Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, August 30, 2019

ڏکڻ ايشيا ۾ عالمي مفاد ۽ پاڪستان جي پوزيشن!


Peace in South Asia and Position of Pakistan

ڏکڻ ايشيا ۾ عالمي مفاد ۽ پاڪستان جي پوزيشن!

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ تبديلي محسوس ڪئي پئي وڃي، ڪجهه سال اڳ پاڪستان ۽ آمريڪا هڪٻئي مان ڄڻ آسرو پلي ڇڏيو هو. پاڪستان طالبان جي حوالي سان ڪا پرڏيهي پاليسي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، متبادل طور هن چين ڏي وکون وڌايون، پر ساڳئي وقت طالبان واري معاملي کي “بارگيننگ چِپ” طور رکيو، ان تي وقت به وقت کيس آمريڪا وٽان داٻا به ملندا رهيا. اها صورتحال پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ٻنهي جي حڪومتن دوران رهي، جيتوڻيڪ اهي ٻئي پارٽيون طالبان بابت پاليسي تي آمريڪي نقطهءِ نظر کي ويجهيون هيون پر ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کين اهو ڪرڻ نه ڏنو، نتيجي ۾ انهن ٻنهي پارٽين جي حڪومت جي ڏينهن ۾ چين سان ويجهڙائپ ٿي. افغانستان مان آمريڪي فوجن جي نڪرڻ جي صورت ۾ لڳو پئي ته هتي هاڻي آمريڪا جي دلچسپي گهٽجي رهي آهي ۽ سياسي طور معاشي حڪمت عملي جي حوالي سان اهو خال ڀرڻ لاءِ چين سالن کان انتظار ۾ هو، تنهن کي وجهه ملي ويو. پاڪستان ۾ سي پيڪ رٿا اچي ويئي. ٽرمپ صدر ٿيڻ بعد آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني ڪئي. عمران خان جي موجودگي بعد اسلام آباد ۾ سياسي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ صفحي تي اچي ويون ته آمريڪا لاءِ آسان ٿي پيو ته هو هاڻي پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي ٻيهر جيئاري. نتيجي ۾ پاڪستان پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان آمريڪا کي گهڻو ويجهو آهي. انهن ناتن جي وچ ۾ آڏو آيل ٻه رڪاوٽون يعني طالبان ۽ چين سان معاشي ۽ دفاعي ويجهڙائپ ڪافي حد تائين دور ٿي چڪيون آهن.
ڏکڻ ايشيا بابت آمريڪي پاليسي زلمي خليل زاد هلائي رهيو آهي جيڪو ٽرمپ جي حڪومت ۾ اچڻ بعد افغان جهيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورين واسطيدار ڌرين سان باضابطه توڙي بي ضابطا طور ڳالهيون ڪري رهيو آهي. لڳي ٿو ته پاڪستان وڏي حد تائين آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت پاليسي قبول ڪري ورتي آهي، کيس آسرو ڏنو ويو آهي ته هو جيڪڏهن طالبان سان ڪامياب ڳالهيون ڪرائي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي روڪڻ ۾ اثرائتا اپاءَ وٺي ٿو ۽ ان مقصد ۾ آمريڪا جي مدد ڪري ٿو ته پوءِ کيس افغانستان ۾ ڪنٽرول ملي سگهي ٿو. ان مقصد لاءِ آمريڪا پاڪستان کي ڪجهه خاص رعايتون به ڏنيون آهن، آءِ ايم ايف جو لهجو نرم ٿيو آهي ۽ پاڪستان کي اُتان قرض ملي رهيو آهي. آمريڪا ۽ يورپ سان پاڪستان جو واپار به وڌي سگهي ٿو. افغان جنگ بابت پاڪستان کي ملندڙ فنڊ جيڪو گذريل آڪٽوبر کان روڪيل آهي، سو به ملي ويندو ۽ ٻيا اهڙا فائدا به پاڪستان کڻي سگهندو.
