Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, December 11, 2017

وزير اعظم جي سياسي مستقبل لاءِ سپريم ڪورٽ پهتل رپورٽ!

اڱارو 18 جولاءِ 2017ع
سپريم ڪورٽ پنهنجي جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ آڏو ٻه ٽي سوال آهن، هڪ اهو ته رپورٽ جون فائينڊنگس ڪيتريون سگهاريون ۽ ڀروسي جوڳيون آهن؟ ٻيو اهو ته اها انهن فائينڊنگس مان ڪهڙين فائينڊنگس تي ۽ ڪيئن عمل ڪري؟ اها ڳالهه سومر ڏينهن تي شنوائي ڪندڙ بينچ جي هڪ جج به پنهنجي رمارڪس ۾ چئي. پاناما ڪيس جو اڃا حتمي فيصلو نه ٿيو آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ ان تي عمل ڪرڻ وارن پهلوئن تي بحث هلي پيو. ان دوران وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب جي ڀاتين جي آءِ ٽي رپورٽ تي اعتراض واريندي عدالت ۾ درخواست به ڏني آهي، جنهن ۾ رپورٽ کي بدنيتيءَ تي ٻڌل ڪوٺيو ويو آهي. هن کان اڳ وزيراعظم، سندس ڪٽنب توڙي ڪابينا ۾ موجود سندس ويجها ساٿي ان سڄي معاملي کي چونڊيل ۽ سويلين حڪومت خلاف سازش سڏي رهيا هئا، پر ترت ئي وزيراعظم واري ڌر پنهنجي انهيءَ موقف تان ٿورو پوئتي هٽي ۽ ان رڳو جي آءِ ٽي، ان جي طريقي ۽ ڪارڪردگيءَ کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
هن سڄي تحرڪ کي ان ڪري به سازش سڏيو پئي ويو، جو سڄي معاملي جي پٺيان تحريڪِ انصاف هئي، جيڪا نواز ليگ حڪومت خلاف پهرين ڏينهن کان احتجاج ڪندي وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي. معاملو 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن کان شروع ٿيو هو ۽ پوءِ ڌرڻن تائين ڳالهه پهتي. پر تڏهن پارليامينٽ ۾ موجود سياسي پارٽيون نواز ليگ جو ساٿ ڏئي رهيون هيون، جڏهن ته پاناما ڪيس ۾ ائين نه ٿي سگهيو. اهو درست آهي ته باقي پارٽيون تحريڪ انصاف وانگر احتجاج تي نه لهي آيون هيون، پر انهن کي موقعو ملي ويو آهي ته 2018ع وارين چونڊن جي ويجهي اچڻ سان ان مان فائدو وٺن ۽ حڪمران جماعت نواز ليگ توڙي خود نواز ليگ جي پوزيشن ڪمزور ڪن، ان ڪري پاناما ڪيس هڪ سياسي تحريڪ بڻجي ويو. جڏهن معاملو سياسي تحريڪ بڻجي ويندو آهي ته ان مان حڪمرانن کي سازش جي بوءِ اچڻ شروع ٿيندي آهي. اها تحريڪ پهرين نواز ليگ جي حڪومت خلاف هئي، جنهن جو وزيراعظم نواز شريف هو، پر پوءِ اها تحريڪ نواز شريف ۽ ان جي ڪٽنب جي ڀاتين خلاف نظر اچڻ لڳي. ان تحريڪ کي ڪيئن منهن ڏجي، ان تي نواز ليگ ڪابينا، پارلياماني پارٽي ۽ خود شريف خاندان به هڪ پيج تي نه هو.
سياسي پارٽين جو خيال هو ته صرف وزيراعظم کي ئي ٽارگيٽ بڻائجي، ائين نواز ليگ پنهنجو پارلياماني ليڊر تبديل ڪري ٿي ته ائين ڪرڻ سان اڳتي هلي خود نواز ليگ ڪمزور ٿيندي ۽ ممڪن آهي ته ان ۾ گروهه بندي به ٿي وڃي. اهو هڪ ڀڃ ڊاهه وارو ۽ ڪجهه وڌيڪ مدت وٺندڙ، پر پنهنجي جوهر ۾ سياسي عمل هو، جڏهن ته تحريڪ انصاف وزيراعظم سان گڏوگڏ موجوده اسيمبلين جي خاتمي جي به ڳالهه ڪري رهي هئي. نواز شريف سان گڏ سندس اتحادين ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي بيٺل نظر اچن ٿا. ڪابينا اندر جيتوڻيڪ مجموعي طور ”ڊٽ جائو“ واري صورتحال آهي، پر وزير داخلا چوڌري نثار علي خان جو موقف مختلف سامهون آيو آهي. جيڪو ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلي ۽ ڳالهه بابت ٻين وزيرن کان مختلف راءِ رکي ٿو. ان ڏس ۾ هو هڪ هفتي اندر ٽي ڀيرا وضاحتون ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ هن بظاهر ساڻس منسوب ڪيل لفظن  جي ترديد ڪئي آهي، پر دراصل هن پنهنجي پاڻ کي وزيراعظم نواز شريف جي انهيءَ فيصلي کان پري رکيو آهي. چوڌري نثار علي جي نواز شريف سان ٽيهارو کن سالن جي رفاقت آهي، پر سندس موقف ۽ رويو گهٽ ۾ گهٽ گذريل ٻن ڏهاڪن کان پنهنجي ليڊر کان مختلف رهيو آهي، جنهن جو عڪس ڪيترن ئي موقعن تي نظر ايندو رهيو آهي. ساڳي صورتحال پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي پڻ رهي، جنهن ۾ چوڌري صاحب شريڪ ئي نه ٿيو.
مجموعي طور اها ڳالهه پئي بيٺي ته ادارن سان ٽڪراءَ واري پاليسي اختيار ڪجي يا ٽڪراءَ ۾ نه وڃجي؟ بهرحال نواز شريف ۽ سندس ساٿين طرفان ”ڊٽ جائو“ واري پاليسي رکندي وري ان کان هٽڻ بعد اها صورت اڀري آئي، جو عسڪري اداري جي ميڊيا ونگ وضاحت ڪئي ته عسڪري ڌر جو پاناما ڪيس سان ڪو تعلق ناهي، اهو سپريم ڪورٽ کي اڪلائڻو آهي ۽ هو ملڪ ۾ آئين جي عملداري چاهين ٿا. هاڻي جيڪو به قدم کڄندو ۽ عمل ٿيندو، اهو سياسي ڌرين، پارليامينٽ ۽ عدليه وٽان ئي ٿيندو. اهو ئي سبب آهي، جو پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اهو موقف سامهون آيو آهي ته پيپلزپارٽي سمورا آپريشنز استعمال ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي مان استعيفائون ڏيڻ ۽ رستن تي اچڻ به شامل آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پيپلزپارٽي رڳو قومي اسيمبليءَ مان استعيفا ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، صوبائي اسيمبلي مان نه- سندس اهو مطالبو هڪ دفعو وري ان کي تحريڪ انصاف جي موقف جي ويجهو آڻي بيهاري ٿو. پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته جيڪڏهن عمران خان احتجاج ۽ رستن جي سياست تي نڪري پوي ته پوءِ ان جي لاءِ مشڪل ٿي پوندو ته اها پاڻ کي پري رکي، ڇاڪاڻ جو هن ڀيري جيڪڏهن تحريڪِ انصاف رستن تي آئي ته هرڪو رستن تي هوندو. ساڳئي وقت پيپلزپارٽي خود پارليامينٽ اندر کيڏڻ ۽ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ لاءِ زور ڀرڻ جو موقف ڏيکاري رهي آهي.
ملڪ جي موجوده بحران جي جيڪڏهن چير ڦاڙ ڪجي ته اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ عوام کي ته ڪجهه نه ڏيئي سگهيون، ساڳئي وقت انهن ٻنهي جمهوريت ۽ نظام جي محافظ هجڻ جي دعويدار پارٽين عوام کي به پاڻ کان پري رکيو. نتيجي ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو، سو عمران خان ڀريو، جنهن عوام کي موبلائيز ڪيو ۽ عوام کي پاڻ سان گڏ بيهارڻ جي ڪوشش ڪيائين. اهو ئي سبب آهي، جو عمران خان مضبوط نظر اچي ٿو ۽ اهي ٻئي پارٽيون ان کان ڪن هڻن ٿيون. انهن ٻنهي پارٽين اسٽيبلشمينٽ ۽ سماج ۾ موجود اشرافيه، يعني اپر ڪلاس ۽ بااثر ماڻهن جي بنياد تي سياست ڪئي. سندن سياست جو محور رڳو اليڪشن تي رهيو ته اهي ڪيئن کٽي سگهجن ٿيون. اهو صحيح آهي ته سياست اقتدار ۾ اچڻ جي راند آهي، اهو اقتدار اليڪشن جي ذريعي ۽ گڏوگڏ اسٽبلشمينٽ جي آشيرواڌ سان ملي سگهندو آهي، پر ان کان ٻاهر به هڪ وڏو جهان عوام جو آهي. عوام جا مسئلا آهن، انهن جو تحرڪ ۽ تحريڪ آهي، اهي جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي بيهن يا ڪو انهن کي اٿاري وجهي ته ڳالهه ڳري ٿي ويندي آهي. ان ڪري موجوده سياسي بحران جون پاڙون رڳو پاناما ليڪس ۾ ناهن، ان جون پاڙون ان نظام ۽ حڪمت عملي ۾ آهن، جيڪو ٻنهي پارٽين ۽ ان جي حامين ٺاهيو. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته پاناما ليڪس جيڪڏهن نه به اچي ها ته اوير سوير اهو سوال اٿڻو هو.
جي آءِ ٽي رپورٽ بابت مختلف رايا آهن. هڪ اهو ته عدالت امين ۽ صادق هجڻ واري سوال تي نواز شريف ۽ ان جي خاندان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏي. ٻيو اهو ته معاملو اليڪشن کي موڪليو وڃي. ٽيون اهو ته ان جو ريفرنس احتساب عدالت کي موڪليو وڃي. انهن مان پهريون آپشن شارٽ ڪٽ آهي، پر ان بابت اهي رايا ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا ۾ عام آهن ته امين ۽ صادق واري وصف تي ڪير به پورو نٿو لهي. اهو شرط ته آمر ضياءُالحق وڌو هو، جنهن جو مقصد سياستدانن کي ڪنٽرول ڪرڻ هو. ان ڪري ايندڙ وقت امڪاني طور پويان ٻه رستا آهن. ان پروسيس کي به ڪجهه وقت لڳندو. هن سڄي قصي کي ائين ڏسي سگهجي ٿو ته اصل معاملو موجوده وزيراعظم يا موجوده اسيمبلي ۽ موجوده نواز ليگ ناهي، بلڪه ايندڙ چونڊون ڪيئن ٿين ۽ انهن تي اثرانداز ڪيئن ٿي سگهجي؟ اهي سوال ۽ مقصد وڌيڪ اهم آهن.

