Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, December 11, 2017

ٿر جي هيڻن ماڻهن پاران ڏاڍن خلاف ڪيل مزاحمت!

جمع 10 مارچ 2017ع 
Thar- Anti coal struggle
 گوڙاڻي ڊيم خلاف احتجاج تي ويٺل مقامي ميگهواڙن جو احتجاج 140 هين ڏينهن ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ان احتجاج جو شمار سنڌ اندر ٿيل ڊگهن احتجاجن ۾ ڪيو ويندو. هن کان اڳ منو ڀيل سانگهڙ جي وڏيري عبدالرحمان مري خلاف ڊگهي احتجاج تي ويٺو هو، جنهن سندس گهر ڀاتين کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو هو. منو ڀيل تقريبن 1288 ڏينهن علامتي بک هڙتال تي ويٺو هو. منو ڀيل به اصل ٿر جو رهاڪو هو. لڳاتار ڏڪارن غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي سڄي ڪٽنب سوڌو نجي جيل جو باندي بڻيو. منو ڀيل هجي يا ليلارام ميگهواڙ ٻنهي جو تعلق ٿر ۽ اتي جي پوئتي پيل ۽ غريب هندو برادري سان آهي، جنهن کي عرف عامِ ۾ شيڊيولڊ ڪاسٽ ڪوٺيو وڃي ٿو. عام طور انهن ٻنهي ذاتين کي ڪمزور، هيڻو ۽ مزاحمت نه ڪندڙ ذاتين يا قبيلن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. غربت ۽ سماجي توڙي سياسي پٺ نه هجڻ ڪري انهي مفروضي ۾ وڏي حد تائين سچائي به آهي، پر منو ڀيل ۽ ليلارام ميگهواڙ انهي ڏند ڪٿا کي ٽوڙي ڏيکاريو. جڏهن غربت جا ماريل ۽ پوئتي پيل ماڻهو مزاحمت تي لهي ايندا آهن ته کين نه ڪا لالچ، نه وري ڪو دڙڪو دهمان چپ ڪرائي سگهندو آهي. جيئن منو کي به ڪيتريون ئي لالچون ڏنيون ويون ۽ احتجاج تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ ڊيڄاريو ويو پر هو ڪنهن ڏاڍي جي لٺ کان نه ڊنو. بلڪل اهڙي طرح سان گوڙاڻي جي ليلارام ۽ سندس ساٿين کي پڻ ڊيڄارڻ ۽ جدوجهد تان هٿ کڻڻ لاءِ سمورا حيلا هلايا ويا پر، هو پنهنجي ڪاز تان نه هٽيا، ڪارونجهر وانگر ڪر کنيو بيٺا رهيا ۽ اڄ به بيٺا آهن. مٿن ڪنهن پاڙيسري ملڪ جي هٿن ۾ کيڏڻ تائين جا الزام لڳا به پر انهن الزامن کان به هو نه ڊنا. حڪومتي ادارا توڙي اينگرو ڪمپني انهي تلاش ۾ رهيا ته انهن جي احتجاج جي پويان آخر ڪير آهي؟ سموري جاچ جوچ کانپوءِ اها ڳالهه ثابت ٿئي ته سندن پويان ٻيو ڪير به ڪونهي سواءِ ٿر جي ڌرتي، وارياسين ڀٽن ۽ پنهنجي اباڻن پڊن جي. ٿر جي ماڻهو لاءِ ڌرتي ۽ زمين وڏي ڪشش رکي ٿي. مارئي جو ديو مالائي ڪردار عمر جي قيد ۾ به پنهنجي زمين لاءِ رئندو رهيو ۽ آتو رهيو. زمين سان لڳاءُ ۽ ”جيها جي تيها مون مارو مڃيا“ چئي هو پنهنجي فيصلي تي اٽل رهي. ساڳي طرح روپلو ڪولهي پنهنجي شادي جي ستين ڦيري تي اُٿي انگريزن خلاف وڙهڻ لاءِ محاذ تي روانو ٿيو هو.
