Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, June 20, 2018

ڇا جمهوريت رڳو چونڊون ڪرائڻ جو نالو آهي؟ سهيل سانگي

اربع 20 جون 2018ع
عمران خان جون فرمائشون وڌي ويون آهن، هو هر هفتي ڪونه ڪو اشو کڻي ويهي ٿو رهي. ائين هو پاڻ کي خبرن ۾ به رکي ٿو، ساڳئي وقت دٻاءُ به برقرار رکي ٿو. ڳالهه نگران حڪومتن جي جوڙجڪ تي ڏڦيڙ کان شروع ٿي، ان کانپوءِ نامزدگي فارمن ۾ تبديلي، وري مکيه اڳواڻن جي فارمن تي اعتراض- آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي فارمن تي اعتراض واريا ويا. ڳالهه اتي وڃي پهتي، جو آصف زرداري جي وڪيل چيو ته لڳي ٿو ته آصف زرداري ۽ فريال کي اليڪشن وڙهڻ کان روڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي تي اهو دٻاءُ ان لاءِ وڌو پيو وڃي ته جيئن اهو عام تاثر ٽوڙڻ ۾ مدد ملي ته چونڊن بعد پيپلز پارٽي ئي حڪومت ۾ ايندي. اصل ۾ اهو آسرو پيپلز پارٽي جي کٽڻ جو وڏو ڪارڻ پڻ بڻيل آهي. ان ڳالهه کي ايترو محسوس ڪيو ويو، جو پارٽي جي اعليٰ قيادت کي اهو ورجائڻو پيو ته حڪومت اها ئي ٺاهيندي. سعيد غني واڌارو ڪيو ته پيپلز پارٽي ڪراچيءَ مان پنجاهه سيڪڙو سيٽون کڻندي ۽ عمران خان هاڻي نادرا کي وچ ۾ آندو آهي ته ان ووٽرن جي ڊيٽا نواز ليگ کي ڏني آهي.

نواز ليگ تي دٻاءُ برقرار آهي. بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت تشويشناڪ هجڻ ڪري احتساب عدالت جي فيصلي لاءِ رٿيل پروگرام ۾ شايد ٻه هفتا کن دير ٿئي.

نگران حڪومتن جو معاملو به عجيب آهي، جو يا ته نگران وزير اعليٰ کي پنهنجي مرضيءَ سان ڪابينا کڻڻ ۽ پرسنل سيڪريٽري جو اختيار نه پئي ڏنو ويو، ۽ هاڻي وري ضروري ڀرتين جا اختيار به ڏنا ويا آهن. نگران حڪومت جي نگراني اليڪشن ڪميشن ڪري رهي آهي. اليڪشن ڪميشن جي نگراني عدليه ڪري رهي آهي. اها ئي عدليه احتساب ۽ احتساب وارن ڪيسن جي به نگراني ڪري رهي آهي. اليڪشن ڪميشن ذريعي وري سياسي پارٽين جي نگراني ٿي رهي آهي. حالت اها آهي، جو چونڊ مهم شروع ئي نه ٿي سگهي آهي. بجاءِ ان جي جو اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين لاءِ آساني پيدا ڪري ته اهي عوام وٽ وڃن ۽ پنهنجو پروگرام ڏين، ڪميشن ڪنهن نه ڪنهن معاملي تي اٽڪ وجهيو ويٺي آهي. اليڪشن جي پروگرام جي ڳالهه نه پئي ٿئي. پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سکر ۾ ڏاڍي اهم ڳالهه چئي آهي ته اليڪشن ڪميشن کانپوءِ ڪنهن کي ڳڙٻڙ ڪرڻ نه ڏينداسين. ان جا ٻه ئي مطلب ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو ته نتيجن کي شايد تسليم نه ڪيو وڃي. ٻيو اهو ته نتيجا اهڙا اچن، جن کي نواز ليگ ڌانڌلي جو الزام هڻي احتجاج ڏي وڃي.

پاڪستان ۾ اليڪشن ٿين، ڪڏهن ٿين ۽ ڪيئن ٿين؟ اهو سڄو مامرو پرٻاهرو اڪلايو ويندو آهي. مک عالمي قوتون ۽ مالياتي ادارا ڇا ٿا چاهين؟ فيصلو ان جي روشني ۾ ٿيندو. اڃا ويجهي ماضيءَ جي ڳالهه آهي ته تيز رفتار ترقي لاءِ آمراڻي طرز حڪومت کي لازمي سمجهيو ويندو هو ۽ انهيءَ تيز ترقيءَ جي نالي ۾ عالمي ڌريون ۽ مالياتي ادارا آمرن جي حمايت ڪندا هئا. بلڪه انهن کي حڪومت آڻڻ جو ذريعو به بڻيا هئا. پنجاهه واري ڏهاڪي کان وٺي اسي واري ڏهاڪي تائين دنيا ۾ ڪيترن هنڌن تي آمرن جو راڄ هو. هاڻي صورتحال تبديل ٿي آهي. هاڻي جمهوريت جو منتر آهي، مالياتي ادارا به پئسا ڏيڻ لاءِ جمهوريت جو شرط وجهن ٿا.

سمورين لاهين چاڙهين باوجود اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان اڄ جيڪڏهن چونڊن تي بيٺل آهي ته ان جو وڏو سبب عالمي صورتحال آهي. ڏاڍي مزيدار ڳالهه آهي ته اولهه وارن جي سٺي حڪمراني واري ايجنڊا سوويت يونين جي زوال کان پوءِ سامهون آئي آهي، ورنه ڄڻ اهو معيشت ۽ سياست جي ڊڪشنري ۾ ئي ڪونه هو. هن ايجنڊا تي عمل ڪرڻ جي صورتحال تي غور ڪبو ته پتو پوندو ته اهي جمهوري ادارا سطحي حد تائين رکڻ جا حامي آهن. حقيقي معنيٰ ۾ جمهوري ادارا هجن، ان جي ضرورت ناهي، ان ڪري انهن جمهوري ادارن جي موجودگيءَ کي پاڪستان توڙي ٻين اهڙن ملڪن ۾ اتان جي سماجي ڍانچي سان موافقت ۾ رکيو وڃي ٿو. يعني اڳ واري سياسي ۽ سماجي ڍانچي ۾ جيڪي اقتداري ڌريون ۽ طبقا آهن، سي ڀلي بالادست ئي رهن.

پاڪستان جي حڪومتن جو هڪ پيدائشي نقص آهي ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي اسان پنهنجون معاشي ۽ پرڏيهي پاليسيون پاڻڀرو ٿيڻ ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ بدران ٻين جي فرمائشن ۽ مفادن موجب ٺاهيون. سچي ڳالهه اها آهي ته اسين اڄ به انهن ئي پيرن تي آهيون ۽ انهن آڏو ئي جوابده آهيون. ڀٽو کي ڦاهي ڇو چاڙهيو ويو؟ ضياءُالحق کي جهاز ۾ ڇو اڏايو ويو؟ بينظير ڀٽو کي ڇو قتل ڪيو ويو؟ اهي سڀ معاملا ملڪي سطح تي فيصلي جوڳا نه هئا. اهو ئي سبب آهي، جو اهي سڀ ڳجهه بڻيل آهن. اهو ئي سبب آهي جو حڪمرانن ڪڏهن به پاڻ کي ووٽرن آڏو جوابده نه سمجهيو آهي. ها ايترو ضرور آهي، جو عوام سان رجوع ڪرڻ لاءِ ووٽنگ ذريعي ميار لاهين ٿا. ان ۾ به سندن ڀلو آهي، جو عوام طرفان ووٽ جو ٺپو لڳڻ بعد اهي مالياتي ادارن وٽ قرض وٺڻ لاءِ نه رڳو اهل بڻجن ٿا، بلڪه پرڪشش به. مطلب ته پاڪستان ۾ جيڪا انڌي منڊي جمهوريت آهي، اها عالمي حالتن سبب آهي، اها جمهوريت ڪنهن به صورت ۾ حقيقي ناهي، اهڙي جمهوريت جيڪا غريب ۽ عام ماڻهن جي ضرورتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي کي اوليت ڏيندي هجي. اها سچي ڳالهه آهي ته اسان واري جمهوريت عوام جي امنگن يا مطالبن سان ٺهڪندڙ ئي ناهي، بلڪه پرڏيهي ايڪٽرن ۽ انهن جي مطالبن سان پيچ کائي ٿي. اهو درست آهي ته معاشي معنائن ۾ جمهوريت خود ترقي ڪوٺجي ٿي، جو اهو ئي هڪ طريقو ۽ رستو آهي، جنهن جي ذريعي معاشي، سياسي ۽ سماجي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اسان وٽ جمهوريت ۾ ديسي ڍانچو ۽ اقتدار سان تعلقات بنياد بڻيل رهيا، نتيجي ۾ هڪ اهڙو نظام وجود ۾ آيو، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ غير جمهوري آهي، ان نظام پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ٿيڻ خواب آهي.

ڪنهن ڏاهي واهه جي ڳالهه ڪئي هئي ته، ”جيڪڏهن سياسي اڳواڻ پنهنجا واعدا نڀائيندا عوام جي ڀلي لاءِ حقيقي ۽ پائيدار پروگرامن تي عمل ڪن ته جمهوريت جو گس سڌو ٿي وڃي ها“- پر ڳالهه اها آهي ته تڪڙ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ اقتدار ۾ ويهي مفاد پرستي ڪرڻ، بنا ميرٽ جي حڪومت ۾ اچڻ وارن جا هجوم موجود هوندا آهن. اهي هجوم ۽ ان جا مفاد توڙي خواهشون آمريت پسندن جي مفاد وٽان هونديون آهن. ان ڪري اهي ڌريون هڪ ٻئي جون ساٿي آهن. اهو ئي سبب آهي، جو سياسي ڌرين جي کاتي ۾ ناڪام حڪمران ۽ غيرجمهوري اُپائن جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. پاڪستان ۾ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جيڪو هڪ ٻئي سان ڪيو، وري 2008ع جي چونڊن کانپوءِ نواز ليگ جيڪو پيپلز پارٽي جي حڪومت سان ڪيو يا اڄ ڪلهه جيڪو پيپلز پارٽي جو اسٽيبلشمينٽ جي ڀر وٺڻ وارو ڪردار اسان جي سامهون آهي، سي ان حوالي سان ”شاندار“ مثال آهن. 
اقتدار جي بک، جيڪا اختيارن ۽ مال ميڙڻ جي بک ۾ تبديلي ٿي ويندي آهي، ان سان گڏ سياسي ٻاڙائي ۽ اڻ سهپ جمهوريت جي چنڊ کي ڊگهي عرصي لاءِ گرهڻ هيٺ آڻي ڇڏيندي آهي. هيءُ اهڙو موڙ آهي، جتي وري غير سياسي ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. 
سياسي ڌرين کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي ته سڄي سياسي ڦيٽاڙي ۾ سندن ڇا ڪردار رهيو آهي؟ ٻه مکيه سياسي رانديگر پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي ويهارو کن سالن جو گڏيل تجربو آهي. معاملو ڊگهي نظر رکڻ جو آهي ته حقيقي معنيٰ ۾ عوام کي ڇا ڏيڻو آهي. 
معاملو رڳو چونڊون ڪرائڻ ناهي. اهي چونڊون تڏهن بامقصد ٿي سگهنديون، جڏهن شفاف هونديون. سمورين ڌرين سان برابري جي بنياد تي ورتاءُ ٿيندو. سياسي پارٽين کي واڙي هڪ هنڌ تي ويهارڻ بدران انهن کي عوام ڏي ڌڪيو ويندو. ها ان لاءِ ضرور زور ڀري سگهجي ٿو ته اهي پنهنجون جامع سياسي ۽ سماجي پاليسيون چونڊ منشور طور عوام آڏو رکن. اصل ڳالهه عوام جا صحت، روزگار، تعليم ۽ بنيادي سهولتن جا اشوز آهن. ملڪي معيشت ايندڙ وقت جي رٿابندي ۽ پرڏيهي پاليسي آهي. انهن موضوعن تي جيڪڏهن ڳالهه نٿي ٿئي ۽ رڳو تون، ڪوڙو فلاڻو سچو يعني صادق ۽ امين تي معاملو بيهي ٿو يا چند فارمن جي ڇنڊ ڦوڪ کي اوليت ملي ٿي ته پوءِ چونڊون خانه پوري رهنديون، جنهن جو عوام کي ڪوبه فائدو نه ملندو. ائين ماڻهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهارڻ ۾ مدد ملندي ته جمهوريت مان عام ماڻهن کي ڪهڙو فائدو؟

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/20%20Jun%202018.htm

Labels: ,

چونڊن بابت ايتري غيريقينيءَ وارو ماحول ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ سهيل سانگي