نواز شريف عوام کي سازش بابت ڇو نٿو ٻڌائي؟

جمع 07 جولاءِ 2017ع
   پاناما پيپرز ۾ وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جي ملوث هجڻ وارو معاملو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ ملڪي سياسي گرمي پد ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. رڳو ايترو ئي نه پر نواز ليگ جي وزيرن ۽ شريف ڪٽنب جي فردن طرفان جاچ ڪندڙ ٽيم تي تنقيد جي تيرن جا تکا ۽ تڪڙا حملا پڻ ٿي رهيا آهن. وزير اعظم ۽ سندس ٽيم جي حڪمت عملي اها آهي ته جي آءِ ٽي آڏو باقاعدگيءَ سان پيش ٿبو. جيئن نظر اچي ته، ٽيم سان سهڪار ڪري رهيا آهن پر بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ميڊيا ۾ اچي ٽيم جي رويي ۽ ان جي ڪارڪردگي کي مڪمل طور لتاڙيو ويندو. هن وقت زميني صورتحال اها آهي ته جي آءِ ٽي تڪراري بڻجي وئي آهي. ائين ڪرڻ ۾ حڪومت طرفان اختيار ڪيل سياسي طريقا پنهنجي جاءِ تي آهن پر، ان ڪم ۾ عمران خان به ڪجهه هٿ ونڊايو آهي. سڀ کان وڏو ڪم جي آءِ ٽي وارن پاڻ ڪيو، جنهن ۾ ان حڪومت ۽ ان جي ڪجهه ادارن ۽ ماڻهن تي الزام هنيا. ٿيڻ ائين گهربو هو ته اها ٽِيم پاڻ کي اهڙي قسم جي الزامن يا سياسي ڳالهين کان پري رکي، پنهنجو ڪم ڪندي رهي ها. ائين سندس جاچ جي شفافيت برقرار رهي ها. ان ٽيم جي جوڙجڪ ۽ ڪنهن کي ميمبر نامزد ڪجي، ان معاملي به نواز ليگ جي ڳالهه کي وزن ڏنو ته، وزيراعظم جي خاندان کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي.
اصل ۾ هن ڪيس جا ٻه پاسا آهن. هڪ سياسي پاسو ۽ ٻيو انتظامي يا ڪرپشن وارو پاسو. پاناما ڪيس تي جيتوڻيڪ ٻين پارٽين به احتجاج ڪيو پر ان ڪيس ۾ جان ان ڪري پئجي سگهي جو عمران خان ڌرڻو هنيو. وفاقي گادي واري شهر ۾ صورتحال اهڙي پيدا ٿي وئي جو عدليه کي مداخلت ڪرڻي پئي. عمران خان طرفان پاناما اسڪينڊل تي احتجاج دراصل سندس پراڻي احتجاج جي تسلسل ۾ آهي، جيڪو هن 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هڻي ڪيو هو. ان الزام لاءِ جڊيشنل ڪميشن ٺهي عمران خان جو پهرئين ڏينهن کان اهو مطالبو آهي ته وزير اعظم نواز شريف استعيفا ڏي يا ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿئي جو سندس حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهجي. اهو مطالبو هن چونڊن ۾ ڌانڌلين مهل به ڪيو هو ته وري پاناما ڪيس ۾ به ڪيو آهي.  وزير اعظم کي ڪنهن هڪ شخص يا پارٽي جي خواهش يا فرمائش تي هٽائي نٿو سگهجي. ان کي هٽائڻ جو آئيني ۽ قانوني طريقو موجود آهي.
ٻيو پاسو اهو آهي ته ڪرپشن ڪئي وئي آهي، مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني طور اثاثا ٺاهڻ جا معاملا آهن. ان ڳالهه جي ضرور جاچ ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ خاص طور تي جنرل ضياءَ الحق جي دور کان حڪومت ۽ ڪاروبار يا ڪاروبار ۽ سياست پاڻ ۾ گڏ وچڙ ٿي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ نه سياسي فضيلت سان يا صاف سٿري ٿي رهي آهي ۽ نه ئي وري ڪاروبار ۽ معيشت ۾ ميرٽ، معيار ۽ ترقي جا ڪي اهڃاڻ نظر اچن ٿا. جيڪڏهن وزير اعظم يا پارٽي جي سربراهه وٽ کنڊ جا ڪارخانا هوندا ته ان جي حڪومت جون کنڊ بابت پاليسيون لازمي طور تي شڪ جي نگاهه سان ڏٺيون وينديون. اتان کان ئي ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جون حدون شروع ٿي وڃن ٿيون. نتيجي ۾ سمورو ڪرپشن جو بار ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. عوام رڳو اهو ڪرپشن جو بار ئي نٿو کڻي بلڪه اها ڪرندڙ معيشت، وڌندڙ قرضن، خراب حڪمراني، سياسي، سماجي ۽ انتظامي حالتن جي خراب ٿيڻ جو بار به کڻي ٿو ۽ کيس ملي ڪجهه به نه ٿو. گذريل ٻن ٽن سالن کان حڪمران طبقن جي پاڻ ۾ هلندڙ جهيڙي سبب حڪومت عام ماڻهو جي حالتن کي بهتر بنائڻ ۾ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي. ان جي ترجيح صرف پاڻ بچائڻ واري رهي آهي.
ان ڪري ٿيڻ ائين گهربو هو ته ڪرپشن جي معاملي کي سياسي اشو کان پاسيرو رکي اڪلايو وڃي ها. ان کي عمران خان جيترو سياسي بنايو، ان سان يقينن حڪمران جماعت نواز ليگ تي دٻاءُ وڌيو پر ساڳئي وقت تي وزير اعظم کي اهو وجهه به مليو ته هو اهو چوي ته، شريف خاندان کان بدلو ورتو پيو وڃي يا ان کي نشانو بڻايو پيو وڃي يا وري سازش ٿي رهي آهي وغيره. حڪومت چوي ٿي ته غير جمهوري ڌريون حڪومت خلاف سازش ڪري رهيون آهن، ايتري قدر جو وزيراعظم جي ڌيءَ مريم نواز به جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته ”اسان کي ان نقطي ڏي نه ڌڪيو جو وزير اعظم پنهنجي سيني جا راز کولي وجهي.“ ڪهڙا راز آهن ۽ ڪهڙيون سازشون آهن، اهي عوام آڏو اچڻ گهرجن. وزير اعظم کي انهن سازشن تان پردو کڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو جمهوريت رڳو وزير اعظم نواز شريف يا نواز ليگ جو مسئلو ناهي. هي سڄي ملڪ جي ماڻهن جو مسئلو آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪا سازش آهي ته اها هن ملڪ ۽ ان جي عوام خلاف سازش آهي. چونڊن ۾ ڌانڌلين واري ڌرڻي بعد جاويد هاشمي چيو هو ته، ڪهڙي نموني ڪِن سگهارن ادارن جي همراهن وزير اعظم نواز شريف کي هٽائڻ پئي چاهيو ۽ پهرين جڊيشل ڪو ۽ ان بعد من پسند طريقي سان چونڊن ڪرائڻ جو پلان هو. سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته جاويد هاشمي اڄ سوڌو ان ڳالهه تي قائم آهي، بلڪه چوي ٿو ته هاڻي به ساڳي صورتحال آهي.
جيڪڏهن چند گهڙين لاءِ ان سازش واري ٿيوري کي سچ به مڃي وٺجي ته وزير اعظم نواز شريف کي هن ڪيس ۾ عهدي تان هٽايو وڃي ٿو. حڪمران جماعت وٽ قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت آهي، اها پنهنجو نئون پارلياماني ليڊر چونڊي سگهي ٿي. ان ڪري رڳو نواز شريف جي وڃڻ سان جمهوريت جي لاءِ فرق نه پوندو، اهو فرق نواز خاندان جي عهدي ۽ ان جي ڪاروبار تي ضرور پئجي سگهي ٿو. اها بدقسمتي آهي جو اسان وٽ سياسي پارٽيون بطور سياسي پارٽين جي نه پر ذاتي جاگير يا ملڪيت جي حيثيت ۾ هلايون وڃن ٿيون، جيڪڏهن نواز ليگ نواز شريف کانسواءِ نٿي هلي سگهي يا پنهنجو پارلياماني ليڊر نٿي ٺاهي سگهي ته، اها حقيقي معنيٰ ۾ پوءِ سياسي پارٽي ناهي. ساڳي ڳالهه پيپلز پارٽي لاءِ به چئي سگهجي ٿي. پيپلز پارٽي جڏهن حڪومت ۾ هئي ته ان خلاف به جڏهن اهڙي قسم جي ڳالهه سامهون ايندي هئي ته اها به پنهنجي حڪومت جي وڃڻ کي جمهوريت وڃائڻ جي برابر قرار ڏيندي هئي. اڄ ساڳي ڳالهه نواز ليگ ڪري رهي آهي. اهو درست آهي ته پيپلز پارٽي توڙي نواز ليگ ٻنهي پارٽين جي حڪومتي دورن ۾ مختلف غير جمهوري واقعا ٿيندا رهيا آهن. جن جي نتيجي ۾ سويلين اختيار ڪمزور ٿيندو رهيو آهي. هر ايندڙ ڏينهن ڄڻ ان ڪمزوري ۾ اضافو ٿيو آهي، پر انهن ٻنهي وڏين پارٽين جيڪي جمهوريت پسندي جي دعويٰ ڪن ٿيون، انهن ڪڏهن به سويلين پاور ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن. جي اهڙا اپاءُ ورتا وڃن ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. اڄ به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي ڌريون سويلين اختيار وڌائڻ لاءِ هڪ ٿين.
لڳي ٿو ته جي آءِ ٽي مقرر مدي اندر يعني 10 جولاءِ تائين پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ جي بئنچ وٽ پيش ڪندي. ميڊيا جي رپورٽن موجب آءِ ايس آءِ جاچ ٽيم جي بطور سيڪريٽريٽ جي ڪم ڪري رهي آهي. هن رپورٽ کان اڳ جيڪو ماحول جڙي رهيو آهي، تنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف پنهنجو پاڻ کي سوڙهو محسوس ڪري رهيو آهي. رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بعد عدالت ان رپورٽ کي ڪيئن ٿي اڪلائي؟ اهو اهم سوال آهي. عدالت ان ڏس ۾ ڪو فوري حڪم جاري ڪري ٿي يا باقاعده ريفرنس ٺاهڻ جي هدايت ڪري ٿي يا وري وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ چوي ٿي. اهو سڀ ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ پاڻ ڄاڻي وٺنداسين.

