جي کٽڻ کي يقيني بنائي. شاهه محمود قريشي ۽ فهميده مرزا هاءِ پروفائيل آهن، ان ڪري اهي پيپلز پارٽي جي عزت جو سوال بڻيل آهن. ان کان علاوه مختلف تڪن ۾ مقامي سطح تي پيپلز پارٽي مختلف بندوبست ڪيا آهن. رسامن کي پرچائڻ ۾ تبديل ڪيو آهي.
جي ڊي اي جو پير صاحب پاڳارو چونڊ مهم ۾ پاڻ لٿل آهي، جڏهن ته هن 2013ع ۾ ائين نه ڪيو هو. پير صاحب لاءِ جي ڊي اي اهم آهي، پر ان کان به وڌيڪ اهم خود فنڪشنل ليگ جو سياسي بقا جو به سوال آهي، ڇاڪاڻ جو گذريل ٻن عام چونڊن توڙي مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ پارٽي جي اڳ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي سگهه گهٽ ٿي آهي. ان ڪري پاڳاري خاندان ۽ فنڪشنل ليگ سان رفاقت رکندڙ ٻه ايم پي ايز کين ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ هليا ويا. حر تحريڪ جي ڳڙهه ۾ پيپلز پارٽي کٽي وئي. فنڪشنل ليگ جي ڊي اي جي اتحاد ذريعي پاڻ کي پيپلز پارٽي جي متبادل طور پيش ڪري رهي آهي. ان جي پويان سڄي حڪمت عملي اها ئي آهي ته جي ڊي اي دراصل سنڌ جي ماڻهن لاءِ نه، پر اليڪٽئبلز لاءِ متبادل آهي. انهن اليڪٽئبلز کي اهو آسرو/ تاثر ڏنو ويو آهي ته اقتدار جي ڪرسي تائين رسائي رڳو آصف زرداري جي ذريعي نٿي سگهي ٿي، بلڪه پير پاڳاري جي ذريعي به ٿي سگهي ٿي.
پيپلز پارٽي پير پاڳاري جي ان ٻه رُخي حڪمت عملي جي ٽوڙ لاءِ ٻيا جڳاڙ ڀلي ڳولي، پر پيپلز پارٽي لاءِ ضروري ٿي ويو آهي ته اها چونڊ مهم جي پڄاڻي تي هڪ دفعو وري بلاول ڀٽو کي ميدان ۾ لاهي.

