Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Tuesday, December 19, 2017

تبديل ٿيل اڪريپٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اهم ڪردار مليو آهي؟

ڇنڇر 09 ڊسمبر 2017ع
اڳي چيو ويندو هو ته ”هاڪي وٿ چانس اينڊ ڪرڪيٽ وٿ ڊانس“ يعني هاڪي راند جو کٽڻ چانس آهي ۽ ڪرڪيٽ ڊانس اسٽائيل ۾ کٽي سگهجي ٿي. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري هاڻي سياسي راند ۾ به ڊانس متعارف ڪرائي آهي. اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ تي هڪ پنجابي گيت تي ڀنگڙا ڊانس ڪندي بظاهر هن سياست ۾ عوامي رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. حالانڪه کيس اهو ڊانس پنجاب يا سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪرڻ کپندو هو پر هن اقتدار جي ايوانن آڏو ڪرڻ مناسب سمجهيو. وفاقي گادي واري شهر ۾ ڊانس ڪندي هو ٻن ڏينهن بعد لاهور ۾ علامه طاهر القادري وٽ وڃي پهتو. اڳي ايئن ٿيندو هو، جو حڪومت مخالف پارٽيون ماڻهن تائين پهچڻ لاءِ شهر شهر وينديون هيون، جلسا ۽ ريليون ڪڍنديون هيون. پر هاڻي ايئن نٿو ڪيو وڃي. ماڻهن کي سياسي پارٽيون اسلام آباد گهرائي رهيون آهن ۽ اسلام آباد تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ پنهنجو سياسي شو اتي ڪري رهيون آهن.
پيپلز پارٽي جي پنجاهين سالگرهه تي اقتدار واري شهر ۾ ڪوٺايل جلسو رڳو پيپلز پارٽي جو طاقت جو مظاهرو نه هو، بلڪه ان کان ڪجهه مٿڀرو هو. اهو صحيح آهي ته 2013ع جي چونڊن بعد اڳوڻي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي پهريون ڀيرو هتي ايڏو وڏو ميڙاڪو ڪيو. ورنه ساڍا چار سال اسلام آباد ۽ جي ٽي روڊ تي نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف حاوي هيون. جيڪا سياست ٿي رهي هئي ان ۾ پيپلز پارٽي لاءِ ڄڻ ڪو ڪردار نه پئي بيٺو. پيپلز پارٽي پنهنجي سياست کي گهڻي ڀاڱي پارليامينٽ تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيترن موقعن تي رستن تي ٿيندڙ سياست کي ورائي واپس پارليامينٽ جي ايوان ۾ آندو. ان پاليسي گهڻي ڀاڱي حڪمران جماعت نواز ليگ جي مدد ڪئي. جنهن جا اڄ ڪلهه آصف علي زرداري نواز شريف کي مهڻا ڏيندو رهي ٿو. ڪجهه موقعن تي پيپلز پارٽي اڳتي اچڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن پارٽي جي سنڌ اندر حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ مٿس ڪرپشن جي الزامن سبب کيس پوئتي هٽڻو پئي پيو. پيپلز پارٽي صوبائي خودمختياري سان واڳيل معاملا ضرور کنيا پر سنڌ اندر ماڻهن کي ڪجهه رليف نه ڏئي سگهي. 2013ع جي اليڪشن ۾ جڏهن پيپلز پارٽي رڳو سنڌ تائين محدود ٿي ته ان نواز ليگ ۽ وفاقي