عوام دوست بجيٽ وارو خواب ڪڏهن پورو ٿيندو؟؟

  آچر 28 مئي 2017ع
ڪو زمانو هو، جڏهن بجيٽ غور سان ٻڌي ۽ پڙهي ويندي هئي. تڏهن عام ماڻهو کي آسرو هوندو هو ته بجيٽ ۾ هن لاءِ ڪجهه رليف هوندو يا وري اهو ته ڪو ٽيڪس لڳندو ته ان سان اهي شيون ڪيتريون مهانگيون ٿينديون. پر جڏهن کان بجيٽ ۽ شين جي قيمتن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ختم ٿي ويو آهي ۽ ماڻهن حڪومت وٽان ڪجهه ملڻ جو آسرو پلي ڇڏيو آهي، تڏهن کان بجيٽ تقرير غير اهم بڻجي وئي آهي. سرڪاري طرح ڪنهن به شئي جي کڻي ڪيتري قيمت مقرر ٿئي، ڪمپني طرفان قيمت جو ليبل ڪجهه به لڳل هجي، سموريون شيون مقرر اگهه ۽ ٽيڪس کان وڌيڪ قيمت تي وڪامن ٿيون. ان ڪري آءِ ايم ايف جي ”ڪاريگرن“ جي ٺاهيل بجيٽ جو زميني حقيقتن سان ڪو ورلي تعلق نڪري ايندو آهي.
نئين سال لاءِ 4752.9 ارب روپين جي پيش ڪيل بجيٽ جي خوبصورتي اها آهي، جو ان ۾ 33 سيڪڙو جي کوٽ آهي. اها کوٽ ٻن طريقن سان ڀري ويندي آهي. هڪ اهو ته نوان نوٽ ڇاپي ليکو برابر ڪري ڏيکارجي. پر ائين ڪرڻ سان مهانگائي وڌي ويندي. جيڪڏهن حڪومت اها سموري کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ نوٽ ڇاپي ٿي ته ان جو مطلب اهو بيهندو ته مهانگائي ۾ 33 سيڪڙو اضافو ٿي ويندو. ٻيو طريقو بئنڪن مان يا وري ڪجهه پرڏيهي مالياتي ادارن وٽان قرض کڻي پورت ڪئي وڃي. اهو قرض لازمي طور تي وياج تي هوندو آهي ۽ ڪمرشل بئنڪن جو وياج جو اگهه ڳرو هوندو آهي. جڏهن ته پرڏيهي مالياتي ادارن واري قرض جي وياج جو اگهه کڻي گهٽ هجي، پر ان لاءِ شرط ڳرا ڏکيا رکيا ويندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ بجيٽ جي 33 سيڪڙو جي اها چٽي جيڪا پهرين نظر ۾ عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي، پر ڀوڳڻي کيس ئي آهي. رڳو ايترو ئي نه، بجيٽ جو 28 سيڪڙو جيتري رقم پراڻو قرض ڀرڻ لاءِ رکي وئي آهي، جيڪو لازمي طور تي ڀرڻو آهي. ان ۾ عالمي مالياتي ادارن جي وڏي ميڙ منٿ، وڌيڪ شرط ڳچي ۾ وجهڻ بعد ئي قرض جي ري شيڊيولنگ ٿي سگهندي آهي. ان جي نتيجي ۾ وياج جو اگهه به وڌي ويندو آهي. مطلب ته ملڪ جي عوام کان ٽيڪس جي شڪل ۾ جيڪا سڌي وصولي ٿيندي سا ٿيندي، پر سڌي وسيلي به عوام کان ئي اها رقم وصول ڪئي ويندي. اها رقم مجموعي طور تي 51 سيڪڙو بيهي ٿي.
بجيٽ جي معاملي ۾ هر حڪومت چئن ڌرين کي ناراض ڪرڻ نه گهرندي آهي. انهن ۾ عسڪري ڌريون، صنعتڪار، واپاري ۽ وچولو طبقو. هن بجيٽ ۾ به ان جو چٽو عڪس ملي ٿو. ملڪ ۾ صنعتڪاري پنهنجي حقيقي معنائن ۾ ڄڻ آهي ئي ڪونه. جيڪا آهي سا بنيادي نوعيت جي نه، پر سروس سيڪٽر کي سپورٽ ڪندڙ آهي. ساڳي ريت وڏا واپاري ۽ ايڪسپورٽر به اهم هوندا آهن. حڪومت بجيٽ ۾ انهن جي لاءِ ٽيڪسن ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ ڇوٽ جون رعايتيون رکيون آهن. وچولي طبقي ۾ ننڍا واپاري، دڪاندار، پنهنجو ننڍو وڏو ڪاربار ڪندڙ ۽ نوڪري پيشه ماڻهو شامل آهن. اهو طبقو حڪومت جي نظر ۾ ڏنگو طبقو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ميڊيا ۾ توڙي رستن تي اچي گوڙ ڪندو آهي ۽ نتيجي ۾ ٻين ناراض ڌرين ۽ سياسي پارٽين کي وجهه ٺاهي ڏيندو آهي، جنهن سبب حڪومت لاءِ ڏچو پيدا ٿيندو آهي. ايندڙ اٺن ڏهن مهينن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، تنهن ڪري حڪومت پنهنجي لاءِ ڪابه اهڙي ڏکيائي واري صورتحال کي دعوت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته اهي سڀ طبقا ملائي آباديءَ جو 20 کان 25 سيڪڙو تائين مس بيهن ٿا. جڏهن ته باقي 75 کان 80 سيڪڙو آبادي لاءِ بجيٽ ۾ ڪوبه رليف ناهي. مٿئين سطح تي جيڪڏهن ڪو رليف ان آسري تي ڏنو ويو آهي ته اهو آهستي آهستي هيٺين سطح تائين پهچندو. ان عمل کي 10 کان 15 هفتا لڳندا، تيستائين نئين بجيٽ جي تياري شروع ٿي ويندي.
بجيٽ ۾ جيتوڻيڪ اهو چيو ويو آهي ته عام مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 15 هزار روپيا هوندي. اها پگهار ورلي ملي ٿي، پر ان ۾ هفتيوار ۽ ٻين موڪلن جي پگهار ڪاٽي ويندي آهي. خانگي شعبي ۾ اڪثر هنڌن تي ان قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ پگهار مقرر ڪرڻ بابت جڏهن کان قانون لاڳو ٿيو آهي، ڪنهن هڪ ڪمپني، اداري يا فرد تي ان ڏوهه ۾ ڪا سزا يا ڏوهه ڏنڊ نه وڌو ويو آهي ته هن ملازم کي گهٽ پگهار ڏني. حڪومت ڪنهن باقاعده اداري يا ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور جي پگهار لاءِ ته قانون ٺاهيو آهي، پر ننڍن وڏن شهرن ۾ خانگي شعبي ۾ ڪم ڪندڙن يا عام ماڻهو ۽ هاري لاءِ ڪو قانون موجود ناهي، جنهن ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته ڪم ڪندڙ فرد کي مهيني ۾ 15 هزار روپيا ملن. هونئن خود 15 هزار روپيا مهينو پگهار ڪنهن فرد جي ممڪن آهي ته پورت ڪري سگهي، پر ان جي وسيلي ڪٽنب کي پالي نٿو سگهجي. حڪومت معيشت ۽ سماج کي ان طرف ڌڪي رهي آهي ته ڪٽنب جو هر فرد ڪم ڪري، اها سٺي ڳالهه آهي پر شرط اهو آهي ته ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم به موجود هجي. ڪم جا موقعا گهٽ هجڻ، ڪم جون حالتون خراب هجڻ، نوڪري جا شرط سٺا نه هجڻ، نوڪري بابت غير يقيني حالتون ڪنهن به طرح سان انهيءَ آئيڊيا سان مئچ نٿيون ڪن. ان کان علاوه هن آئيڊيا تي عمل ڪرڻ لاءِ گهربل انفراسٽرڪچر جنهن ۾ سستي ۽ سولي ٽرانسپورٽ، امن امان وغيره لازمي آهن. اها عجيب ڳالهه آهي ته اسيمبلي ميمبر ۽ وزير پنهنجون پگهارون پاڻ مقرر ڪري ٿا وٺن ۽ ان ۾ ڪڏهن ٻيڻ تي ته ڪڏهن 40 کان 50 سيڪڙو تائين واڌ آڻين ٿا، پر جڏهن سرڪاري ملازم يا عام مزدور جي ڳالهه اچي ٿي ته نه ان کان پڇيو وڃي ٿو، نه وري ان کان ڪا صلاح ورتي ٿي وڃي. جيڪڏهن حڪومت گهٽ ۾ گهٽ پگهار جو قانون ٺاهي ٿي ته وڌ ۾ وڌ پگهار ڪيتري هجي، ان جي به ڪا حد هجڻ گهرجي. ان لاءِ ڪا قانون سازي ٿيڻ گهرجي.
بجيٽ ۾ سمورو دارومدار ”سي پيڪ“ سان ڳنڍيل رکيو ويو آهي. سي پيڪ هڪ پرڏيهي پروجيڪٽ آهي، ان تي مڪمل طور ڀاڙي ڪا به عوام دوست بجيٽ نٿي ٺاهي سگهجي. وفاقي بجيٽ ۾ وڏن پروجيڪٽن ۽ انفراسٽرڪچر جي ته ڳالهه ڪئي وئي آهي، پر عام ماڻهو کي گئس، پيئڻ جو پاڻي وغيره ڪيئن ملي ۽ ڪهڙي قميت تي ملي، ان لاءِ ڪا ڳالهه موجود ناهي. ان لسٽ ۾ صحت ۽ تعليم به شامل آهي. اهي سڀ شيون صوبائي کاتي ۾ ڇڏيون ويون آهن. نواز ليگ مرڪز توڙي پنجاب ۾ صوبائي حڪومت جي ڪري هڪ حد تائين پنهنجي ووٽرن کي صوبائي بجيٽ ڏئي سگهي ٿي، پر باقي اهي به ٽيڪس ڀرين ٿا، انهن جي نالي تي به قرض ورتو وڃي ٿو، جيڪو انهن کي به ڀرڻو آهي. پراڻي قومي مالياتي ايوارڊ جي بنياد تي ٿيل ناڻي جي ورڇ ۽ سنڌ ۾ سٺي حڪمراني نه هجڻ جي ڪري سنڌ جو ماڻهو هيڪاري وڌيڪ ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو. ڳالهه کي ٿورن لفظن ۾ ائين کٽائي سگهجي ٿو ته وفاقي بجيٽ بنيادي طرح سان واپارين ۽ ڪاروبارين جي بجيٽ آهي، جيڪا وقتي طور معيشت ۾ واڌ يا روڪ پئسي جي موجودگي ته ڪري سگهي ٿي پر معشيت جو مستقل ڍانچو نٿي ٺاهي سگهي. بهرحال اهو هن ملڪ جي ماڻهن جو پراڻو خواب آهي ته ڪڏهن ڪا عوام دوست بجيٽ به اچي، پر خبر ناهي ته اهو خواب ڪڏهن پورو ٿيندو؟

دهشتگرديءَ واري باهه جي گهيري ۾ آيل بلوچستان!

 آچر 14 مئي 2017ع
ڇنڇر ۽ جمع واري ڏينهن تي بلوچستان ۾ دهشتگردي جا ٻه واقعا اهڙي موقعي تي ٿيا آهن، جڏهن وزيراعظم نواز شريف چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ معاشي توڙي حڪمت عملي واري حوالي سان هڪ اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پهريون واقعو مستونگ ۾ ٿيو، جنهن ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا. اهو دراصل سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ۽ جي يو آءِ (ايف) جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري جي قافلي تي ٿيو هو. هن واقعي جي ذميواري داعش قبولي آهي. ڇنڇر ڏينهن گوادر ۾ روڊ ٺاهيندڙ پورهيتن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڊان اخبار جي ويب سائيٽ موجب هن واقعي جي ذميواري بلوچ بي ايل اي قبولي آهي.
انهن ٻنهي واقعن جي ذميواري ٻن ڌار ڌار ڌرين قبولي آهي، جن جو پاڻ ۾ ڪو ڳانڍاپو نٿو لڳي، جيڪا ڳالهه ساڳي آهي، سا اها ته بلوچستان ۾ هڪ دفعو وري دهشتگردي ۽ شدت پسندي جون ڪارروايون وڌي ويون آهن. 2014ع کان هيل تائين 44 پورهيت قتل ٿي چڪا آهن. 2017ع جي مئي مهيني ۾ خاران وٽ روڊ ٺاهيندڙ 20 پورهيت ماريا ويا هئا. انهن پورهيتن جو تعلق گهڻي ڀاڱي سنڌ يا وري پنجاب جي ڏاکڻي علائقي سان آهي. جيڪي ٻئي علائقا غربت جي شديد لپيٽ ۾ آهن ۽ پنهنجي زمين تي روزگار نه ملڻ ڪري پري پري ۽ خطري وارن علائقن ۾ مزدوري ڪن ٿا. مزدوري به اها، جيڪا روڊ ٺاهڻ واري آهي. ڪو زمانو هو جڏهن سنڌ ۾ عام تاثر هوندو هو ته روڊ ٺاهڻ جو ڪم پٺاڻن کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو ڪري سگهي. پٺاڻ به اهو مستقل ڪم تڏهن ڪندا هئا، جڏهن وٽن روزگار جا وسيلا نه هئا. اڄ سنڌ ۽ پنجاب جي ڏاکڻي علائقي ۾ روزگار جا ذريعا گهٽجي ويا آهن ته اتان جا ماڻهو به سخت ترين مزدوري ڪرڻ لاءِ تيار آهن. سنڌ ۾ روزگار جي وسيلن گهٽجڻ واري بحث کي في الحال پاسيرو رکندي اچون ٿا تازن واقعن جي ڪجهه پس منظر ۽ اثرن تي-
بلوچستان ۾ جنرل مشرف جي زماني کان آپريشن هلندڙ آهي، جنهن لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو اهو موقف آهي ته اهو عليحدگي پسندن خلاف آپريشن آهي، جڏهن ته معيشت دان چون ٿا ته بلوچستان گئس، ٽامي ۽ ٻين معدني وسيلن ۾ شاهوڪار سرزمين هجڻ سبب مقامي ماڻهو انهن وسيلن، انهن جي استعمال، پاليسي ۽ اقتدار ۾ وڌيڪ حصو گهرن ٿا. گذريل چند مهينن کان لڳاتار اخبارن ۾ اهي خبرون اچي رهيون هيون ته بلوچ ويڙهاڪ ٽولن جا مکيه اڳواڻ آپريشن ۽ ڪاررواين دوران مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن عليحدگي پسند ٽولن هٿيار ڦٽا ڪري حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ صوبي جي ترقي ۾ حڪومت جو هٿ ونڊائڻ جو وچن ڪيو آهي. ايتري سخت حفاظتي اپائن واري صوبي ۾ جتي لڳاتار آپريشن جاري رهيو هجي، اتي اهڙي قسم جا واقعا عام ماڻهو جي سمجهه ۾ نٿا اچن. اهي شدت پسند عليحدگي پسند لڏي جا هجن يا ٻئي ڪنهن مذهبي انتها پسند گروپ جا، انهن کي ڪيئن ايتري وٿي ملي وڃي ٿي، جو ڪارروائي ڪري هليا ٿيا وڃن.
اسان جا ادارا توڙي حڪومت جيتوڻيڪ سرڪاري طور تي اها ئي ڳالهه چوندا رهيا آهن ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو وجود ڪونهي. علامه عبدالغفور حيدريءَ تي حملي وارو واقعو پهريون ناهي، جنهن جي ذميواري داعش قبولي هجي. هن کان اڳ ٻين ڪجهه واقعن جي به اها تنظيم ذميواري قبوليندي رهي آهي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردياڻي نورين لغاري جو واقعو ۽ سندس ڏنل بيان به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.
دراصل هي خطو، جنهن ۾ پاڪستان واقع آهي، ان ۾ عدم استحڪام وڌي ويو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي رهي آهي. انهن ناتن ۾ هر پندرهين ويهين ڏينهن ڪا منفي اڳڀرائي ٿيندي رهندي آهي. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تاءُ موجود آهي. ان تاءَ جا ڪجهه واقعا جهيڙي جي شڪل ۾ سامهون اچي چڪا آهن. پاڪستان کي اها به شڪايت آهي ته ايران پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ بلوچستان جي عليحدگي پسندن جي حمايت ڪري رهيو آهي. ايران کي ان ڳالهه تي به ناراضگي آهي ته پاڪستان جي اڳوڻي سپهه سالار، سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ ٺهيل فوجي اتحاد جي ڪمانڊ سنڀالي آهي. اهو اتحاد سني ملڪن تي ٻڌل آهي. ايران پنهنجي انهيءَ ناراضگيءَ جو اظهار سرڪاري طرح به پاڪستان کي ٻڌائي چڪو آهي. پاڪستان توڙي افغانستان ۾ موجود طالبان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ پاڪستان، چين ۽ روس ڪوششون ورتيون پر انهن ڪوششن ۾ افغانستان ۽ آمريڪا جي عملي شرڪت نه هجڻ ڪري اهي به ڪو رنگ نه ڏيکاري سگهيون. نتيجي ۾ انهن طالبان جا مختلف گروپ ڪي پاڪستان کي ويجها آهن ته ڪي وري افغانستان کي- نتيجي ۾ هڪ پراڪسي جنگ ان معاملي تي به هلندڙ آهي. پاڪستان جي حڪمت عملي ۽ ان جي پرڏيهي پاليسي کان آمريڪا به ڪو گهڻو خوش ناهي.
آمريڪا، ايران ۽ ڀارت چيني اقتصادي راهداري منصوبي مان به خوش ناهن. چين جي ”ون بيلٽ، ون روڊ“ جو منصوبو نئون سلڪ روڊ منصوبو آهي، جيڪو ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا کي روڊ رستي ملائي ڇڏيندو. ائين نيون معاشي حقيقتون پيدا ٿينديون، جيڪي اڳتي هلي نين سماجي ۽ سياسي حقيقتن کي جنم ڏينديون. بيجنگ ۾ وزيراعظم تازو چين سان جن معاشي منصوبن جي ٺاهن تي صحيحيون ڪيون آهن، جن ۾ سلڪ روڊ ۽ ان سان لاڳاپيل منصوبا، پاڪستان ريلويز ۾ سڌارو، پنجاب جي شهر حويليان ۾ ڊراءِ پورٽ ٺاهڻ (جيڪو گوادر پورٽ کي ڳنڍيندو) گوادر گرم پاڻي واري بندرگاهه ۾ مالي ۽ فني مهارت ڏيڻ ۽ اڀرندي سمنڊ جو ايڪسپريس وي شامل آهن.
بيجنگ ۾ خطي جي ترقي ۽ تبديلي جي حوالي سان ٿيندڙ ڪانفرنس جو اهم پهلو اهو به آهي ته سواءِ اٽلي جي، ٻئي ڪنهن به اولهه جي ملڪ شرڪت نه ڪئي آهي.
جيئن جيئن چيني اقتصادي راهداري ۽ سلڪ روڊ وارو منصوبو اڳتي وڌي ٿو ته ڪو نه ڪو واقعو اهو ٻڌائي ٿو ته اهو روڊ ايڏو ڪو سولو ناهي. ان ۾ ڪيئي کڏون کوٻا آهن. جيئن ته سڄي منصوبي جو مرڪزي نقطو گوادر جي ڪري بلوچستان آهي، ان ڪري اتي پيش ايندڙ اهڙو واقعو ڪو سٺو پيغام نٿو ڏي. چيني اقتصادي راهداري هجي يا ڪو ٻيو منصوبو، اهي سڀ معاملا خطي جي صورتحال سان واڳيل آهن. پاڪستان کي گهرجي ته هو پنهنجي ترقي لاءِ خطي ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ لاءِ پنهنجي حڪمت عملي پنهنجي پرڏيهي پاليسي تي هڪ ڀيرو ٻيهر نظر وجهي، ان لاءِ خطي جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ وقت جي صورتحال کي به سامهون رکي.