سهيل سانگي

اربع 06 جون 2018ع
جيئن ته  ملڪ ۾ اليڪشن جو سال شروع ٿيو آهي، لڳاتار غير يقيني ۽ شڪ جو ماحول رهيو آهي. هر اداري کي شڪ آهن، پوءِ اهو ادارو پارليامينٽ، ڪابينا، عدليا يا فوج جيان آئيني ۽ قانوني هجي يا سياسي پارٽين وانگر عام راءِ يا سول سوسائٽي جو ادارو هجي. اٿندي ئي اهي ڳالهيون پکڙيون ته سينيٽ جون چونڊيون ٿينديون يا نه؟ اهي چونڊون ٿي ته ويون، پر ڏاڍي مشڪوڪ ماحول ۽ طريقي سان. ان کان اڳ لڳاتار دٻاءُ رهيو، جنهن اهو شڪ پيدا ڪيو ته اسيمبليون آئيني مدت پوري ڪنديون به يا نه؟ پر ٿيو ائين جو اسيمبليون ته ڇڪي تاڻي مدت پوري ڪري ويون، پر وزيراعظم مدت پوري نه ڪري سگهيو. مارچ کان پوءِ چونڊن جو وارو آيو. چونڊون وقت تي ٿينديون يا نه؟ نگران حڪومت جو مدو ڊگهو ته نه هوندو؟ اهي سوال ڏاڍي ٺوس شڪل ۾ سامهون ايندا رهيا. وفاق ۽ نگران حڪومت ته ٺهي وئي، جنهن ۾ حڪمران جماعت نواز ليگ ۽ اپوزيشن ۾ پيپلز پارٽي سمجهداري جو مظاهرو ڪيو. پر اوتري سمجهداري جو مظاهرو صوبن ۾ نگران حڪومت لاءِ نه ٿي سگهيو. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ جتي تحريڪ انصاف جو رول هڪ صوبي ۾ حڪمران جماعت طور ۽ ٻئي صوبي ۾ اپوزيشن طور اهم رهيو، سا به صوبن ۾ پنهنجي نگران وزير اعليٰ جي ڏنل نالن تان ڦري وئي، جتي نگران سيٽ اپ جوڙڻ رولڙي جو شڪار ٿي ويو. وري بلوچستان اسيمبلي جو عجيب و غريب ٺهراءُ سامهون آيو ته حج جي ڪري چونڊون ملتوي ٿين. سرحد جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ خط به لکي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ نامزدگي فارم ۾ ڪيڙا ڪڍيا. هڪ مڪمل ماحول جڙي ويو سياسي طور تي، ۽ وري ان کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي قانوني ڪور مهيا ڪيو. ڀلو ٿئي سپريم ڪورٽ جو، جيڪا وچ ۾ آئي.
هاڻي جيڪي چونڊون ٿيڻ وڃن ٿيون، سي به سپريم ڪورٽ جي مرهونِ منت آهن. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ نگران سيٽ اپ جُڙي ويو آهي، ان سيٽ اپ جي اندران يعني حڪمران توڙي اپوزيشن ڌر وٽان اعتراض ناهي، اهو اعتراض سول سوسائٽي ۽ سياسي ڌرين طرفان ڪيو پيو وڃي ته نگران حڪومت، جنهن جو مدو ٻه مهينا کن آهي، ان جي اهڙي ڪهڙي حيثيت بڻجي ٿي، جو ان لاءِ اهڙو تڪرار کڙو ڪجي؟ نهايت مضبوط اليڪشن ڪميشن ۽ سرگرم عدليه جي موجودگي ۾ سرڪاري نگران حڪومت جا اختيار ۽ اهميت گهٽجي وڃي ٿي. نگران حڪومت کي نه ڪنهن انتظامي آفيسر يا اليڪشن ڊيوٽيون ڏيندڙ ملازمن جي بدلي جو اختيار آهي. نه وري ڪنهن ڀرتي ۽ مقرريءَ جو. سپريم ڪورٽ ان معاملي ۾ مانيٽرنگ اختيار پنهنجي ذمي کنيو ويٺي آهي.
اصل ۾ ويجهي ماضي ۾ ملڪ ۾ پيش آيل واقعن سبب هڪ اهڙو ماحول جُڙي ويو آهي، جنهن ۾ ڪير به ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هر ڪنهن کي ٻئي جي فيصلي يا قدم تي شڪ آهي، ۽ ان کي هو پنهنجي خلاف سمجهي ٿو ۽ جواب ڏئي ٿو يا جوابي چال هلي ٿو. اهڙي منجهائيندڙ صورتحال تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ملڪ جو مجموعي نظام ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. درحقيقت سياسي نظام به ان مجموعي نظام جو اهم حصو ئي آهي. نظام تڏهن اهم هوندو آهي، جڏهن ان ۾ ترتيب ۽ نظم هجي، ڪا هم آهنگي هجي. جڏهن بي ترتيبي ۽ نظم جي غير موجودگي هجي ته اهڙين حالتن ۾ هم آهنگي ۽ توازن گم ٿي ويندا آهن. عسڪري اداري جو ترجمان به ذري گهٽ هر بريفنگ ۾ اهو چوندو ٿو رهي ته فوج سياست يا سياسي اٿل پٿل جو حصو ناهي. عدليه به پاڻ کي غير سياسي ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف رمارڪس ڏيندي رهي ٿي. ٻئي طرف 2013ع کان وٺي وفاق توڙي وڏي صوبي پنجاب ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽي لڳاتار اهو تاثر ڏيئي رهي آهي ته ان جي حڪومت ۽ پارٽي قيادت خلاف سازش ٿي رهي آهي. هن پارٽي جا اڳواڻ مختلف واقعن کي جوڙي هڪي سچي ڪهاڻي جوڙين ٿا، جيڪا اعتبار جوڳي لڳي ٿي.
اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پهرين سدائين اختيارن جي بالادستي، پارليامينٽ جي بالادستي جو نعرو هنيو. هاڻي هن پنهنجي نعري کي نئين شڪل ڏني آهي ته ”ووٽ کي عزت ڏيو“ يعني عوام جي راءِ ۽ چونڊيل ادارن جي اهمييت کي مڃو، ان جي ئي بالادستي قبول ڪريو.
سول سوسائٽي جو اصطلاح پهريون ڀيرو نامياري مارڪسواد فلاسافر گرامجي استعمال ڪيو. سندس چواڻي آهي ته اهي سمورا غير سرڪاري ادارا ۽ تنظيمون جيڪي عام شهرين (ماڻهن) جي راءِ جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ رياست جي باقي سمورن ادارن عدليه، فوج ۽ حڪومت کان مٿاهون سمجهي ٿو. سندس اهو تصور پاڪستان ۾ اين جي اوز جي باري ۾ ڪيل تصور کان گهڻو مختلف ۽ وڌيڪ ڳوڙهو آهي. گرامچي جي فلسفي موجب رياست لڳاتار عام راءِ کي قابو ڪرڻ يا ڪنٽرول ڪرڻ ۾ رڌل هوندي آهي ۽ ان مقصد لاءِ دٻاءُ ۽ تشدد جا طريقا به استعمال ڪندي آهي. جيڪڏهن انهيءَ فلسفي جي گهرائي ۾ وڃبو ته اهو به سوال اٿندو ته ماڻهو رياست لاءِ آهن يا رياست ماڻهن لاءِ آهي؟ هيءُ هڪ ڊگهو ۽ فلسفي وارو بحث آهي. ان حوالي سان ادارن جي اڄوڪي صورتحال کي گرامچي جي هن تصور سان ڏسبو ته ڪافي ڳالهيون واضح ٿي وينديون.
پاڪستان ۾ لڳاتار عام راءِ ۽ عام راءِ جي عڪاسي ڪندڙ ڌرين کي نه رڳو اهو ته ليکي ۾ نه آندو ويو، بلڪه انهن خلاف ڪارروايون ٿينديون رهيون. ملڪ ٺهڻ بعد چونڊون نه ٿيڻ، آئين جو نه ٺهڻ، صوبن جا حق نه مڃڻ جا واقعا تاريخ ۾ اڃا چٽا آهن. ان لاءِ ملڪ ان تجربي مان به لڳاتار لنگهيو ته ڪڏهن هٿ جي ٺاهيل جمهوريت ته ڪڏهن چتيون لڳل ڳنڍ ٽوپي واري جمهوريت رهي. 1970ع وارين چونڊن کي ڇڏي ملڪ اندر جيڪي به چونڊون ٿيون، انهن بابت مڃيل راءِ اها آهي ته اهي سڀ اڳواٽ طئه ٿيل نتيجن جي روشني ۾ ٿيون. جڏهن به انهن طئه ٿيل نتيجن ۾ عوام ڪا ڳڙ ٻڙ ڪئي ته پارليامينٽ يا حڪومتن کي سولي طريقي سان هلڻ نه ڏنو ويو. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته اسان وٽ رياست ۽ عام ماڻهو جي راءِ هڪ ٻئي سان لڳاتار جدوجهد/ ڇڪتاڻ جي حالت ۾ آهن. ماڻهو وڌيڪ حق ۽ اختيار گهرن ٿا. رياستي ادارا مختلف بهانن يا خطرن ذريعي ڊيڄاري ماڻهن کي انهن اختيارن کان پري رکڻ گهرن ٿا. ائين ماڻهن جي مرضي ۽ راءِ جو رياستي ادارن سان ٽڪراءُ رهي ٿو.
ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو نظريو ته پنجاب جيڪو رياست جي مخصوص سوچ ۽ بيانيه سان بيٺل هوندو هو، سو پنهنجي صوبي اندر معاشي ۽ سماجي تبديلين جي نتيجي ۾ عام ماڻهن جي پاسي ٿي بيٺو. ورنه اهو کاتو سدائين ننڍن صوبن جو رهيو آهي. پنجاب پنهنجي انهيءَ بيانيه تي ڪيترو ۽ ڪيتري دير ٿو بيهي؟ اهي سوال ڪري سگهجن ٿا، پر ساڳي وقت پنجاب کي اها ڳالهه به سمجهڻي پوندي ته ان بيانيه جو مطلب صوبن جا اختيار آهن ۽ صوبن جا حق به آهن، ڇاڪاڻ جو اهي به ”عام ماڻهن جي راءِ کي مڃو ۽ ووٽ کي عزت ڏيو“ جي دائري ۾ اچن ٿا.
گذريل هفتي پلڊاٽ جي چونڊن کان اڳ پاڪستان ۾ موجود ماحول بابت هڪ تفصيلي رپورٽ شايع ٿي آهي. ريسرچ ۽ سروي بعد ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2017ع کان وٺي مارچ 2018ع تائين ٿيل واقعن جي روشني ۾ چئي سگهجي ٿو ته ملڪ اندر شفاف چونڊن لاءِ گهربل ماحول موجود ناهي. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته رياست جي اهم ادارن بابت عام ماڻهن جو خيال ۽ پختي راءِ مثبت ناهي. جيڪڏهن ملڪ جي اهم ادارن بابت عام راءِ سٺي نه هجي ته پوءِ اهو سمجهڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي ته ملڪ ۾ ڊگهي ۽ غير يقيني صورتحال ڇو آهي؟ ماڻهن کي هر فيصلي ۽ قدم تي شڪ ڇو ٿو ٿئي ته اهو پڪ ئي پڪ سان خلاف هوندو!؟ پوءِ اهو چونڊون ڪرائڻ جو معاملو هجي يا نگران حڪومت جو، هر ڳالهه تي سوال ۽ اعتراض ايندا. ذميوار ادارن جا مثبت قدم ئي شڪ ۽ غير يقيني صورتحال کي ختم ڪري سگهن ٿا. نه ته صورتحال وڌيڪ منجهائيندڙ ۽ وڌيڪ انتشار ڏانهن صورتحال ويندي.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/06%20Jun%202018.htm

Labels:

ڇا نواز شريف پاڻ ٿو چاهي ته مٿس غداريءَ جو ڪيس ٺهي؟ سهيل سانگي

سهيل سانگي

جمع 16 مئي 2018ع
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تازي بيان ملڪي سياست ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي. نواز شريف انٽرويو ۾ چيو هو ته، ”اسان وٽ عسڪري تنظيمون اڃان تائين سرگرم آهن، جن کي غير رياستي عنصر يعني نان اسٽيٽ ايڪٽر چيو وڃي ٿو، ڇا انهن کي سرحد پار ممبئي ۾ 150 ماڻهو مارڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي ها.“ نواز شريف جي هن بيان تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مذمت ڪئي وئي. ڪميٽي جي اجلاس بابت وزيراعظم هائوس مان پڌرائي پڻ جاري ٿي. بعد ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ پريس ڪانفرنس ڪري نواز شريف جي بيان بابت وضاحت ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها پريس ڪانفرنس سرڪاري ٽي وي سميت ڪنهن به چينل نشر نه ڪئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي توڙي حڪومت ۾ سندس پارٽي نواز شريف سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪيو آهي. مخالف سياسي جماعتون ان معاملي تي نواز شريف کي سڱن تي کنيون بيٺيون آهن. چون ٿيون ته مٿس غداري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. مخالف ڌر جو اڳواڻ قومي سلامتي ڪميٽي جو ميمبر هوندو آهي. هن وقت اهو عهدو پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه وٽ آهي پر هن اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو. هو چوي ٿو ته جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي، سو حڪومت کي ڪرڻو آهي. وزيراعظم ان معاملي بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي. تحريڪ انصاف جو اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي جيڪو پرڏيهي وزير پڻ رهيو آهي، اهو چوي ٿو ته ”نواز شريف کي هن وقت اهڙو بيان ڏيڻ جي ضرورت ڪهڙي هُئي؟“ مخالف سياسي جماعتن جي تنقيد ۽ مخالفت توڙي ميڊيا ۾ وڏي هائيپ جي باوجود نواز شريف پنهنجي ڳالهه تي اٽل بيٺو آهي. هو چوي ٿو ته، ”قومي ڪميشن ٺهڻ گهرجي، جيڪا اهو فيصلو ڪري ته ڪير غدار آهي، ڪير محب وطن آهي؟ هاڻي کير ۽ پاڻي الڳ ٿيڻ گهرجي.“
نواز شريف اهو بيان هڪ اهڙي موقعي تي ڏنو آهي، جڏهن سندس پارٽي جي حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ ۾ چند ڏينهن بچيا آهن. ڪيڏي مهل به نگران حڪومت جوڙڻ ۽ چونڊن جو اعلان ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي سندس خلاف هلندڙ ڪيس به پڄاڻيءَ جي ويجهو آهن. انهن ڪيسن جو فيصلو چونڊن کان اڳ اچي يا پوءِ؟ اهو اڃان طئه ناهي. جيڪڏهن فيصلو اڳ ٿو اچي ته نواز شريف چونڊ مهم ۾ شريڪ نه هوندو، پر سندس سزا ۽ قيد جي بنياد تي نواز ليگ مظلوميت ۽ همدرديءَ جو ووٽ وٺي سگهي ٿي. جيڪڏهن چونڊن بعد فيصلو اچي ٿو ته نواز شريف چونڊ مهم تي ڀرپور طريقي سان اثرانداز ٿيندو. هڪ خيال اهو به ڏيکاريو وڃي ٿو ته ممڪن آهي چونڊ مهم ۾ حصي وٺڻ يا سندس تقريرون ميڊيا کي ڏيکارڻ تي پابندي وڌي وڃي ۽ ڪيسن جو فيصلو چونڊن کان پوءِ اچي. بهرحال نواز شريف توڙي کيس اقتدار ۽ سياست کان پري ڌڪيندڙ ڌريون ٻنهي معاملن تي تياري ڪريو ويٺيون آهن. اتي پاڻ کي ڪجهه وڌيڪ ”محبت وطن“ سمجهندڙ همراهن لاهور ۽ اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽن ۾ درخواستون به وڌيون آهن ته، نواز شريف خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪريو.
پاڪستان ۾ غداريءَ جا ڪيس داخل ڪرڻ جي وڏي تاريخ رهي آهي. وقت اهو ثابت ڪيو ته آهي سمورا ڪيس خاص سياسي حالتن ۾ قائم ڪيا ويا ۽ انهن جي ذريعي خاص نتيجا حاصل ڪيا ويا. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ داخل ڪيل ڪيس جيڪو ”پنڊي سازش“ طور مشهور آهي. تڏهوڪو جنرل اڪبر خان ۽ ڪجهه ٻين فوجي آفيسرن کان علاوه فيض احمد فيض، سجاد ظهير ۽ ٻيا ڪميونسٽ اڳواڻ ان ڪيس ۾ شامل هُئا. جنرل اڪبر لياقت علي خان جي ڪشمير بابت پاليسي کان ناراض هو. هن چاهيو ٿي ته هو حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ۽ ڪميونسٽ لڏو سندس حمايت ڪري. ڪميونسٽن سندس ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد شيخ مجيب الرحمان خلاف اگرتلا سازش ڪيس ٺهيو. وقت جي حڪومت مجيب کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي. ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، عطاءُالله مينگل، نواب خير بخش مري ۽ ٻين نيشنل عوامي پارٽي جي اڳواڻن خلاف به ڪيس ٺاهيو ويو. هي اهي ڪيس هئا، جيڪي حڪومت کان ٻاهر ويٺل سياستدانن خلاف جوڙيا ويا. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ مولوي فضل الحق کي مصر ۾ ڏنل هڪ بيان سبب لاٿو ويو. نوي واري ڏهاڪي ۾ واري ڦيري سان بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ويو. ان ڪري غداريءَ جو ڪيس جوڙيو به وڃي ٿو ته ملڪ جو عام ماڻهو ان کي قبول نه ڪندو.
نواز شريف نان اسٽيٽ ايڪٽرز جي رول جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن تان سڄو ممڻ متو آهي. 2008ع ۾ جڏهن ممبئي وارو واقعو ٿيو هو ته تڏهوڪي صدر آصف زرداري به نان اسٽيٽ ايڪٽرز جو ذڪر ڪيو هو ۽ چيو هو ته، اهو لڏو پاڪستان ۽ انڊيا جا تعلقات خراب ڪرڻ گهري ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته 2016ع ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽ ۾ اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو هو ته، نان اسٽيٽ ايڪٽرز کي ڇوٽ هجڻ ڪري پاڪستان عالمي برادري ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي.
مهاڀاري جنگ کانپوءِ نان اسٽيٽ ايڪٽرز هڪ مضبوط سڃاڻپ طور اڀريا. رياست جيڪا هونئن اختيار ۽ طاقت تي هڪ هٽي رکندي آئي آهي، پر ڪجهه گروپ اهڙا پيدا ٿيا جيڪي خود رياست کي چئلينج ڪرڻ لڳا ۽ سرحد پار به ڪم ڪندا رهيا. ڪيترين رياستن ان مظهر کي پنهنجي پرڏيهي ۽ دفاعي پاليسين لاءِ به استعمال ڪيو. ضياءُ دور ۾ پاڪستان آمريڪا جي پراڪسي جنگ ”افغان جهاد“ جي نالي ۾ وڙهي، ان ۾ نان اسٽيٽ ايڪٽرز جو رول پاڪستان ۾ گهڻو اڀري آيو. پاڪستانين کي هاڻ اهو سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيندي آهي ته نان اسٽيٽ ايڪٽرز ڇا هوندو آهي. علم سياسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي نان اسٽيٽ ايڪٽرز ڪيترن مرحلن ۾ خود انهيءَ رياست جي گهرو توڙي پرڏيهي پاليسين تي اثرانداز ٿيندا رهندا آهن. ائين اهڙين رياستن جي سياست به تبديل ٿي ويندي آهي. جنهن جملي مانڌاڻ مچايو آهي، نواز شريف اهو جملو ڪو جذباتي تقرير ۾ نه چيو آهي، بلڪه انٽرويو دوران چيو آهي، ان ڪري اهو جملو حساب ڪتاب سان يعني Well Calculate  ڳالهايل آهي. هن کي اندازو هو ته هن جملي جو ڪهڙو اثر پوندو؟ نواز شريف کي کڙڪ پئجي وئي هئي ته سندس خلاف انڊيا سان ويجهڙائپ وارو نقطو ميدان ۾ آندو پيو وڃي. کيس اهو اشارو انڊيا کي اربين روپيا منتقل ڪرڻ جو نيب جي چيئرمين طرفان نوٽيس وٺڻ تي ملي چڪو هو، ان ڪري هن ترت ئي اهو ”بم“ ڦاڙيو. هو هڪ هڪاڻي ڪرڻ گهري ٿو، هو پنهنجي هن حڪمت عملي تي آهي ته سندس خلاف ڪرپشن جا ڪيس يا پاناما ملڪيتن وارا معاملا جوڙيا ويا آهن. هو چاهي ٿو ته سندس خلاف معاملو ڪرپشن جو نه، پر سياسي بڻجي، ڀلي مٿس غداري جو ڪيس هلي. هو چوي ٿو ته قومي ڪميشن جڙي، جيڪا جاچ ڪري ته ڪهڙي ڌر ڇا ڪيو ۽ ان جو نتيجو ڇا نڪتو؟ جڏهن هو چوي ٿو ته هو ٽي دفعا وزيراعظم رهيو آهي، ان ڪري وٽس گهڻو ڪجهه آهي، ان جو مطلب اهو پيو ورتو وڃي ته وٽس انهن نقطن کي ثابت ڪرڻ لاءِ مسالو موجود آهي. نواز شريف کي شايد اندازو آهي ته سندس خلاف نيب وارن ڪيس جي فيصلي ۾ دير آهي، اهي چونڊن کان پوءِ ايندا. هو چاهي ٿو ته سندس خلاف جيڪا ڪارروائي ڪرڻي آهي، سا هينئر ئي ڪئي وڃي.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/16%20May%202018.htm