ٿر جي واري ۾ اهڙو ڇا آهي؟ ڪيترائي سمجهو ۽ سيبتا سنگت وارا اڪثر مون کان پڇندا آهن. مونکي اصغر نديم سيد جي ڊرامي ”آخري گيت“ جو ڊائلاگ ياد ايندو آهي، جنهن ۾ ٺاڪر پنهنجي پٽ کي شهر ۾ رکڻ لاءِ زور ڀريندي ڪمدار کي چوندو آهي ته ”ٿر جي واري جي مهڪ ۽ هتي جي هوا ماڻهو کي سست ڪري ٿي ڇڏي.“ڳالهه صرف ايتري آهي ته اينگرو ڪمپني اسلام ڪوٽ ويجهو ڪوئلو کوٽي ان مان بجلي ٺاهڻ جو پلانٽ لڳائڻ گهري ٿي. ان ڪوئلي جي رسائي تائين کاڻ جي کوٽائي کي پاڻي جي ٽن تهن مان گذارڻو آهي. ڪمپني اهو پاڻي کوٽائي واري هنڌ کان ٽيهه ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ڪڇ رڻ جي ڪنڌي تي گوڙاڻي ڳوٺ جي ٻنين ۾ تلاءُ ٺاهي وجهڻ گهري ٿي. اهو هنڌ اينگرو کي مليل ڪوئلي جي بلاڪ ٽو ۾ شامل ناهي، بلڪه وچ مان ڪوئلي جا ٽي بلاڪ ڪراس ڪري ان هنڌ تائين پهچڻو پوندو. هن تلاءُ جو ماحولياتي حوالي سان ڪوبه اڀياس ٿيل ڪونهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اهي ان جي نتيجي ۾ بي زمين، بي گهر، بيروزگار ۽ بي وطن ٿي ويندا. هو رڳو پنهنجو جيئڻ جو حق چاهين ٿا ۽ سندن اهو حق پاڪستان جي هڪ شهري طور کين آئين ۾ به مليل آهي. ان حساب سان هو پنهنجو قانوني ۽ آئيني حق گهرن ٿا. ان مقصد لاءِ انهن ڊپٽي ڪمشنر کان وٺي تر جي چونڊيل نمائندن کان ٿيندي صوبي جي انتظامي سربراهه تائين پنهنجي دانهن پهچائي آهي پر ڪٿان به کين انصاف نه مليو ۽ سندن مسئلو حل نه ٿيو.  نيٺ انهن عدالت جو در کڙڪايو آهي. عدالت ۾ ٻڌڻي هلندي به انهي تلاءُ يا ڊيم جي اڏاوت جو ڪم جاري آهي. بقول گوڙاڻي جي جدوجهد ۾ شريڪ راج ميگهواڙ جي ڪوئلي واري ڪمپني وٽ وڏا وڪيل آهن، حڪومتي اثر به آهي، پر پوءِ به کيس آس آهي ته عدالت ساڻن ضرور انصاف ڪندي. منو ڀيل جي احتجاج جو سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، تڏهن چوڌري افتخار محمد چيف جسٽس هو، پر اڄ سوڌو منو ڀيل کي سندس ڪٽنب جا ڀاتي هٿ نه آيا آهن ۽ نه ئي کيس اهو سرڪاري طرح ٻڌايو ويو آهي ته اهي سڀ ڀاتي زنده به آهن يا مري چڪا آهن. سر زمين تي سڄو ڪم ڪوئلي جي ڪمپني ڪري رهي آهي پر ڪمپني جا عيوضي ٻڌائين ٿا ته اهو سڀ ڪجهه سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ڪمپني وارا به صوبائي حڪومت جي چوڻ تي ۽ حمايت سان ڪم ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه درست آهي ته هن پلانٽ ۾ 51 سيڪڙو حصو سنڌ حڪومت جو آهي ۽ سنڌ حڪومت ان سڄي معاملي تي ماٺ آهي. هي تحريڪ تاريخ ۽ ٿر جي وڏي ۾ وڏي عوامي تحريڪ ليکي ويندي. اهڙي تحريڪ جيڪا هڪ نهايت پوئتي پيل علائقي مان اُٿي ۽ ايترن ڏينهن کان هلي رهي آهي. ان تحريڪ جي قيادت مقامي آهي ۽ اهي سڀ جا سڀ اقليت سان تعلق رکندڙ آهن. مختلف سياسي ڌرين هن تحريڪ جي گهڻو پوءِ يعني اٽڪل 70 ڏينهن کانپوءِ حمايت جو اعلان ڪيو. ارباب گروپ، عوامي تحريڪ ۽ سندس اڳواڻ رسول بخش پليجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ ڪجهه ننڍيون وڏيون ٻيون قوم پرست ڌريون به احتجاج ۾ يڪجهتي طور شامل رهيون آهن، پر اهي سڀ ڌريون هن تحريڪ تي پنهنجو سياسي رنگ چاڙهي نه سگهيون آهن.ڪمپني ۽ سرڪار گڏجي اسلام آباد، ڪراچي ۽ حيدرآباد مان صحافين جون ٽيمون وٺي آيا ته ڪٿي ميڊيا ۾ هن زهريلي پاڻي جي تلاءُ جي حمايت ۾ ڪجهه لکرائي راءِ عامه تي اثر انداز ٿجي ۽ ڳوٺاڻن جي موقف کي رد ڪري سگهجي، پر اهي سموريون ڪوششون به ناڪام ويون. مقامي صحافي ته ٺهيو پر ڪنهن ٻاهران آيل صحافي به ڳوٺاڻن جي موقف کي رد نه ڪيو. ايتري قدر جو ڪمپني نيٺ اخباري مالڪن جي وفد کي به دورو ڪرايو ۽ ڏاڍيون خدمتون چاڪريون ڪيون پر ڪمپني جا اهي سڀ خرچ اجايا ويا، عام راءِ اڃا تائين اتي جو اتي بيٺي آهي. هاڻي اطلاع آهن ته ڪمپني ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي فنڊ جنهن کي عام لفظن ۾ ڪميونٽي فنڊ سڏيو ويندو آهي، ان جو غلط استعمال ڪندي مقامي آبادي ۾ ڏڦيڙ ۽ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪجهه مسلمان برادرين کي اڀاريو پيو وڃي ته هتي جا اصل راڄ ڌڻي توهان آهيو، هي ميهگواڙ ڇو اچي ”چڱا مڙس“ ٿيا آهن. ٿر جو عام ماڻهو ڏاهو آهي، اهو ڪمپني جي اهڙين چالن ۾ نه ايندو. هو ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن هڪ دفعو گوڙاڻو تلاءُ ٺهيو ته پوءِ ڪوئلي جي 14 بلاڪن لاءِ اهڙا 14 کان وڌيڪ گوڙاڻا ٺهندا ۽ انهن جي اثرن کان ڪير به بچي نه سگهندو. ڪوئلي جي ڪاروبار کي جهڙي نموني اڳتي وڌايو پيو وڃي، سو ڪهن به طرح سان قومي مفاد سان ٺهڪندڙ نٿو لڳي. ڇاڪاڻ جو ان کي مس مئنيج ڪيو پيو وڃي، مس مئنيجمينٽ جو نتيجو ترقي بجاءِ تنزلي جي صورت ۾ نڪرندو. ڇاڪاڻ جو وسيلن کي مئنيج ڪرڻ تي ترقي آهي، جيڪڏهن انهن کي مثبت انداز سان استعمال نٿو ڪيو وڃي ته اها ترقي نه پر تباهي هوندي. پوءِ کڻي ان تي نالا ڪهڙا ئي خوبصورت ڇو نه رکيا وڃن.
 ٿر ۾ عام خيال اهو آهي ته حڪومت ۽ ڪمپني ٻئي عدالت جي فيصلي جي انتظار ۾ آهن، قوي امڪان آهي ته سرڪار ان کانپوءِ متان احتجاج ڪندڙن ۾ هٿ وجهي. ممڪن آهي ته سڀاڻي ڪمپني ۽ حڪومت ڳوٺاڻن کان زور ٿي وڃن، اهو احتجاج صرف تاريخ جو حصو بڻجي رهجي وڃي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ باقي بلاڪن ۾ به ماڻهن سان ساڳي ڪار ٿيندي، ڪنهن به تحريڪ جي ڪاميابي کي ماپڻ جو رڳو هڪڙو ماڻ ماپو نه هوندو آهي ته ان پنهنجو فوري مقصد ماڻيو يا نه، پر ان جي قبوليت ۽ مقبوليت وڏي ڳالهه هوندي آهي، جيڪا ان کي ڪنهن ديو مالائي ڪردار جي قصن جهڙو بڻائي ڇڏيندي آهي. هن تحريڪ سان رومانوي ۽ جذباتي لڳاءُ جا واقعا به واڳيل آهن، چئن گهوٽن لائون لهڻ کان اڳ احتجاج ۽ بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي، هن تحريڪ تي رڳو ٿر جي نه پر سنڌ جي ٻين علائقن جي مزاحمتي شاعرن به مقبول شاعري ڪئي آهي. اها شاعري وري سيف سميجو جهڙن اڄ جي مقبول راڳين ڳائي به آهي.
احتجاج ۾ شامل ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان جي طرفان تحريڪ ڪامياب آهي، جيڪڏهن ڪا ڪسر رهي ٿي يا ناڪامي ٿئي ٿي ته حڪومت عدليه توڙي سماج جي ٻين روايتي توڙي غير روايتي ادارن جي ناڪامي ٿي سگهي ٿي، جيڪي ماڻهن کي سماجي انصاف ڏيارڻ ۽ ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيندا.

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home