Labels: , , ,

ڇا احتساب عدالت سڀاڻي نواز شريف کي سزا ٻڌائيندي؟ سهيل سانگي

ڇا احتساب عدالت سڀاڻي نواز شريف کي سزا ٻڌائيندي؟

سهيل سانگي

  ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي جا رڳو شريف خاندان تي ئي نه، پر ملڪي سياست تي گهرا ۽ وڏي حد تائين هاڃيڪار اثر پوندا. جيڪڏهن نواز شريف کي سزا اچي ٿي ته ان صورت ۾ ان کي سياسي طور ورتو ويندو. ڪن تجزيه نگارن موجب ائين ملڪي تاريخ جو هڪ اهڙو باب کلڻ پيو وڃي، جنهن ۾ جمهوري عمل، آئيني نظام ۽ سياسي ماحول سڀ ڪجهه خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. احتساب عدالت جو فيصلو وڏي پيماني تي ايندڙ چونڊن تي اثرانداز ٿيندو. هونئن به هيستائين جيتري چونڊ مهم هلي آهي، ان تي به نواز شريف حاوي رهيو آهي. اهو سلسلو فيصلي اچڻ بعد وڌيڪ ڇانيل رهندو. هفتو کن اڳ تائين سياسي بازار ۾ اهي ڳالهيون ٿي هليون ته نواز شريف سياست مان به هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي ۽ هو پارٽي ۽ سياست شهباز شريف جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. شرط اهو آهي ته سندن جان ڪيسن مان ڇُٽي ۽ گڏوگڏ اهو ته سندس ملڪيت کي هٿ نه لاتو وڃي. اهڙي صورت ۾ محتاط رهندڙ ۽ نرم رويو رکندڙ شهباز شريف کي کيڏڻ جو موقعو ڏنو ويندو، جيڪو چوڌري نثار جي ساٿين سان گڏ سيٽ اپ ٺاهي وٺندو. هن فارمولي جي وڪالت ڪندڙن موجب وفاق ۾ عمران خان جي گڏيل حڪومت جڙندي. باقي صوبن ۾ جيئن چونڊن کان اڳ صورتحال هئي، تيئن بيهندي. عمران خان انهيءَ فارمولا تي راضي ناهي. هو پاڻ وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو ۽ اهو به ته سندس ئي پارٽي کي اڪثريت ملي. هو ڪنهن ٻي وڏي پارٽي جي محتاجي کڻڻ نٿو چاهي.
اهي سوال به پنهنجي جاءِ تي آهن ته ڌر ڌڻي عمران خان جي ڦرڻي گهرڻي طبيعت ۽ سياسي سمجهه بابت اڃا تائين شڪ ۾ آهن. ان ڪري هو مٿس پوري طرح ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جڏهن عمران خان کي سرسي ڏيڻ بنا فارمولو هليو پئي ته پيپلز پارٽي جو وڏو اهو چئي رهيو هو ته اسان کان سواءِ حڪومت ٺهي نه ٿي سگهي. جيڪو به حڪومت ٺاهيندو، سو اسان ڏانهن ايندو. وڌ ۾ وڌ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيندا. وغيره وغيره. لڳي ٿو ته عمران خان ڌر ڌڻين کي مڃائي ورتو، انهيءَ ڪري فارمولي کي ڪجهه تبديلين سان ٻيهر جوڙيو ويو. هڪ اهو ته آصف زرداري کي تکو ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري ٿي، جنهن جو اعتراف ڌڻي پاڻ ڪري چڪو آهي. ساڳي ڏينهن هن اهو به چيو ته اسين اپوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهيون. وري اڳتي هلي هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن ليڊر به ٿي سگهي ٿو. حالانڪه ڏهاڪو ڏينهن کن اڳ سندس ڌيءُ اهو ٽوئيٽ ڪيو هو ته ”اگلي باري، پهر زرداري“ پر اها ڳالهه هلي نه سگهي.
اصل ۾ اڃان تائين ڳالهه پنجاب ۾ ئي ڦاٿل آهي، جتي نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جي خلاف ڪيس ۾ جمعي ڏينهن فيصلو اچڻو آهي. ان فيصلي تي نواز شريف ۽ سندس پارٽي ڪيئن ردعمل ڏيکاري ٿي؟ پنجاب ڪهڙو رويو ٿو اختيار ڪري؟ اهي پاسا ڏاڍا اهم آهن. نواز شريف اهو چئي چڪو آهي ته اليڪشن کان اڳ ڌانڌليون ٿيل آهن، اهڙين حالتن ۾ شفاف چونڊون ٿيڻ ممڪن ناهي. احتساب ڪندڙ ادارن ۽ عدالتي فيصلن جي ٽائيمنگ ڏاڍو اهم بڻجي وئي آهي. هڪ ئي پارٽي جي اميدوارن خلاف لٺ کنئي پئي وڃي. کين توهين عدالت تي نااهل قرار پيو ڏنو وڃي. چونڊ مهم دوران روز روز عدالت ۾ شنوائيون هجن، ان پارٽي جي اميدوارن خلاف نيب به چونڊ مهم جي دوران وٺ پڪڙ شروع ڪري ته مضبوط تاثر جڙي ٿو ته معاملو شفاف ناهي، جنهن جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. ڪرپشن جي جاچ توڙي ٻيا معاملا جن بابت عين وقت تي قدم کنيا پيا وڃن، اهو سڀ ڪجهه مهيني ڏيڍ کان پوءِ به ٿي پيو سگهي. اهڙا قدم ڇو پيا کنيا وڃن، جيڪي نگرانن توڙي ٻين ادارن جي غيرجانبداري تي سوال اٿارين؟ چونڊن جي شفافيت بابت به سوال اٿن، ۽ متاثر پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ کي اهو چوڻ جو موقعو ملي ته چونڊون شفاف ۽ غير جانبدارنه پيون ٿين؟ اهو تاثر ايترو ته مضبوط ٿيو، جو چيئرمين نيب توڙي چيف جسٽس کي وضاحتون ڏيڻون پيون ته اهي ڪنهن جي چونڊ مهم نه پيا هلائين.
نواز ليگ جي اميدوارن خلاف به وٺ پڪڙي ۽ دٻاءُ ايترو هو، جو سمورن اپائن جي باوجود پنجاب ۾ نواز ليگ جي مقبوليت ۾ گهٽتائي نه آئي. موٽ ۾ نواز شريف معاملي کي ان حد تائين وٺي ويو، جنهن مان اهو تاثر مليو ته اهڙي دٻاءَ جي صورت ۾ هو اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ويندو. اهڙو بيان شهباز شريف سان منسوب ٿيل اخبارن ۾ ڇپيو، پر ترت ئي ان جي ترديد ڪئي وئي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته نواز ليگ وٽ بائيڪاٽ جي تجويز به ويچار هيٺ رهي آهي پر کيس اها صلاح ڏني وئي ته بائيڪاٽ جي صورت ۾ مخالفن کي متوازن ۽ متبادل پاور پروڪر ٺاهڻ جو موقعو ملي ويندو. هيءُ هڪ اهڙو فيصلو هوندو، جهڙو بينظير ڀٽو 85ع جي چونڊن ۾ ڪيو هو ۽ بعد ۾ ان تي پڇتايو هو.
نواز ليگ تي اهو گهڻ طرفو دٻاءُ اڃان موجود ئي آهي ته ڪيس جو فيصلو اچي رهيو آهي. قانوني ماهرن جو خيال آهي ته اهو فيصلو نواز شريف خاندان جي خلاف ئي هوندو. ان صورت ۾ نواز شريف آڏو ٻه آپشن هوندا. هڪ اهو ته هو تڪڙ ۾ واپس نه موٽي. هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ۾ وڃي ۽ ضمانت جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن هو ائين ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو ڪڍيو ويندو ته شهباز شريف جي ذريعي ڪا ڊيل ٿي آهي. ٻيو آپشن اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته هو وطن موٽي اچي ۽ گرفتاري پيش ڪري. ائين نواز ليگ ان بيانئي تي چونڊ مهم هلائي جيڪو نواز شريف جو هو. ائين هو ”همدردي توڙي بهادر ٿي بيهڻ ۽ مقابلو ڪرڻ“ جو ووٽ حاصل ڪري سگهي ٿو. وطن موٽي اچڻ جي صورت ۾ به هو فيصلي خلاف توڙي ضمانت لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ميدان ۾ رهي مقابلو ڪجي. پهرين صورت مصلحت پسند واري آهي. جيڪڏهن هو ان پهرين فيصلي تي هلي ٿو ته عام ووٽرن لاءِ نواز شريف ترجيح نه رهندو. بلڪه اها صورت سندس سياسي شڪست واري هوندي. نتيجي ۾ نواز ليگ جا اليڪٽيبلز پارٽي مان وڏي تيزيءَ سان نڪرڻ شروع ٿي ويندا. هن وقت اهي اليڪٽيبلز ٻن سببن جي ڪري هن وٽ موجود آهن. هڪ اهو ته عام ماڻهن ۾ نواز شريف مقبول آهي ۽ ووٽ نواز شريف جي نالي تي ملندو، ٻيو اهو ته ايتري مقبوليت ۽ سيٽون هئڻ جي صورت ۾ نواز ليگ پنجاب ۾ ضرور حڪومت ٺاهي ويندي. پهريون نمبر آپشن فراريت وارو آهي. جڏهن ته ٻيو نمبر آپشن ڏکيو ضرور آهي، پر اهو سياسي طور زنده رهڻ ۽ مجموعي طور جمهوري ڍانچي کي فائدو ڏيندڙ آهي. ڏسڻو اهو آهي ته نواز شريف ڪهڙو فيصلو ٿو ڪري؟ اهو ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته نواز شريف جيڪو به فيصلو ڪندو، اهو پنجاب جي عام راءِ کي سامهون رکي ڪندو.
Key words: Trial,NawazSharif,Kawish, 2018,  Zardari,  Ismail Dahri