Labels: ,

چونڊن کان اڳ ايم ڪيو ايم جا گروپ گڏ ڪيئن ٿيا آهن؟

سهيل سانگي

سومر 07 مئي 2018ع
ڪراچيءَ ۾ گذريل هفتي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ٿيل جلسي ايم ڪيو ايم جي ڪُک مان ڦُٽندڙ سمورن گروپن کي چيڙائي وڌو. هڪ هفتي جي اندر ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نالي سان ڪم ڪندڙ بهادر آباد ۽ پير الاهي بخش ڪالوني جي ٻنهي گروپن گڏجي فيڊرل بي ايريا جي ٽانڪي گرائونڊ ۾ ئي جلسو ڪيو. هيءُ اهو علائقو آهي، جتي ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو هيڊ ڪوارٽر نائين زيرو هو. جتي بلاول ڀٽو به جلسو ڪيو هو. بلاول جي جلسي بعد خالد مقبول صديقي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪندڙ بهادر آباد واري گروپ توڙي فاروق ستار واري گروپ الڳ الڳ تاريخن تي ساڳي هنڌ تي جلسي جو اعلان ڪيو هو، پر ٻن ٽن ڏينهن اندر هڪ ٻئي تي شديد الزام تراشي ڪندڙ ۽ غدار ڪوٺيندڙ ٻن ٽن ڏينهن اندر ئي گڏ ٿي ويا. ٻنهي گروپن ۾ ايڏي تڪڙي ويجهڙائپ ٿيڻ ڏاڍي معنيٰ خيز لڳي ٿي، ڇاڪاڻ جو هن کان اڳ ايم ڪيو ايم جي گهڻگهرن توڙي پارٽي اندر ٻنهي جي دوستن اختلافن ختم ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون هيون، پر ٻنهي گروپن جا اڳواڻ هڪ ٻئي کي برداشت لاءِ تيار نه هُئا.
ايم ڪيو ايم ۾ پهريون ڏڦيڙ مصطفيٰ ڪمال پاڪ سرزمين پارٽي ناهي وڌو، ان بعد فاروق ستار جي اڳواڻيءَ ۾ 23 آگسٽ تي ايم ڪيو ايم لنڊن کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو. اڳتي هلي پارٽي جي ليڊرشپ درميان جهيڙي ۾ اها وڌيڪ گروپن ۽ ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي. هن وقت جيتوڻيڪ سرزمين تي فاروق ستار ۽ خالد مقبول صديقي جي اڳواڻيءَ ۾ هلندڙ ٻه گروپ آهن، پر اندر ئي اندر هر گروپ ۾ ٻه ٻه، ٽي ٽي گروپ آهن. هلندڙ سال جنوري تائين ملڪ جي سياست جو محور اسلام آباد ۽ لاهور يا پنجاب رهيو. سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ڪو گهڻو اثر نه ڏيکاريندڙ سرگرمي  ٿي رهي هُئي. سواءِ ان جي ته ايم ڪيو ايم جا مخلتف گروپ هڪ ٻئي خلاف ڳالهائي رهيا هئا يا وري ڪڏهن ڪو ملڪ گير پارٽي جو اڳواڻ روٽين ۾ ڪراچي اچي رهيو هو. سينيٽ جي چونڊن کان پوءِ جيئن ئي ايندڙ چونڊن لاءِ رستو کليو ته تحريڪِ انصاف ۽ نواز ليگ به پنهنجون اليڪشني انداز سان سرگرميون ڏيکاريون. نواز ليگ جو نئون صدر شهباز شريف اپريل ۾ ٻه دفعا ڪراچي آيو. هو ٻن حوالن سان پنهنجا اتحادي ڳولڻ آيو. هڪ اهو ته نواز ليگ جي حامين ۽ صوبائي گادي واري شهر ۾ پنجابي سيٽلرز جي مدد سان ڪا سيٽ حاصل ٿي سگهي. ٻيو اهو ته ڪراچي مان مينڊيٽ وٺندڙ يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن گروپ وٽان قومي اسيمبلي ۾ حمايت ملي سگهي ٿي. نواز شريف، عمران خان توڙي جماعت اسلامي جي مولانا سراج الحق جي ڪراچيءَ جي ڪا به سرگرمي ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به گروپ کي ايڏي ڏکي نه لڳي، جهڙو ڏکيو بلاول ڀٽو جو جملو لڳو.
بلاول ڀٽي جي پاليسي ايم ڪيو ايم کي ڄڻ هڪ ڪري ڇڏيو. ڪن تجزيا نگارن جو خيال آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي هروڀرو اهو پاور شو نه ڪرڻ گهربو هو، ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي کي ايم ڪيو ايم جي پسمنظر مان ڪو ووٽ ملڻو نه هو. ماڳهين پيپلز پارٽي جي ڊپ وچان اهي گروپ گڏ ٿي ويا. بلاول ڀٽو پنهنجي تقرير ۾ ايم ڪيو ايم کي ”مستقل قومي مصيبت“ سڏيو هو، ۽ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن الطاف حسين برو آهي ته ان جا ساٿي ۽ سهولتڪار وري ڪهڙا چڱا هوندا. هن ٻنهي گروپن جي اڳواڻ تي تنقيد ڪئي. بهرحال پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ سياسي حوالي سان اهو ضروري هو ته اها ڪراچيءَ ۾ پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياري. ٻي صورت ۾ ٻيون ملڪ گير پارٽيون گادي واري شهر ۾ گهڙي رهيون هيون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو هو ته ايم ڪيو ايم کي سياست ڪرڻ جي آزادي آهي، پر دهشتگرديءَ جي اجازت ڪونهي. ائين هجڻ به گهرجي.
ٻنهي گروپن جي هن جلسي ٻڌايو آهي ته ايم ڪيو ايم واپس اها سياست ڪرڻ ڏي وڃي پئي، جيڪا نفرت واري آهي. اها واپس لساني فرق ۽ ڌار صوبي جي سياست تي بيٺي آهي. ٻنهي گروپن جا اڳواڻ چون ٿا ته ڌار صوبي لاءِ پنجاب ۾ ڳالهه ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ ڇو نه!؟ ساڳي طرح مهاجرن واري نعرو به هڻي رهي آهي. اهي ٻئي ڳالهيون سنڌ ۾ هڪ دفعو وري نفرتون پيدا ڪنديون. صوبي ۽ ان جي عوام کي درپيش مسئلن جي بدران صوبي جون ٻئي ڌريون ٻولي جي بنياد تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهي رهنديون، جنهن جو نقصان عوام کي ئي پوندو.
ايم ڪيو ايم جو جلسو ۽ ان ۾ ٿيل تقريرون چار ڳالهين کي ظاهر ڪن ٿيون (1) الڳ صوبي جو مطالبو. (2) مهاجر ووٽ بئنڪ هڪ آهي، جيڪو ورهائجي نه سگهيو آهي. (3) رهنما نه، پر منزل کپي. (4) مهاجرين ۽ ان جي سڃاڻپ برقرار رکڻ. جهڙي طرح سان ايم ڪيو ايم جا ٽي گروپ موٽي آيا آهن، ان مان لڳي ٿو ته انهن کي رڳو پيپلز پارٽي جي جلسي يا بلاول ڀٽو جي تقرير گڏ نه ڪيو آهي، بلڪه اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي اهي ڌريون گڏ ٿيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جو جلسو ۽ بلاول جي تقرير رڳو بظاهر سبب بڻيا آهن. هونئن پيپلز پارٽيءَ کي ايم ڪيو ايم جي جيئري ٿيڻ سان سياسي طور تي ڪو نقصان به ڪونهي، خاص طور تي چونڊن جي موقعي تي جڏهن ايم ڪيو ايم وري مهاجريت جا مطالبا ڪري ٿي ته پيپلز پارٽي کي ان جو فائدو اهو ملندو، جو ان کي سنڌيت جي نعري هيٺ سنڌين جا ووٽ وٺڻ ۾ سهوليت ٿي پوندي.
ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي ٻنهي گروپن کي گڏ نه ڪيو ويو ۽ ان جي مينڊيٽ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ايم ڪيو ايم جو لنڊن وارو قائد پنهنجا ماڻهو اليڪشن ۾ آڻي. يا وري اهو ته متان ڪراچيءَ ۾ چونڊن جي بائيڪاٽ جو سڏ ڏئي. جيڪڏهن اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿي ته 2013ع کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪيل آپريشن، سياسي چائنا ڪٽنگ ۽ ٻيا سمورا معاملا لڙهي ويندا، ان ڪري ايم ڪيو ايم پاڪستان کي جيارڻ ضروري هو.
ڪراچيءَ جو مينڊيٽ ايم ڪيو ايم وٽ ئي رکڻ جا اسٽيبلشمينٽ کي ٻه وڏا فائدا آهن. هڪ اهو ته ڪراچي جي سياست ڪنهن ملڪگير پارٽي جي هٿ ۾ نه ايندي. معنيٰ اسٽيبلشمينٽ جي ئي گرفت ۾ رهندي. ٻي ڳالهه ته ايندڙ چونڊن کان پوءِ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ هڪ مضبوط گروپ وٽان حمايت ۽ ان جي ووٽ جي ضرورت پوندي، ان ڪري ايم ڪيو ايم کي جيارڻ ضروري هو.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/07%20May%202018.htm