ذري تان بچي ويل نواز شريف!

جمع 21 اپريل 2017ع
نواز شريف جي حڪومت ذري تان بچي وئي، پر کيس اهو ڌڪ اڃا پچائڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو پاناما ڪيس هلائيندڙ پنجن مان ٽن ججن جي فيصلي نواز حڪومت کي بچائي ورتو آهي. جڏهن ته ٻن ججن اختلافي نوٽ وارو فيصلو ڏنو آهي. عدالت جي آءِ ٽي (جوائنٽ انويسٽگيشن ٽيم) ٺاهڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته، سٺ ڏينهن اندر جاچ جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، يعني ڪيس جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن وقت تائين آيل فيصلي جي هڪ تشريح اها آهي ته نواز شريف جي حق ۾ فيصلو آيو آهي، جو سندس حڪومت بچي وئي آهي. ٻي تشريح اها آهي ته خطرو ٽريو ناهي، ڄڻ ايندڙ شنوائي تائين ڳالهه ڊيگهه کائي وئي آهي.
هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو ڪنهن ايڏي هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ٺهي آهي، سا به وري عدالتي حڪم تي- هن کان اڳ ڪراچي ۾ ٻه ٽي ڊزن جي آءِ ٽي ٺهيون، پر انهن جي رپورٽن کي عدالتن ۾ اها مڃتا نه ملي. سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي بعد ممڪن آهي ته هاڻي جي آءِ ٽي کي عدالتن ۾ مڃتا ملي. هن فيصلي اچڻ کان اڳ ميڊيا پنهنجي پراڊڪٽس جو خوب ڪاروبار ڪيو. اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا ۾ آيل تبصرن ۽ تجزين مان لڳي ٿو ته فيصلو انهن جي اميدن وٽان نه آيو آهي. عدالتون ڪو ورلي عوام جي خواهشن وٽان فيصلو ڪنديون هجن، عدالتي فيصلن جا پنهنجا مڪينزم هوندا آهن. هونئن به پاڪستان جي عدليه جي اپروچ ايترو وقت گذرڻ ۽ ڪجهه سڌارو اچڻ جي باوجود انصاف ڏيڻ جي بدران قانون جي پنڌ پيچرن ۾ هلڻ ۽ گهمڻ رهيو آهي. رڳو پاڪستان ئي نه، پر دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ به ائين ئي آهي، ڇاڪاڻ جو عدالتي فيصلا قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ جي بنياد تي ايندا آهن.
پيپلزپارٽيءَ جي انهيءَ دعويٰ کي هٿي ملي ٿي ته لاهور جي وزيراعظم جي خلاف ڪورٽ فيصلو نه ڏيندي. پيپلزپارٽيءَ جي خلاف عدالتي فيصلن جي حوالي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف آيل فيصلي کان وٺي يوسف رضا گيلاني تائين جي وڏي ڪهاڻي آهي. هن فيصلي جي حوالي سان هڪڙو موقف سياسي پارٽين جو آهي، جنهن ۾ نواز ليگ پنهنجي پاڻ کي فائدي ۾ سمجهي ٿي ۽ ڏاڍو خوش آهي. جنهن کي نواز ليگ جي جذباتي فتح جو نالو ڏنو پيو وڃي. عمران خان به خوش آهي، جو هڪ ته ٻن ججن اختلافي نوٽ هنيو. ٻيو اهو ته ڪيس جي اڃا جاچ ٿيندي، ان ڪري هو پنهنجي اخلاقي فتح سمجهي ٿو. پيپلز پارٽي کي ڪا اهڙي فتح ته نصيب نه ٿي، ان کي موقعو مليو ته اها ملڪ م موجود سياسي راءِ کي سامهون رکندي نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪري. هن وقت تائين مخالف ڌر جون به وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف نواز شريف کان اهڙو مطالبو ڪري چڪيون آهن.
سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن نظر وڌي وڃي ته اتي موجود ايڪٽوسٽ به مايوس ٿيا. سندن خيال هو ته عدالت فيصلي ۾ ڄڻ نواز شريف کي ڪرپٽ قرار ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. عدالت آڏو ڪيس عمران خان آندو، جنهن وٽ ڪي به اهڙا ٺوس ثبوت نه هئا، جو عدالت نواز شريف يا سندس خاندان کي ڪا سزا ڏئي سگهي. پئسا پرڏيهه ۾ شريف فيملي وٽ ڪيئن گڏ ٿيا؟ ڪيئن ملڪيتون ٺهيون، ان جو پيرو کڻڻ ۽ ثابت ڪرڻ ضروري هو. عام عدالتي اصول موجب فريادي ڪيس ثابت ڪندو آهي، پر موجوده صورتحال ۾ جوابدار يعني نواز شريف تي اهو بار وڌو ويو هو ته هو ثابت ڪري ته الزام سچا ناهن يا اهو ته هو ثبوت پيش ڪري فريادي ڌر جي موقف کي غلط ثابت ڪري. ان ڪري قانوني ٻولي ۾ چئي سگهجي ٿو ته ڳالهه ڀلي سچي آهي، پر ثبوت موجود ناهن. اها ڳالهه ڪيس هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بنچ جي سربراهه جسٽس کوسا پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ به چئي آهي. هو ماريو پوزو جي جگ مشهور ناول ”گاڊ فادر“ جي ان جملي سان شروعات ڪري ٿو ته، ”هر ججهي مال ملڪيت جي پويان ڏوهه هوندو آهي.“ اهو ڏوهه ڪڏهن ڳولي نه سگهبو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ڏوهه ڏاڍي ڪاريگر سان ڪيل هوندو آهي. هتي به اهڙو ئي معاملو لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو مختلف حڪومتي ادارا نواز شريف جي پرڏيهه ۾ ملڪيت ميڙن جا پيرا کڻڻ ۾ ناڪام ويا يا وري انهن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙو اشارو اختلافي نوٽ ۾ به ملي ٿو. هاڻي جڏهن عدالت ملڪيت ميڙڻ جا پيرا کڻڻ جي جاچ لاءِ ٽيم ٺاهڻ جو فيصلو ڏنو  آهي، تڏهن ڏسڻو پوندو ته اهي پيرا ڪڏهن کان ۽ ڪٿان کان کنيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو اصغر خان ڪيس ۾ عدالت جو فيصلو موجود آهي، جنهن ۾ آءِ جي آءِ ٺاهڻ لاءِ ججهي مقدار ۾ ڏوڪڙ ورهايا ويا هئا. انهيءَ آءِ جي آءِ ٺاهڻ ۽ ان کانپوءِ ان کي هلائڻ ۾ نواز شريف جو اهم ڪردار رهيو آهي. ٻيا به ڪيترا اهڙا موقعا آيا ۽ معاملا سامهون آيا، جن ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جون خبرون ميڊيا ۾ آيون. اهو معاملو رڳو نواز ليگ يا نواز ڪٽنب تائين محدود ناهي، ان جو دائرو تمام وڏو آهي. ساڳي طرح ڪرپشن جا الزام ۽ ڪيس پيپلز پارٽي جي قيادت جي باري ۾ به ايندا رهيا. ڪن تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته، پيپلزپارٽي مبينا ڪرپشن ڏاڍي بي افعالي سان ڪئي، جو ان جا پيرا کڻڻ سولا آهن، شريف خاندان ڏاڍي سياڻپ کان ڪم ورتو.
هن ڪيس جا ڪجهه ٻيا پاسا به اهم آهن. انهن ۾ وڌيڪ اهم پاسو سياسي آهي. ايندڙ سال يا ممڪن آهي ته ان کان به گهٽ مدي ۾ جيڪي چونڊون ٿيڻون آهن، انهن چونڊن دوران هيءُ اڌ ۾ ڦاٿل ڪيس نواز ليگ ۽ نواز شريف لاءِ وڌيڪ ڏکيائون پيدا ڪندو. ڪرپشن وارو معاملو پنهنجي جاءِ تي حقيقت جيان لڳي ٿو، پر هن ڪيس جي پويان سياسي معاملا آهن ۽ ان جون سياسي Implications به آهن. ڪن ڌرين جو چوڻ آهي ته اصل ۾ اسٽيبلشمنٽ ڪنهن به وزيراعظم کي پنج سال پورا ڪرڻ ڇو نٿي ڏيڻ چاهي. گذريل ڀيري پيپلز پارٽي ئي آئيني مدت پوري ڪئي، پر ان جي وزيراعطم آئيني مدت پوري نه ڪئي هئي. بهرحال ان ڳالهه جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو ته نواز ليگ کي پنهنجو وزيراعظم بدلائڻو پوي. بهرحال اهو ضرور آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪرپشن وارو نعرو چونڊن جو نعرو بڻبو. اهو ساڳيو نعرو پيپلز پارٽي کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو ته ساڳي وقت نواز ليگ کي به- اهو نعرو ماڻهن کي ڇا ڏئي سگهندو؟ ڪا نئين جماعت يا ڪو نئون ماڻهو حڪومت ۾ ايندو؟ اهي سوال اڃا تائين اڻ نبريل آهن، ڇاڪاڻ جو سمورين ڳالهين جي باوجود عمران خان گهڻين ڌرين لاءِ ڪا پسنديده شخصيت ناهي.

جنرل راحيل جو نئون عهدو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي!

