Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, December 08, 2017

اسٽيبلشمينٽ ڪنهن نئين ”سياسي فارمولا“ تي ڪم ڪري رهي آهي؟

اربع 15 نومبر 2017ع
   اسين ٽولو ٺاهي وياسين ميلو گهمڻ. اتي ملاکڙي ۾ پهلوانن جي لئه لڳي پئي هُجي. پهلوان ملهه دسي ته دهل شرنايون وڄيو وڃن. اهو ڏسي سوٽ صدوري کي ملهه وڙهڻ جو شوق ٿي پيو. قميص لاهي، سندرو ٻڌي، ميدان ۾ لهي پيو. سامهون بڪيرن جو هڪ ڪٽ مست پهلوان هجي. ائين پيو ٽپ ڏي، جهڙو سانوڻيءَ ۾ پاڏو پيو ڪُڏي. تنهن اچي سوٽ جي سندري ۾ هٿ وڌا. ساڄي ٽنگ کي اندريون ۽ کاٻي کي ٻاهريون انگڙو هڻي، زمين تان پير پٽي، مٿي کڻي ائين  اچي ٿو ڦيرائيس، جهڙو واشنگ مشين ۾ پاجامو پيو ڦري. ڦيرائي  ڦيرائي زپ جو پٽ تي هنيائين ته سوٽ جا ڪم لهي ويا. نٿو ڪهيريءَ واري ڳالهه ته ”ادا ٺر ڳيا“. اسان ڊوڙي وڃي تريون هڻي همراهه کي هوش ۾ آندو ۽ ائين ڊاٽسن تي لوڊ ڪري کنيوسين، جهڙو ٻٻر جي دوڳي پئي آرا مشين ڏانهن وڃي. گهر پهتاسين ته همراهه کي سورن جا جل هُجن. ائين پئي رنڀ پويس، جهڙو ڊليوري جو ڪيس هُجي. اسان جي گهر ۾ ايريال پوکيل هو. ان جا پنا ڪٽي، ٽانڊن تي سيڪي، ان جي ٽاڪور ڪيم ته مس وڃي سامت ۾ آيو. منهنجو ٿورو لاهڻ لاءِ هن مونکي هڪ جائو ڪڪڙ تحفي ۾ ڏنو. ڪڪڙ اڃان ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ هو. سندس کڙهون به هاڻ پئي نڪتيون. ڪڪڙ ڪو کريل ۽ بد عادتو هو، سو ڪڏهن هن جو لوڙهو پيو ٽپي ته ڪڏهن هُن جو. روز اوڙي پاڙي مان مونکي دانهن پئي ملي. انهيءَ  وهيءَ ۾ منهنجا لڇڻ به اهڙا ئي هُئا. ان ڪري امان مونکي بورچيخاني ۾ واڙي، ان جو ڏاڪائون در بند ڪري تالو هڻي ڇڏيندي هُئي. ان وانگر مون به ڪڪڙ کي بورچيخاني ۾ بند ڪري ڇڏيو. اوچتو ماسات ماڪوڙي واري ڦُلي ڪڪڙ تي ان جي نظر پيئي ته ايئن پيو ڦيريون پائي، جهڙو انڌي کي زيتون جي خوشبوءِ آئي هُجي. پويان سيخ واري دريءَ مان ڦُليءَ  ويجهي آئي ته وٺي ٿو ڪلام ڳائي، ”آيا اڱڻ عجيب، نصيب ڀلا. اهي اڱڻ چُمان يا عجيب چُمان.“ ڦُليءِ وري جواب ۾ چيو: ”ڳاڙهي وڳي وارا، وڻين ٿو وڻين“. اهو ٻڌي ڪڪڙ مست ٿي پيو کنڀڙاٽيون هڻي. ڀڙڪو کائي، اڏامي، بورچيخاني جي روشندان مان ٻاهر نڪري آيو. پوءِ ته ٻئي ڄڻا وڃي مون واري منڊڙي بي اولاد گڏهه جي وٿاڻ وٽ پهتا. اتي ڪڪڙ صفا رومانٽڪ ٿي فلمي گانو ڳائڻ لڳو: ”ڪيا هي جو پيار تو پڙي ڪا نڀانا، رک ديا قدمون مين دل نذرانه! قبول ڪرلو!“ پوءِ سينو تاڻي ڦُليءَ کي دل ڏيکارڻ لڳو. ڦُليءَ اهڙو ته ٺونگو هنيس، جو ٽاهه کائي منڊڙي گڏهه جي پيرن ۾ پيو. گڏهه کي به باهيون هجن، جو سوير کان سندس غير اخلاقي حرڪتون پئي ڏٺائين، سو ڪاوڙ مان ٺڪا ٿي لت هڻي ته ڪڪڙ جا آنڊا گُجا ٻاهر! ڦُليءَ ڏٺو ته خون ٿو ڳچيءَ ۾ پوي، سو لوڙهو ٽپي پنهنجي گهر هلي ويئي. مون ڊوڙي اچي ڏٺو، چيم، هل ڙي! بيوفا محبوب جي پٺيان عاشق جان جو نذرانو ڏيو بيٺو آهي. سوچيم حلال پکي ٿو حرام ٿئي، سو ان کي ڪُهي، گوشت جو ٿالهه ڀري آڻي طوطن ماءُ کي ڏنم. چيومانس، ”مهيني کان اسان کي اُکرلي ۾ ڪٽيل مرچن سان ماني کارائي آنڊا ساڙي ڇڏيا اٿئي. اڄ ڪڪڙ جو ٻوڙ رڌي کارائي ته آنڊي تان ڪٽ لاهيون.“ طوطن ماءُ چيو، ”مئا، اهو ٻوڙ رڌڻ لاءِ بصر ۽ ٽماٽا ٿا کپن، بيضو ڪونهي، جو توکي اُٻاري ڏيان!“ اهو ٻڌي منهنجو منهن لهي صفا ڦاٽل رلڪي جهڙو ٿي پيو. کيسي ۾ 10 رپيا به نه هجن. آئون اداس ٿي ڪٽهڙي تي ائين گوڏا اُڀا ڪري وڃي ليٽيس، جهڙو ٻُهاري تي تڏ ويٺي هُجي.