Labels: , ,

شهباز شريف جي ڪراچي آمد شهر جي سياست کي تبديل ڪري سگهندي؟ سهيل سانگي

سهيل سانگي

خميس 26 اپريل 2018ع
PMLN and Karachi
سنڌ جي صوبائي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي مختلف گروپن ۾ جهيڙو بدستو جاري آهي، اڃان تائين هڪ هڪاڻي نه ٿي سگهي آهي. ٻئي طرف گذريل چند هفتن کان ملڪ گير پارٽين ڪراچي کي فوڪس ڪرڻ شروع ڪيو آهي. گذريل سالن دوران جماعتِ اسلامي ۽ تحريڪ انصاف هتي پير کوڙڻ جون ڪوششون ڪنديون رهيون، پر ايم ڪيو ايم جي ڏاڍ ۽ هڪ هٽيءَ واري رويي سبب ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيون. ڪراچي 1980ع واري اڌ ڏهاڪي کان وٺي لسانيت، تعصب ۽ مارا ماريءَ جي ور چڙهيل رهيو. هالانڪه ملڪ جي وڏي صنعتي ۽ ڪاروباري توڙي وڏي بندرگاهه هجڻ جي ناتي شهر جي اهڙي تعصب واري سڃاڻپ نه هجڻ گهرجي.
ڏٺو وڃي ته پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي دوران هيءُ شهر سياسي فڪر توڙي عمل جي حوالي سان ترقي پسند، روشن خيالي ۽ جمهوريت پسندن سان گڏ بيٺل هو. مزدور ۽ شاگرد تحريڪون، ترقي پسندانه ادبي ۽ سياسي سرگرميون شهر جي سڃاڻپ هيون. اهو فڪر عام راءِ يا سوچ طور ئي مقبول نه هو، بلڪه اقتدار جي ايوانن تي به اثرانداز ٿيندو هو. شهر 1970ع جي چونڊن ۾ ڀرپور مذهبي رنگ جو اظهار ڪيو ۽ هتان مولانا شاهه احمد نوراني جي جميعتِ علماءِ پاڪستان ۽ جماعتِ اسلامي سوڀاريون ٿيون. پيپلز پارٽيءَ کي به ڪجهه حصو مليو، پر مجموعي طور تي ڇاپ ديوبندي ۽ بريلوي مڪتبهءِ فڪر رکندڙ ٻن مذهبي جماعتن جي رهي، جن جو ووٽر انڊيا مان لڏي آيل هو. انهن ٻنهي جماعتن پاڻ ۾ ڪو اتحاد نه ڪيو هو، بلڪه هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ئي هيون. 1970ع وارو ڏهاڪو انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ گذريو ته شهر ۾ مذهبي سياست حاوي هجي يا ترقي پسند لبرل سوچ؟ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جتي سڄي ملڪ اندر کاٻي ڌر جي سياست کي ڪمزور ڪيو، ان جو گهڻو اثر ڪراچيءَ تي ٿيو، جتي سندس دورِ حڪومت ۾ مزدور تحريڪن کي چيڀاٽيو ويو ۽ ترقي پسندن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون، ائين مذهبي سياست ڪندڙ ڌرين کي ڄڻ جڳهه ملي ويئي. ڀُٽي جي خلاف پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) جي تحريڪ ۾ جميعت علماءِ پاڪستان ۽ جماعتِ اسلامي سرگرمي وارو ڪردار ادا ڪيو. ائين ڪراچي کي پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي کانپوءِ هڪ دفعو وري اهو احساس ڏياريو ويو ته اها ڪو سياسي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جماعتِ اسلامي ۽ جميعت علماءِ پاڪستان ڪراچي کي ته اهو احساس ڏياريو پر ان احساس سبب ٿورو اڳتي هلي راند سندن هٿن مان نڪري ويئي. سمورين خصوصيتن جي باوجود ڪراچي ضياءُالحق خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به وڏي پيماني تي پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيو. ضياءَ دور ۾ لساني سياست کي زور وٺرايو ويو. پهرين اها مهاجر سياست طور سامهون آئي. آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن ۽ پوءِ ايم ڪيو ايم جي شڪل ۾ اچي بيٺي. پنجابي لساني سياست ”پنجابي- پختون اتحاد“ جي نالي سان ملڪ اعواڻ ڪرڻ جي ڪوشش هئي، پر پنجابي لسانيت جو ڪراچيءَ ۾ کليل اظهار 1988ع جي چونڊن کانپوءِ بنهه هلڪو ٿي ويو. ان بعد پختون عنصر آيو. پختون لساني سياست جو کليل ۽ اثرائتو اظهار مشرف دور ۾ ٿيو. ان سڄي عرصي دوران مختلف موقعن تي انهن لساني گروهن جي وچ ۾ هٿياربند ٽڪراءُ به ٿيندو رهيو. شهر جي بلوچ آبادي سندس اندروني ٽڪرائن ۾ ڦاٿل رهي. مختلف لساني گروهن جي ٽڪرائن سبب سوين انساني جانيون ضايع ٿيون. لساني سياست مروج ٿيڻ کان پوءِ هن ميٽروپوليٽن شهر ۾ مذهبي توڙي ترقي پسند فڪر ۽ سوچ ڪمزور پئجي وئي.
ضياءُالحق لسانيت کي هوا ڏيڻ سان گڏ هڪ ٻيو ڪم اهو ڪيو، جو هن روايتي مذهبي جماعتن جي جاءِ تي مختلف مڪتبهءِ فڪر مان نوان مذهبي گروپ پيدا ڪيا، انهن جي حوصله افزائي ڪئي ته جيئن ملڪ جو وڏو صنعتي شهر ورهايل هجي ۽ ڪنهن جمهوري ۽ حقن واري تحريڪ ۾ رول ادا نه ڪري سگهي. ساڳي وقت اهو ته مذهبي بيانئي کان ٻاهر نه نڪري سگهي.
مشرف دور ۾ جهادي عنصر ظاهر ٿيو. هڪ مذهبي سوچ رکندڙ ٻي مذهبي سوچ رکندڙ جي خلاف ٿي بيٺا. فرقيوار جهيڙو پڻ ڀڙڪي اٿيو. ان سموري ورڇ ۽ انجنيئرنگ جو فائدو ايم ڪيو ايم کي مليو، جنهن شهر تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪئي ۽ ورڇ ۽ تشدد کي وڌايو.
2015ع ۾ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن ۽ ان بعد ان جي اندر گروهه بندين هڪ نئين صورتحال پيدا ڪري وڌي. ڪجهه اسپيس پيدا ٿيو، ڪجهه آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هاڻي هر فڪر ۽ سياست ڪندڙ ماڻهو پنهنجي جڳهه ٺاهڻ گهرن ٿا. اها صورتحال هڪ نئين صف بندي جي گهرجائو آهي. مذهبي جماعتون متحده مجلس عمل جي شڪل ۾ ٻيهر ميدان ۾ لٿيون آهن. اهي ڄاڻن ٿيون ته اڪيلي سر اُهي نئين صف بندي ۾ مقابلو نٿيون ڪري سگهن. متوازي ۽ متضاد فڪر رکندڙ مذهبي جماعتون گڏجي ويون آهن. اهو اتحاد پنهنجي نوعيت ۾ جيتوڻيڪ نئون ڪونهي. هن کان اڳ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي خلاف به اهي جماعتون هڪ ٻئي سان اتحاد ۾ هيون. ڪنهن خلاف اتحادي ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي، گڏجي اليڪشن وڙهڻ بنهه مختلف آهي. ان جي تسلسل طور ڄڻ مشرف دور ۾ انهن جماعتن گڏجي چونڊ وڙهي هئي. ڪراچيءَ ۾ مذهبي فڪر جي حوالي سان پنجاب ۾ قائم ٿيل ”لبيڪ يا رسول الله“ جماعت گذريل ڪجهه مهينن کان سرگرم ٿي آهي. ماضي ۾ بريلوي مڪتبهءِ فڪر جو وڏو مرڪز ڪراچي رهيو آهي ۽ مولانا نوراني ان جي قيادت ڪندو هو. هن فڪر ۽ تنظيم احمدين خلاف مهم توڙي پي اين اي جي 9 ستارن واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو. مولانا نوراني جي وفات کانپوءِ بريلوي مڪتبهءِ فڪر جو مرڪز ڄڻ ڪراچي کان پنجاب منتقل ٿي ويو. نئين ٺهيل جماعت ان جو اظهار آهي، جيڪا هاڻي ڪراچيءَ ۾ لٿل آهي.
ايم ڪيو ايم اندر پهريون ڏار ”حقيقي“ جي نالي سان پيو هو ۽ ٻيو ڏار ان گروپ سان پيو، جنهن پنهنجي سڃاڻپ سني تحريڪ طور ڪرائي، جيڪي بنيادي بريلوي مڪتبهءِ فڪر جا پوئلڳ هئا، پر سني تحريڪ ڪا جڳهه نه ٺاهي سگهي. ڪراچي ۾ ان متڪبهءِ فڪر جي حوالي سان خال موجود هو، جنهن کي پنجاب مان آيل جماعت ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن جماعت ماڻهن ۾ پنهنجو وجود ڏيکارڻ لاءِ خيراتي ۽ عام ڀلي وارا ڪم شروع ڪيا آهن. ڪراچيءَ ۾ واپاري برادري ۾ سوچ جون پاڙون رکڻ ڪري بريلوي مڪتبهءِ فڪر وٽ مالي وسيلا به آهن ۽ ووٽ به. هو ماضيءَ ۾ ان جو مظاهرو ڪري چڪا آهن. اها جماعت آهي ته مذهبي جماعتن جي اتحاد مجلس عمل وانگر نواز ليگ مخالف پر ان اتحاد جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار ناهي. بلڪه اها ايم ايم اي جي خلاف بيهندي نظر اچي ٿي.
سمورين ڳالهين جي باوجود وري به ڏهاڪن کان ڪراچي ۾ گهڙيل لساني سياسي گروه بندي اڄ به موجود آهي، ان کان ٻاهر نه اچي سگهي. اڪثر سنڌي ۽ بلوچ آبادي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ تي مجبور آهي. پنجابي آبادي نواز ليگ ڏي منهن ڪيو بيٺي آهي. پشتو ڳالهائيندڙن جا ووٽ عوامي نيشنل پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ مولانا فضل الرحمان ڏي ويندا. اردو آبادي جو ووٽ ورهائبو، پر اها ورهاست پاڻ ۾ ئي ٿيندي، ٻي ڪنهن پارٽي کي ڪو ٿورو ئي حصو ملندو. بلدياتي چونڊن ۾ پنجابي ۽ هزاره بيلٽ سان واسطو رکندڙ آبادي نواز ليگ کي ووٽ ڏنا هئا. شهباز شريف جو ڪراچي اچڻ ان لاءِ آهي ته هو نواز ليگ لاءِ هن شهر مان حصو ڪڍي سگهي. هن باقي سنڌ جو دورو ڪرڻ بدران رڳو گادي واري شهر تائين اچڻ پسند ڪيو. هن ايم ڪيو ايم جي بهادرآباد واري گروپ سان ملاقات ڪئي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي شاهي سيد سان مليو. سندس هي جملا اهم آهن ته اسان کي ڪراچي ۾ پنهنجي طاقت جو اندازو آهي. اسين سڀني سان گڏجي هلڻ گهرون ٿا. ايم ڪيو ايم جيتوڻيڪ گروپن ۾ ورهايل آهي پر ماضي ۾ ان ڪنهن سان چونڊن ۾ اتحاد نه ڪيو آهي ۽ هاڻي به نه ڪندي. ان صورتحال ۾ شهباز شريف پاران ايم ڪيو ايم جي گروپ سان ملاقات چونڊن لاءِ اتحاد نه، پر اهو ٻڌائڻ آهي ته نواز ليگ اي اين پي يا ٻي ڪنهن ڌر سان ٺاهه ڪري ٿي ته اهو ايم ڪيو ايم خلاف ناهي. هو دراصل پنجابي آبادي ۽ پختونن جا ووٽ هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۽ ڪجهه ٻين حلقن ۾ نواز ليگ جي حامين کي گڏ ڪرڻ گهري ٿو. هو اهو به چاهي ٿو ته ڪراچي ۾ ماحول نواز ليگ مخالف نه، پر پيپلز پارٽي مخالف ٺهي. سنڌ ۾ جڏهن پيپلز پارٽي ۽ تحريڪِ انصاف جون سرگرميون نظر اچن ٿيون ۽ نواز ليگ گم هئي، ان کوٽ جي پورائي لاءِ شهباز شريف پهتو آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته شهباز شريف جو سنڌ ۾ تعارف نواز ليگ جي صدر طور نه، پر پنجاب جي وڏي وزير طور آهي، جيڪو سنڌ سان جهيڙيندو رهيو آهي. عجيب ڳالهه ته نواز ليگ پنجاب ۾ سڄي سرگرمي نواز شريف ۽ مريم جي ذريعي ڪري ٿي، پر سنڌ ۾ اهو ڪم شهباز شريف کي ڏنو ويو آهي. حالانڪه سنڌ ۾ نواز شريف لاءِ شهباز جي مقابلي ۾ بهتر سوچ آهي. سوال آهي ته هن ڏکي صورتحال ۾ نواز ليگ ڪراچي ۾ پنهنجي لاءِ ڪيتري جڳهه ٺاهي سگهي ٿي ۽ ماحول کي نواز ليگ مخالفت مان ڪڍي پيپلز پارٽي مخالف ٺاهي سگهي ٿي؟

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/26%20Apr%202018.htm

Labels: , ,

ايندڙ عام چونڊن ۾ به ”سينيٽ چونڊ“ واري فارمولا تي عمل ٿيندو؟

سهيل سانگي

جمع 06 اپريل 2018ع
 مختلف تجزيه نگار توڙي سياسي حلقا خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن ته عام چونڊون وقت سر نه ٿي سگهنديون. پر چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار هڪ دفعو ٻيهر خاطري ڏياري آهي ته چونڊون وقت تي ئي ٿينديون. هڪ چونڊيل حڪومت جي آئيني مدت پوري ٿيڻ بعد چونڊون اڳتي ڌڪڻ جي آئين ۾ ڪا گنجائش ناهي. هڪ اهڙي ماحول ۾، جڏهن ملڪي معاملن ۾ عدليا جو دخل وڌيل آهي ۽ ڪيس اُڪلائڻ کان وٺي مختلف ملڪي معاملن ۾ حڪومت کي هدايتون ڏيڻ تائين جا ڪم عدليا ڪري رهي آهي، تڏهن اهڙي معاملي ۾ عدليا جي ڳالهه کي وزن ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿي رهيون آهن ته پوءِ انهن جا نتيجا ڪهڙا ايندا؟ بظاهر اهو ئي پيو لڳي ته پنجاب ۾ نواز ليگ، سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڪثريت آهي. خيبر پختونخوا ۾ تحريڪ انصاف ۽ ٻيهر جيئاريل متحده مجلس عمل جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو. بلوچستان ’پراڻين پارٽين‘ ۽ ’پراڻين‘ شخصيتن جي سحر ۽ اثر مان ٻاهر اچي نئين پارٽيءَ جي حوالي ٿيندو، ’باقي سڀ ٺيڪ آهي‘. جيڪڏهن اهي ئي نتيجا اچڻا آهن ته پوءِ گذريل 4 سالن کان نواز شريف ۽ نواز ليگ جي خلاف ايڏي وڏي ’محنت‘ ڇو ڪئي وئي؟ ڪنهن به صوبي ۾ مقبوليت جنهن پارٽيءَ جي هجي، اتي اليڪشن ۾ نتيجا به ان مقبوليت سان ٺهڪندڙ اچڻ گهرجن پر هتي ائين نٿو ٿئي، جنهن جو مثال سينيٽ آف پاڪستان جون تازيون چونڊون آهن. سينيٽ ۾ اڪثريت نواز ليگ جي هُئي پر چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ مهل نتيجا ٻيا اچي ويا.
پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ذوالفقار علي ڀُٽي جي ورسي جي موقعي تي جيڪا تقرير ڪئي آهي، اها تقرير به ڪنهن اهڙي ئي ’ڪرشمي‘ جو پتو ڏئي ٿي. پيپلز پارٽي پارليامنيٽرين، جنهن نالي سان پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺندي رهي آهي، ان جي چيئرمين آصف زرداريءَ جي تقرير جو جائزو وٺڻ سان پتو پوي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ جو سياسي نقشو ڇا بيهندو؟ آصف زرداريءَ جو چوڻ آهي ته ايندڙ چونڊن بعد نواز ليگ کي وفاق توڙي پنجاب مان هو حڪومت ۾ اچڻ نه ڏيندو. ان ڏس ۾ هن بلوچستان ۾ زهري حڪومت جي جاءِ تي عبدالقدوس بزنجي جي حڪومت آڻڻ توڙي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جو به حوالو ڏنو آهي. اهو فارمولو وفاقي حڪومت لاءِ به آزمائي سگهجي ٿو. هن نواز شريف سان صلح ختم ڪري جنگ جا طبل وچائي ڇڏيا آهن. آصف علي زرداريءَ اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته، هو جڏهن به چاهي، نواز ليگ جي حڪومت ختم ڪري سگهي ٿو. آصف زرداري هڪ وک اڳتي وڌندي نواز ليگ کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي. هو چوي ٿو ته وڏ وزارت به اسين ئي وٺنداسين، پوءِ ان لاءِ ڪنهن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻي ڇو نه پوي! پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين جي ان بيان مان انهن ڳالهين کي سگهه ملي ٿي ته ايندڙ پارليامينٽ ”معلق“/لٽڪيل  (Hung)هوندي، يعني ڪا به پارٽي اڪثريت ۾ نه هوندي. بظاهر ايئن ٿو لڳي ته پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ سنڌ مان پيپلز پارٽي کٽي ايندي، پر ائين ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي. ڇو ته غالب امڪان اهو آهي ته پنجاب سياسي طور تي ٽن حصن ۾ ورهائجي ويندو. وفاق ۾ نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف وڏين پارٽين طور اينديون. تحريڪ انصاف، نواز ليگ سان حڪومت ۾ نه ويهي سگهندي. ان بعد ٻه آپشن آهن؛ هڪ اهو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ حڪومت ٺاهين. ٻيو اهو ته پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف سان گڏجي حڪومت ٺاهي. جڏهن آصف زرداري هاڻي ئي نواز ليگ سان مفاهمت جي سمورن امڪانن کي رد ڪندي ان سان ڊگهي مقابلي جو اعلان ڪيو آهي ته، ان بعد نواز ليگ سان پيپلز پارٽي جي گڏجڻ جو رستو بند ئي سمجهڻ گهرجي. آصف زرداري نواز ليگ سان ڊگهي ويڙهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان لاءِ هو هر قيمت تي پنجاب مان ان کي نيڪالي ڏيڻ گهري ٿو. هو ان خيال جو آهي ته، پنجاب جي حڪومت پيپلز پارٽيءَ کي ڀلي نه ملي، ٻئي ڪنهن کي به ملي، پر نواز ليگ کي نه ملي. اهڙي صورت ۾ سينيٽ چيئرمين واري عهدي وارو فارمولا استعمال ٿيڻ جا امڪان چٽا نظر اچن ٿا. يعني ”نه تيرا، نه ميرا“، ڀلي ڪو ٻيو اچي. جنهن معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف متفق ٿي سگهن ٿيون. نواز شريف هڪ ڏينهن اڳ اشارو ڏنو هو ته نئين تڪ بندين جي بهاني چونڊون ملتوي ٿي سگهن ٿيون پر چيف جسٽس جي تازي بيان بعد ان امڪان کي پاسيرو رکي سگهجي ٿو. اڳوڻي وزيراعظم اهم ڳالهه اها به ڪئي آهي ته سياسي طور ’چائنا ڪٽنگ‘ ۾ نيب جو ڪردار وڌي ويندو. نيب سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهندي. نواز شريف جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن مهينن ۾ ڪيترن اسيمبلي ميمبرن وفاداريون تبديل ڪيون آهن. هو اهو به الزام هڻي ٿو ته انهيءَ هارس ٽريڊنگ ۾ عمران خان ۽ زرداري ملوث آهي.
هوڏانهن عدليا بابت حڪومت، نواز ليگ ۽ نواز شريف ٽنهي جي موقف ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي. بلڪه نواز شريف ته پنهنجي تازي بيان ۾ ان پراڻي موقف کي ورجايو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته، ”چيف جسٽس سمجهي ٿو ته هو اڪيلو انتظاميا ۽ پارليامينٽ کي هلائي ويندو. پهرين لکين ڪيس التوا ۾ پيا آهن، سي ته اڪلائي.“ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به نواز شريف جي ڪيس ۾ گهڻو پراميد ناهي. بلڪه هو چوي ٿو ته کيس اها اميد ناهي ته نواز شريف کي عدليا مان انصاف ملندو. نواز شريف ۽ سندس پارٽي جي عدليا بابت موقف بعد چيف جسٽس جي نيشنل مئنجمينٽ ڪاليج جي 60 رڪني وفد سان ٿيل ڳالهه ٻولهه سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته مقننه (Legislative)، عدليا ۽ انتظاميا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ سپريم ڪورٽ کي خصوصي اختيار حاصل آهي ته اها آئين تي عمل ڪرائي ۽ ملڪ جي سينيئر بيورو ڪريسي سان گڏجي شهرين کي بنيادي حق ڏئي. هڪ خيال اهو به آهي ته نواز شريف هاڻي اڪيلو ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ شهباز شريف جي طرفان چيف آف آرمي اسٽاف بابت تعريفي جملن جو حوالو ڏنو پيو وڃي. هو ان ذريعي نواز ليگ جي اڪيلائپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين ايندڙ چونڊن ۾ سينيٽ وارو فارمولا اختيار ڪرڻ گهري ٿو. خيال آهي ته ان لاءِ کيس سگهارين ڌرين جي پٺڀرائي حاصل آهي. ان اڪيلائپ کي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به محسوس ڪيو آهي. هن چوڌري نثار علي لاءِ چيو آهي ته چوڌري نثار پارٽي ڇڏي ڪيڏانهن ويندو؟ ڏوراپا پنهنجن لاءِ هوندا آهن. ائين شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي زرداري فارمولا جو ٽوڙ ڳولڻ لاءِ سندن پارٽي ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ويجهن حلقن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اصل سياسي جهيڙو پنجاب ۾ آهي، جتي نواز ليگ، پارٽيءَ اندر توڙي ماڻهن ۾ مقبول رهڻ گهري ٿي. اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻيون ڌريون اتي ننڍن گروپن تي هٿ رکڻ گهرن ٿيون. ڏسجي ته پنجاب ۾ ڪهڙا ننڍا گروپ سامهون ٿا اچن.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/06%20Apr%202018.htm

