Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Tuesday, December 19, 2017

آرمي چيف جي بريففنگ سان سياسي غيريقينيءَ جي خاتمي جون وڌندڙ اميدون!

Army Chief's breifing to Parliamentarian 
20-12-2017
اربع 20 ڊسمبر 2017ع
ملڪ جڏهن شديد سياسي بحران جي لپيٽ ۾ آهي، ان وقت آرمي چيف جنرل جي سينيٽ جي ميمبرن کي ملڪي توڙي علائقائي صورتحال بابت بريفنگ وڏي اهميت جي حامل آهي. اها بريفنگ تاريخ ۾ ان ڪري به اهم رهندي، جو ملڪي تاريخ ۾ هي ٻيو ڀيرو آهي، جو آرمي چيف ڪنهن چونڊيل ايوان کي خطاب ڪيو آهي. هن کان اڳ 2011ع ۾ ايبٽ آباد واري واقعي بابت جنهن ۾ اسامه بن لادن آمريڪي فوجين هٿان مارجي ويو هو، تڏهن اهي ڳالهيون اٿيون ته ڪيئن آمريڪي فوجي جهاز ۾ چڙهي وفاقي گادي واري هنڌ کي ويجهي شهر ايبٽ آباد ۾ ڪارروائي ڪري ويا؟ ايبٽ آباد وارو واقعي جي تفصيلي بريفنگ توڙي عدالتي ڪميشن جاچ باوجود اڃان تائين عوام آڏو نه اچي سگهيا آهن، ڇاڪاڻ جو عدالتي ڪميشن جي رپورٽ پڌري نه ٿي سگهي.