Labels: , , , , ,

Monday, July 02, 2018

ڇا چونڊن ۾ اقليتن جي انصاف ڀري نمائندگي هوندي آهي؟ سهيل سانگي

سهيل سانگي
اڱارو 03 جولاءِ 2018ع

چونڊون ڪنهن ملڪ فيصلي سازي ۽ انتظام ڪاري ۾ سماج جي مختلف طبقن کي شرڪت جو موقعو ڏين ٿيون. ڏاهن جو چوڻ آهي ته عام ماڻهن جي سگهه جو اظهار چونڊن ۾ ٿيندو آهي. خاص ڪري غريب ۽ پيڙهيل طبقا پنهنجي ووٽ ذريعي سياست، معيشت ۽ ٻين معاملن ۾ پنهنجي پتي وٺي سگهن ٿا. اها ڳالهه ٻين هنڌن تي کڻي چڱي طرح لاڳو نه ٿيندي هجي، پر پاڪستان ۾ اقليتن جي ووٽرن تي گهڻو لاڳو ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ ڪل اقليتي ووٽر 27 لک 77 هزار آهن، جن جو وڏو انگ هندو آهي ۽ اهي سنڌ ۾ رهن ٿا.
هڪ حساب سان سنڌ جي اٺن ضلعن ۾ اقليتي ووٽر سڌي طرح سان هار ۽ جيت تي اثرانداز ٿين ٿا. ايتري سگهه رکڻ باوجود عملي طرح اهي بيوس آهن. انهن جا نمائندا چونڊجڻ لاءِ ڪا اليڪشن ئي نه ٿيندي آهي. ٿيندو ائين آهي ته قومي يا صوبائي، جنهن به اسيمبلي ۽ مختلف پارٽين جا جيترا ميمبر چونڊجي ايندا آهن، انهن جي تناسب سان اقليتن جون سيٽون انهن پارٽين کي ڏنيون وينديون آهن. ها ايترو ضرور آهي ته ان کان اڳ انهن مخصوص سيٽن جا اميدوار فارم ڀرائيندا آهن. ٻئي طرف سياسي جماعتون مخصوص اميدوارن جي ترجيحي لسٽ اليڪشن ڪميشن کي ڏئي ڇڏينديون آهن، جنهن ۾ ترتيبوار نالا هوندا آهن. پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾ 342 سيٽون آهن،، پر چونڊ رڳو 272 سيٽن تي ٿيندي آهي. باقي 70 مخصوص سيٽن تي اهو ئي طريقو لاڳو ٿيندو آهي، جن جي چونڊ نه ٿيندي آهي. انهن مان 60 عورتن جون سيٽون آهن ۽ 10 اقليتن جون. مطلب ته مخصوص سيٽن جي اميدوارن جا نه سڌي طرح ڪي ووٽر يا تڪ آهن، ۽ نه وري انهن عام ووٽرن کي پنهنجي لاءِ ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪرڻي پوندي آهي، ۽ نه وري انهن کي پنهنجي لاءِ چونڊ مهم هلائڻي پوندي آهي. جيڪي ڪجهه کين ڪرڻو هوندو آهي، سو پارٽيءَ سان ڪرڻو پوندو آهي.
پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي تنظيم ڪاري، ان جا ادارا ۽ فيصلا سازي جو ميڪنزم ڪنهن به طرح سان جمهوري نه آهي، ۽ نه ئي وري ان جو منظم يا طئي ٿيل اصول آهي. ان جو اهو طريقيڪار ڏاڍو منجهائيندڙ، پراسرار ۽ يڪطرفو آهي، جنهن ۾ واسطيدار ڪميونٽي کان به نه پُڇيو ويندو آهي، جنهن جي نمائندگي جا دعويدار ٿي هي اقليتي ميمبر اچي ويهندا آهن. اهڙي صورت ۾ ٿيندو ائين آهي ته ”يئس مين“ اسيمبلين ۾ اچي ويهندا آهن، جيڪي پنهنجي سياسي مالڪن جي اشاري تي پيا هلندا آهن. اها مشق گذريل ٽن اليڪشنن کان جاري آهي. ان کان اڳ اڃان ٻي مشڪري به هئي. جنرل ضياءَ  اقليتن لاءِ جدا چونڊن جون طريقو رائج ڪيو، جنهن موجب اقليتي ووٽر اقليتي اميدوار کي ئي ووٽ ڏئي سگهندا، يعني قومي اسيمبلي جي اقليتي اميدوار جو تڪ سڄو پاڪستان هو ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوار جو تڪ سڄو صوبو- ائين اميدوارن جي سڄي