Labels: ,

وزيراعظم-چيف جسٽس ملاقات: نواز شريف پير ’پوئتي‘ ڪيا آهن يا ’پختا‘ ڪيا آهن؟ سهيل سانگي


سهيل سانگي
خميس 29 مارچ 2018ع

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار سان ملاقات، اڳ ئي گهاٽي ڌُنڌ ۾ آيل ملڪ جي سياسي آسمان کي وڌيڪ ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي. مختلف ڳالهيون، اڳڪٿيون، تجزيا، انديشا ۽ امڪان ڏيکاريا پيا وڃن. وزيراعظم ۽ چيف جسٽس جي وچ ۾ ملاقات هونئن به غير معمولي ئي هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو عام حالتن ۾ اهڙي ملاقات نه ٿيندي آهي. پاڪستان جي خاص حالتن ۾ جڏهن عدالت ساڳي پارٽي جي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيئي هٽايو ۽ پارٽيءَ جي سربراهيءَ وارو عهدو به ڇڏرائي ورتو. پارٽي جي هاڻي صرف قائد بڻيل نواز شريف تي اعلى عدالتن ۾ مختلف ڪيس هلندڙ آهن. انهن ڪيسن بابت قانوني ماهرن جي اها راءِ آهي ته احتساب عدالت کيس ۽ سندس ڪُٽنب جي ڀاتين کي سزا ئي ڏيندي. هوڏانهن اسٽيبلشمينٽ مختلف اپائن ذريعي سياسي طور توڙي چونڊيل ادارن ۾ حڪمران جماعت توڙي خود حڪومت کي گهڻو سوڙهو ڪري وڌو آهي. ائين ملڪ ۾ هڪ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
ملاقات وزيراعظم جي فرمائش تي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي آهي. جنهن جو نياپو اٽارني جنرل جي ذريعي ڏنو ويو هو. جيتوڻيڪ ان ملاقات کي سياسي معاملن سان ڳنڍيو پيو وڃي پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته سڄي قصي ۾ ڪو عدالتي، ڪو قانوني معاملو موجود آهي. ٻي صورت ۾ اها ملاقات کُليل نموني سان ڏينهن ڏٺي جو عدالت ۾ نه ٿئي ها. ملاقات کان پوءِ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪا به پڌرائي جاري نه ڪئي وئي، جنهن مان اهو پتو پئجي سگهي ته ان ملاقات ۾ ڇا ڳالهايو ويو؟ ڪهڙا معاملا ويچار هيٺ آيا؟ نتيجي ۾ ٽي وي چينلن ۽ اينڪرپرسنز جي لاءِ ميدان کُليل رهيو. نيٺ رات جو 11 وڳي ڌاري سپريم ڪورٽ مان ٻڌرائي جاري ٿي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته، ملاقات وزيراعظم جي درخواست تي ٿي. ملاقات جي گذارش اٽارني جنرل ذريعي ڪئي وئي هئي. پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته، وزيراعظم جي ملاقات چيف جسٽس جي چيمبر ۾ خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ترجمان موجب، وزير اعظم، ملڪ ۾ عدالتي نظام جي بهتريءَ لاءِ مڪمل معاونت جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته حڪومت سستي ۽ تڪڙي انصاف لاءِ وسيلا فراهم ڪندي. 
ملاقات بابت قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ آهي ته ملاقات لاءِ اهو مناسب وقت نه هو. هو اها نامناسبت اصل ۾ عدالتن ۾ نواز شريف خلاف هلندڙ ڪيسن ۽ ملڪ جي سياسي منظرنامي کي سڏي رهيو آهي. نواز ليگ جو گهڻو ۽ تکو ڳالهائيندڙ اڳواڻ سعد رفيق چوي ٿو ته ادارن جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ اهو به ته، ملاقات کي غلط رنگ نه ڏنو وڃي.
تجزيه نگارن جي هڪ وڏي کيپ آهي، جيڪا هن ملاقات کي نواز شريف جي ناڪامي ۽ ادارن سان سندس ٽڪراءَ واري موقف کان پوئتي هٽڻ سڏي رهي آهي. سندن خيال آهي ته شهباز شريف ۽ چوڌري نثار علي جو موقف حاوي ۽ سچو ثابت ٿي رهيو آهي ته ادارن سان جهيڙو ڪري نٿو سگهجي. اهڙن تجزيه نگارن موجب، نواز شريف لاءِ ڪو رليف وٺڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. نواز شريف ۽ مريم نواز ٿڪجي پيا آهن يا ڊڄي ويا آهن، تنهنڪري اهي ڪنهن ڊيل جا خواهشمند ۽ ان جي انتظار ۾ آهن. ان ڏس ۾ هفتو کن اڳ ڏنل نواز شريف جي بيان جو خاص طور حوالو ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي. هو سڀني ادارن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. ان بعد چيف جسٽس ثاقت نثار جو بيان سامهون آيو، جنهن ۾ هن پڪ ڏياري ته ملڪ ۾ ڪوبه جڊيشل مارشل لا نه پيو اچي. اڃا اهي بيان ميڊيا ۾ بحث هيٺ هئا ته آرمي چيف سان منسوب ارڙهين آئيني ترميم بابت خبرون آيون، جنهن جي هفتي کن کان پوءِ آرمي جي ميڊيا واري ونگ ترديد ڪئي. اها ترديد سامهون آئي ته هڪ ٻي خبر به ميڊيا تائين پهتي ته عسڪري ڌريون چند هفتن لاءِ چونڊون ملتوي ڪرڻ گهرن ٿيون. ائين ملڪ جي مکيه ادارن ۽ حڪمران جماعت جي اڳواڻن وٽان بيان ايندا رهيا. عام ماڻهو توڙي تجزيه نگار انهن بيان جي روشني ۾ ملڪ جي صورتحال کي ڏسي رهيا هئا.
ان ڏس ۾ اهم ڳالهه اها به ٿي آهي ته پهريون ڀيرو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کي هارس ٽريڊنگ ذريعي ٿيل چونڊ ڪوٺيو. وزيراعظم جا لفظ اوترا ئي سخت هئا، جيترا سندس پارٽي جي قائد نواز شريف جا هئا. ان کان اڳ نواز شريف ۽ سندس پارٽي جا ڪجهه ٻيا اڳواڻ بيان ڏيندا رهيا ته ڪيئن نه اسٽيبلشمينٽ ڪاريگري ڪري حڪمران جماعت کي سينيٽ جي چيئرميني وٺڻ ۽ پنهنجي اڪثريت مڃائڻ کان پري رکيو. پر وزيراعظم وٽان اهو بيان، سو به ان لهجي ۾ پهريون ڀيرو آيو آهي. وزيراعظم جو اهو بيان ٻڌائي ٿو ته حڪمران پارٽي ئي نه پر حڪومت به سينيٽ ۾ ٿيل ’چائنا ڪٽنگ‘ جي خلاف موقف رکي ٿي ۽ سينيٽ ۾ ٿيل ”فائول پلي“ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ وٺڻ گهري ٿي. اهڙي صورت ۾ وزيراعظم ۽ چيف جسٽس جي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ نواز شريف يا حڪمران جماعت جي ڪمزوري ڳولڻ ايترو صحيح نٿو لڳي.
دراصل نواز شريف ٽڪراءَ وارو موقف سوچي سمجهي اختيار ڪيو هو. حالانڪه اوڏي مهل سندس پارٽي ۾ چڱو خاصو تعداد ان موقف جو مخالف هو! پر وقت سان گڏ مخالف موقف رکندڙن به نواز شريف جي موقف کي مڃيو. اوڏي مهل نواز شريف کي اهو اندازو هو ته اهڙي موقف بعد کيس سزا به اچي سگهي ٿي. هو سزا قبولڻ لاءِ تيار هو ۽ اڄ به آهي پر ٽڪراءُ وارو موقف ڇڏڻ لاءِ تيار نٿو لڳي. هو اين آر او نٿو چاهي. بلڪه ڪوبه ادارو اين آر او نٿو چاهي. اصل ۾ نواز شريف ۽ ان بعد وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو اهو موقف بيٺو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ حڪمران جماعت کي آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته پوءِ ٻيا ادارا ۽ ماڻهو به قانوني ۽ آئيني حدن ۾ رهن. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته رڳو هڪ ڌر تي آئين ۽ قانون لاڳو ڪرڻ کي ماڻهو انصاف نه مڃيندا ۽ ايندڙ وقت ۾ به انهن جي مڃتا ۽ قبوليت نه بيهندي. نواز شريف سمجهي ٿو ته احتساب عدالت کيس سزا ڏيندي پر کيس هاءِ ڪورٽ رليف ڏيندي. ماضي ۾ به هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي فيصلن کي ريٽيو آهي. ان ڪري هو اين آر او ڪري پنهنجو سياسي موت نٿو چاهي. جيستائين رليف جو تعلق آهي ته اهو کيس هاءِ ڪورٽ يا اپيل ڪورٽ مان به ملڻو آهي. هو اڄوڪي صورتحال ۾ رليف ڇو گهرندو؟ نواز شريف ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڄ به ان ڳالهه تي بيٺا آهن ته توهان به ته قانون تي عمل ڪريو. نواز شريف اهڙي ڳالهه ان ملاقات کان چند ڪلاڪ پوءِ صحافين سان احتساب عدالت ٻاهران ڳالهائيندي پڻ چئي آهي.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/29%20Mar%202018.htm

Labels: ,

نواز شريف کي مقابلي مان ڪڍڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا پتا کيڏيا ويندا؟