جيئن ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا بابت آمريڪي پاليسي تي راضي ٿي ويو آهي، تنهن ڪري خود هن خطي ۾ آمريڪي مفادن ۽ پاليسين کي سمجهڻ ضروري ٿي ويو آهي، اها ڳالهه پاڪستان جي رول کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندي.
ان تي ڪا ٻي راءِ ناهي ته آمريڪا عالمي طور تي پنهنجي بالادستي (بادشاهي) برقرار رکڻ گهري ٿو، جيڪا آمريڪا جي پنهنجي اندروني ڪمزورين يا ٽڪرائن ۽ بدلجندڙ طاقت جي توازن سبب خطري پئجي وئي هئي. معاشي طور اڀرندڙ چين آمريڪا کي ڇيهو رسايو ته سندس بادشاهي چيلينج هيٺ اچي وئي. ڊالر آمريڪي معيشت جي مک ٿنڀن مان هڪ آهي، ان کي به خطرو ٿي پيو. ايئن آمريڪا چين سان واپاري جهيڙو به شروع ڪيو، ٻئي طرف آمريڪا کي محسوس ٿيو ته روس جو ٻيهر اُڀار ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري هو هڪ دفعو وري ايشيا وارن ملڪن ۾ خاص ڪري هر مسئلي ۾ آڏو اچي رهيو آهي.
ڏکڻ ايشيا ۾ آمريڪي مفادن ۽ ضرورتن کي مختصر لفظن ۾ ايئن بيان ڪري سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ آمريڪا تي سڌو حملو ڪرڻ سوچڻ سمجهڻ کان به مٿڀري ڳالهه آهي. بهرحال آمريڪا سمجهي ٿو ۽ ان سوچ کي سموري اولهه جي سرمائيدار دنيا ۾ هن پختو به ڪري ورتو آهي ته عالمي دهشتگردي ۽ ڪن ملڪن يا وري اتان جي غير رياستي ڌرين طرفان آمريڪا يا ان جي سرمائيدار ملڪن تي ايٽمي ميزائيلن ذريعي حملي کي رد نٿو ڪري سگهجي، جيئن ته آمريڪا دنيا جي سرمائيدارن جو لٺ سردار آهي، ان ڪري انهن ملڪن جي هر طرح جي مفادن جو بچاءُ ڪرڻ هو پنهنجي ذمي کنيو بيٺو آهي.
معاملو رڳو دفاع نه پر معيشت جو به آهي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ مضبوط معيشت ۽ وسيلا ضروري آهن، يعني ڪچو مال، توانائي، پورهيت / ڪاريگر ۽ مارڪيٽ. عام خيال آهي ته آمريڪا وٽ پنهنجي معيشت جي ترقي لاءِ گهربل سمورا وسيلا موجود آهن، پر معاملو پيداوار (مصنوعات) جي مارڪيٽ تائين باحفاظت رسائي جو به آهي. اولهه وارين ڪمپنين ۽ گهڻ قومي ڪمپنين جي ڏکڻ ايشيا جي نين ۽ اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ وڏي دلچسپي آهي. اهي چاهين ٿيون ته اهي انهن ملڪن ۾ آزادانه سيڙپ ڪري وڏو نفعو ڪمائي سگهن، ان ڪري آمريڪا وٽ ڏکڻ ايشيا جي معيشت سياست ۽ دفاعي حوالي سان وڏي اهميت آهي.
عالمي ۽ خطي جي طاقتن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ کي ڏٺو وڃي ته وچ ايشيا واريون رياستون، روس لاءِ ڏکڻ ايشيا جي سمنڊ ۽ ملڪن تائين پهچڻ لاءِ آسان رستو آهن، چين وري سي پيڪ جي ذريعي اهڙو رستو ڳولي رهيو آهي.
پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي آهي جو اهو وچ ايشيائي رياستن کي ويجهو آهي، هن جي سامونڊي ڪنارن جي ويجهو 80 سيڪڙو واپاري جهاز ڪچو يا تيار مال يا وري تيل کڻي گهمن ٿا، ٻيو اهو ته هي خطو وچ اوڀر کي به ويجهو پوي ٿو. ڳالهه کي ايئن ورتو وڃي ته آمريڪي ۽ سندس اولهه وارا اتحادي وسيلن، مارڪيٽن ۽ بالادستي لاءِ ئي جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ هي سڄو کٽراڳ ئي انهن جو پيدا ڪيل آهي.
پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي اهميت آهي، ان ڪري عالمي توڙي خطي جون طاقتون ان جا نخرا کڻن ٿيون، اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي صورتحال جو پنهنجي حق ۾ ڪو فائدو وٺي نه سگهيو آهي. جڏهن ته پاڪستان جي جاگرافيائي پوزيشن عالمي ناتن ۾ استعمال ٿي آهي ۽ نقصان پاڪستان کي ئي پهتو آهي.
ڏکڻ ايشيا جي عالمي حالتن ۾ ان ڪري به اهميت آهي جو هتي ٻه ايٽمي ملڪ موجود آهن، جيڪي بدقسمتي سان هر وقت هڪ ٻئي سان وڙهڻ لاءِ تيار هوندا آهن. ڪا ننڍڙي غلط به دنيا کي ٽئين عالمي جنگ ڏي ڌڪي سگهي ٿي. اهڙي جنگ جنهن ۾ ممڪن آهي ته ايٽمي هٿيار به استعمال ٿين. خطي جا ٻه وڏا ملڪ چين ۽ انڊيا ٻه وڏيون معيشتون رکن ٿا پر آهن هڪٻئي جي خلاف- ان ڪري آمريڪا سمجهي ٿو ته چين جو حقيقي ٽوڙ انڊيا آهي. آخري ڳالهه اها ته هي خطو عالمي دهشتگردي جي حوالي سان فعال رهيو آهي جنهن کي آمريڪا سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي واري ڳالهه سمجهي ٿو. جيڪڏهن ڪوبه دهشتگرد گروپ ايٽمي هٿيارن تائين پهچي ٿو وڃي ته پوءِ اهو آمريڪا جي اتحادين يا وري خطي جي سمنڊ ۾ موجود آمريڪي ٻيڙن تي حملو ڪري سگهي ٿو.
هن خطي ۾ اولهه جي ملڪن جا وڏا معاشي مفاد آهن. هي انهن ملڪن لاءِ وڏي ۽ پرڪشش مارڪيٽ آهي،. جتي پڙهيل ۽ هنرمند ماڻهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هي اهو طبقو آهي جيڪو آمريڪا کي پورهيت، ڪاريگر وغيره طور به کپي ته ساڳئي وقت هن طبقي ۾ اولهه جون مصنوعات واپرائڻ جو به ڏاڍو شوق آهي. انهن تصورن کي سامهون رکندي آمريڪا پنهنجي قومي مفادن لاءِ هي حدف رکيا آهن.
ننڍي کنڊ ۽ هندي سمنڊ ۾ چين کي بااثر طاقت طور گهڙڻ کان روڪي.
انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ امن کي يقيني بڻائي.
پنهنجي توڙي اتحادين جي پيداوار لاءِ مارڪيٽ محفوظ رکي.
هندي سمنڊ کي واپاري جهازن جي لنگهه لاءِ محفوظ بڻائي دهشتگردي جو خاتمو آڻي.
انهن مقصدن کي آڏو رکي آمريڪا پنهنجون ڪجهه پاليسيون جوڙيون آهن. ان هڪ لحاظ کان انڊيا کي خطي ۾ بالادست قوت جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪو خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي ڪنٽرول ڪندو. آمريڪا پاڪستان کي انڊيا جي برابري واري حيثيت سان ورتاءُ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اها ڳالهه تازو ڪشمير واري صورتحال مهل سامهون آئي. آمريڪا بس ايترو چاهي ٿو ته پاڪستان چين جي گود ۾ نه وڃي پر هو پاڪستان کي حڪمت عملي جي بنياد تي مختصر وقت لاءِ ڊيل ڪري ٿو

Labels: , ,