 اربع 05 اپريل 2017
آخر ائين ئي ٿيو، جنهن کان بچڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي. يعني پاڪستان سعودي ۽ ايران جي وچ ۾ ڌر بڻجڻ بجاءِ آزاد رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي عوام جي عام راءِ به اها ئي هئي. جنرل راحيل طرفان اتحادي فوج جو ڪمانڊر بڻجڻ تي پاڪستان جي خارجه پاليسي وري ٻيهر بحث جو هڪ اهم موضوع بڻجي پيو آهي. جيتوڻيڪ ملڪ جي طبعي عمر اچي ستر سالن کي پهتي آهي پر تڏهن به پارليامينٽ کان وٺي علم ۽ دانش سان تعلق رکندڙ پڙهيل طبقي ۽ مزدور، هاري ڪلاس وٽ خارجه پاليسي تي اڃا بحث هلندا اچن ٿا. غور سان جائزو وٺبو ته پاڪستان جي خارجه پاليسي جا بنيادي اصول ڪي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ڪو نه ٺاهيا هئا، پر انهن اصولن جو بنياد، انهن جا رخ ۽ لاڙا پاڪستان جي تاريخ جي ٻن وڏن دانشور پرڏيهي وزيرن طئي ڪيا هئا، جن ۾ پهريون سر ظفر الله خان ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو هو. قائداعظم کان وٺي جنرل ايوب، مشرف، بينظير ۽ نواز شريف تائين اسان جا حڪمران هن ٻن شخصيتن جي طئي ٿيل پاليسين تي عمل ڪندا آيا آهن، البته انهن جي طئي ڪيل اصولن کان ڦرڻ جو موقعو اسٽيبلشمينٽ طرفان ڪنهن به سياستدان کي نٿو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته طئي ٿيل اهي اصول اسٽيبلشمينٽ جي عين مفادن وٽان آهن. جن مان اهم آمريڪا ۽ چين جو آشيرواد حاصل ڪرڻ، ڪميونسٽ روس سان مهاڏو اٽڪائڻ، مذهب کي اندروني ۽ پرڏيهي پاليسيءَ ۾ استعمال ڪرڻ شامل آهن. عرب دنيا جي حڪمرانن سان گڏوگڏ اسرائيل کي وجود ۾ آڻڻ ۽ اقوامِ متحده جو ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي پهرئين وزير خارجه سر ظفر الله خان جو مشهور ڪتاب ۽ سوانح حيات ”تحديث نعمت“ پڙهڻ وٽان آهي. اقوامِ متحده جي 1947ع واري اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندي طور شريڪ ٿيندڙ سر ظفر الله پنهنجي ڪتاب ۾ اکر به اکر شامل ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام جي نالي ۾ فقط هڪ مهينو اڳ ۾ حاصل ڪيل ملڪ جو نمائندو اقوام متحده ۾ آمريڪا ۽ ڊنمارڪ جي قراردادن ۾ ترميم مٿان ترميم پيش ڪندو، فلسطين جي ورهاڱي لاءِ راهه هموار ڪري ڏئي رهيو. جيتوڻيڪ هن اسرائيل جي وجود جي مخالفت ڪئي هئي پر عملي طور فلسطيني نمائيندي جي روڪڻ تي به قرارداد ۾ ترميمون پيش ڪندو رهيو. وري افسوس اهو ته اڄ اسرائيل کي تسليم نٿا ڪيون. ان ئي اجلاس ۾ جڏهن اسپين ۾ هڪ جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ قرارداد پيش ڪئي وئي ته ظفر الله خان دنيا جي مشهور ڊڪٽيٽر جنرل فرانڪو جي فائدي ۾ هڪ دونهين دار تقرير ڪري ڏيکاري ۽ قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي جمهوريت جي مخالفت ڪئي. اهي سڀ ڪم آمريڪا جي خوشنودي لاءِ ڪيا ويا هئا.
ان کانپوءِ خارجه پاليسي جي ميدان ۾ وڏو نالو ذوالفقار علي ڀٽو جو آهي. چين سان دوستيءَ جي شروعات هن وزير خارجه طور ڪئي هئي. گڏيل پاڪستان ۾ مولانا ڀاشاني سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو کي چين نواز سياستدان سڏيو ويندو هو. ان چين نوازيءَ جا رنگ اڄ نرالا آهن ۽ پاڪستان- چين راهداري جي صورت ۾ ظاهر ٿيا آهن. ڀٽي چين کانسواءِ اسلامي دنيا ۽ ان جي ليڊر ٿيڻ جي به ڳالهه ڪئي هئي. اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ سعودي حڪمران شاهه فيصل کي اهميت ڏيڻ سندس خارجه پاليسيءَ جو حصو هو. خانه ڪعبي جي امام کي لاهور ۾ آڻڻ، سعودي سفير رياض الخطيب کي پنهنجي مخالف اسلامي اتحاد جي ليڊرن سان ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ سان سعودي عرب جي پاڪستان اندر مداخلت کي به ڀٽي صاحب هٿي ڏني. اهڙي طرح ڀٽي جي اهڙي خارجه پاليسي هڪ طرف شاهه ايران کي ناراض ڪيو ته ٻئي طرف سوويت يونين کي پڻ- سعودي سان دوستيءَ سبب شاهه ايران ڀٽي سان آخري وقت نائين ناراض رهيو. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي خارجه پاليسي آمريڪا، اسلامي بلاڪ ۽ چين سان دوستي تي ٻڌل آهي. اسلامي بلاڪ جو ليڊر وري نالي ماتر پاڪستان آهي، پر اصل ۾ سعودي عرب مقرر ٿيل آهي. شاهه ايران جي ناراضگيءَ جو ثبوت ٻن ڪتابن جي پڙهڻ سان ملي وڃي ٿو، هڪ شاهه ايران ۽ ٻيو سندس راڻي فرح پهلوي جون سوانح عمريون، جن ۾ ڀٽي صاحب جو ڪٿي به ڪو ذڪر ڪو نه ٿو ملي، حالانڪه ان وقت هو وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي سياست تي مڪمل طور ڇانيل رهيو. اڄ به پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سر ظفر الله ۽ ڀٽي صاحب جي خارجه پاليسي واري ورثي کي قائم رکيو اچي ٿي. ڀٽو صاحب ۽ ظفر الله خان يقينن وڏا نالا آهن، جن تي ڀلي تنقيد به ڪئي وڃي پر هنن پرڏيهي معاملن جا رستا ۽ پيچرا پاڪستان لاءِ متعين ڪري ڇڏيا هئا. ان مان فائدو يا نقصان هن بحث هيٺ آڻڻ موضوع کان ٻاهر ٿيندو. اهڙي طرح روس ۽ ايران پاڪستان جي خارجه پاليسي ۾ ثانوي حيثيت رکندا اچن ٿا ۽ مخالفت جو اصل محور انڊيا يعني ڀارت رهيو آهي.
سعودي عرب جي قيادت ۾ اسلامي ملٽري اتحاد 2015ع ۾ ٺهيو هو، جنهن پاڪستان لاءِ هڪ مشڪل صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي، ڇاڪاڻ ته مسلم دنيا ٻن بلاڪن شيعه ۽ وهابي ۾ ورهايل آهي. پاڪستان ٻنهي ملڪن سان نڀائڻ جي ڪوشش ته ڪئي، پر اهو فقط ڏيکاءَ جي حد تائين ڪيو ويو، پر پوءِ آخر پاڪستان کي هن اهم معاملي تي فيصلو ڪرڻو ئي پئجي ويو ۽ پاڪستان ان اتحاد ۾ شامل به ٿيو ۽ پنهنجي هڪ اهم فوجي شخصيت کي ان جو ڪمانڊر بڻائڻ تي به راضي ٿيو. ڏٺو وڃي ته ايران کان پاڪستان جا مقتدر حلقا ضياءُالحق جي دور کان وٺي ناراض آهن ۽ ان ۾ ايران به ڪا گهٽتائي ڪو نه ڏيکاري آهي. ايران جو ڀارت ڏانهن واضح جهڪاءُ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي قطعي طور به قابل قبول ڪو نه رهيو آهي. ٻرندڙ تي تيل وارو ڪم وري پرويز مشرف جي دور ۾ ڊاڪٽر قدير خان واري مسئلي ڪري ڏيکاريو، جڏهن ايران ائٽم بم ٺاهڻ لاءِ ڊاڪٽر قدير کان ورتل سڀ راز پڪن پختن ثبوتن سان آمريڪا وٽ کولي پڌرا ڪري ڇڏيا ۽ ان کانپوءِ ڊاڪٽر قدير واري صورتحال اسان مان هر هڪ کي ڀلي ڀت معلوم آهي. پاڪستاني ايٽمي هيري کي دنيا اڳيان ٽي وي تي اچي معافي وٺڻي پئي ۽ مشرف کيس نظر بند به ڪيو- پر دل جي ڳالهه اسٽيبلشمينٽ جي دل ۾ ئي رهي ۽ ايران لاءِ اڃا به پاليسي سخت ڪئي وئي. ٻئي طرف سعودي عرب جو شهر تبوڪ اڄ به پاڪستان لاءِ اهم آهي، جتي اسان جا ”جوان“ گهڻي تعداد ۾ رهندا اچن ٿا. پاڪستان جي سلسلي ۾ ڪجهه وقت اڳ ڀارت، ايران ۽ افغانستان جي پروپيگنڊا اها به هلي رهي هئي ته پاڪستان دنيا ۾ تنها رهجي ويو آهي. مودي سرڪار سان اهڙي پروپيگنڊا ۾ ايران به وسان ڪو نه گهٽايو، بلڪه پنهنجو مشهور بندر چاهه بهار ڀارت حوالي ڪري ڇڏيو. پاڪستان هن اتحاد ۾ شامل ٿي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته هو دنيا ۾ اڪيلو نه، پر ايڪيتاليهه مسلمان ملڪن جي فوجي اتحاد ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان آهي. هونئن به مسلم دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جو شوق ته آمريڪا، اسان کي لياقت علي خان ۽ ظفر الله خان جي ۾ وقت ۾ ئي ڏياري ڇڏيو هو ۽ هاڻي پاڪستان جو اهو پراڻو خواب راحيل شريف جي سپهه سالار جي صورت ۾ تعبير سان گڏ پڌرو ٿي رهيو آهي. پاڪستان وٽ هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جا مضبوط دليل آهن، هڪ ته سعودي سان دوستي جو بنياد پاڪستان جي هڪ اهم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو، جيڪو آخر ۾ به پاڪستان لاءِ شهيد ٿيو. پوري وچ اوڀر ۾ روزگار جا رستا ڀٽي کوليا هئا، اڄ به وچ اوڀر جي ملڪن سعودي عرب، ڪوئت، گلف، اومان ۽ بحرين ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ روزگار ڪري رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي ضلعي دادو جي اها خبر آهي ته اتان جي اسي سيڪڙو عوام جي روزمرهه جي ضرورتن جو پورائو مڊل ايسٽ جي ريالن، درهمن ۽ دينارن مان ٿي رهيو آهي.
پاڪستان ان اتحاد ۾ شامل نه ٿي يا راحيل شريف جون خدمتون سعودي حوالي نه ڪري هڪ وڏي غلطي ڪري وجهي ها ۽ خدانخواسته جيڪڏهن وچ اوڀر جا ملڪ ردِعمل ۾ پاڪستانين جي لڏپلاڻ شروع ڪرائين ها ته هتي هڪ وڏو اقتصادي بحران جنم وٺي ها ۽ ڪيترائي گهراڻا ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ڪنگال ٿي وڃن ها. جنهن ڪري هن اتحاد ۾ شامل ٿي پاڪستان اقتصادي طور پاڻي کي ڄڻ ته ڪنهن حد تائين بچائي ورتو آهي. اصل سبب به اقتصاديات آهي. 1971ع تائين جڏهن عرب امارات اڃا انگريز جي قبضي ۾ هئا، تڏهن اڄوڪي ابوظهبي وارو شيخ مبارڪ گهوٽڪي جي مهر سردارن جو مهمان ٿيندو هو. مهر سردارن جي مهمان نوازي کيس ساڻن پڳ مٽ ياري ۾ ڳنڍي ڇڏيو. آزادي کان اڳ خود شيخ زيد بن سلطان به ڪرائي جي ٿري اسٽار هوٽلن ۾ رهندو هو، پر پوءِ تيل ۽ گئس عرب دنيا جي قسمت بدلائي ڇڏي ۽ پاڪستانين لاءِ روزگار جا در کلي پيا. فوجي نقطهءِ نگاهه کان به پاڪستان کي سعودي عرب ۽ گلف جي ملڪن مان گهڻو ڪجهه حاصل ٿي رهيو آهي. پاڪستان هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻيو هيءُ دليل پيش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام کي وڌائڻ ۾ عربن جو ناڻو ضرور استعمال ٿيو آهي. اڄ به سعودي عرب وٽ ايٽمي بجلي گهرن کي قائم ڪرڻ لاءِ 80 بلين ڊالر جي هڪ جدا بجيٽ رکيل آهي. پاڪستان ۽ سعودي نيوڪليئر معاهدي تي اڳوڻي آمريڪي وزير خارجه جان ڪيري خدشا به ظاهر ڪيا هئا ته تنبيهه وارا لفظ به استعمال ڪيا هئا. جنهن جي سعودي وزير خارجه ڀرپور ترديد ڪئي هئي- پر ٻئي سعودي شهزادي ترڪي الفيصل وري اهو بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل ايٽمي قوت بڻجن ٿا ته پوءِ سعودي کي به ايٽم بم ٺاهڻ جو حق هوندو. چين سعودين کي ميزائيل جي حد تائين هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ سعودي عرب گهڻي کان گهڻو آمريڪي هٿيارن جو خريدار رهندو اچي ٿو، انهن سڀني دليلن باوجود ڏٺو وڃي ته پاڪستان هن اتحاد ۾ ان وقت شامل ٿيو آهي، جڏهن سعودي عرب يمن سان جنگ واري صورتحال ۾ آهي. ڪجهه ذريعن مان اهي خبرون به ملن ٿيون ته هڪ پوري برگيڊ سعودي عرب موڪلڻ جون تياريون آهن. يمن جي جنگ ۾ ويهارو هزار ماڻهو مري چڪا آهن. يمني سخت ويڙهاڪ قبيلن ۾ ورهايل آهن. اسماعيلين ۽ زيرين جون جنگيون عرب تاريخ ۾ اهميت واريون آهن. بهرحال راحيل شريف سعودي سرڪار جي مطالبي تي سعودي عرب موڪليو ويو آهي. ان جو اهم سبب سعودي عرب جو پاڪستان تي اعتماد آهي، نه ته هن اتحاد ۾ مليشيا، مصر ۽ ترڪي جهڙا ملڪ به شامل آهن، پر سعودين پاڪستان حڪومت ۽ ان جي فوج تي وڌيڪ اعتماد ظاهر ڪيو آهي. جنرل راحيل لاءِ هيءَ به هڪ امتحان جي گهڙي آهي.