جنرل باوجوه جي بريفنگ کان اڳ ملڪ غير يقيني واري صورتحال جي لپيٽ ۾ هو. ٽي وي ٽاڪ شوز کان وٺي اخباري ڪالمن تائين ايتري قدر جو چونڊيل ايوانن جا نمائندا به مونجهاري جو شڪار هئا. هڪ ٻئي کان پڇي رهيا هئا ته موجوده حڪومت آئيني مدو پورو ڪري سگهندي يا نه؟ سينيٽ جي اليڪشن جو ڇا ٿيندو؟ موجوده نظام ۽ جمهوري عمل جاري رهي سگهندو؟ ايندڙ سال متوقع چونڊون وقت تي ٿينديون؟ نگران حڪومت ڪير ٺاهيندو؟ اها ڪنهن جي هوندي؟ ڊگهي مدت لاءِ جيڪڏهن نگران حڪومت هوندي ته ان جو مينڊيٽ ڇا هوندو؟ ان مينڊيٽ ۽ مدت طئي ڪرڻ لاءِ ڪهڙي اٿارٽي يا قانون کي اٿلايو ويندو؟ ان سڄي قصي ۾ عدليه جو ڇا رول هوندو؟ عدليه جو رول ان ڪري به اهم پيو بڻجي، جو ڪنهن به انتهائي قدم کي قانوني طور جائز عدليه ئي قرار ڏيئي سگهي ٿي. ڪجهه سال اڳ عدليه چيو هو ته اها ڪنهن به آئين کان مٿڀري قدم کي قانوني مڃتا نه ڏيندي. موجوده عدليه جا ريمارڪس آهن ته ”جتي خال پيدا ٿيندو، اهو اسين ڀرينداسين.“
ٽي هفتا کن ٽيڪنوڪريٽ نگران حڪومت جو چوٻول رهيو پر ان لاءِ شايد ڪا قانوني حمايت نه ملڻ بعد ان جي شڪل تبديل ڪري هاڻي نئون فارمولا لاٿو ويو آهي ته گورننس ۽ سٺي مالي توڙي انتظامي حوالي سان ٽيڪنوڪريٽ جو حڪومت ۾ هجڻ ضروري آهي. يعني ٽيڪنوڪريٽ کي به اقتدار ۾ شريڪ ڪيو وڃي. اهو ان ڪري عجيب ٿو لڳي ته حڪومت هلائڻ، فيصلا سازي ڪرڻ چونڊيل پارليامينٽ ۽ حڪومت جو ڪم آهي. ٽيڪنوڪريٽس بيورو ڪريسي جي شڪل ۾ موجود آهن، جيڪي گهڻو ڪري ريٽائر ٿيڻ بعد ٽيڪنوڪريٽ بڻجي ويندا آهن. اهڙو مطالبو پنهنجي جوهر ۾ سياست ۽ سياستدانن جي خلاف بيهي ٿو.
ڳالهه ملڪ ۾ موجود غيريقيني صورتحال جي پئي ڪئي سين. اها ايتري وڌيل هئي، جو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق به چيو ته ”آئون نٿو سمجهان ته موجوده حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪندي. اهڙي قسم جا اشارا هن کان اڳ سينيٽ جو چيئرمين رضا رباني به ڏيندو رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته رضا رباني جي انداز ۾ مايوسي گهٽ ۽ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش وڌيڪ، جڏهن ته اياز صادق جي بيان ۾ مايوسي وڌيڪ ٿي جهلڪي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فوري طور اسپيڪر جي بيان جي ترديد ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي.
اسپيڪر اياز صادق جي آڏو به معاملا هئا، جن کي ڏسندي هو اهڙي مايوسي واري ڳالهه ڪري رهيو هو. هڪ اهو ته گذريل هڪ مهيني کان قومي اسيمبلي مان پاس ڪيل تڪ بندين بابت آئيني ترميم سينيٽ مان منظور نه پئي ٿي. بظاهر پيپلز پارٽي جي سينيٽ ۾ اڪثريت آهي، پر ان کي اڪيلي سر اڪثريت ناهي. جيڪڏهن حڪومت ۽ ٻيون سموريون پارٽيون گڏ ٿي وڃن ها ته اها ترميم پاس ڪري پئي سگهيون، پر حڪمران جماعت توڙي ٻيون پارٽيون ايئن نه ڪري سگهيون. نئين آدمشماري بعد نيون تڪ بنديون ڪرڻ آئيني گهرج آهي، ان ڪري تڪ بندين جو معاملو اُڪلائڻ بنا ڄڻ وقت تي چونڊيون نه پئي ٿي سگهيون. پيپلز پارٽي جو شرط آدمشماري جي عبوري نتيجن جي 5 سيڪڙو ٻيهر آڊٽ ڪرائڻ هو. اهو شرط سنڌ جي شڪايت طور جائز هو پر ان جي پويان پيپلز پارٽي جي سياست اها هئي ته ڪيئن حڪومت تي دٻاءُ وجهجي؟ ساڳي ريت جيڪڏهن ڪا سگهاري ڌر حڪومت کي وقت کان اڳ گهر ڀيڙو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جو هڪ ڪارڊ پيپلز پارٽي وٽ به هجي. پيپلز پارٽي جيڪا اسلام آباد ۾ آصف علي زرداري جي ڊانس ۽ اتي ڪيل تقرير کان اڳ اسيمبلين ۽ حڪومت جي مدت پوري ڪرڻ واري نقطي تي بيٺل هُئي، پر ان تقرير ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي پوزيشن تبديل ڪئي ۽ اها اسٽيبلشمينٽ کي ويجهو ٿي ويٺي.
