Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, June 20, 2018

نواز شريف کي مقابلي مان ڪڍڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا پتا کيڏيا ويندا؟

سهيل سانگي

اربع 21 مارچ 2018ع
سينيٽ چونڊ ۽ ان کانپوءِ چيئرمين توڙي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن ملڪ جي ويجهي سياسي مستبقل جو نقشو واضح ڪري ڇڏيو آهي. چونڊن ۾ رڳو اڪثريت رکندڙ پارٽيءَ ناهي هارايو بلڪه سمورين وڏين پارٽين هارايو آهي، يعني اڪثريت هارايو ۽ اقليت کٽيو آهي. جماعتي نظام ۽ جماعتي چونڊن ۾ پارليامينٽ جو اپر حصو غير جماعتي ٿي ويو آهي. ائين هڪ دفعو وري ٻه ڳالهيون ثابت ٿيون ته، ملڪ ۾ اڃان تائين ”ڪنٽرولڊ جمهوريت“ آهي. جنهن جي شروعات ايوب خان ڪئي، جيڪا پوءِ روپ مٽائيندي جنرل مشرف تائين پهتي. ان عرصي دوران 90ع واري ڏهاڪي ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جون حڪومتون ڊٺيون، انهن کي آئيني مدت پوري ڪرڻ نه ڏني وئي. مشرف دور ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪري، جيڪو ٺاهه ڪيو هو، سو ”ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي“ مان ٻاهر نڪرڻ جي سگهاري ڪوشش هئي. بينظير ڀٽو ان معاهدي تي عمل شروع ٿيڻ کان اڳ شهيد ٿي ويئي پر ان ٺاهه جي ڇٽيءَ هيٺ سياسي ڌرين جي اتحاد نيٺ مشرف کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اها ڳالهه جمهوريت کي حدن ۾ رکڻ وارين ڌرين کي بنهه ڪانه وڻي. اهي 2008ع کان 2013ع تائين پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتي دور ۾ سرگرم رهيون. چار دفعا اهڙيون ڪوششون ٿيون جو پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ويندي ويندي بچي. جڏهن 2013ع جي چونڊن بعد نواز شريف حڪومت آئي ته ساڳيون ڌريون ٻيهر سرگرم ٿيون. نواز شريف پنجاب ۾ سياسي توڙي چونڊن جي حوالي سان مضبوط حيثيت رکندڙ آهي. هن رڳو 90ع واري ڏهاڪي ۾ سياسي اٿل پٿل کي ڏٺو، بلڪه چارٽر آَف ڊيموڪريسي کيس گهڻو ڪجهه سيکاريو. هن پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومتي دور مان به ڪجهه سبق ورتا. نيٺ ان نتيجي تي پهتو ته، حڪومتي ادارن جي سرشتي تبديل ڪرڻ کانسواءِ سويلن راڄ ۽ سويلين بالادستي نٿي رهي سگهي. عمران خان جي هلايل تحريڪ سندس ويساهه کي هيڪاري مضبوط ڪري وڌو. ان ڪري کيس نااهل ڪرڻ به ضروري ٿي پيو. سندس پارٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش به ٿي پر ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد ”ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي“ وارين ڌرين سينيٽ جي وسيلي پنهنجو ڪم ڏيکاريو.
اڄ سينيٽ جنهن شڪل ۾ اچي بيٺي آهي سا اسٽيبلشمينٽ جي ماتحت لڳي ٿي. اها اهڙي آهي جهڙي ضياءَ دور ۾ هُئي. عجيب ڳالهه چئجي جو غير جماعتي نظام کي جماعتي بڻايو ويو پر 2018ع ۾ جماعتي نظام غير جماعتي بڻجي ويو. نواز شريف سينيٽ ذريعي پنهنجي سياسي بحالي يعني نااهلي واري قانون ۾ تبديليءَ سان ملڪ جي ڪجهه ادارن جون حدون مقرر ڪرڻ  پئي گهريون. نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ هلندڙ ان ويڙهه ۾ ننڍا گروپ اهم ٿي ويا. وڏيون پارٽيون غير اهم بڻجي ويون. جڏهن نواز شريف پنجاب جي سياست ۾ مذهبي بيانيو اڀارڻ ۽ عمران خان جي اتي رستا روڪ ڪئي. ملڪ جي اهم صوبي مان سياسي طور نواز شريف ختم نه ٿي سگهيو ته اها ڳالهه هڪ دفعو وري سامهون آئي ته، پنجاب ۾ هن جا پير مضبوط آهن. ان ڪري ساڻس ڪنهن ٻي پچ تي مقابلو ڪجي. اها پچ ننڍا صوبا ۽ ننڍا گروپ هُئا. سو صوبن جي نمائندا ايوان يعني سينيٽ ۾ نواز شريف هارائي ويو يعني اها جدول ڪجهه هن طرح وڃي بيٺي ته، سويلين بالادستي يا جمهوريت بمقابلا اسٽيبلشمينٽ يا ننڍا صوبا ۽ ننڍا گروپ بمقابلا جمهوريت.