ملڪي سياست جي مقابلي بازيءَ ۾ آيل تيزي!

ڇنڇر 25 مارچ 2017ع
   ملڪ ۾ سياسي مقابلي بازي شروع ٿي ويئي آهي. نئين سر شروع ٿيل چٽاڀيٽي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ آهي. في الحال عمران خان نظر نه پيو اچي. عمران خان گذريل چئن سالن تائين سخت محنت ڪري ”متبادل“ يا ”حقيقي“ اپوزيشن جو پروفائيل ٺاهيو هو. چونڊن ۾ ڌانڌلين کان وٺي پاناما ليڪس تائين معاملا اٿاريا. پاناما ليڪس جو معاملو عدالت جي ڪٽهڙي ۾ هليو ويو، جتي هاڻي فيصلو محفوظ آهي. هونئن ته هن فيصلي جو سڀني کي انتظار آهي پر سڀ کان وڌيڪ انتظار عمران خان کي آهي.
پيپلز پارٽي فوجي عدالتن کي ٻيهر قائم ڪرڻ واري معاملي تي سياسي اسڪور به ڪري ويئي ۽ ان سان گڏوگڏ ڊيل به ڪري ويئي. کيس اهو فائدو سينيٽ ۾ اڪثريت هجڻ سبب مليو. هونئن بظاهر حڪمران پارٽي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ فوجي عدالتن جي باري ۾ ڳالهيون ٿيون. ان کان اڳ پيپلز پارٽي ان معاملي تي ٻين پارٽين جو اعتماد وٺڻ لاءِ گهڻ پارٽي ڪانفرنس سڏائي اهو تاثر ڏنو ته فوجي عدالتن جي ٻيهر بحالي وارو معاملو اڪلائڻ رڳو نواز ليگ کان زور آهي، ان کي پيپلز پارٽي ئي حل ڪري سگهي ٿي. انهي ڪانفرنس کان پوءِ حڪومتي ڌر سان ڳالهيون ٿيون. در حقيقت پيپلز پارٽي جون ڳالهيون واڳ ڌڻين سان ٿيون آهن. ورنه سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي وڏيرن خلاف جڏهن ڪارروايون ٿي رهيون هيون ته نواز ليگ کي پيپلز پارٽي بار بار ياد ڏياريو، واسطا وڌا، پر نواز ليگ سڄي معاملي ۾ پنهنجي بي وسي ڏيکاري. ائين آصف علي زرداري مناسب موقعي جي تلاش ۾ هو. آرمي چيف جي تبديل ٿيڻ بعد صورتحال گهڻو تبديل ٿي ويئي. هو ملڪي فضا ۾ گرمائش ماپڻ لاءِ مهينو ٻه کن اڳ وطن آيو. پنهنجي ۽ بلاول جي ڇوٽي چونڊ ذريعي قومي اسيمبلي ۾ وڃن جو اعلان ڪري وري واپس پرڏيهه هليو ويو. هن ان عرصي دوران آمريڪا جو دورو ڪيو، اتي آيل تبديليءَ جو به واءُ سواءُ ورتو.
انهيءَ عرصي دوران ٻه ڳالهيون ملڪ اندر پچي راس ٿي چڪيون هيون. هڪ اها ته پاناما ليڪس جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي پورو ٿيو ۽ ان جو فيصلو محفوظ ٿي ويو. ٻيو اهو ته فوجي عدالتن جو مدو پورو ٿي چڪو هو. آپريشن ردالفساد جي ڪري انهن عدالتن جي ٻيهر قائم ڪرڻ جي ضرورت پيدا ٿي ويئي. پنجاب ۾ به ڪنهن حد تائين آپريشن شروع ٿيو. اوڏي مهل پيپلز پارٽي پنهنجو پتو کيڏيو. ان حڪمت عمليءَ هڪ دفعو وري ملڪي سياسي منظر ۾ پيپلز پارٽي جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو. ان جو چٽو اظهار آصف علي زرداري جي تازي ٽِي وي انٽرويو مان به ملي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جو سُڌ سماءُ وارو اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ به اسلام آباد ۾ لهي ٿو ۽ نيب هٿان گرفتاري بعد آزاد به ٿي وڃي ٿو.
پيپلز پارٽي کي پڪ هئي ته هاڻ نواز ليگ سان ڊيل جو فائدو به ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ايندڙ 9، 10 مهينن ۾ چونڊن جو اعلان ٿيڻ وارو آهي ۽ هونئن به نواز ليگ جي بيوسي ۽ بيوفائيءَ جو کيس تجربو ٿي چڪو هو. انهي ”سڌي رابطي“ نواز ليگ کي مڇرائي وڌو. ايتري ۾ سدائين تڪراري بڻيل حسين حقاني جي مضمون بحث جو هڪ نئون باب کولي ڇڏيو. پيپلز پارٽي دور جي آمريڪا ۾ سفير پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته هن 2 هزار آمريڪين کي سفارتي ڪوٽا ۾ ويزا طريقيڪار جي پورائي بنا ويزا جاري ڪيا. هن اها به دعوا ڪئي ته ايبٽ آباد وارو واقعو جنهن ۾ اسامه بن لادن کي آمريڪي فوجين حملو ڪري ماريو هو، تنهن ۾ به سندس هٿ هو. ايبٽ آباد وارو واقعو سيڪيورٽي جي حوالي سان ڏاڍو حساس رهيو آهي. ان بابت قائم ٿيل عدالتي ڪميشن جي رپورٽ بلڪل ائين شايع نه ٿي سگهي آهي، جيئن جسٽس حمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ سرڪاري طرح شايع نه ٿي سگهي آهي. نواز حڪومت ان خيال سان اهو بال سياسي ميدان ۾ اڇلايو ته هو پيپلز پارٽي کي پوئتي ڌڪي ان جو جواب آصف زرداري پنهنجي انٽرويو ۾ ڏنو. پر گهڻي وضاحت پارٽي جي ترجمان سينيٽر فرحت الله بابر پنهنجي بيان ۾ ڪئي آهي. هن اهو بيان حڪومت طرفان تڏهوڪي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو ”حڪم نامو“ جاري ڪرڻ جي جواب ۾ جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ گيلاني آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير کي اهڙيون ويزائون جاري ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. پيپلز پارٽي جو اهو موقف آهي ته وزيراعظم سفير کي اهڙيون هدايتون ڏئي سگهي ٿو ۽ اهو به ته هر ملڪ جي سفارتخاني ۾ مختلف ادارن، ايتري قدر جو خفيه ۽ فوجي ادارن جا آفيسر به موجود هوندا آهن، جن جي مشوري سان ڪي تڪڙا فيصلا ڪيا ويندا آهن يا وري روايتي طريقي کان هٽي فيصلا ڪيا ويندا آهن. ساڳي وقت پيپلز پارٽي جو اهو موقف آهي ته اهو خط جاري ڪرڻ لاءِ مناسب وقت ناهي. پيپلز پارٽي وري موٽ ۾ بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ اڇلايو آهي ته اها همت ساري ٿي ته کڻي ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪري.
ائين نواز حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ فرينڊلي اپوزيشن يا هڪ ٻئي کي جڳهه ڏيڻ وارو دور ختم ٿي ويو. اڳي رڳو بلاول ڀٽو يا پارٽي جو ڪو ٻيو اڳواڻ نواز شريف ۽ ان جي حڪومت خلاف ڳالهائيندو هو. هاڻي خود آصف علي زرداري به سڌو سنئون ڳالهائي ٿو. نواز شريف طرفان اڃا تائين سڌو ڪو جواب نه آيو آهي پر چوڌري نثار علي خان جي ذريعي پراڪسي جنگ هلي رهي آهي.
پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ هڪ جنگ پاڻي جي حوالي سان به هلي رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ کي پاڻي، بجلي وغيره ۾ پورو حصو نه ڏيڻ تي صوبي ۾ وفاقي ادارن کي تالا هڻڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. چوڌري نثار وري اهو بيان ڏنو ته صوبو ڪنهن جي جاگير ناهي، جو ائين وفاقي ادارا پٽي اڇلايا ويندا. ائين نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ تيز حملن جي بيان بازي هلي رهي آهي. ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ هن جنگ ۾ عمران خان موجود ناهي. ممڪن آهي ته هو ان جنگ جو مزو وٺندو هجي يا صورتحال کي سمجهڻ ۽ جائزو وٺڻ ۾ رڌل هجي. پر اهو عام تاثر هڪ دفعو ٻيهر اڀري رهيو آهي ته ملڪ ۾ ٻه ئي پارٽيون آهن، جن جي هڪ ٻئي سان چٽاڀيٽي آهي. ڪن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته افغانستان سان پاڪستان جا ناتا جيترا بهتر ٿيندا، اوترو عمران خان جو ملڪ اندر سياسي رول گهٽبو. گذريل ڏينهن وزيراعظم نواز شريف سان محمود خان اچڪزئي ۽ مولانا فضل الرحمان جون الڳ الڳ ملاقاتون به ان سلسلي جي ڪڙي آهن.
عجيب ڳالهه آهي جو جڏهن ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن جا ٻه دور يعني ڏهه سال پورا ٿيڻ وارا آهن، اهڙي موقعي تي نواز شريف پنهنجي ”اهليت“ ڏيکارڻ لاءِ چوي ٿو ته کيس جنرل مشرف 2007ع ۾ رٿيل چونڊن بعد گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي صلاح ڏني هئي.
سمورين خامين، ڪوتاهين ۽ نالائقين جي باوجود اها مثبت ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن جو ڏهاڪو مڪمل ٿيو آهي. هاڻي ڪو آمر ڪونهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو گبر سنگهه نظر اچي ٿو، جيڪو فرد واحد طور فيصلا ڪري، اڄ ملڪ ۾ مختلف صورتحال آهي. چئني صوبن ۾ مختلف پارٽين جي حڪومت آهي، ان ڪري ماڻهن آڏو وڌيڪ چوائيس به آهي ته ساڳي وقت چونڊون وڌيڪ شفاف ۽ انصاف ڀريون ٿيڻ جي اميد به ڪري سگهجي ٿي. اها ڳالهه ضرور آهي ته جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ انهن جي قاعدي قانون تحت هلڻ ۽ ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ وارا سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آهن. ڪرپشن، سٺي حڪمراني، سياست ۾ صحيح ماڻهن جي داخلا ۽ اڳتي اچڻ جا سوال به اوترائي اهم آهن.
ان سموري صورتحال ۾ مختلف سياسي پارٽِيون پنهنجي سرسي لاءِ زور به لڳائينديون ۽ هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش به ڪنديون. اصل ڳالهه اها آهي ته ڪجهه به هجي، جمهوريت جو سفر جاري رهڻ گهرجي.

سنڌ ۾ بنا رٿابنديءَ جي ٿيندڙ ”ترقي“ واري حقيقت!