سهيل سانگي

اربع 21 مارچ 2018ع
سينيٽ چونڊ ۽ ان کانپوءِ چيئرمين توڙي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن ملڪ جي ويجهي سياسي مستبقل جو نقشو واضح ڪري ڇڏيو آهي. چونڊن ۾ رڳو اڪثريت رکندڙ پارٽيءَ ناهي هارايو بلڪه سمورين وڏين پارٽين هارايو آهي، يعني اڪثريت هارايو ۽ اقليت کٽيو آهي. جماعتي نظام ۽ جماعتي چونڊن ۾ پارليامينٽ جو اپر حصو غير جماعتي ٿي ويو آهي. ائين هڪ دفعو وري ٻه ڳالهيون ثابت ٿيون ته، ملڪ ۾ اڃان تائين ”ڪنٽرولڊ جمهوريت“ آهي. جنهن جي شروعات ايوب خان ڪئي، جيڪا پوءِ روپ مٽائيندي جنرل مشرف تائين پهتي. ان عرصي دوران 90ع واري ڏهاڪي ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جون حڪومتون ڊٺيون، انهن کي آئيني مدت پوري ڪرڻ نه ڏني وئي. مشرف دور ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪري، جيڪو ٺاهه ڪيو هو، سو ”ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي“ مان ٻاهر نڪرڻ جي سگهاري ڪوشش هئي. بينظير ڀٽو ان معاهدي تي عمل شروع ٿيڻ کان اڳ شهيد ٿي ويئي پر ان ٺاهه جي ڇٽيءَ هيٺ سياسي ڌرين جي اتحاد نيٺ مشرف کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اها ڳالهه جمهوريت کي حدن ۾ رکڻ وارين ڌرين کي بنهه ڪانه وڻي. اهي 2008ع کان 2013ع تائين پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتي دور ۾ سرگرم رهيون. چار دفعا اهڙيون ڪوششون ٿيون جو پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ويندي ويندي بچي. جڏهن 2013ع جي چونڊن بعد نواز شريف حڪومت آئي ته ساڳيون ڌريون ٻيهر سرگرم ٿيون. نواز شريف پنجاب ۾ سياسي توڙي چونڊن جي حوالي سان مضبوط حيثيت رکندڙ آهي. هن رڳو 90ع واري ڏهاڪي ۾ سياسي اٿل پٿل کي ڏٺو، بلڪه چارٽر آَف ڊيموڪريسي کيس گهڻو ڪجهه سيکاريو. هن پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومتي دور مان به ڪجهه سبق ورتا. نيٺ ان نتيجي تي پهتو ته، حڪومتي ادارن جي سرشتي تبديل ڪرڻ کانسواءِ سويلن راڄ ۽ سويلين بالادستي نٿي رهي سگهي. عمران خان جي هلايل تحريڪ سندس ويساهه کي هيڪاري مضبوط ڪري وڌو. ان ڪري کيس نااهل ڪرڻ به ضروري ٿي پيو. سندس پارٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش به ٿي پر ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد ”ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي“ وارين ڌرين سينيٽ جي وسيلي پنهنجو ڪم ڏيکاريو.
اڄ سينيٽ جنهن شڪل ۾ اچي بيٺي آهي سا اسٽيبلشمينٽ جي ماتحت لڳي ٿي. اها اهڙي آهي جهڙي ضياءَ دور ۾ هُئي. عجيب ڳالهه چئجي جو غير جماعتي نظام کي جماعتي بڻايو ويو پر 2018ع ۾ جماعتي نظام غير جماعتي بڻجي ويو. نواز شريف سينيٽ ذريعي پنهنجي سياسي بحالي يعني نااهلي واري قانون ۾ تبديليءَ سان ملڪ جي ڪجهه ادارن جون حدون مقرر ڪرڻ  پئي گهريون. نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ هلندڙ ان ويڙهه ۾ ننڍا گروپ اهم ٿي ويا. وڏيون پارٽيون غير اهم بڻجي ويون. جڏهن نواز شريف پنجاب جي سياست ۾ مذهبي بيانيو اڀارڻ ۽ عمران خان جي اتي رستا روڪ ڪئي. ملڪ جي اهم صوبي مان سياسي طور نواز شريف ختم نه ٿي سگهيو ته اها ڳالهه هڪ دفعو وري سامهون آئي ته، پنجاب ۾ هن جا پير مضبوط آهن. ان ڪري ساڻس ڪنهن ٻي پچ تي مقابلو ڪجي. اها پچ ننڍا صوبا ۽ ننڍا گروپ هُئا. سو صوبن جي نمائندا ايوان يعني سينيٽ ۾ نواز شريف هارائي ويو يعني اها جدول ڪجهه هن طرح وڃي بيٺي ته، سويلين بالادستي يا جمهوريت بمقابلا اسٽيبلشمينٽ يا ننڍا صوبا ۽ ننڍا گروپ بمقابلا جمهوريت.
بظاهر لڳي ٿو ته، چونڊ مهم جو گهنڊ وڄي چڪو آهي. نگران حڪومت جو وقت اچي ويو آهي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته، نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جي ڀاتين خلاف سزا وارو فيصلو نگران حڪومت کان اڳ ايندو. نگران حڪومت جوڙڻ بابت ارڙهين ترميم کانپوءِ آئين ۾ ڳالهيون واضح آهن. سو اهو آهي ته حڪومتي ڌر ۽ اپوزيشن اتفاق راءِ سان نگران سيٽ اپ ٺاهينديون. 2013ع ۾ جڏهن ملڪ جون حالتون ۽ سياسي ڌرين جا هڪ ٻئي سان بهتر لاڳاپا هئا، تڏهن به اهي متفق نه ٿي سگهيون هيون. پيپلز پارٽي ڊاڪٽر حفيظ شيخ، عشرت حسين ۽ جسٽس نواز خان جا نالا نگران وزيراعظم طور ڏنا هئا. ان جي مقابلي ۾ نواز ليگ جسٽس ناصر اسلم زاهد، جسٽس شاڪر الله ۽ رسول بخش پليجو جا نالا پيش ڪيا. ٻئي ڌريون ان مان ڪنهن تي به متفق نه ٿي سگهيون ته، سرڪاري ڌر ۽ اپوزيشن 8 رڪني ڪاميٽي ٺاهي پر اتي به اتفاق نه ٿي سگهيو. نيٺ اليڪشن ڪميشن جسٽس کوسو کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو.
نگران سيٽ اپ جوڙڻ هڪ اهم مرحلو آهي. معاملو نيٺ اليڪشن ڪميشن يا سپريم ڪورٽ تائين وڃي سگهي ٿو. پراڻي سياستدان جاويد هاشمي تازو اهڙي پيشنگوئي ڪئي آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن نگران سيٽ اپ تي متفق نه ٿي سگهنديون. بلڪه هو هڪ اهڙي نگران سيٽ اپ کي ڏسي ٿو، جيڪو چونڊون وقت تي نه ڪرائيندو. چونڊون وقت تي نه ڪرڻ جا بهانا يا دليل ڪيئي ٿي سگهن ٿا. بلڪه ڪي پيدا به ڪري سگهجن ٿا. وڏي ۾ وڏو آسرو اهو ته سڀني جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب ڪيو وڃي وغيره وغيره. ڪرپشن جو ڪارڊ به ڪيڏي مهل استعمال ڪري سگهجي ٿو. هي اهڙي ڪڙي گوري آهي، جيڪا عوام به آساني سان کائڻ لاءِ تيار آهي پر هتي ٻه سوال اٿن ٿا. ڇا آئين ان جي اجازت ڏي ٿو؟ ڇا نگران سيٽ اپ چونڊون ملتوي ڪرائي واقعي احتساب واري نعري تي عمل ڪرائي سگهندو؟ نوي واري ڏهاڪي ۾ امپورٽ ڪيل نگران وزير اعظم معين قريشي به اهو ئي چورن وڪڻڻ آيو هو، ڏاڍيون لسٽون ٺهيون، قرض معاف ڪرائيندڙڻ جا نالا اخبارن ۾ ڇپيا پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. اهو چونڊون ملتوي ڪرڻ جو بهانو ته ٿي سگهي ٿو پر مقصد نه.
جيڪڏهن جاويد هاشمي جي بيان کي ساڳي ڏينهن تي آيل نواز شريف جي بيان سان گڏائي پڙهجي، جنهن ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو هو ته ”هو اميد ٿو ڪري ته چونڊون وقت سر ٿينديون“ ان مان لڳي ٿو ته نواز شريف کي به چونڊن جي وقت تي ٿيڻ بابت شڪ آهي. اهڙيون خبرون سينيٽ جي چونڊن بابت به ٿيون هيون پر جڏهن ”ڪنٽرول ڊيموڪريسي“ وارن شهه سوار گهوڙا خريد ڪري ورتا ته سينيٽ جون چونڊون ٿي ويون. ائين گهوڙن جا واپاري لوهه جي واپارين کان ميلو لٽي ويا. جيڪڏهن لوهه ڳرو ثابت ٿئي ها ته شايد سينيٽ جون چونڊون نه ٿين ها. في الحال پنجاب ۾ صورتحال اها آهي ته اتي نواز شريف مقبول آهي. اهڙي مقبوليت ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته نواز ليگ کٽي، جيڪا ڳالهه سينيٽ ۾ گڏ ٿيندڙ ڌرين ۽ انهن ڌرين کي گڏائيندڙن کي بنهه پسند ڪونهي. لڳي ٿو ته چونڊون ملتوي ڪيون وينديون ۽ ڊگهي مدي تائين نگران حڪومت رهندي. نواز شريف کي سزا لڳڻ ۽ نواز ليگ کي حڪومت کان ٻاهر رکي حالتن جو جائزو وتو ويندو. خيال آهي ته انهن ٻنهي سببن ڪري هن پارٽي ۾ ويٺل اقتدار پسند همراهن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي ويندي. ساڳي وقت نواز ليگ سياسي ميدان ۾ پنهنجي اها گرمي به برقرار نه رکي سگهندي. پوءِ اهڙو ماحول جڙي سگهي ٿو، جنهن سان ٻي ڌر کي پنجاب ۾ چونڊون کٽڻ جو وجهه ملي وڃي. جڏهن اهڙي صورتحال ٿيندي تڏهن ئي چونڊون ٿينديون. ڏسجي ايندڙ مهيني ڏيڍ ۾ ڇا ٿيڻو آهي. موجوده اسيمبلين پهرين جون 2013ع ۾ قسم کنيو هو. نگران حڪومت ان حساب سان بجيٽ بعد ٺهندي پر ڪجهه ماحول هينئر ئي ٺهڻ شروع ٿيندو. ڪجهه چالون ايندڙ مهيني کان نظر اچڻ لڳنديون.

Labels: ,

لوڌران ۾ فتح کانپوءِ نواز شريف لاءِ هالتون بهتر ٿي وينديون؟

سهيل سانگي

اربع 14 فيبروري 2018ع
تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين جي عدالت هٿان نااهلي بعد خالي ٿيل قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ٿيل ضمني چونڊ جا نتيجا پي ٽي آءِ لاءِ وڏو اپ سيٽ آهن. اڳ سيٽ کٽيندڙ جهانگير ترين جو پٽ پي ٽي آءِ جو اميدوار علي ترين نواز ليگ جي اميدوار اقبال شاهه هٿان وڏي پيماني تي هارائي ويو. 2013ع کان پوءِ ملڪ اندر پي ٽِي آءِ طرفان نواز ليگ خلاف اٿاريل تحريڪ، پهرين چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ پوءِ پاناما ليڪس وارن ڌرڻن توڙي عدالت طرفان نواز شريف کي نااهل قرار ڏيئي وزارت عظميٰ تان هٽائڻ وارين ڳالهين بعد ايئن ئي لڳو ته پنجاب ۾ عمران خان جي سياسي سرسي ٿي رهي آهي ۽ نواز شريف جي مقبوليت گهٽجي رهي آهي. اهڙو تاثر عمران خان جي لڳاتار سندس وڏن جلسن، تقريرن ۽ ميڊيا جي ذريعي پيدا ڪيل ماحول مان ملي رهيو هو. پر ضمني چونڊ جا نتيجا ڪجهه ٻيو پيا ٻڌائين.
انهن نتيجن جا ڪيئي پهلو آهن، جيڪي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو؟ ان کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا. پهرين ڳالهه اها ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڪوٺايل جلسن ۾ ماڻهن جي ڀرپور شرڪت ۽ هاڻي وري ضمني چونڊ اهو ڏيکاريو ته سمورن الزامن، عدالتي فيصلن ايتري قدر جو سياسي ۽ غير سياسي ڌرين جي دٻاءَ باوجود نواز شريف جي مقبوليت ماڳهين وڌي آهي. ورنه هن سيٽ تي جهانگير ترين گذريل ڀيري 40 هزار جي سرسي سان کٽيو هو. هاڻي سندس پٽ اٽڪل 27- 28 هزار ووٽن تان شڪست کاڌي آهي. ٻي ڳالهه اها به سامهون آئي ته پيپلز پارٽي سمورين ڪوششن ۽ زرداري صاحب جي ڪاريگرين جي باوجود پنهنجي پوزيشن ۾ ڪو سڌارو نه آڻي سگهي. ماڳهين نتيجا اهو ٻڌائين ٿا ته اڳيون سوجهرو به چٽ. هن ضمني چونڊ ۾ ٽين پوزيشن آزاد اميدوار جي آهي. پيپلز پارٽي جي اميدوار 3189 ووٽ کنيا آهن. ايڏي وڏي پارٽي جي اميدوار کي ايترا ٿورا ووٽ پوڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته پنجاب جو موڊ تبديل نه ٿيو آهي. هو پنهنجي ليڊرشپ نه عمران کي ڏيڻ، نه وري پيپلز پارٽي کي ڏيڻ جي موڊ ۾ آهي.
هن ضمني چونڊ جي مهم ۾ نه نواز شريف، نه ئي وري شهباز شريف يا حمزه شريف تڪ جو دورو ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان هن تڪ جو دورو به ڪيو هو. يعني نواز شريف جي موقف ۽ پنجاب ۾ سندس ٿيندڙ وڏا جلسا هن چونڊ نتيجن تي اثر انداز ٿيا. ايئن چئي سگهجي ٿو ته نواز شريف جي موقف يعني هن کي نااهل قرار ڏيڻ غلط آهي، سندس ۽ پارٽي خلاف جيڪي سياسي توڙي عدالت ۾ جيڪي معاملا هلي رهيا آهن، اهي ايئن ناهن، جيئن پيش ڪيا پيا وڃن، جڏهن نواز شريف جا وڏا وڏا جلسا ٿيا ۽ ماڻهن وري ووٽ به ڏنا، ان مان تجزيه نگار اهو نتيجو ڪڍي رهيا آهن ته ڄڻ پنجاب جو عوام نواز شريف جي موقف کي صحيح سمجهي ٿو ۽ مٿس لڳندڙ الزامن کي غلط سمجهي ٿو. ايئن ڄڻ پنجاب اڃان نواز شريف سان بيٺو آهي.
مٿي ڄاڻايل هڪڙي صورتحال آهي. ٻي صورتحال نواز شريف خلاف احتساب جا هلندڙ ڪيس، توهين عدالت وارا معاملا ۽ نااهليءَ جو مدو مقرر ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ هلندڙ درخواست آهي، ۽ خود اهو ته نااهل شخص پارٽيءَ جو صدر رهي به سگهي ٿو يا نه؟ اهي سڀ ڳالهيون عدالتن ۾ ڄڻ آخري مرحلي ۾ بيٺيون آهن. ڪجهه تجزيه نگار نواز شريف جي ويجهن حلقن جي حوالي سان چون ٿا ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ کي سزا اچڻ واري آهي. هو ته ماڳهين اهو پيا چون ته باقي ان سزا لڳڻ ۾ ٽن چئن هفتن جو پنڌ آهي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته عدالت ۾ هلندڙ انهن معاملن ۾ ڪو رليف يا سهولت نواز شريف کي ملندي نظر ڪانه ٿي اچي. اهو ئي سبب آهي ته نااهلي واري مدي جي تعين بابت عدالت ۾ هلندڙ درخواست ۾ نواز شريف پنهنجو بچاءُ ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هو سمجهي ٿو ته فيصلو سندس خلاف اچڻو آهي. ايئن ٻيا به ڪيترائي اشارا ملن ٿا، جيڪي ٻڌائين ٿا ته عدالتن ۾ هلندڙ معاملا نواز شريف جي حق ۾ ڪونه ٿا بيهن.
ضمني چونڊ اهڙي موقعي تي ٿي آهي، جڏهن مذهبي ڪارڊ نواز شريف ۽ سندس پارٽي خلاف ڀرپور طريقي سان استعمال ٿيو. ان ۾ جيتوڻيڪ نواز ليگ ۽ شهباز شريف ڪجهه هنڌن تي مصلحت پسنديءَ جو مظاهرو ڪيو، پر صوبي اندر مذهبي سياسي رنگ پنهنجي جاءِ تي برقرار رهيو. پر اهو مذهبي رنگ نواز ليگ خلاف ووٽ ۾ تبديل نه ٿي سگهيو. اها مختلف ڳالهه لڳي ٿي، ورنه هن کان اڳ اهو حساب لڳايو پئي ويو ته پهرين ڏينهن کان نواز ليگ جي مذهبي ووٽ جو وڏو سهارو رهيو آهي. ان کان پري ٿيڻ يا ان جو نواز ليگ کان پري ٿيڻ جو مطلب نواز ليگ جي شڪست سمجهي پئي وئي. جيتوڻيڪ هن تڪ اندر مذهبي رنگ واري ووٽ توڙي صوبي اندر ان رنگ جي ووٽ ۾ تبديل نه ٿيڻ بابت ڪجهه وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، پر هڪ حد تائين اها ڳالهه سامهون اچي چڪي آهي. هڪ خيال اهو به ڏيکاريو پيو وڃي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ لاءِ ڪوششون به ان لاءِ ڪيون پيون وڃن، جو اهو ووٽ نواز ليگ جي خلاف گهڻو استعمال ٿيندو.
هن وقت تائين نواز شريف ۽ سندس پارٽي خلاف کنيل قدم ۽ عدالتي فيصلا نواز شريف جي مقبوليت گهٽائي نه سگهيا آهن. ماڳهين ان ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻيل آهن. جيڪڏهن باقي عدالتن ۾ هلندڙ معاملا به نواز شريف جي خلاف بيهن ٿا، تڏهن به سوال اهو ٿو بيهي ته ان جو عوام ۽ ووٽرن تي ڪهڙو اٿر پوندو؟ نواز شريف ۽ غيرجانبدار تجزيه نگارن جو لڳاتار اهو چوڻ آهي ته نواز شريف خلاف هلندڙ معاملن جو تعلق سياست سان آهي. ان ڪري جيڪڏهن اهي عوامي مقبوليت يا عوامي راءِ جي خلاف اچن ٿا ته پوءِ سمورين ڌرين کي نواز ليگ جي وڌيڪ مقبوليت ڏسڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
نواز شريف ۽ سندس پارٽي جي حڪومت جي حوالي سان هڪ ٻيو واقعو اهو سامهون آيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته راجا ظفرالحق ڪميٽي جي رپورٽ عدالت ۾ پيش نه ڪئي وئي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٽن وزيرن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويندا. ختم نبوت جي قسم نامي ۾ ترميم بابت ڪجهه مذهبي جماعتن گذريل سال نومبر ۾ فيض آباد چوڪ تي ڌرڻو هنيو هو، جيڪو وزير قانون زاهد حامد جي استعيفا تي ختم ٿيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جو چوڻ آهي ته هي حساس مذهبي معاملو آهي ان کي لنوائي يا ان تي ماٺ ڪري نٿو ويهي سگهجي. جيڪڏهن توهين عدالت جا اهڙا نوٽِس جاري ٿيا يا اڳتي ڪارروائي هلي ته نواز ليگ جي ٽن وزيرن سان گڏو گڏ پارٽي جا ٻه اهم ماڻهو ان جي زد ۾ ايندا. اهي ٻئي ڄڻا هن وقت پارٽي اندر ٿيندڙ سياست ۾ نواز شريف سان گڏ بيٺا آهن. جڏهن ته انهن مان هڪ ڄڻو شاهد خاقان عباسي نواز شريف جي عهدي ڇڏڻ بعد وزيراعظم آهي. هونئن پارٽي جي اڳواڻي توڙي وزيراعظم لاءِ شهباز شريف کي ئي مضبوط اميدوار سمجهيو ٿي ويو، جيڪو پنجاب به سنڀالي ويٺو آهي. ساڳي وقت نواز شريف جو ڀاءُ به آهي. ايئن خانداني سياست ڇانيل پئي رهي، پر مريم نواز جي سياسي ميدان ۾ وڌيڪ سرگرم ٿيڻ ۽ نواز شريف طرفان شهباز شريف واري مصلحت پسندي يا ”سڀني سان ٺهي هلو- ڏکيو وقت ڪڍو“ جي سياست ڪرڻ بدران ٽڪراءَ واري سياست اختيار ڪئي وئي. ايئن نواز ليگ جي سياست ۾ هڪ ٻيو وڪڙ اچي ويو. هن وقت صورتحال اها آهي، جو نواز شريف کي سزا اچڻ يا ڊگهي عرصي جي نااهلي وارو فيصلو اچڻ جي صورت ۾ شاهد خاقان عباسي وزيراعظم ۽ راجا ظفر الحق نواز ليگ جو صدر ٿيندي نظر اچي ٿو. ايئن ڄڻ شهباز شريف جي سامهون ٻنهي مکيه عهدن لاءِ اهي ماڻهو آڏا آهن ۽ مضبوط اميدوار طور آهن، جن کي نواز شريف جو اعتماد حاصل آهي ۽ سندس ئي مٿن هٿ آهي. ڏسجي ته عدالتن ۾ پيل معاملا ڪيئن ٿا اڪلائجن ۽ اهي پارٽي اندر پيل هن وڪڙ تي ڪيئن ٿا اثرانداز ٿين. آخر ۾ اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ جي آهي ته لوڌران واري ضمني چونڊ جي نتيجن کي جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ واسطيدار ڌريون ضرور ڪا رٿابندي ڪنديون، جيڪڏهن انهن کي پنجاب ۾ نواز شريف جي سياسي سرسي روڪڻي آهي.