اوچتو نورل نماڻو ۽ ڏاڙهون ڏُکايل اچي پهتا. منهنجي اهڙي حالت ڏسي انهن چيو ته، ڏاڙهون ڏُکايل ٻڌايو ته، ”ڀر واري ڳوٺ ۾ رئيس ڪمال خان ڪنجوسائي جي زال کي جن ٿيو آهي. ويچارو ڏاڍو پريشان آهي. مون کيس ليکو ڏنو آهي ته طوطن پيءُ جن ڪڍڻ جو پڪو ماهر آهي. وڃي ڪي اُبتا سُبتا منتر پڙهي، رئيس مان مال پاڻي ڪڍي اچ.“ آئون راضي ٿي ويس. مون پنهنجي واڍڪي اوزارن جو ٿيلهو کنيو ۽ وڃي ڪمال خان ڪنجوسائي وٽ پهتاسين. مون سندس زال جو جن ڪڍڻ لاءِ سندس ڪمري جو در اندران بند ڪيو. مائي مونکي ڏسي، منهن چٻو ڪري اکيون ڦوٽاڙي ڏند ڪڍي ڊيڄارڻ لڳي. چيومانس، انهي کان وڌيڪ بُڇڙي شڪل مون واري سس ماسي ناٿي نانگڻ ڪندي آهي. آئون ان کان به ڪو نه ڊڄان تون ڇا ڊيڄاريندينءَ؟ هن زور سان ڪيڪون ڪندي چيو، ”آئون ڪوهه قاف جو خطرناڪ جن آهيان، تون هليو وڃ، نه ته آئون تنهنجو  ڪنڌ ڀڃي ڇڏيندس!“ چيومانس، ”جن ڪڍڻ جي آڙ ۾ ماڻهو ماريندڙ ڀوپن کان وڌيڪ آئون ظالم عامل آهيان. سچي ٻڌاءِ توکي جن آهي يا مڪر ٿي ڪرين؟“ سچي پچي جن آهي ته آئون انبوري سان تنهنجو نڪ جهلي، ٻنهي ڪنن جي وچ ۾ آر پار گرمٽ ڦيرائينديس ته تو وارو جن ڀڄي ويندو! مائي ڪڇي ئي نه، مون ٿيلهي مان انبوري، گرمٽ، واهولو ۽ ڪارائي جهڙا اوزار ٻاهر ڪڍيا ته مائي ڊڄي وئي. چئي: ”ادا عامل، مون کي جن ڪونهي، رئيس بنهه ڪنجوس آهي، مونکي ٽچ اسڪرين وارو موبائل نٿو وٺي ڏي، تڏهن اهو ڊرامو ڪيو اٿم.“ مون ٻاهر نڪري رئيس کي چيو ته، ”جن کي مون ڏاڍو مايو آهي. هن ٽچ اسڪرين وارو موبائل گهريو آهي. اهو مليس ته هليو ويندو!“ ٿوري دير ۾ موبائل اچي ويو. اهو وڃي مائيءَ کي ڏنم. مائيءَ وڃي پيتيءَ ۾ لڪايو. اتي هڪڙو ننڍڙو ڪوئو پئي هليو، اهي جهلي مون برنيءَ ۾ بند ڪيو. ٻاهر نڪري رئيس  کي چيم ته، ”علم جي زور تي مون جن کي ڪُئو بنائي قيد ڪري ڇڏيو آهي. توکي مبارڪون هجن. تو واري مائي هاڻي جن کان آزاد آهي.“ اهو ٻڌي رئيس ڏاڍو خوش ٿيو. اوطاق تي آياسين ته هڪ هڪ کارو بسڪوٽ ۽ اڌ اڌ ڪوپ چانهه جو پياريائين. مون جن ڪڍاڻي جي فيءَ گهري ته چئي، ”يار! پاڙي جي ڳالهه آهي، ڇا جي في! ان جو ڪٽو کڻي وڃجان!“ مون سوچيو ته رئيس آهي ئي ڪنجوسائي، سو شرافت سان پئسا ڪونه ڏيندو. تيسين ڪُئي برنيءَ ۾ ٽپ ڏيڻ شروع ڪيا. مون ان سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. رئيس چيو، ”جن ڇا ٿو چئي؟“. چيم، جن چئي ٿو ته، رئيس توکي پئسا نه ڏي ته مونکي ٻاهر ڪڍ ته ان ۾ ٿو داخل ٿيان ۽ کيس گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ نچائي خوار نه ڪريان ته آئون به جن جو پُٽ ئي ڪو نه آهيان! اهو ٻڌي رئيس ڊڄي ويو، مونکي پنج هزار ڪڍي ڏنائين.