ملڪ يا صوبي ۾ ووٽر تائين رسائي يا وري ميمبر ٿيڻ بعد ان تائين ووٽر جي رسائي وڏو مسئلو پئي بڻيو. ٻئي طرف اهو نابرابريءَ تي ٻڌل هو. ان سبب اهو به ٿيو، جو تر جي بااثر ماڻهن علائقي جي اقليتي خاص ڪري شيڊيولڊ ڪاسٽ کي ڪنهن ليکي ۾ ئي نه آندو، ڇاڪاڻ جو سمورن معاملن ۾ اهي بااثر غريب اقليت کان ڏاڍا هُئا. وڌيڪ اهو ته کين ووٽن جي محتاجي ٿي پئي، سو ڪٿي ٽڪو پئسو ان جو لحاظ ڪيائون پئي. ضياءَ جو جدا چونڊن وارو نظام 25 سال هليو، جنهن تحت ملڪ ۾ 5 ڀيرا چونڊون ٿيون. گڏيل چونڊن جي سرشتي هيٺ هاڻي چوٿون ڀيرو چونڊون ٿين پيون. اهو به طلمساتي ۽ ڪاسميٽڪ سرشتو آهي، جنهن ۾ سياسي پارٽيون ئي طئي ڪنديون آهن ته اقليتن جي نمائندگي ڪير ڪري. ان لاءِ نه عام ووٽر، نه اسيمبلي جا ميمبر ۽ نه ئي پارٽي اندر ڪا چونڊ ٿيندي آهي، ۽ نه ئي ڪو ووٽ وڌو ويندو آهي. بلڪه وڏيري جي اوطاق جيان فيصلا ٿيندا آهن. ٿيندو ائين آهي ته ٻيو ته ڇڏيو، جن تڪن ۾ اقليتي ووٽر 40 کان 50 سيڪڙو تائين هوندا آهن، اتي به جنرل سيٽ تي اقليتي اميدوارن کي ٽڪيٽ نه ڏني ويندي آهي.
اچو ته گذريل ٽن چونڊن جو جائزو وٺون. 2002ع جي قومي اسيمبلي لاءِ سنڌ ۾ 8 هندو اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو. انهن مان جيڪب آباد مان 3، ميرپورخاص مان 3 ۽ ٿرپارڪر مان 2 هُئا. انهن مان چار آزاد هُئا. انهن مان صرف هڪ اميدوار ڪشنچند پارواڻي کي ميرپورخاص مان نيشنل الائنس جي ٽڪيٽ هُئي. هن 48 هزار ووٽ کنيا، پر پيپلز پارٽي جي اميدوار هٿان هارائي ويو. سنڌ اسيمبلي لاءِ ٿرپارڪر، بدين، گهوٽڪي، جيڪب آباد، نوابشاهه، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ دادو جي 22 تڪن مان 42 اقليتي اميدوارن جنرل سيٽن تي فارم ڀرايا. انهن مان 13 اميدوار پارٽي ٽڪيٽ تي هُئا. ٽڪيٽ ڏيندڙ پارٽين ۾ ايم ڪيو ايم 4، تحريڪ انصاف 3، پيپلز پارٽي 2 ۽ ق ليگ 1.  باقي آزاد هُئا. هتي اهو چئي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ جي اميدوارن ۽ سندن پارٽين کي ووٽرن ۾ ڪا حمايت حاصل نه هُئي. انهن رڳو مجموعي طور پارٽيءَ لاءِ کنيل ووٽن ۽ اهو ڏيکارڻ ته انهن ڪيترن ئي تڪن تي اميدوار بيهاريا آهن واري مقصد لاءِ ٽڪيٽون ڏنيون.
2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ لاءِ 8 اميدوار ميدان ۾ لٿا. اهي ٿرپارڪر، جيڪب آباد، دادو، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ضلعن مان هُئا. انهن مان رڳو ٻن اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ هُئي. سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ پيپلز پارٽي جو مهيش ملاڻي هو، جيڪو هارائي ته ويو پر هن 33411 ووٽ کنيا. 2008ع جي چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي لاءِ اقليتي اميدوارن جي دلچسپي گهٽي هئي، ان ڪري 28 اميدوارن چونڊ وڙهي. جن مان چئن وٽ پارٽي ٽڪيٽ هُئي. پيپلز پارٽي جو ڊاڪٽر ديارام 48423 ووٽ کڻي کٽيو. هي اهو تڪ آهي، جتي اقليتي ووٽ ڪو گهڻو ڪونهي. هن ملڪ اسد سڪندر جي حامي اميدوار هئڻ سبب کٽيو.