حڪومت سان دوستاڻو رويو رکيو. پيپلز پارٽي جو خيال هو ته اها نواز ليگ جي حڪومت کي ڊاهي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو اُن پارٽي جو بنياد پنجاب ۾ هو. پيپلز پارٽي کي پڪ هئي ته اوير سوير نواز ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻکين پئجي ويندا. اها ان وقت جو انتظار ڪندي رهي ته نواز ليگ پنهنجي غلطين ۽ پنهنجي ئي ڳري وزن سبب جهڪي وڃي. دير ته لڳي پر ٿيو به ايئن، جو نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ ۾ آئي. تحريڪ انصاف جي ڌرڻن ذريعي لڳاتار حملن ۽ بعد ۾ پاناما ڪيس ۾ نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ اهڙي صورتحال پيدا ڪري وڌي. ايتري قدر جو خود نواز ليگ کي بطور پارٽي منظم ۽ متحد رکڻ ڏکيو ٿي پيو. نواز شريف جي پاليسين اسٽيبلشمينٽ کي چيڙائي وڌو. ان محاذ آرائي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين سگهارين ڌرين وٽ نواز شريف جي پوزيشن ڪمزور ٿي پر جمهوري عمل جاري رکڻ ۽ سويلين بالادستي جي نعري کيس عوام ۾ پذيرائي ڏني. جيتوڻيڪ ان قدم کي سڄي ملڪ جي جمهوريت پسند ڌرين قدر جي نگاهه سان پئي ڏٺو پر جيئن ته اهو فيصلو پنجاب ۽ جي ٽي روڊ تي ٿيڻو هو، ان ڪري اتي جي قبوليت اهم هئي. سمورن ٽڪرائن جي باوجود نواز شريف پنجاب ۾ مقبول رهيو. ايئن کڻي چئجي ته هو اسلام آباد ۾ ته ڪمزور پئي ٿيو، پر پنجاب تي جمهوري ۽ لبرل سوچ ۽ فڪر حاوي ٿي رهيو هو. ان تبديلي کي مجموعي طور تي ملڪ لاءِ مثبت سمجهيو پئي ويو، ڇاڪاڻ جو سٺو فيصلو تڏهن سُٺو سمجهيو ويندو، ۽ تڏهن ان تي عمل ٿي سگهندو، جڏهن پنجاب ان جي حمايت ڪندو.
ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جو پنجاب ۾ مقبول ٿيڻ يا وري بنگلادش ٺهڻ بعد باقي بچيل پاڪستان ۾ جمهوري نظام اچڻ ان جا ٻه وڏا مثال آهن. اهڙي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ لاءِ ضروري ٿي پيو ته اها نواز ليگ کي ۽ خود پنجاب ۾ جمهوري ۽ لبرل سوچ جي اڀري مٿي اچڻ کي روڪي. فيض آباد واري ڌرڻي توڙي بعد ۾ لاهور واري ڌرڻي کي انهيءَ پس منظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو. انهن ڌرڻن کي جيتري ڍر ڏني وئي ۽ رياست انهن سان جيڪو حوصلا افزائي وارو سلوڪ ڪيو، ان مان ظاهر ٿيو ته پنجاب جي سياست ۾ مذهبي بيانيه کي مضبوط ڪيو پيو وڃي. نواز شريف جيئن ته جنرل ضياءَ ۽ آءِ جي آءِ جي پيداوار هو، ان ڪري سندس ووٽ بئنڪ ساڄي ڌر سان واسطو رکندڙ رهيو آهي. انهن ڌرڻن ذريعي نواز شريف جي ووٽ بئنڪ تي وار هو. اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف پريشان آهي. ان حوالي سان پارٽي اندر به سخت دٻاءَ کي منهن ڏيئي رهيو آهي.