Labels: , ,

حڪومتون زينب ۽ نقيب جي قتل کان اڳ سجاڳ ڇو نٿيون ٿين؟

سهيل سانگي

ڇنڇر 27 جنوري 2018ع
سماج ۾ هڪ ئي نوعيت جا واقعا ٿيندا رهندا آهن پر اوچتو ڪي ڪي واقعا فيصلا ڪن ثابت ٿي ويندا آهن، ان ڪري به لڳاتار واقعن جو معمول هجڻ جي باوجود هڪ حد اچي ويندي آهي يا ان ڪري جو حالتون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي اهڙن واقعن کي منطقي نتيجي ڏي وٺي وينديون آهن. ان صورتحال ۾ ڪڏهن ڪو Subjective (موضوعي) فيڪٽر به اچي ويندو آهي، جيڪو سماج توڙي حڪومت ۽ رياست کي قدم کڻڻ تي مجبور ڪري وجهندو آهي.
معصوم زينب ۽ نقيب محسود جي رت رنگ لاتو، جنهن پرولي جون ڪيئي ڳنڍيون کولي ڇڏيون. ملڪ ۾ پنهنجي نوعيت جا اها ڪي پهريان يا نوان واقعا نه هئا. اهڙا ڪيئي واقعا سالن کان اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. اڻ ڳڻپ ٻارڙين کي جنسي ڏاڍائي جو شڪار ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو. ساڳئي ريت ڪوڙا پوليس مقابلا به ڪيترائي ٿيا. انهن مقابلن ۾ مارجي ويلن جي لسٽ به ڊگهي آهي. اخباري خبرن موجب رڳو قصور شهر ۾ اهڙا 12 واقعا ٿي چڪا هئا. انهن تي پوليس، حڪومت توڙي عدليه جي نظر نه پئي، پر زينب جي ڪيس ۾ احتجاج ٿيو. تمام گهڻو احتجاج ٿيو. ميڊيا معاملي کي کنيو. ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد پنهنجي جاءِ تي اهو ڌار موضوع آهي پر ميڊيا جي آزادي بهرحال ڪم ڏيکاري ٿي. جيڪڏهن ميڊيا کي اهڙي آزادي نه هجي ها ته زينب ۽ نقيب جا خون به اڳين واقعن وانگر جوابدارن ۽ هن ظالم سماج کي ڦٻي وڃن ها.
پاڻ سڀ ان ڳالهه جا شاهد آهيون ته گورننس جو معاملو تيستائين خير سلا جهڙي ڳالهه آهي، جيستائين ميڊيا جي ذريعي اهو حڪمرانن جي ڳچي ۾ نٿو پوي، ورنه حڪومت ڪيترن ئي اهڙن ظالماڻي واقعن کي روائتي سستي يا وري مڙيئي وقت کي ڌڪو ڏيڻ جي نظريه هيٺ هلڻ ڏيندي آهي ۽ ڪابه اثرائتي ڪارروائي نه ڪندي آهي. ٿر ۾ ڏڪار ۽ ٻارڙن جي مرڻ واري معاملي ۾ به حڪومت ائين ڪيو. پهرين نٽائيندي رهي، پوءِ به ”مين نه مانون“ تي هلندي امدادي ڪارروايون به ڪندي رهي. حڪومت دهشتگرد تنظيمن خلاف به تيستائين ”ڇتي ڪارروائي“ نه ڪئي، جيستائين پشاور وارو واقعو نه ٿيو. ان واقعي حڪومت کي مجبور ڪيو ته هو باضابطه ڪارروائي ڪري. پنجاب جو وڏو وزير چوي ٿو ته جيئن هن معصوم زينب جي واقعي جو ٻڌو ته 24 ڪلاڪن تائين سمهي نه سگهيو. سندس اها حساسيت جس لهڻي. سوال اهو آهي ته هن کان اڳ ساڳئي شهر قصور ۾ ٿيل اهڙن 12 واقعن تي هو ڪيئن آرامي رهيو؟ اصل ڳالهه اها آهي ته هن وقت نواز ليگ حڪومت سوڙهي آهي. ايڏو وڏو احتجاج ٿي رهيو هو. ميڊيا رڻ ٻاري ڏنو هو. دراصل هو هن واقعي جي ڪري نه، پر احتجاج ۽ ميڊيا جي شور سبب سمهي نه سگهيو هوندو. اهڙي سوڙهي صورتحال ۾ جڏهن ڳالهه ڳچي ۾ پئجي رهي هئي، تڏهن پنجاب حڪومت وٽ اڪيلو رستو هو ته اها پنهنجون سموريون ڪوششون ۽ وسيلا هن مد ۾ لڳائي. وڏو وزير به ڏکويل خاندان وٽ پهچي ٿو. آءِ جي پنجاب به قصور ۾ ڪيمپ لڳائي ٿو. ڊي اين اي رپورٽ بابت به سچائي سان اثرائتي نموني ڪم ڪيو وڃي ٿو ۽ جاچ به ٺوس انداز سان ڪئي وڃي ٿي.
جيڪڏهن اهي سموريون شيون هڪ وقت نه گڏ ٿين ها ته شايد ئي ايتري سنجيدگي اچي ها. ساڳيو معاملو نقيب محسود ڪيس جو آهي. هن جي مائٽن احتجاج ڪيو. ملڪي صورتحال اها تقاضا ڪري رهي هئي ته اڻ ڌري جاچ ٿئي. هن کان اڳ ڪوڙن مقابلن ۾ مارجي ويلن جا وارث ايترو احتجاج نه ڪري سگهيا يا ميڊيا اهڙي انداز سان ڪنهن به سبب ڪري، انهن واقعن کي گهرائي تائين کوٽائي ڪري اڀاري نه سگهي. انهن جا وارث اهڙي بدمست پوليس آفيسر کان ڊڄي ويا يا کين ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو. اڻ ڌري جاچ ڪندڙ ٽيم هاڻي مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏئي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ٿيل انڪشاف ڊيڄاريندڙ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ آهن. گذريل ستن سالن دوران رائو انوار 745 پوليس مقابلا ڪيا. رڳو 2012ع جي پهرين ڏهن مهينن ۾ ملير ۾ ٿيل مقابلن ۾ 183 ماڻهو ماريا ويا. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته نقيب محسود کي قتل کان اڳ جتي رکيو ويو هو، اهو خانگي عقوبت گاهه هو، جتي 45 کن ماڻهو قيد هئا. مقابلن ۾ مارجندڙن کي گرفتاري بعد اتي رکي بعد ۾ ٻاهر ڪڍي سڌين گولين جو بک بڻايو ويندو هو. حسنِ ڪمال اهو آهي ته ايترا سارا مقابلا رڪارڊ تي آيا، انهن ۾ نه ڪو پوليس اهلڪار ماريو ويو، نه زخمي ٿيو. گوليون رڳو قتل ٿيل کي ئي لڳل هونديون هيون. 2012ع کان ٿيندڙ انهن مقابلن کي ڏسجي ته ان بابت پوليس کاتو، حڪومت، مختلف حساس توڙي غير حساس ادارا اڻ ڄاڻ رهيا. انهن ان اڻڄاڻائي جي اصل حقيقت سامهون نه اچي سگهي. انهيءَ کي سڏبو آهي ڪاريگري سان حڪمراني- پر دراصل اها ڏيئي هيٺان اوندهه آهي. حڪومت ۽ ان جا ادارا ان کان لاعلم رهن ته قانون جي نالي ۾ ڪيئن قانون هٿ ۾ کنيو پيو وڃي ۽ بيگناهه ماڻهو ماريا پيا وڃن، جيڪي هن ملڪ جا شهري آهن. قانون ۽ آئين مطابق ڪنهن به شهري جي جان وٺڻ جو ڪنهن کي به اختيار ناهي. ان لاءِ عدالتي ڪارروائي، ان بعد صدر وٽ رحم جي اپيل وغيره شامل آهي. پر اسان وٽ ڄڻ ته آفيسرن کي اهي سڀ اختيار حاصل آهن. نقيب محسود دهشتگرد نه هو پر ان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو. سنڌ ۾ ڪيترائي نام ڪٺيا ڌاڙيل به ڪوڙن مقابلن جي ور چڙهيا، جن کي گرفتاري بعد عدالت ڏي وٺي وڃڻ بدران ماريو ويو. ڌاڙيل هجي يا خوني ان کي مارڻ جو اختيار پوليس وٽ ناهي. پر پوليس جا ڪي اهلڪار خدائي فوجدار بڻجي ويا آهن، يا وري انهن کي ڪنهن جي پٺ يا شهه حاصل آهي. ڌاڙيلن کي ڪوڙن مقابلن ۾ مارڻ جا به مکيه سبب رهيا. هڪ اهو ته هو پنهنجون ملڪيتون امانت طور ڪن چڱن مڙسن وٽ رکندا هئا. چون ٿا ته ٽنڊو محمد خان وٽ ڌاڙيل ڀٽي توڙي مٽياري جي محب شيدي کي به ان ڪري ماريو ويو. ٻيو سبب اهو آهي ته گرفتاري بعد ڌاڙيلن کان پڇا ۽ جاچ ۾ ڪيترا سفيد پوش يا وري اهلڪار به سلهاڙجي وڃن ٿا. عدالت کان مٿانهن قتلن جي اهڙن واقعن جي سماج ۾ مڃتا ائين ورتي ويندي آهي ته عدالتون ٺيڪ ۽ تڪڙا فيصلا نٿيون ڪن. جوابدار آزاد ٿيو وڃن تنهنڪري ”تڪڙي انصاف“ لاءِ ڪي پوليس آفيسر اها ذميواري پنهنجو پاڻ تي کڻن ٿا.
اها ڳالهه ڪنهن به طرح نه اصولي آهي، نه قانوني ته ڏوهه يا دهشتگردي جي جواب ۾ رياستي نتيجا يا ادارتي دهشتگردي ڪئي وڃي. عدالت کان مٿڀرن قتل جي واقعن جو هڪ پاسو سياسي به آهي. ايوب خان جي دور ۾ کاٻي ڌُر جي اڳواڻ حسن ناصر، ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ سنڌ جي نوجوان نذير عباسي کي اذيتون ڏيئي قيد دوران شهيد ڪيو ويو. بعد ۾ ”الذوالفقار“ جي نالي تي ماڻهو مارڻ جو کاتو کوليو ويو. بينظير  ڀٽو جي دور ۾ سندس ڀاءُ مير مرتضى ڀٽو کي سرعام چوواٽي تي گوليون هڻي ماريو ويو. بعد ۾ واسطيدار پوليس عملدارن کي عهدن تي ترقين سان نوازيو ويو. جيڪڏهن حسن ناصر ۽ نذير عباسي جي تحويل ۾ ٿيل قتل جي واقعن جي اڻ ڌري جاچ ڪري ذميوارن کي سزائون ملن ها ته مير مرتضى ڀٽو به شهيد نه ٿئي. جيڪڏهن مير مرتضى ڀٽو جو قتل ڪيس سولو هلي ها ته شايد بينظير ڀٽو به شهيد نه ٿئي ها. ساڳي طرح ان بعد لاپتا ٿيندڙ نوجوانن جو سلسلو به نه هلي ها. جڙتو مقابلا به نه ٿين ها. اها ڳالهه ايم ڪيو ايم جي ڪجهه ڪارڪنن فهيم ڪمانڊو ۽ ٻين لاءِ به چئي سگهجي ٿي. هاڻي جڙتو مقابلن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيل آهي. سال کن اڳ ”هاف فراءِ“ ۽ ”فل فراءِ“ جو انوکو تصور متعارف ڪرايو ويو. آڪٽوبر ۾ عدالت 65 شڪي مقابلن جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته 90 سيڪڙو پوليس مقابلا جڙتو آهن. پوليس آفيسر رائو انوار جهڙي قسم جي سڃاڻپ رکي ٿو، ان لحاظ کان سندس سمورا مقابلا شڪي آهن، انهن جي جاچ ٿيڻ گهُرجي. ساڳئي وقت عدالتن کي پنهنجو ڪردار ان پاسي به ادا ڪرڻ گهرجي. انگن اکرن موجب ملڪ اندر 8 لک کان وڌيڪ ڪيس عدالتن ۾ پيل آهن ۽ هر روز نوان داخل ٿيندڙ ڪيسن سان انهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
اصل ۾ معاشري کي مهذب بڻائڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ اهم رول رياست، حڪومت، ان جي ادارن ۽ پاليسين جو آهي. اهي ادارا صحيح نموني ڪم ڪن ته پوءِ ڪو گهڻو مونجهارو ڪونهي. حڪومت ۽ ان جي ادارن کي ايترو حساس ٿيڻو پوندو، جو اهي احتجاج ۽ ميڊيا جي طرفان ”شور“ بنا اهڙي ڪارڪردگي ڏيکارين، جهڙي زينب ۽ نقيب محسود جي ڪيسن ۾ انهن ڏيکاري آهي.