  ڇنڇر 18 مارچ 2017ع
 سنڌ ۾ سماجي ترقيءَ سان واسطو رکندڙ ٻن اهم شعبن تعليم ۽ صحت ۾ گذريل چند مهينن کان ايمرجنسي لاڳو ٿيل آهي. اهي ٻئي فيصلا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مختلف اجلاسن ڪرڻ بعد ڪيا. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي جسٽس ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي صورتحال جاچڻ لاءِ جوڙيل ڪميشن مختلف ضلعن ۽ شهرن جي دوري بعد پنهنجي رپورٽ عدالت کي پيش ڪري ڇڏي آهي. اها رپورٽ صوبي اندر بدترين صورتحال کي پيش ڪري ٿي، ڇاڪاڻ جو ان مد ۾ هر سال اربين روپيا خرچ ڪرڻ ۽ وڏي تعداد ۾ عملي جي موجودگيءَ جي باوجود ماڻهو نه رڳو انهن سهولتن کان وانجهيل آهن، بلڪه سرڪاري خرچ تي عام ماڻهو جي زندگيءَ کي وڌيڪ ڏکيو ۽ تڪليفده بنايو پيو وڃي.
وڏي وزير طرفان تعليم ۽ صحت ۾ لاڳو ڪيل ايمرجنسي ۽ جسٽس ڪلهوڙو جي ڪميشن جي ڏنل رپورٽ مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته عام ماڻهو کي نه پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب آهي ۽ نه وري صفائي سٿرائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جو انتظام آهي. اهي ٻئي شيون بنيادي سهولتن جو حصو هجڻ سان گڏ عام ماڻهو جو حق به آهي. ڪميشن جي انهيءَ رپورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي باوجود اڃان تائين حڪومت ان ڏس ۾ ڪي به اثرائتا فيصلا ۽ اپاءَ نه ورتا آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ اها به هن کان اڳ جوڙيل عدالتي ڪميشنن جي رپورٽن جيان هڪ رپورٽ آهي، جنهن ۾ حقيقتون تفصيل سان ڄاڻايل آهن، پر انهن تي عمل ڪرڻ ضروري نه پيو سمجهيو وڃي. حالانڪه سپريم ڪورٽ اهڙي ڀيانڪ رپورٽ سامهون اچڻ بعد ڪميشن کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ماڻهو سوال ڪن ٿا ته هن رپورٽ تي عمل ٿيندو يا اها به تاريخ جو حصو بڻجي ويندي؟ هن رپورٽ تي ڪڏهن عمل ٿيندو؟
سنڌ حڪومت کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جهڙيءَ ريت عدالت هن معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ان حوالي سان ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي جيترو ايڪٽوازم ٿيو آهي، ان کان منهن موڙڻ بنهه عام راءِ کي پٺي ڏيڻ برابر ٿيندو. اها عام راءِ صرف عام ماڻهو جي ناهي، جيڪو بيوس ۽ جيتامڙو آهي، جنهن مان حڪومت ۽ ٻئي ڪنهن اداري کي ڀوَ نٿو ٿئي پر ان سان گڏ ايڪٽوازم به آهي. سرگرم وڪيلن جو جٿو به موجود آهي. تعجب جي ڳالهه اها به آهي ته اهڙي ڀيانڪ صورتحال جو وفاقي حڪومت به نوٽيس نه ورتو ته هن ملڪ جا ڪروڙين شهري اهڙين بدترين حالتن ۾ رهن پيا.
تعليم ۽ صحت جي شعبن جي بدترين صورتحال جو عدالت نوٽيس نه ورتو آهي، بلڪه خود وڏي وزير نوٽيس ورتو آهي ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي. پر هن وقت تائين انهن ٻنهي شعبن ۾ ڪوبه اهڙو سڌارو نه ٿيو آهي، جيڪو ماڻهن کي نظر اچي. ماڳهين اهي فيصلا ڪيا ويا آهن ته صوبي جي ڪجهه وڌيڪ ضلعن ۾ وڌيڪ سرڪاري اسپتالون خانگي شعبي جي حوالي ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا آهن. سنڌ جو ماڻهو غربت، بيروزگاري، وسيلن جي کوٽ ۽ ڄاڻ کان وانجهيل آهي. هڪ وڏو انگ پاڻي سان واسطو رکندڙ بيمارين ۾ ورتل آهي. غربت ۽ بيروگاري سبب پيدا ٿيل غذائيت جي کوٽ جو شڪار آهي، جيڪا کيس ڪيڏي به مهل ڪنهن به بيماري ڏي ڌڪي سگهي ٿي. ڏٺو وڃي ته صحت ۽ سماجي حوالي سان سنڌ هڪ سماجي ڌٻڻ ۽ بحران ۾ ورتل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪنهن به علائقي ۾ جيڪڏهن ارڙي يا دستن جي بيماري پکڙجي ٿي ته اها وبائي شڪل اختيار ڪري هڪ وڏو بحران پيدا ڪري ڇڏي ٿي، جنهن جو مثال ٿر ۾ ٻارڙن جي موت ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ارڙي وغيره جي ڦهلجڻ جي شڪل ۾ اسين ٻه ٽي سال اڳي ڀوڳي چڪا آهيون. دراصل اسان جو انتظامي ڍانچو ڪنهن به دٻاءَ يا هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لائق ئي ناهي، بلڪه ان جي ڪارڪردگي اهڙي رهي آهي، جو اهو پاڻ هنگامي حالتون پيدا ڪرڻ جو ذميوار آهي. هڪ سڄاڻ دوست جو چوڻ آهي ته وڏو وزير جيڪڏهن صحت واري شعبي ۾ هنگامي حالتن جو اعلان نه ڪري ها ته ڪونه ڪو ماڻهو عدالت ۾ هليو وڃي ها. ڪنهن اهڙي عدالتي مداخلت کان اڳ صحت جي شعبي ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو. هنگامي حالت جو اعلان رڳو اعلان جي حد تائين لڳي ٿو، ٿر ۾ ٽي سال اڳ ڏڪار واري صورتحال ۽ ٻارڙن جي فوتگين بابت ميڊيا ۾ ججهو گوڙ ٿيڻ بعد جڏهن اتي ٻارن ۽ ڪجهه ٻين شعبن جا ماهر ۽ ڪجهه عام ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويا، انهن ڊاڪٽرن کي اڄ سوڌو نه پڪو ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي وري تڏهوڪي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي اعلان ڪيل خاص الائونس ڏيڻ تي عمل ڪيو ويو آهي. پهريون ڀيرو هو، جو حڪومت هن پوئتي پيل ضلعي ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن کي مقرر ڪيو ويو هو. چوڻ وارا چون ٿا ته اهو اعلان اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو هو ان ڪري موجوده وڏو وزير ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ذميوار نٿو سمجهي. ائين هجڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ جو اهو فيصلو ڪو سياسي يا ڪنهن لابي يا گروپ جي بنياد تي نه، پر حڪومتي سطح تي معروضي حالتن کي سامهون رکي ڪيو ويو هو. ماڻهو اڃا تائين انتظار ۾ آهن ته صوبي اندر لاڳو ڪيل صحت ايمرجنسي جو لاڀ کين ڪڏهن ٿو ملي؟
تعليم صوبي ۾ هڪ اهڙو منجهيل سٽ بڻجي ويو آهي، جنهن کي سلجهائڻ لاءِ جيتري ڏاهپ، طريقيڪار ۽ همت جي ضرورت آهي، سا حڪومت وٽ نه پئي لڳي يا اها پاڻ ۾ ايتري سگهه نٿي ساري. ان کي ڪنهن حڪمت عملي ۽ رٿابندي ذريعي ڪرڻ بدران پروجيڪٽن ذريعي مختلف تجربا ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿي رهيا آهن. وقت جو زيان ٿيڻ سان گڏوگڏ تعليم جو به ستيا ناس ٿي رهيو آهي.
حڪومت گذريل ڪيترن سالن کان ڪنهن جامع رٿابندي بدران ٽڪرن ۾ ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ رٿون جوڙي انهن تي عمل ڪندي رهي آهي. نتيجي ۾ انهن جو سماج تي ٺوس اثر نه پئجي رهيو آهي. 1985ع واري ڏهاڪي کان وٺي رٿابندي کان هٽي ايم پي ايز، ايم اين ايز کي ترقياتي فنڊ ۽ اسڪيمون ڏنيون ويون. اهي اسڪيمون سياسي رشوت ثابت ٿيڻ سان گڏ ڪرپشن جو ڪارڻ به بڻيون ته ساڳئي وقت اهڙي حڪمت عملي معاشي اڻ برابري ۽ مقامي ٽڪرائن کي جنم ڏنو. اسان اهو به ڏٺو ته هڪ ڳوٺ ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي ڊزن اسڪول ۽ سئو جي لڳ ڀڳ استاد موجود آهن. هتي جيترا استاد آهن، اوترا ٻار ناهن، ٻئي پاسي ڪيترا اهڙا ڳوٺ آهن، جتي اسڪول جي ضرورت آهي يا وڌيڪ استادن، بلڊنگ ۽ ٻين سهولتن جي ضرورت آهي، پر اتي اهي سڀ شيون نه ڏنيون ويون. اها صورتحال معمولي فرق سان اڄ به جاري آهي. يعني جتي ضرورت هئي، اتي سهولتون نه ڏنيون ويون. اهو سماجيات ۾ معاشيات جو سادو فارمولو آهي ته ضرورت بنا جتي به ڪا سهولت ڏني ويندي، ان جو سماجي ڪارج نه رهندو، بلڪه ان جو غلط استعمال ٿيندو. پوءِ اسان ڏٺو ته اسڪول بند، استاد غائب، شاگرد رولڙي ۾، بلڊنگون اوطاقون يا مال جا واڙا بڻيل رهيون. ساڳي صورتحال رستن ۽ ٻين سهولتن جي آهي. ڏٺو وڃي ته رٿابندي کان هٽيل اهڙين اسڪيمن کي گذريل ٽيهارو سالن کان ڏٺو وڃي ته رٿابنديءَ کان هٽيل اهڙين اسڪيمن تي هر سال اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، پر اهي سڀ بي لاڀ ثابت ٿيا. ٿيڻ ايئن کپندو هو ته انهن سمورين اسڪيمن کي رٿابندي هيٺ آندو وڃي ها. انهن جي پوري طرح ڇنڊڇاڻ ڪري ضرورت، اهميت ۽ اهليت جي بنياد تي اهي پئسا خرچ ڪيا وڃن ها.
اسان جي رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي جو اهو الميو آهي ته اتي بيوروڪريٽ يا ايڊ منسٽريٽر ته ايندا رهيا آهن پر ڪو به اڪانامسٽ يا ماهر نه رهيو آهي. اهڙا اڪانامسٽ جيڪي ماضيءَ جي مختلف اسڪيمن ۽ پروگرامن جو اڀياس ڪري حال جو جائزو وٺندي مستقبل بابت ڪا رٿابندي ڪن ها. اها ڪا راڪيٽ سائنس ناهي ته گذريل چالهيارو کن سالن دوران سڄي دنيا ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي بابت نه رڳو نظريا، اصول ۽ طريقا بدليا آهن، پر ساڳئي وقت ان جا بنيادي عنصر ۽ اوزار به تبديل ٿيا آهن. اهي سڀ حساب ۾ آڻڻ کانسواءِ اسين هڪ سئو سال پراڻي سرشتي جي بنياد تي پنهنجا ترقياتي پروگرام هلائيندا رهياسين. ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ صحت، تعليم ۽ ٻيا بنيادي سهولتن وارا کاتا صوبن جي اختيار ۾ آيا آهن. هاڻي سنڌ اندر رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي بدران خودمختيار، آزاد ۽ پاور فل رٿابندي ڪميشن جوڙي وڃي، جنهن ۾ اڪنامسٽ، ٽيڪنوڪريٽ ۽ ماهر رکيا وڃن، جيڪي سڄي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد هر شعبي جي ڀرپور طريقي سان رٿابندي ڪن. ٽڪرن ۾ ٿيندڙ اسڪيمون ٽڪرن ۾ ٺهندڙ روڊ وانگر آهن، جيڪي وقت سان گڏ ڊهي وينديون ماڻهن کي ڪو فائدو نه ڏئي سگهنديون. سنڌ اندر ترقي ۽ ترقياتي رٿائن کي هڪ نئون رخ ڏيڻ جي ضرورت آهي.