نواز ليگ حڪومت فيض آباد ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ مونجهاري جو شڪار رهي. سندس اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ هو. اوڏي مهل حڪمران جماعت سياسي ڌرين کي پاڻ سان بيهاري نه سگهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ خال پيدا ٿيو، جنهن کي پيپلز پارٽي پنهنجي نئين حڪمت عملي جي ذريعي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان حڪمت عملي جو اظهار پارٽي جي پنجاهين سالگره جي موقعي تي اسلام آباد ۾ ڪوٺايل جلسي ۾ آصف زرداري ڪيو. ان ريلي دوران آصف علي زرداري اهو پيغام ڏنو ته مذهبي انتهاپسندي ڏي ويندڙ سياست جي ماحول ۾ ڪو لبرل آواز به اٿاري سگهجي ٿو. ان مذهبي بيانه بابت ٻي ڪا ڌر اچڻ لاءِ تيار نه هئي. اڳوڻي صدر زرداري نواز شريف کي پنهنجي شڪست مڃڻ ۽ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏنو. نه رڳو ايترو، پر هڪ وک اڳتي وڌي چيو ته ڪهڙي خبر نگران حڪومت تائين نواز ليگ حڪومت ۾ رهي يا نه رهي؟ ۽ اهو به ته پيپلز پارٽي نواز ليگ خلاف باقاعده مهم جو اعلان به ڪيو، جنهن جو چٽو اظهار ٻن ڏينهن بعد علامه قادري سان آصف زرداري جي ملاقات آهي. گذريل ٻن هفتن کان سياسي مارڪيٽ ۾ نگران حڪومت جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ آصف علي زرداري چيو هو ته، اهو قدم آئين کان مٿڀرو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو آئيني طور تي وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر کي نگران حڪومت لاءِ ڪنهن کي نامزد ڪرڻو آهي. ڪا ٽئين ڌر ايئن ڪري ٿي ته اهو معاملو آئين کان ٻاهر جي ڳالهه ٿيندي. ساڳي وقت آئين جي اها به تقاضا آهي ته نگران حڪومت صرف مقرر مدت ۾ چونڊون ڪرائي ان کان وڌيڪ ان جو ٻيو ڪو مينڊيٽ ڪونهي. پر پيپلز پارٽي جي تازي موقف مان پتو پوي ٿو ته ان پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي. اها ڪنهن ٻئي طريقي سان به نگران حڪومت جي جوڙڻ لاءِ راضي ٿي ويئي آهي. پيپلز پارٽي گذريل هفتي نواز ليگ سان گڏ بيٺي هئي. اها هاڻي ان جي خلاف ٿي بيٺي آهي ۽ نواز ليگ مخالف ڌرين کي گڏ ڪري رهي آهي.
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ جا اڳوڻا سڀ اسڪرپٽ نه هلي سگهيا. عمران جو ڌرڻو هجي يا علامه قادري جو ڌرڻو، اسٽيبلشمينٽ دفاعي پوزيشن ۾ هلي وئي هئي پر مولانا خادم حسين رضوي ڪم ڪري ڏيکاريو. ماضي وارا اسڪرپٽ ان ڪري به نه هلي سگهيا، جو پيپلز پارٽي سميت مکيه سموريون سياسي پارٽيون ان کان ٻاهر هيون. آصف علي زرداري جي اسلام آباد پريڊ گرائونڊ تقرير، اتي ڪيل ڊانس ۽ پوءِ علامه قادري سان ملاقات کانپوءِ اها ڳالهه کولي ڇڏي آهي ته اسڪرپٽ ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون ويون آهن ۽ پيپلز پارٽي ٻين ڳالهين کان علاوه ٻين ڪجهه ڌرين وانگر نٿي چاهي ته سينيٽ ۾ نواز ليگ جي اڪثريت هجي.
هتي اها ڳالهه دلچسپ آهي ته علامه قادري نوابزاده نصرالله وانگر ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڇا سياسي جماعتون مٿس اعتماد ڪري سگهن ٿيون؟ اهو صحيح آهي ته علامه قادري هڪ اهڙي ٻولي ڳالهائي ٿو، جنهن جو پنهنجو وجود ڪمزور آهي پر هو پيپلز پارٽي کي مذهبي ڇٽي ڏيئي سگهي ٿو. هڪ زماني ۾ بينظير ڀٽو به علامه قادري سان ٺاهه ڪيو هو ته جيئن مذهبي سياست ڪندڙ ڌريون کيس مذهبي نعري سان اڪيلو نه ڪن. موجوده حالتن ۾ علامه قادري جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي جو هو پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ رابطي ۽ پل جو ڪم ڪري سگهي ٿو.
ڪن حلقن جو خيال آهي ته نئين سال جي شروعات سان ئي ملڪ جي سياسي گرمي پد ۾ اهڙي نموني اضافو ٿي ويندو، جو سڄي ملڪ کي جام ڪيو وڃي، احتجاج ٿيڻ لڳن. ان بعد ڪونه ڪو سپريم ڪورٽ ۾ هليو ويندو ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ قومي حڪومت جو فارمولا سامهون اچي ويندو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ هن کان اڳ جنرل مشرف کي رعايت ڏئي چڪي آهي. پيپلز پارٽي جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جو مناسب حد تائين اعتماد حاصل ڪري وٺي ٿي ته بجيٽ کان اڳ ڪافي تبديليون اچي سگهن ٿيون.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2017/2017/09%20dEC%202017.htm

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home