Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, December 08, 2017

پنجاب پنهنجي سياسي قيادت تبديل ڪرڻ چاهي ٿو؟

ننڍڙي هوندي وڏڙا ڌرتي ڌُٻڻ بابت ٻُڌائيندا هُئا ته، ڌرتي ڍڳي جي سِڱ تي بيٺل آهي ۽ جڏهن ڍڳو سِڱ مٽائي ٿو، يعني سڄي ڌرتي جو بار هڪ سِڱ تان ٻئي سڱ تي رکي ٿو ته ڌرتي ڌُٻي ٿي ۽ زلزلا اچن ٿا. سو پاڪستان ۾ سياسي زلزلا به ان ڪري ايندا آهن، جو اقتدار جو ”بار کڻندڙ“ صوبو پنجاب سڱ مٽائيندو آهي يا ڪا تبديلي چاهيندو آهي. سياسي زمين تي لوڏا به ان ڪري ايندا آهن ته وري تبديلي به- ملڪ اندر تبديلي رڳو تڏهن اچي سگهندي آهي، جڏهن پنجاب چاهيندو آهي. ورنه باقي سمورو پاڪستان يعني باقي ٽئي صوبا ملي ڪجهه به چاهين پر ملڪ جي سياست يا نظام ۾ تبديلي آڻي نه سگهندا آهن. ان جو وڏو سبب ملڪ جي واحد منظم ۽ مضبوط اداري ۾ هن صوبي (پنجاب) جي موجودگي آهي. وري جيڪڏهن سويلين بيوروڪريسي يا پارليامينٽ کي ڏسجي ته اُتي به هن صوبي جي اڪثريت آهي. جڏهن پاڪستان ٺهيو هو، تڏهن نئين ٺهيل ملڪ کي هلائڻ جو ذمو انڊيا مان لڏي آيل بيوروڪريسي کنيو هو. سياست ۽ بيوروڪريسي ۾ ڪجهه حصو بنگال جو به هو. پنجاهه جي ڏهاڪي جي شروع وارن سياسي بحرانن دوران بنگال جي غير معمولي بالادستي کي رياستي ادارن زور تي ختم ڪري ڇڏيو ۽ لڏي آيل بيوروڪريسي جي وچ ۾ اتحاد ٿيو. ون يونٽ ٺاهي نه رڳو بنگال، بلڪه پنجاب کي ڇڏي ملڪ جي باقي ٽنهي صوبن جي اپر ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس کي اقتدار، اختياري توڙي انتظام ڪاريءَ مان ٻاهر ڪڍيو ويو. ايوب خان جي مارشل لا توڙي سندس باقي دور حڪومت ۾ اهو اتحاد جاري رهيو.
ايوب خان جي آندل زرعي، صنعتي ۽ معاشي انتظامن ڪيترين ئي نين حقيقتن کي جنم ڏنو. ملڪ ۾ 23 سرمائيدار خاندان پيدا ٿيا، سول بيوروڪريسي مضبوط تر ٿي، پورهيت طبقو پيدا ٿيو. ايوب جي زراعت ۾ آندل گرين انقلاب به پنهنجا اثر ڏيکاريا، جنهن سان خوشحال زميندار پيدا ٿيو. پورهيت طبقي ۽ خوشحال زميندار پنهنجي لاءِ وڌيڪ اگهه ۽ حق گهرُيا. نتيجي ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ سگهاري ٿي. ترقي پسند فڪر ۽ تحريڪ به پکڙي. خوشحال زميندار ۽ پورهيت طبقي جي تحريڪ جنهن ۾ پورهيت طبقي سان گڏوگڏ نئون اڀرندڙ پورفيشنل ڪلاس به شامل هو، تنهن کي ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ سان ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سٺ واري ڏهاڪي جي پيپلز پارٽيءَ کي ڏسبو ته اها هيٺئين طبقي تي مشتمل نظر ايندي. پيپلز پارٽي جو صوبائي حوالي سان اهو پهلو به هو ته اها سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ورهايل رهي. جنهن کي بعد ۾ بينظير ڀٽو جي حوالي سان اهو نعرو ٺاهي پيش ڪيو ويو ته، ”وفاق جي زنجير بينظير“- بعد ۾ ٿيل واقعن ۽ حالتن مان لڳي ٿو ته ملڪ جي حڪمرانن ان شرط تي ون يونٽ ٽوڙيو ۽ چونڊون ڪرايون ته بنگال سان گڏ هاڻي هلي نٿو سگهجي. پيپلز پارٽي انهن چونڊن ۾ سنڌ جي نه، پر پنجاب جي وڏي ۾ وڏي پارٽي طور اُڀري هُئي. اهو به پنجاب جو فيصلو هو ته ملڪ ۾ هاڻي جمهوريت آڻجي، ڇاڪاڻ جو پنجاب جمهوري طريقي سان به حڪومت ڪري پيو سگهي. ڀٽو دور جي سمورن واقعن کي جيڪڏهن لسٽ ۾ رکي ڏسبو ته پتو پوي ٿو ته ڀٽو پنجاب ۾ پورهيت طبقي جي نعري ۽ هوشياريءَ سان آيو. هن سان گڏ پنجاب جو پروفيشنل ۽ دانشور به شامل ٿيو. ان جي ٽوڙ لاءِ پنجاب توڙي سنڌ جي شهري علائقن ۾ واپارين کي بيهاريو ويو. ان سان گڏوگڏ فڪري حوالي سان مذهبي رنگ به شامل ڪيو ويو. هوڏانهن باقي بچيل پاڪستان جي صوبائي قوتن کي ڀٽو مخالف ڪيمپ ۾ ڌڪيو ويو. ايئن ڀُٽي کي هٽائڻ ۽ خاص طور تي پنجاب جي واپاري حلقن ۽ صنعتڪارن ڀٽي خلاف تحريڪ جو ساٿ ڏنو. ضياءُالحق ڀٽو جي معاشي ۽ سياسي نظام کي ڊاهي ان سان گڏ مذهب جو رنگ چاڙهي ملڪ جي معيشيت ۽ سياست تي اهڙا نقش ڇڏيا، جيڪي ٽن ڏهاڪن کان به مٿي عرصو گذرندي به مٽائي نه سگهيا آهيون.
ضياءَ دور ۾ سازگار حالتون ٺاهيون ويون ۽ اها سوچ پيدا ڪئي وئي ته پنجاب جڏهن اڪثريت ۾ آهي ته هروڀرو ٻئي ڪنهن صوبي جو سهارو ڇو وٺي؟ نتيجي ۾ مسلم ليگ کي هڪ دفعو ٻيهر جياريو ويو، جنهن کي آهستي آهستي وڌائي مسلم ليگ نواز تائين آندو ويو. ملڪ جي هن وڏي صوبي مان باقي سمورين پارٽين جي پاڙ پَٽي وئي. نوي واري ڏهاڪي ۾ جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي بينظير ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ٻه دفعا حڪومت ۾ آئي، پر سندس اها حڪومت دراصل پنجاب جي واپاري ڪلاس ۽ صنعتڪار طبقي سان ٺاهه جي شڪل ۾ بيٺي هئي. نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هن ڏهاڪي ۾ ڪنهن به مرحلي ۾ مستحڪم حڪومت طور نه رهي. جڏهن پنجاب جي ڪردار جي ڳالهه ڪريون ٿا ته دراصل پنجاب جي حاوي طبقن ۽ انهن جي طرفان ٺاهيل اهڙي Narrative جي ڳالهه ڪريون ٿا، جيڪو هن صوبي جي باقي طبقن کي پاڻ ۾ جوڙي ڇڏي ٿو. بلڪل اهڙي نموني سان جيئن ڪجهه معاملن تي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي قوم پرست ڌرين جو نعرو هڪ جهڙو رهندو آيو آهي.
2013ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي پنجاب مان ڌوپجي ويئي. نواز ليگ وفاق توڙي پنجاب جي حڪومت ۾ آئي. نواز ليگ 2008ع جي چونڊن ۾ به پنجاب صوبي جي حڪومت ٺاهي هئي. 2013ع جي چونڊن جا نتيجا اچڻ شرط عمران خان نواز ليگ جي حڪومت کي ڊاهڻ جون ڪوششون شروع ڪيون. اها ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي. عمران خان جي تحريڪ پنجاب جي سرحدن کان ٻاهر نه نڪتي، نه وري نواز شريف حمايت لاءِ پنجاب کان ٻاهر يعني ٻين صوبن ڏانهن آيو. اها سموري ويڙهه پنجاب ۾ ئي ٿيندي رهي، يعني اها پنجاب جي اندروني لڙائي بڻجي وئي، جنهن ۾ پنجاب جا حڪمران طبقا ۽ ڌريون بالادستيءَ لاءِ جهيڙو ڪري رهيون هيون. ضياءُ الحق جي دور ۾ پنجاب ۾ نوان پاور بروڪر اهي بڻيا، جيڪي سٺ يا ستر واري ڏهاڪي ۾ مذهبي جماعتن جي شاگرد تنظيمن سان تعلق رکندا هئا. ائين پنجاب جي واپاري طبقي ان نئين پاور بروڪر تي هٿ رکيو. نواز شريف شهري ۽ وڏي واپاري طبقي جي نمائندي طور اڀريو. پنجاب جي سياسي معيشت جو جائزو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن واپاري ۽ صنعتڪار طبقي مذهبي لڏي سان اتحاد ڪيو. جيڪو اڄ به مختلف شڪلين ۾ موجود آهي. ائين پنجاب جي هڪ نئين اشرافيه ڀرپور طريقي سان سامهون آئي. جنهن جو وڏو اظهار نواز ليگ آهي.
معيشت ۾ ڦهلاءَ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي پنجاب جي معيشت جي زرعي حصي ۾ تبديلين جي اثرن جو سماجي ۽ سياسي اظهار ٿيڻ لڳو. ائين چئي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ نوان پيدا ٿيل طبقا شهري هئا ۽ سياسي نمائندگي به شهري طبقي وٽ هلي وئي. پيپلز پارٽي زميندار يا ڳوٺاڻي طبقن تي پنهنجو انحصار پئي ڪيو. ٻئي طرف ملڪ جي عسڪري ادارن جي گرفت سمورن معاملن تي مضبوط رهي. نتيجي ۾ نوان طبقا پنهنجو اختيار ۽ اقتدار وڌائڻ پيا چاهين پر انهن کي اهڙي اجازت نه پئي ملي، جو طاقت جو توازن تبديل ٿي سگهي.
بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ٿيل جمهوريت بابت ٺاهه جي هڪ تشريح اها به آهي ته اهو سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ نئين سر ٺاهه ۽ خود واپاري، صنعتي طبقن ۽ زميندار طبقن جي وچ ۾ ٺاهه هو. اڃا اها جنگ هلي رهي هئي ته معيشت جي ڦهلاءَ سبب هڪ ٻيو طبقو، جنهن کي پروفيشنل طبقو چئي سگهجي ٿو، ان ۾ وڪيل، انجنيئر، ڊاڪٽر، سافٽ ويئر يا سروسز سيڪٽر ذريعي يا پرڏيهه مان ئي ايندڙ شامل آهن. اهي ماڻهو هڪ صاف شفاف نظام چاهين پيا. انهن جي نمائندگي تحريڪِ انصاف وٽ آهي. اها لڙائي پنجاب ۾ وڏي پيماني تي ان ڪري وڙهي پئي وڃي، جو اتي وڏيون سياسي ۽ معاشي ۾ تبديليون آيون آهن. سياسي معيشت ۾ تبديلين جا اثر باقي صوبن ۾ ايترا پڪا ۽ مضبوط ناهن.
پنجاب ۾ انهن ٻن قسمن جي طبقن جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جا ڪجهه دلچسپ پهلو به آهن. انهن ٻنهي جي نمائنده جماعتن جي موقف ۾ تضاد آهي. شهري آزادين ۽ حقن کان سواءِ پروفيشنل طبقا وڌي ويجهي نٿا سگهن. پر اهي سودي بازي ڪري اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيٺا آهن. نواز ليگ، جنهن کي صنعتڪار ۽ واپاري طبقي جي نمائنده جماعت طور انهن پروفيشنل طبقن کي اسپيس ڏيڻ گهرجي، پر هو ائين نه ڪري رهي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا پنجاب پنهنجي سياسي قيادت تبديل ڪرڻ گهري ٿو؟ يا اهو ته عمران جي تحريڪن وسيلن پنجاب ۾ سياسي قيادت تبديل ٿي ويندي؟ پنجاب ۾ اڃا تائين شهري علائقن ۾ صنعتڪار ۽ وڏو واپاري سندس حمايت ڪري ٿو. ٻهراڙين ۾ ڪنهن حد تائين پيپلز پارٽيءَ جو اثر آهي. پيپلز پارٽي انهيءَ آسري ۾ آهي ته ڪو اهڙو ڦيرو ڦري، جو سندس ڀاڳ وري. يعني نواز ليگ جي اندر ڏڦيڙ پوي ته پيپلز پارٽي فائدو وٺي يا وري اهو ته تحريڪ انصاف پيپلز پارٽي سان ٺاهه ڪري. عمران خان پروفيشنل ۽ ننڊي واپاري طبقي جي نمائندي طور بيٺل آهي. ان صورت ۾ امڪان نٿو لڳي ته ڪو عمران خان چونڊن ۾ نواز ليگ کان ڳرو ٿي ويندو. هو ڀلي پروفيشنل يا وچولي طبقي جي ذريعي وڏا وڏا جلسا، جلوس ۽ احتجاج ڪري پر پنجاب جي نمائندگي حاصل ڪري وٺي، سو ڏکيو ڪم ٿو لڳي. ان لاءِ کيس وري به ڪنهن ٻئي طبقي جي نمائنده جماعت سان ٺاهه ڪرڻو پوندو. يا وري اهو سمجهيو وڃي ته پنجاب چونڊيل ۽ مقبول حڪومت جي ذريعي معاملا هلائڻ بدران اٽڪل بازي واري حڪومت وسيلي هلائڻ چاهي ٿو ته پوءِ ممڪن آهي ته عمران خان کي ڪو سيٽ اپ ٺاهي ڏي. پر اهو سيٽ اپ ڪو مضبوط نه هوندو
خميس 31 آگسٽ 2017ع

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home