بظاهر لڳي ٿو ته، چونڊ مهم جو گهنڊ وڄي چڪو آهي. نگران حڪومت جو وقت اچي ويو آهي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته، نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جي ڀاتين خلاف سزا وارو فيصلو نگران حڪومت کان اڳ ايندو. نگران حڪومت جوڙڻ بابت ارڙهين ترميم کانپوءِ آئين ۾ ڳالهيون واضح آهن. سو اهو آهي ته حڪومتي ڌر ۽ اپوزيشن اتفاق راءِ سان نگران سيٽ اپ ٺاهينديون. 2013ع ۾ جڏهن ملڪ جون حالتون ۽ سياسي ڌرين جا هڪ ٻئي سان بهتر لاڳاپا هئا، تڏهن به اهي متفق نه ٿي سگهيون هيون. پيپلز پارٽي ڊاڪٽر حفيظ شيخ، عشرت حسين ۽ جسٽس نواز خان جا نالا نگران وزيراعظم طور ڏنا هئا. ان جي مقابلي ۾ نواز ليگ جسٽس ناصر اسلم زاهد، جسٽس شاڪر الله ۽ رسول بخش پليجو جا نالا پيش ڪيا. ٻئي ڌريون ان مان ڪنهن تي به متفق نه ٿي سگهيون ته، سرڪاري ڌر ۽ اپوزيشن 8 رڪني ڪاميٽي ٺاهي پر اتي به اتفاق نه ٿي سگهيو. نيٺ اليڪشن ڪميشن جسٽس کوسو کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو.
نگران سيٽ اپ جوڙڻ هڪ اهم مرحلو آهي. معاملو نيٺ اليڪشن ڪميشن يا سپريم ڪورٽ تائين وڃي سگهي ٿو. پراڻي سياستدان جاويد هاشمي تازو اهڙي پيشنگوئي ڪئي آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن نگران سيٽ اپ تي متفق نه ٿي سگهنديون. بلڪه هو هڪ اهڙي نگران سيٽ اپ کي ڏسي ٿو، جيڪو چونڊون وقت تي نه ڪرائيندو. چونڊون وقت تي نه ڪرڻ جا بهانا يا دليل ڪيئي ٿي سگهن ٿا. بلڪه ڪي پيدا به ڪري سگهجن ٿا. وڏي ۾ وڏو آسرو اهو ته سڀني جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب ڪيو وڃي وغيره وغيره. ڪرپشن جو ڪارڊ به ڪيڏي مهل استعمال ڪري سگهجي ٿو. هي اهڙي ڪڙي گوري آهي، جيڪا عوام به آساني سان کائڻ لاءِ تيار آهي پر هتي ٻه سوال اٿن ٿا. ڇا آئين ان جي اجازت ڏي ٿو؟ ڇا نگران سيٽ اپ چونڊون ملتوي ڪرائي واقعي احتساب واري نعري تي عمل ڪرائي سگهندو؟ نوي واري ڏهاڪي ۾ امپورٽ ڪيل نگران وزير اعظم معين قريشي به اهو ئي چورن وڪڻڻ آيو هو، ڏاڍيون لسٽون ٺهيون، قرض معاف ڪرائيندڙڻ جا نالا اخبارن ۾ ڇپيا پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. اهو چونڊون ملتوي ڪرڻ جو بهانو ته ٿي سگهي ٿو پر مقصد نه.
جيڪڏهن جاويد هاشمي جي بيان کي ساڳي ڏينهن تي آيل نواز شريف جي بيان سان گڏائي پڙهجي، جنهن ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو هو ته ”هو اميد ٿو ڪري ته چونڊون وقت سر ٿينديون“ ان مان لڳي ٿو ته نواز شريف کي به چونڊن جي وقت تي ٿيڻ بابت شڪ آهي. اهڙيون خبرون سينيٽ جي چونڊن بابت به ٿيون هيون پر جڏهن ”ڪنٽرول ڊيموڪريسي“ وارن شهه سوار گهوڙا خريد ڪري ورتا ته سينيٽ جون چونڊون ٿي ويون. ائين گهوڙن جا واپاري لوهه جي واپارين کان ميلو لٽي ويا. جيڪڏهن لوهه ڳرو ثابت ٿئي ها ته شايد سينيٽ جون چونڊون نه ٿين ها. في الحال پنجاب ۾ صورتحال اها آهي ته اتي نواز شريف مقبول آهي. اهڙي مقبوليت ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته نواز ليگ کٽي، جيڪا ڳالهه سينيٽ ۾ گڏ ٿيندڙ ڌرين ۽ انهن ڌرين کي گڏائيندڙن کي بنهه پسند ڪونهي. لڳي ٿو ته چونڊون ملتوي ڪيون وينديون ۽ ڊگهي مدي تائين نگران حڪومت رهندي. نواز شريف کي سزا لڳڻ ۽ نواز ليگ کي حڪومت کان ٻاهر رکي حالتن جو جائزو وتو ويندو. خيال آهي ته انهن ٻنهي سببن ڪري هن پارٽي ۾ ويٺل اقتدار پسند همراهن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي ويندي. ساڳي وقت نواز ليگ سياسي ميدان ۾ پنهنجي اها گرمي به برقرار نه رکي سگهندي. پوءِ اهڙو ماحول جڙي سگهي ٿو، جنهن سان ٻي ڌر کي پنجاب ۾ چونڊون کٽڻ جو وجهه ملي وڃي. جڏهن اهڙي صورتحال ٿيندي تڏهن ئي چونڊون ٿينديون. ڏسجي ايندڙ مهيني ڏيڍ ۾ ڇا ٿيڻو آهي. موجوده اسيمبلين پهرين جون 2013ع ۾ قسم کنيو هو. نگران حڪومت ان حساب سان بجيٽ بعد ٺهندي پر ڪجهه ماحول هينئر ئي ٺهڻ شروع ٿيندو. ڪجهه چالون ايندڙ مهيني کان نظر اچڻ لڳنديون.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home