آئون سيڌو سامان وٺي گهر پهتس ته گهر جو ماحول جيڪو اڻ هوند ۾ صفا تين تلوار لڳو پيو هو، سو پُرسڪون ٿي ويو. آئون ماني ٽڪي کائي، کير جو وٽو پي سمهي پيس. ڪلاڪ ٻن کانپوءِ برنيءَ ۾ قيد ٿيل ڪوئو برنيءَ کي ٽڪي ٻاهر نڪري آيو. ابا اهو سچ پچ ڪو جن هو. ڪمري ۾ دونهون پکڙجي ويو. دونهين مان ظاهر ٿي وڏا ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”حڪم ڪريو آقا.“ پهرين ته مون کي ڊپ ٿيو. پوءِ سوچيم هي جن واقعي منهنجي قبضي ۾ اچي ويو آهي، ڇو نه هن کان ڪي وڏا ۽ ڏکيا ڪم وٺجن. چيومانس جيڪي سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه پيا ڪن، تن کي وڃي سڌو ڪر. جن ويو هليو. ٿوري دير کان پوءِ چيائين حڪم جي تعميل ٿي ويئي، ٻيو حڪم ڪريو آقا! چيومانس، ”جيڪي برمين ۽ بنگالين کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ٿا ڏين، تن سان به ٻه پاڻي ڪري اچ! جن اهو ڪم به ڪري آيو ته چيومانس، جيڪي ڪالا باغ ڊيم جو رينگٽ پيا ڪن، تن جو به بِلو ڪر. ان کانپوءِ چيومانس ته جيڪي سنڌ يونيورسٽي جي معصوم نياڻين کي جنسي هراسان پيا ڪن تن کي به ڦيهه ڪڍي اچ. جن اهو ڪم ڪري آيو. پوءِ چيومانس ته، ”منهنجي ديس جي اقتدار تي جيڪي ڀوتار قابض آهن، تن کي هٽائي، ايماندار ۽ ڀلا ماڻهو ويهاري اچ“، جن ويو، ٿوري دير کان پوءِ آيو. موٽي اچي روئڻ لڳو. چئي: آقا اهي ڀوتار مونکان به زور آهن. مونکي پوليس هٿان ڏاڍي مار ڏياري، قتل ۽ دهشتگرديءَ جون ويهه ايف آءِ آرون ڪٽرائي لاڪپ ۾ وجهرايائون. چڱو جو آئون جن هئس، شڪل بدلائي، اتان نڪري آيس. چيومانس، ڀلا ٻڌاءِ ته انهن مان ڪيئن جند ڇُٽندي؟ چيائين: پنهنجي قوم جو شعور وڌايو. فقط ووٽ جي طاقت سان اهي نيست و نابود ٿي ويندا. ٻي ڪا به واهه ناهي آقا! مون کي ڪاوڙ اچي ويئي. مون جن کي گلي ۾ هٿ وجهي چيو نافرمان تون منهنجي حڪم کان انڪار ٿو ڪرين!؟ ابا اهو ٻڌي جن به منهنجي گلي ۾ جهلي ايڏو ته زور ڏنو جو منهنجي زبان ٻاهر نڪري آئي. ذري گهٽ مئس ٿي، مون زور سان رڙيون ڪيون ته طوطن ماءُ مونکي ڌونڌاڙي ننڊ مان اٿاري چيو، وري ڇا ٿيو طوطن پيءُ!؟ چيم خواب ۾ جن مون سان وڙهي پيو هو. طوطن ماءُ پهرين کلي پوءِ چيائين ماٺ ڪري، پاسو ورائي، سمهي پئو. ڪٿان آيا جن! هن دور ۾ ڀوتارن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه خطرناڪ جن ڪونهي!

اربع 15 نومبر 2017ع

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home