اياز صادق کي ٻيو ڊپ خود پنهنجي جماعت يعني نواز ليگ جي اندر ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه جي ڪري به هو، ڇاڪاڻ جو مذهبي انتهاپسندي واري نعري سان چند هزار ماڻهن جي ڌرڻي حڪومت کي ته جهڪائي ڇڏيو پر ساڳئي وقت رياست جي رٽ کي به ڪمزور ڪيو. اهڙي ئي نعري سان بعد ۾ لاهور ۾ ڌرڻو لڳو، ۽ پير سيالوي فيصل آباد ۾ ڪانفرنس ڪئي. نواز شريف جيڪو سويلين اختيار جي بحالي جي نعري سان عوام ۾ لٿو هو ۽ اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائي رهيو هو، ان کانپوءِ سندس پارٽي جي ڄڻ ”ساڄي ٻانهن“ (رائيٽ ونگ) هن کان ڇڄڻ لڳي. سمورن نعرن ۽ اپائن جي باوجود نواز ليگ جو ووٽ بئنڪ ساڄي ڌر وارو رهيو آهي. ايئن حڪمران جماعت نواز ليگ اندر مفاهمت ۽ محاذ آرائي جي ٻن لاڙن جي وچ ۾ هلندڙ ويڙهه ۾ مفاهمت واري پاسي کي سرسي ملي ويئي. نواز شريف رجحان جي حوالي سان پارٽي اندر ڪمزور ٿيو. ان جي بدران رجحان جي طور شهباز شريف مضبوط ٿيو، جنهن جو بظاهر اهو موقف هو ته نواز شريف جي پارٽي معاملن ۾ بالادستي مرحليواري يعني آهستي آهستي ڪئي وڃي، في الحال مفاهمت سان هلجي. حديبيه ڪيس ۾ شهباز شريف کي مليل فائدي ڄڻ پنجاب جي سياسي ميدان ۾ ٻه مکيه رانديگر يعني شهباز شريف ۽ عمران خان وڃي بچيا- ايئن طاقت جو توازن تبديل ٿي ويو.
تحريڪِ انصاف جي جهانگير ترين کي نااهل ۽ عمران خان کي اهل قرار ڏيڻ واري فيصلي ۾ هڪ جج اضافي نوٽ لکندي نواز شريف جي ڪيس بابت به لکيو آهي ته کيس ڇو برطرف ڪيو ويو؟ اها ڄڻ پاناما ڪيس واري فيصلي بابت وضاحت آهي. ٻي وضاحت چيف جسٽس ميان ثاقب نثار هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڏني آهي ته قسم کڻي چوان ٿو ته ڪو به دٻاءُ نه هو. عدالتن ۽ عدالتي فيصلن جو احترام ڪرڻ گهُرجي. عدالتن مان ماڻهو انصاف جي اميد رکن ٿا. هونئن به انصاف ۽ عدالتن لاءِ اها جڳ مشهور چوڻي آهي، جيڪا ڪيترائي جج پنهنجي فيصلن ۽ ريمارڪس ۾ دهرائي چڪا آهن، سا اها ته ”نه رڳو اهو ته انصاف ڪيو وڃي، بلڪه انصاف ٿيندي نظر به اچي.“ بقول نامياري وڪيل عاصمه جهانگير جي اهڙا فيصلا ئي ڇو ڪجن، جن لاءِ وضاحتون ڏيڻيون پون.
جيتوڻيڪ ملڪ جي سياسي پارٽين جو جمهوريت ۽ عوام جي حقن جي حوالي سان ڪردار مجموعي طور بنهه ڪو ساراهه جوڳو ڪونهي پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته ملڪي توڙي علائقائي حالتن کين ليڪ جي ٻئي طرف بيهارڻ تي مجبور ڪيو آهي. ايتري قدر جو اسٽيبلشمينٽ جيڪا اڳي ٻن پارٽين کي آمهون سامهون بيهاري پنهنجو ڪم ڪري ويندي هُئي يا پارٽين اندر لابين ذريعي ڀڃ ڊاهه ڪري وٺندي هُئي، تنهن کي هن ڀيري مبينا طور فيض آباد ۾ ڌرڻي جو سهارو وٺڻو پيو. ان ذريعي نواز ليگ حڪومت کي سرينڊر ڪرائڻ ۽ پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ وارو ڪم ٿيو. مين اسٽريم جون مذهبي سياسي حڪومتون به ان راند جو حصو نه ٿيون.
انهيءَ سڄي پسمنظر ۾ غير يقيني صورتحال هلي رهي هُئي، جيڪا حڪومت، حڪومتي مشينري جي فيصلي سازي ۽ انتظام ڪاري تي اثرانداز ٿي رهي هُئي. جنهن جا اثر وري معيشت ۽ روزمرهه جي معاملن تي پئجي رهيا هُئا. سخت بحران ۾ حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه وٺي رهي هئي، جنهن دوران ملٽري ڊپلوميسي جون ڳالهيون به ٿينديون رهيون، تڏهن آرمي چيف سينيٽ ۾ بريفنگ ڏني.
ان سڄي بحران ۽ علائقي جي تبديلين توڙي ملٽري ڊپلوميسي بابت چونڊيل ادارا ۽ پارليامينٽ اڻ ڄاڻ ئي رهيا. نه حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي رهي هئي، نه وري عسڪري ڌريون. پارليامينٽ ڄڻ غير واسطيدار پئي بڻي. آرمي چيف جي سينيٽ ۾ آمد ۽ بريفنگ اهو تاثر ضرور ڏنو ته پارليامينٽ اهم آهي ۽ عسڪري ڌر به ان کي ليکي ٿي. ساڳئي وقت اهو چوڻ ته پارليامينٽ دفاعي ۽ پرڏيهي پاليسي ٺاهي ته اسين ان تي عمل ڪنداسين واري ڳالهه به اهم ترين آهي.
آرمي چيف جي ان بريفنگ بعد هڪ مهيني کان رولڙي ۾ ٿيل تڪ بندين وارو آئيني بل اڄ ئي سينيٽ منظور ڪري ورتو. ايئن مختلف ڌرين جا تحفظات دور ٿيا. سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني آگسٽ ڌاري چيو هو ته فوج، پارليامينٽ ۽ عدليه کي گڏجي ڳالهائڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو ڪم تڏهن ڪجي ها ته شايد ڪجهه ڏاکڙن کان بچي سگهجي ها. شايد اهو سڀ ڪجهه ان ڪري تڏهن نه ٿيو، جو ملڪي توڙي علائقائي حالتن جو ايترو زور نه هو، يا وري اهو ته ڪجهه معاملا حل ٿيڻا ها، ان ڪري ڳالهه ڊسمبر تائين وڃي پهتي. موجوده حالتن ۾ آرمي چيف جي بريفنگ ملڪ ۾ ڇانيل سياسي ڌنڌ کي گهٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي.

Daily Kawish 
http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2017/2017/20%20Dec%202017.htm

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home