Labels: , ,

ڇا هي ننڍا واقعا ڪنهن ”وڏي رٿا“ جو حصو سمجهڻ گهرجن؟

سومر 08 جنوري 2018ع

سهيل سانگي

حليم باغي جڏهن ”منهنجي ٿر جو حال جي پُڇندين روئي پوندي“ وارو شعر لکيو هو، تڏهن سندس نظر ۾ ٿر جو ڏڪاريل، ڏتڙيل حالتون، بکايل ۽ ڏکايل ماڻهن جون حالتون هُيون پر ٿر جو اڄوڪو ڏک ان ڏک کان ڪجهه مختلف ۽ وڌيڪ ڏکيرڙو آهي. گڍي ڀٽ واري هن شهر ۾ صبح ٽاڻي ٿيل ٻن نوجوان مهيشورين جي ”نامعلوم“ ڦورن هٿان قتل جي سانحي نه رڳو ڏڪائي وڌو آهي بلڪه ڏهڪائي به وڌو آهي. ڏهڪاءُ ۽ صدمي جي لهر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آهي پر ٿر ۾ ڪجهه سوائي آهي، جتي اهو واقعو ٿيو آهي. هونئن ته حي ٻٽي قتل جو واقعو، ڏوهن جي دنيا ۾ رڳو ڏوهه آهي پر جڏهن ڪنهن واقعي کي پس منظر ۾ ڏسجي ٿو ۽ ان جي امڪاني اثرن ۽ خطرن جو سوچجي ٿو ته پوءِ مٺي توڙي ٿر جي ٻين شهرن ۾ ڦهليل ڏهڪاءُ سمجهه ۾ اچي ٿو. ان حساب سان اهو واقعو دهشتگرديءَ جي کاتي ۾ اچي ٿو. ٿرپوليس جو سربراهه چوي ٿو ته پوليس جوابدارن کي ويجهو پهچي ويئي آهي، بلڪه گهڻو ويجهو پهچي ويئي آهي. ٿر جا سڀئي ماڻهو، سنڌ توڙي ملڪ جون ساڃاهه وند ڌريون دعاڳو آهن ۽ ان انتظار ۾ آهن ته پوليس واقعي حقي جوابدارن تائين پهچندي. اها جاچ ۽ جوابدارن تائين پهچڻ پوليس جي ڪارروائي آهي. جيئن ته اهو واقعو خاص حالتن ۾ ٿيو آهي ۽ ان جا گهرا اثر پوندا آهن، ان ڪري هتي منهنجو موضوع اهي ئي شيون رهنديون.
ٿر ۾ گهڻو ڪجهه تبديلي ٿي ويو آهي. اها تبديلي معاشي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حوالن سان ته آهي ئي آهي، پر ساڳئي وقت سماجي رشتن ناتن جي حوالي سان به آهي. ڪيئي صديون شين جي مٽاسٽا، جنهن کي انگريزيءَ ۾Barter  چئجي ٿو، ان نظام تي هلندڙ هيون. هتان جا ماڻهو بادلن ۾ اکيون وجهي سڄو سال برسات جو انتظار ڪندڙ رهيا. صبر، شڪر ۽ انتظار ۾ خوش رهندڙ پاڻ کي معاشي طور تي خود ڪفيل ئي سمجهندا هئا. ايتري قدر جو ويهارو سال اڳ ٿر جي هڪ ڊپٽي ڪمشنر ڪچهري دوران ٻڌايو ته ٿر ۾ حڪومت جي ضرورت ئي ڪونهي. اها ضرورت صرف تڏهن پوي ٿي، جڏهن ڏڪار پوي ٿو. ورنه حڪومت کي کپي ته اها ٿر ۾ مداخلت نه ڪري. ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڇاڪاڻ ته شريف ماڻهو هو، ان ڪري سندس نيت ۽ سوچ تي شڪ نه پيو ڪري سگهجي پر اها به حقيقت آهي ته ٿر ۾ ملڪ ٺهڻ کان وٺي ٽيهارو سالن تائين ڪجهه به نه بدليو هو. 1971ع واري جنگ جي لڏپلاڻ ڪجهه تبديل ڪيو پر حڪومت طرفان به حالتن بدلائڻ لاءِ ڪوشش ورتي ويئي، ايتري قدر جو ستر واري ڏهاڪي تائين بئراج علائقي کان ٿر ڏي ڪڻڪ کڻي وڃڻ تي به بندش هوندي هُئي. ٿر ۾ پهريون رستو 1985ع ۾ ٺهيو.
ڪوئلو نڪتو ته ٿر بابت حڪومت، اسان جي ادارن جي سوچ ۽ رويي ۾ تبديلي آئي. هاڻي حڪومتي ادارن جي نقشي ۾ ٿر نظر اچڻ لڳو، روڊ ٺهڻ لڳا. پرڏيهي ڪمپنيون، پرڏيهي ماڻهو، ملڪ جي مٿين علائقن جا ماڻهو اچڻ لڳا. ڪجهه ڪاروبار شروع ٿيا. ڪوئلي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪمن ڪارين ۾ اربين رپين جي سيڙپ ڪاري ٿيڻ لڳي. آر او پلانٽ به اچي ويا. مختلف تجربا ٿيڻ لڳا. اسان  تڏهن ئي چيو پئي ته ”ٿر کي ڪاروباري نظرن سان نه ڏسو“ پر ڪاروباري ڌريون ته ڪاروبار ئي ڪنديون آهن. ائين ٿر جي بارٽر معيشت ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر به اچي پير کوڙيا. ڪالهه تائين بارٽنر معيشت ”مال جي بدلي مال“ جي جاءِ تي آزاد معيشت اوچتو اچي ويئي. مٽاسٽا واري معيشت سندن رشتن ۽ هڪ ٻئي تي دارومدار رکڻ وارن اصولن تي بيٺل هوندي آهي. جنهن ۾ هڪ ٻئي جي خبر رکڻ ۽ خيال رکڻ لازمي هوندو آهي. جذبا ۽ احساس ان معيشت جي هڪ اصول طور ڪم ڪندا آهن، ان ڪري سماجي توازن ۽ هم آهنگي رهندي آهي. آزاد معيشت اچڻ سان پيدوار ۽ خدمتن جا طريقا تبديل ٿي ويا، تڏهن اهي پراڻا سماجي رشتا ۽ ناتا برقرار رهي ئي نٿا سگهن. هن بدلجندڙ معيشت نوان طبقا، نوان اسٽيڪ هولڊر، نوان پاور بروڪرز به پيدا ڪيا. اهي نوان طبقا ۽ نوان اسٽيڪ هولڊر ڪيترن هنڌن تي هڪ ٻئي جا ساٿي آهن، ته وري ڪيترن موقعن تي هڪ ٻئي جي چٽا ڀيٽي ۾ آهن. انهن جا هڪ ٻئي سان تضاد آهن. اهم پهلو اهو به آهي ته ان ۾ ڌاريو عنصر، ڌاريو پئسو ۽ اثر رسوخ به شامل ٿي ويو. نتيجي ۾ حالتن کي توڙي انهيءَ سموريDynamics  کي سمجهڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ توڙي ان ۾ رهڻ ڪو ايڏو سولو ڪم نه رهيو آهي. حڪمرانن جي نااهلي اها آهي، جو اهي انهن سمورين تبديلين جي نه ڄاڻ رکن ٿا. نه وري ڪو ان لاءِ ريسرچ ڪئي وئي ۽ نه وري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽون ڪڍيون ويون. حڪومت انهيءَ ڪم کي سولو سمجهيو ته حڪمراني ۽ انتظام ڪاري انگريزن واري ئي رکي وڃي ۽ باقي ڪوئلو ۽ ان سان لاڳاپيل شيون ڪارپوريٽ سيڪٽر جي حوالي ڪيون وڃن. اها عجيب ڳالهه آهي ته هن سڄي قصي ۾ حڪومت ماڻهن ۽ انهن جي مفادن سان گڏ بيهڻ بدران ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ ڌنڌوڙين سان گڏ بيٺي. ان جا ننڍا مثال ايئن ملن ٿا ته ڌارين صوبن جا ماڻهو ٿر ۾ وياج تي شيون ڏيئي وسيلن ۽ ماڻهن تي حاوي ٿي رهيا آهن. وڏو مثال ڪوئلي واري ڪمپنيءَ جو طريقي ڪار ۽ گوڙاڻو ڊيم جو آهي. هڪ سال تائين اسلام ڪوٽ ۾ هلندڙ احتجاج ڪندڙن وٽ اڄ سوڌو ڪو ذميوار سرڪاري عهديدار نه پهتو آهي.
ٿر جي سماجيات کي لڳاتار ڏڪارن به تبديل ڪيو. اڳي ڏڪار پوندا هئا ته ماڻهو لڏا کڻي مال ڪاهي بئراجي علائقن ڏي ايندا هئا، يا وري پورهيو ڪرڻ جهڙا ماڻهو ايڏانهن اچي لابارو يا ڪو ٻيو زرعي ڪم ڪندا هئا. گذريل ٽيهارو سالن کان ايئن ئي ٿيندو پيو اچي ته چوماسي وارين برساتن جي بي قاعدگي کي ڏسندي، ڪوشش ڪري هر خاندان پنهنجي ڪٽنب جو هڪ فرد بئراجي علائقي جي شهرن وغيره ۾ موڪلي ڇڏيو. هنPhenomenon  (مظهر) به سماج ۾  تبديلي آندي ۽ معيشت کي آزاد معيشت ڏي ڌڪيو. گهڻن ماڻهن لاءِ اها ڄاڻ ڏاڍي دلچسپ هوندي ته 21 هزار چورس ميلن تي پکڙيل ٿر جي 2400 ڳوٺن لاءِ ڪُل 13 ٿاڻا آهن. (اهي 13 به هاڻي ڪيا ويا آهن، نه ته اڳي 7 ٿاڻا هُئا) يعني 1600 چورس ملين تي هڪ ٿاڻو آهي. ان ٿاڻي ۾ به روايتي ”ڪاڪو سپاهي“ ويٺل آهي، جنهن کي نه تيزيءَ سان بلدجندڙ حالتن جي ڄاڻ آهي، ۽ نه وري ٽريننگ ۽ سوچ- کيس اها به خبر ناهي ته پرڏيهين کي پروٽوڪول ڪيئن ڏبو آهي. انهن جي حفاظت يا شڪي پرڏيهين تي نظر ڪيئن رکبي آهي؟ ڪهڙيون ڪهڙيون ڌريون هتي ڪهڙن مقصدن لاءِ سرگرم آهن؟ ۽ ڇا ڇا پيون ڪن؟ پوليس جو ته رڳو هڪ مثال آهي، اها ڳالهه ٻين کاتن سان به لاڳو ٿئي ٿي. معيشيت ۾ تيزيءَ سان پيدا ٿيندڙ خال مقامي ماڻهن کي سکيا، ڄاڻ، سهولت ۽ مدد نه ملڻ ڪري ڪو ٻيو ڀري رهيو آهي. اڳي ٿر ۾ کيکڙا مقامي ماڻهن جا هلندا هئا، جن جا شهرن ۾ ڪاروبار به هئا، هاڻي وڏي ٽرانسپورٽ تي به ٻاهر جو ماڻهو اچي رهيو آهي. ٿر ۾ عملي طرح ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو وجود ناهي. پيپلز پارٽي جي دعويٰ به چار ڊزن جيالن کان مٿي ڪونهي. ورنه ننڍا وڏا گروپ آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي سامهون بيهن ٿا، ٽڪرائجن ٿا، پاسا مٽائن ٿا. ٺوس فڪري ۽ سياسي حوالي سان ڪي به بنياد ناهن. اهو فڪري خال به ٻاهر جون ڌريون ڀري رهيون آهن، جن جا اثر ايندڙ وقت سامهون اچڻ شروع ٿيندا. انهن بدلين حالتن ۾ ٿر ۾ پنهنجا تضاد پنهنجي جاءِ تي، پر عالمي ڌرين جي مفادن جي ٽڪرائن سبب به نوان چئلينج آهن. ڪوئلي واري رٿا سيپيڪ ۾ شامل ٻُڌائي وڃي ٿي. اهو ٿر جي تضادن ۾ هڪ عالمي تضاد جو اضافو ڪري وجهي ٿو.
هاڻي اچو ته هن واقعي جي اثرن بابت ڪجهه ويچار ونڊيون. مٺي ٿر جو ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ هتي جو وڏو شهر آهي. سڄي ملڪ ۾ مٺي جي صوبائي اسيمبلي واري واحد سيٽ آهي، جنهن ۾ اقليتي ووٽ اڪثريت ۾ آهن. ساڳي طرح سڄي ملڪ ۾ اقليتن جو وڏو انگ هن ضلعي ۾ آهي. ان ڪري هي هڪ حساس علائقو آهي. ٿر جتي هٿيارن جي نمائش يا هٿيارن جو استعمال ڳولئي به مثال مشڪل سان ملي، ان ۾ ايئن ڏينهن ڏٺي جو واقعا معاملي کي وڌيڪ حساس بڻائي وجهن ٿا. ڪجهه سال اڳ عمرڪوٽ ۾ ٿيل ٻن واقعن سبب اتي وڏو ڏهڪاءُ پيدا ٿي ويو هو، جنهن کي وڏين ڪوششن سان ٽاريو ويو. هاڻي وري مٺي ۾ ٿيل واقعي خوف پيدا ڪيو آهي. هن ڏکي صورتحال ۾ مثبت ۽ سگهاري ڳالهه به سامهون آئي آهي. واقعي خلاف ۽ جوبدارن جي گرفتاري لاءِ جڏهن مٺي شهر ۾ ڌرڻو لڳو ته سمورن ماڻهن بنا ڪنهن سياسي، فڪري، مذهبي ۽ فرقي جي امتياز جي ان ۾ شرڪت ڪئي ۽ اڪيلي نه هجڻ جو احساس ڏياريو. ان خوف کي حڪومت جوابدارن جي گرفتاري جا اثرائتا اپاءُ، مقامي آبادي کي خاطرين، ان سان گڏجي بيهڻ جي عملي شڪل ذريعي وٺي سگهي ٿي. ٿر ۾ جڏهن وسڪارو ٿيندو آهي ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو سنڌ توڙي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هن عجب علائقي جو نظارو ڪرڻ لاءِ گهمڻ ايندا آهن. 2017ع ۾ اهو انگ لکن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. ڇا انهن ماڻهن جي ذميواري نٿي بڻجي ته صدمي ۾ ورتل ٿر جي ماڻهن کي اچي دلداري ڏين. هن جو مطلب اهو ناهي ته ٿر جي ماڻهن ۽ هتان جي معيشت کي انهن پراڻين حالتن ۾ ئي رکيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٿر جي ماڻهن کي بدليل حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪري، سندن سکيا ڪري، مدد ڪري ۽ مالڪي ڪري.
دنيا ۾ اهو اصول هاڻي مڃجي چڪو آهي ته صرف اها ئي ترقي گورننس لاءِ لاڀائتي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ عوام جي عملي ۽ اثرائتي شرڪت هجي. اهو حڪومت لاءِ به چئلينج آهي ته وري سمورن ساڃاهه وندن ۽ سول سوسائٽي توڙي ٿر جي ڏٻري ماڻهو لاءِ به.

Labels: