Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, December 08, 2017

لنڊن گڏجاڻيءَ ۾ ٿيل فيصلن کانپوءِ نوازشريف جي وطن واپسي!

خميس 02 نومبر 2017ع
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لنڊن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت ستن وزيرن سان ٿيل گڏجاڻي ۾ پارٽي ۽ اُن جي حڪومت کي درپيش مسئلن، ايتري قدر جو ايندڙ چونڊن بابت به حڪمتِ عملي جو خاڪو جوڙي ورتو آهي. دلچسپ ڳالهه آهي ته اهڙي حڪمتِ عملي جوڙڻ جي ٻن ڏينهن کانپوءِ يعني اڄ خميس ڏينهن احتساب عدالت ۾ شنوائي تي اچي رهيو آهي، پر هن ملڪ اندر اچي پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي يا صلاح مشوري ڪرڻ بدران حڪمتِ عملي بابت فيصلا لنڊن ۾ ڪرڻ کي ترجيح ڏني. ان لاءِ پارٽي ۽ حڪومت ۾ اهم ذميواريون نڀائيندڙ اڳواڻن کي هن لنڊن گهرايو. هن شايد ملڪ اندر اهڙا صلاح مشورا ڪرڻ مناسب يا محفوظ نه سمجهيا يا وري اهو آپشن هو ته ميان صاحب ايندڙ شنوائي تي احتساب عدالت ۾ غيرحاضر رهي. ان ڪري سياسي اصطلاحون گهڙيندڙ ۽ اصطلاحن کي معنائون ڏيندڙ نواز ليگ جي هن گڏجاڻيءَ کي ”لنڊن پلان“ ڪوٺي رهيا آهن. شڪر آهي، جو پنجاب سان واسطو رکندڙ پارٽي ۽ اڳواڻن اهڙي گڏجاڻي ڪئي. جيڪڏهن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جا اڳواڻ ڪا اهڙي گڏجاڻي ڪن ها ته ان گڏجاڻي کي سازش قرار ڏنو وڃي ها. لنڊن ماضي ۾ به پاڪستان جي سياستدانن جو ڳڙهه رهيو آهي. اتي پهتل سياستدان مختلف وقتن تي ملڪي سياست بابت مختلف فيصلا ڪندا رهيا آهن. نيشنل عوامي پارٽي تي به ”لنڊن پلان“ جو الزام هڻي ان کي ملڪ دشمن سڏيو ويو. شيخ مجيب الرحمان واري ”اگرتلا سازش ڪيس“ جو به هڪ حصو لنڊن جي ڪنهن گڏجاڻي جي حوالي سان هو. بعد ۾ ممتاز ڀٽو، حفيظ پيرزادي به ڪنفيڊريشن وارو فارمولا لنڊن ۾ ٺاهيو يا پڌرو ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو به نواز شريف سان ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ تي صحيحون لنڊن ۾ ڪيون هيون. شايد لنڊن ۾ سياستدان وڌيڪ آزاديءَ ۽ تخليقي صلاحيتن سان سوچي سگهن ٿا، يا گهُمي ڦري سگهن ٿا، کين اهي سڀ شيون ملڪ اندر ميسر ناهن.
بهرحال اسين هن کي لنڊن پلان نه، پر لنڊن گڏجاڻي ڪوٺيون ٿا. اطلاع آهن ته نواز ليگ جي مُک اڳواڻن جي انهيءَ گڏجاڻي ۾ احتساب عدالت ۾ هلندڙ ڪيس، اُن جي امڪاني فيصلي، اسٽيبلمينٽ سان ڌرين جي موجوده امڪاني اپائن بابت ويچار ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب گڏجاڻي ۾ پارٽي جي اڳواڻي بابت ويچار اهم هو، ڇاڪاڻ جو مريم نواز جو نيويارڪ ٽائيمز کي ڏنل انٽرويو ان ڳالهه جي کول ڪري ڇڏي ته هن خاتون جي وزيراعظم جي عهدي تي اک آهي. ان تي خاندان توڙي پارٽي اندر ”بي چيني“ پيدا ٿي رهي هُئي. بي چيني جو اظهار وري ان شڪل ۾ ڪيو پئي ويو ته مريم نواز جي پاليسي ۽ بيان پارٽيءَ کي ادارن سان ٽڪراءَ ڏي ڌڪي رهي آهي، جنهن ۾ پارٽي کي نه هينئر فائدو آهي ۽ نه وري ايندڙ وقت ۾- اُن جي بدران اسٽيبلشمينٽ سان ٺهي هلڻ واري پاليسي اختيار ڪئي وڃي. پوءِ جڏهن لنڊن گڏجاڻي جا فيصلا غير رسمي طور سامهون آيا ته ڪُجهه ڳالهيون واضح ٿيون. (1) نواز شريف وطن موٽندو ۽ اچي ڪيسن کي منهن ڏيندو. (2) پارٽي اسٽيبلشمينٽ/ادارن سان ٽڪرائن واري پاليسي نه رکندي، ان جي بدران ايندڙ چونڊن جي مقصد کي سامهون رکي ان مطابق اڳتي پير وڌائيندي. (3) شهباز شريف کي اجازت ڏني وئي ته هو سگهارين ڌرين سان ڳالهائي ۽ ڀلي پارٽي پاليسي مصالحت واري ٺاهي. (4) ايندڙ چونڊن بعد شهباز شريف کي وزيراعظم بڻايو ويندو.
هن وقت تائين ان پاليسيءَ جا جيڪي نقطا سامهون آيا آهن، تن موجب ڄڻ پارٽي اندر وچٿري واٽ رکڻ وارن کي مٿڀرائپ حاصل ٿي آهي. پر هڪ ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي ته پارٽيءَ جون واڳون نواز شريف جي ئي هٿ ۾ رهيون. نواز شريف پارٽي جو صدر رهي، اها ڳالهه نه رڳو نواز شريف لاءِ، بلڪه خود پارٽي لاءِ به فائديمند سمجهي پئي وڃي، ڇاڪاڻ جو سندس اڳواڻيءَ ۾ پارٽي جون مختلف لابيون ۽ گروپ متحد آهن. ٻيو اهو ته ايندڙ وقت ۾ نواز شريف جي مظلوميت تي همدرديءَ جو ووٽ ملي سگهي ٿو. اڳي رڳو پيپلز پارٽي همدرديءَ جو ووٽ کڻندي رهي آهي، هاڻي نواز ليگ به ان ونڊ ۾ شريڪ ٿي ويندي. اهڙي صورت ۾ وچٿري واٽ رکندڙن ۽ ٽڪراءَ کان پاسو ڪندڙن کي به ڪو اعتراض نه هوندو، ڇاڪاڻ جو ووٽ بهرحال انهن جي به مجبوري آهي، پوءِ اهي کڻي ڪهڙي نالي ۾ يا ڪهڙي به طرح سان ملن. ايئن پارٽي کي حڪومتي ڪارڪردگيءَ سان گڏ هڪ ٻيو حصو به ووٽن ۾ ملي ويندو. هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته نواز شريف عدالت توڙي سياسي ميدان ۾ بيٺو آهي ته مجموعي طور اهو تاثر جڙي ٿو ته اهو جمهوري عمل ۽ سويلين بالادستيءَ لاءِ سٺو آهي. اهڙي صورت ۾ پاڻ کي جمهوريت پسند سمجهندڙن جو ووٽ به نواز ليگ جي کاتي ۾ ويندو. پر ڳالهه ۾ ڪجهه هنڌن تي رولو آهي. جيڪڏهن احتساب عدالت نواز شريف کي سزا ٻڌائي ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ پارٽي ڪرپشن جي الزام ۾ سزا کاڌل جي اڳواڻي ۾ اليڪشن ۾ ويندي؟ گهڻو امڪان اهو آهي ته پارٽي وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن به ناهي.
لنڊن واري گڏجاڻي ۾ فيصلن بابت سياستدانن جا مختلف رايا ۽ تبصرا آهن. پيپلز پارٽي جو اڳواڻ اعتزاز احسن، جنهن کي پنجاب جي ترجمان طور هاڻي سڃاتو وڃي ٿو. هو چوي ٿو ته نواز شريف لنڊن مان اچي جارحاڻه پاليسي اختيار ڪندو، جڏهن ته هو مائنس ون فارمولا کي صحيح ٿو سمجهي. پيپلز پارٽي جو ٻيو اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چوي ٿو ته شهباز شريف کي ايندڙ چونڊن ۾ وزيراعظم بنائڻ سياسي فيصلو ڪيو آهي. لفظ ”سياسي فيصلي“ جي هن ڪا وضاحت نه ڪئي آهي، جنهن جي هاڪاري ۽ نهڪاري ٻنهي طريقن سان تشريح ڪري سگهجي ٿي. يعني اهو ته مصلحت پسندي وارو ۽ وقتي فيصلو آهي. ميان صاحب خود چوي ٿو ته عوام کان سواءِ ڪو ٻيو فيصلو نٿو ڪري سگهي. مطلب مائنس ون لاءِ دٻاءُ موجود آهي.
اهو ته ٺيڪ آهي جيستائين ڪيس هلي پيو، تيستائين نواز شريف پارٽي ۽ وفاقي حڪومت کي ڪنٽرول ڪري ويٺو آهي، پر جيڪڏهن کيس سزا اچي ٿي ته ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿيندي ته ميان صاحب تي اڃا تائين دٻاءُ جاري آهي، جنهن ۾ واڌارو به اچي سگهي ٿو. ان صورت ۾ سڀ کان وڏو امتحان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو هوندو. هڪ طرف هو وزيراعظم طور پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ گهرندو. ٻئي طرف اهڙي دٻاءَ جي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ به شاهد خاقان عباسي کي نواز شريف جي مرضي وارا فيصلا ڪرڻ ۽ پاليسيون هلائڻ نه ڏيندي. پوءِ ڀلي کڻي وزيراعظم عباسي ڪيترو توازن رکڻ جي ڪوشش ڪري. ان موقعي تي پارٽيءَ ۾ موجود ٻه ٻيا فيڪٽر هڪ دفعو ٻيهر اڀري سامهون ايندا. هڪ چوڌري نثار وارو فيڪٽر، جيڪو ٻه ڳالهيون ڪري ٿو، هڪ اها ته 1970ع جهڙي صورتحال آهي، يعني حڪمران ۽ اڪثريتي پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ٽڪراءُ آهي. ٻيو اهو ته پارٽي هڪ اڳواڻ جا مفاد بچائڻ لاءِ ڪم پئي ڪري. ايئن چوڌري نثار وارو فيڪٽر پارٽي اندر ڪجهه مٿڀرائپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ٻيو مريم نواز جو فيڪٽر آهي، جنهن کي تازي حڪمت عملي موجب ڪو پاليسي بيان ڏيڻ کان جهليو ويو آهي. مريم نواز رڳو اهو نه ته هوءَ اڳوڻي وزراعظم جي ڌيءَ آهي، بلڪه هن پنهنجي سرگرمين ۽ لاهور واري ڇوٽي چونڊ کٽي، سخت موقف اختيار ڪندي (جنهن کي ٽڪراءَ واري پاليسي جو نالو ڏنو پيو وڃي) پنهنجو هڪ الڳ پروفائيل به ٺاهيو آهي ته ساڳئي وقت خاص طور تي ورڪر لڏي وٽ سندس حامين جو حلقو پڻ ٺهيو آهي.
نواز ليگ جي اڻ اعلانيل هن حڪمتِ عملي جي باوجود اهو چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو ته پارٽي هڪ ئي حڪمتِ عملي جوڙي ورتي آهي ۽ ان تي ئي عمل ڪندي رهندي. مثال طور شهباز شريف جي ذمي جيڪي معاملا ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ڪيتري اڳڀرائي ٿئي ٿي؟ هن پاليسي تي سياسي ۽ غيرسياسي ڌرين جو عملي طور موقف ڇا ٿو بيهي؟ وغيره. اهم فيڪٽر خود عدالت به آهي. اهو صحيح آهي ته ايندڙ چند ڏينهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سياسي فضا تي ڇانيل رهندو پر عدالت جي ڪارروائي ۽ ان جو فيصلو سياسي فضا کي تبديل ڪري سگهي ٿو. ڏسجي ته نواز شريف، سندس ٿاڦيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ شهباز شريف ڪيتري سياسي ڪاريگري ڪري گيم پنهنجي حق ۾ بيهارين ٿا ۽ پارٽي جي حڪمرانيءَ کي جون ۾ متوقع چونڊن تائين پهچائي، سندن لاءِ موزون نگران حڪومت جوڙي سگهن ٿا.
خميس 02 نومبر 2017ع

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home