2013ع جي چونڊن ۾ جنرل سيٽن تي رڳو 7 اميدوار هئا. قومي اسيمبلي تي تحريڪ انصاف جو لال مالهي، ايم ڪيو ايم طرفان موهن اوڏ، منگهارام ڀيل، ديوداس هُئا. سنڌ اسيمبلي جي لاءِ پي پي طرفان مهيش ملاڻي، انجينئر گيانچند هئا. عيسائي برادريءَ سان تعلق رکندڙ پي ايڇ ڊي اسڪالر ڊاڪٽر صابر مائيڪل موجب چونڊن ۾ اقليتن جي شرڪت غير موثر ۽ غير فعال رهي. انهن خاص ڪري ڪراچي مان پاڻ کي چونڊن کان پري رکيو. جڏهن ته وڏين پارٽين طرفان ووٽ وجهڻ لاءِ ججهو دٻاءُ هو. ڪن هنڌن تي اهي پارٽيون پنهنجي دٻاءَ واري مهم ۾ ڪامياب به ويون.
اقليتي اميدوارن جي چونڊ يا اقليتي ووٽرن جي نمائندگي سياسي پارٽين جي هٿ وس آهي، پر اهي انهن کي گهربل نمائندگي جو موقعو نٿيون ڏين. ٿيندو ائين آهي ته اسيمبلي ميمبر ٿيندڙ نه واسطيدار ذاتين ۾ سرگرم ۽ فعال آهي، نه وري انهن جي مجموعي طور ملڪ جي اقليتن ۾ مقبوليت آهي. اسيمبلي ۾ ٿاڦيل طور آيل انهن اقليتي ميمبرن جي رڳو ڪڏهن ڪڏهن ووٽ مهل ضرورت پوندي آهي. اقليتي نمائندگيءَ جو ٽڪساٽ عجيب جوڙيل آهي. ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 40 کان 49 سيڪڙو تائين اقليتي آبادي آهي، پر اتي جرنل سيٽن تي اقليتن سان واسطو رکندڙ اميدوارن کي ترجيح نه ڏني ويندي آهي. ٿرپارڪر ۾ ٻئي ڀيرا جنرل سيٽ لاءِ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي آهي. عمرڪوٽ ۾ اقليتي ووٽرن جي وڏي انگ باوجود سياسي پارٽيون اقليتي اميدوارن کي جنرل سيٽ تي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ٽڪيٽون ڏيڻ جي مختلف حوالن سان ميرٽ نٿي ٿئي، ان ڪري اهي ماڻهو جيڪي پارٽي قيادت کي ويجها آهن يا ان تائين رسائي ڪري ٿا وٺن، تن کي ٽڪيٽ ملي ٿو. پوءِ ڀلي ان جي ذات برادري ۾ مقبوليت يا مڃتا هجي يا نه هجي. هندو براردري ۾ 90 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ وڏي اڪثريت شيڊيولڊ ڪاسٽ ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي ذاتين سان تعلق رکي ٿي، اهي غريب ۽ بي سهارا آهن. انهن جا ووٽ وڏيري جي وس هوندا آهن، ۽ اهي پڪا هوندا آهن. ان ڪري تر جو وڏيرو جنهن کي چاهي ووٽ ڏياري سگهي ٿو. اهي ووٽ ئي کٽڻ يا هارائڻ جو سبب بڻجن ٿا. ان ڪري اليڪٽيبل انهن جمهوريت کي حقيقي معنائون ڏيارائڻ لاءِ پوئتي پيل انهن شيڊيولڊ ڪاسٽ جي حقيقي نمائندگي يقيني بڻائي. مثال طور اسيمبلين ۾ سيٽون آبادي جي تناسب سان رکيون وڃن. اهڙي قانونسازي ٿيڻ گهرجي. سياسي پارٽيون خاص ڪري اهي تڪ جتي 25 سيڪڙو کان وڌيڪ اقليتي ووٽر آهن، اتي اقليت سان تعلق رکندڙ کي جنرل سيٽ تي ٽڪيٽ ڏئي اميدوار نامزد ڪرڻ لاءِ پارٽين اندر طريقي کي وڌيڪ جمهوري ۽ شفاف بڻايو وڃي. سيٽون پئسن تي وڪڻڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اقليتن کي حقيقي نمائندگي نه ملي سگهندي.
sohailsangi@yahoo.com

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/03%20Jul%202018.htm