آدمشماريءَ جو عمل ۽ سنڌ ۾ درپيش سياسي چئلينج

سومر 13 مارچ 2017ع
 هلندڙ مهيني جي 15هين تاريخ کان ملڪ ۾ نئين آدمشماري ٿي رهي آهي، جنهن جون تياريون مڪمل آهن. آدمشماري جي اهميت جي پيش نظر ان عمل کي غير تڪراري ۽ شفاف رکڻ جي اشدت ضرورت آهي. 1998ع کانپوءِ آدمشماريءَ جو عمل 2008ع ۾ ٿيڻو هو پر اهو اينگهايو ويو. ان ڏس ۾ نه سرڪاري ادارن ۽ نه وري سياستدانن ڪو ڪم ڪيو آهي. ايتريقدر جو ان جي اهميت کي به ماڻهن ۾ اجاگر نه ڪيو ويو  جو ماڻهو آدم ڳڻپ جي اصلي جوهر کان واقف ٿي سگهجن ته جيئن اهي سمورن ڪٽرپڻن کان مٿڀرا ٿي ان ۾ جوش ۽ جذبي سان حصو وٺن.
 دراصل ملڪ اندر مختلف علائقن توڙي صوبن جي وچ ۾ سياسي توڙي معاشي اڻ برابري، هڪ ٻئي کان ننڍين وڏين شڪايتن بي اعتماديءَ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪابه ڌر اڳتي اچڻ ۽ سچي دل سان اهي شڪايتون ۽ غلط فهميون دور ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان جي نتيجي ۾ سٺي ۾ سٺيون تجويزون ۽ معاملا به تڪراري بڻجي وڃن ٿا. اسان هڪ اهڙي سياسي، معاشي ۽ سماجي نظام کي جنم ڏنو آهي ۽ وقت به وقت ان کي پاڻي به ڏيندا رهياسين، جو اهي تڪرار ختم ٿيڻ بدران ويتر وڌندا رهيا. آدم ڳڻپ جي معاملي ۾ مختلف صوبن، علائقن ۽ ڌرين کي ڪيتريون ئي شڪايتون آهن. کين خدشا آهن ته جهڙي نموني سان اهو ضروري ۽ اهم عمل ڪيو پيو وڃي، ان مان هرو ڀرو ۽ پنهنجي پسند جا انگ اکر ۽ نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي. بلوچستان جون سياسي پارٽيون آدم ڳڻپ کي جهڙي نموني ڏسن ٿيون، ان جو اظهار سردار اختر مينگل ۽ حاصل بزنجو ڪري چڪا آهن. کين ڊپ آهي ته بلوچستان ۾ افغان پناهگيرن کي به ڳڻيو ويندو. نتيجي ۾ بلوچستان جي ڊيموگرافي تبديل ٿي ويندي، جنهن جو اثر وسيلن جي مالڪي کان وٺي اقتدار ۾ حصي پتي ۽ فيصلي سازي تائين پهچندو. ساڳي طرح سنڌ جي ڌرين کي به فڪر آهي ته افغان آبادي توڙي ٻين صوبن ۽ علائقن کان آيل ماڻهن جي سنڌ جي رهواسي طور ڳڻپ ٿيندي. ان ۾ افغانين کان علاوه اهي پرڏيهي به شامل آهن، جيڪي وقت بوقت سنڌ ۾، خاص ڪري ان جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا، جتي هو ملڪيتون ٺاهي، ڪاروبار به ڪري رهيا آهن.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي طرفان به آدم ڳڻپ تي تحفظات ڏيکاريا ويا آهن ۽ سندس موقف آهي ته ان سان شهري آبادي گهٽ ڏيکاري ويندي. ”شهري آبادي“ جي لفظ مان سندس مراد اردو ڳالهائيندڙ يا ورهاڱي کانپوءِ لڏي آيل آهن، جيڪي سندن ووٽ بئنڪ ۽ سياست جو بنياد آهن.
گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ شهري آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي. نوان شهر نهيا آهن. جيڪي ننڍا ماڻهو هئا. اهي وڏا ماڻهو ٿيا آهن ۽ وڏا شهر اڃا وڌيڪ وڏا ٿيا آهن. انهن شهرن جي آباديءَ ۾ واڌ رڳو اڳ رهندڙ شهرين جي ڄم ذريعي ٿيندڙ واڌ کان وڌيڪ ٻاهران آيل ماڻهن جي اچڻ جي ڪري آهي. ان حقيقت کي به مڃڻو پوندو ته ڪراچي هجي يا حيدرآباد، ميرپورخاص هجي يا سکر ۽ نوابشاهه- اتي سنڌ جي ٻهراڙين مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو لڏي آيا آهن، جنهن جو سبب صوبي اندر زرعي ڍانچي ۾ تبديلي، ٻهراڙين ۾ روزگار، تعليم وغيره جا موقعا گهٽ هجڻ. ٻوڏون، ڏڪار، پاڻي جي کوٽ ۽ امن امان جهڙا معاملا شامل آهن. اهو هونئن ته معاشيات جو اصول آهي پر ان سان گڏوگڏ وقت جي حڪومتن طرفان ٻهراڙين جي سار سنڀال نه لهڻ به ان جو وڏو ڪارڻ آهي. پنجاب کي به تحفظات آهن، ڇاڪاڻ جو جڏهن سنڌ جي آبادي وڌي ويندي ته هن صوبي جي قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي کان علاوه نوڪرين، ترقياتي ڪمن ۽ خود مالي وسيلن ۾ به حصو وڌي ويندو. ائين صوبن يا هڪ ئي صوبي جي مختلف علائقن جي وچ ۾ انگ اکر وڌيڪ ڏيکارڻ جي سڌي يا اڻ سڌي طرح ڊوڙ شروع ٿي ويندي.
سنڌ جي لاءِ آدم ڳڻپ وارو گهڻ رخو ۽ گهڻ پاسائون مسئلو آهي. هڪ طرف نامياري معيشت دان قيصر بنگالي جي اها اڳڪٿي آهي ته 2040ع ڌاري ڪراچي پٺاڻن جو وڏي ۾ وڏو شهر ٿي ويندو. ٻئي پاسي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار سڃاڻپ ڏيئي بيهارڻ وارين ڌرين جو معاملو آهي. ٽئين پاسي سنڌ اندر سنڌي ماڻهن جي حقيقي نمائندگي جو سوال آهي، جيڪي انهن سمورن چئلينجن کي سمجهي سگهن، ان لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهن.
1998ع واري آدمشماري موجب، ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي 48 سيڪڙو هئي. پنجابي 13.94 سيڪڙو، پشتو ڳالهائيندڙ 11.42 سيڪڙو، سنڌي 7.22 سيڪڙو، بلوچي 4.34 سيڪڙو ۽ 2.11 سيڪڙو سرائيڪي ڳالهائيندڙ هئا. هتي اٽڪل 16 لک بنگالي، 4 لک برمي آهن، جيڪي پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙن جي کاتي ۾ وجهن ٿا. انهن انگن اکرن جي باوجود ايم ڪيو ايم 90 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ سياسي نمائندگي جي دعويٰ ڪندي رهي آهي. ان کانسواءِ پاڻ ڊيموگرافي جي تبديلين جو جيئن ته ذڪر ڪري آيا آهيون ۽ هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته، پشتو ڳالهائيندڙ افغانين ۽ سنڌي ماڻهن جي آبادي وڌي آهي. نتيجي ۾ جڏهن آدم ڳڻپ ٿيندي ته شهر جي مجموعي طور آبادي ۾ واڌ ظاهر ٿيندي. ان واڌ جي نتيجي ۾ قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جو تعداد به وڌندو.
ايم ڪيو ايم جي ڀرپور ڪوشش رهندي ته اها پنهنجو ووٽ بئنڪ، سيٽون ۽ سياست برقرار رکي. ٻئي پاسي سنڌ جي ٻهراڙين يا سوات، وزيرستان ۽ ٻين آپريشنن جي نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا آهن، انهن جي نمائندگي وارو سوال به پيدا ٿي ويندو. فرض ڪجي ته ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي 40 سيڪڙو تائين بيهي ٿي، ته ڇا باقي سٺ سيڪڙو آبادي کي بنا ڪنهن سياسي نمائندگي جي رکيو ويندو؟ حڪومت ۽ پاليسي ساز ادارا ان سوال جو حل ڪيئن ڳولهين؟ جيڪڏهن حقيقي نمائندگي واري حل لاءِ نئين تڪ بندي ٿئي ٿي ته، ان جا بنياد ڪهڙا رکيا ويندا؟ ڇا ان جا بنياد لساني رکيا ويندا؟ اهڙي صورت ۾ ڪراچي هڪ دفعو وري لساني ڇڪتاڻ جي ڌٻڻ ۾ هليو ويندو، جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال هوندي ۽ مختلف لساني ڌريون سدائين ٽڪراءَ ۾ هونديون. جي نه ته ٻيا اهي ڪهڙا سائنسي، حقيقي بنياد يا معيار ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ هر ڪو ماڻهو سياسي، معاشي، ثقافتي ۽ سماجي طور تي پنهنجي پاڻ کي شريڪ سمجهي؟ ڪراچي هڪ گهڻو اڀريل ڪيس آهي. ٻين شهرن توڙي علائقن ۾ به آدم ڳڻپ جا اثر پوندا، جيڪي نون سياسي چئلينجن کي جنم ڏيندا.

ٿر جي هيڻن ماڻهن پاران ڏاڍن خلاف ڪيل مزاحمت!

جمع 10 مارچ 2017ع
 گوڙاڻي ڊيم خلاف احتجاج تي ويٺل مقامي ميگهواڙن جو احتجاج 140 هين ڏينهن ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ان احتجاج جو شمار سنڌ اندر ٿيل ڊگهن احتجاجن ۾ ڪيو ويندو. هن کان اڳ منو ڀيل سانگهڙ جي وڏيري عبدالرحمان مري خلاف ڊگهي احتجاج تي ويٺو هو، جنهن سندس گهر ڀاتين کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو هو. منو ڀيل تقريبن 1288 ڏينهن علامتي بک هڙتال تي ويٺو هو. منو ڀيل به اصل ٿر جو رهاڪو هو. لڳاتار ڏڪارن غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي سڄي ڪٽنب سوڌو نجي جيل جو باندي بڻيو. منو ڀيل هجي يا ليلارام ميگهواڙ ٻنهي جو تعلق ٿر ۽ اتي جي پوئتي پيل ۽ غريب هندو برادري سان آهي، جنهن کي عرف عامِ ۾ شيڊيولڊ ڪاسٽ ڪوٺيو وڃي ٿو. عام طور انهن ٻنهي ذاتين کي ڪمزور، هيڻو ۽ مزاحمت نه ڪندڙ ذاتين يا قبيلن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. غربت ۽ سماجي توڙي سياسي پٺ نه هجڻ ڪري انهي مفروضي ۾ وڏي حد تائين سچائي به آهي، پر منو ڀيل ۽ ليلارام ميگهواڙ انهي ڏند ڪٿا کي ٽوڙي ڏيکاريو. جڏهن غربت جا ماريل ۽ پوئتي پيل ماڻهو مزاحمت تي لهي ايندا آهن ته کين نه ڪا لالچ، نه وري ڪو دڙڪو دهمان چپ ڪرائي سگهندو آهي. جيئن منو کي به ڪيتريون ئي لالچون ڏنيون ويون ۽ احتجاج تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ ڊيڄاريو ويو پر هو ڪنهن ڏاڍي جي لٺ کان نه ڊنو. بلڪل اهڙي طرح سان گوڙاڻي جي ليلارام ۽ سندس ساٿين کي پڻ ڊيڄارڻ ۽ جدوجهد تان هٿ کڻڻ لاءِ سمورا حيلا هلايا ويا پر، هو پنهنجي ڪاز تان نه هٽيا، ڪارونجهر وانگر ڪر کنيو بيٺا رهيا ۽ اڄ به بيٺا آهن. مٿن ڪنهن پاڙيسري ملڪ جي هٿن ۾ کيڏڻ تائين جا الزام لڳا به پر انهن الزامن کان به هو نه ڊنا. حڪومتي ادارا توڙي اينگرو ڪمپني انهي تلاش ۾ رهيا ته انهن جي احتجاج جي پويان آخر ڪير آهي؟ سموري جاچ جوچ کانپوءِ اها ڳالهه ثابت ٿئي ته سندن پويان ٻيو ڪير به ڪونهي سواءِ ٿر جي ڌرتي، وارياسين ڀٽن ۽ پنهنجي اباڻن پڊن جي. ٿر جي ماڻهو لاءِ ڌرتي ۽ زمين وڏي ڪشش رکي ٿي. مارئي جو ديو مالائي ڪردار عمر جي قيد ۾ به پنهنجي زمين لاءِ رئندو رهيو ۽ آتو رهيو. زمين سان لڳاءُ ۽ ”جيها جي تيها مون مارو مڃيا“ چئي هو پنهنجي فيصلي تي اٽل رهي. ساڳي طرح روپلو ڪولهي پنهنجي شادي جي ستين ڦيري تي اُٿي انگريزن خلاف وڙهڻ لاءِ محاذ تي روانو ٿيو هو.
ٿر جي واري ۾ اهڙو ڇا آهي؟ ڪيترائي سمجهو ۽ سيبتا سنگت وارا اڪثر مون کان پڇندا آهن. مونکي اصغر نديم سيد جي ڊرامي ”آخري گيت“ جو ڊائلاگ ياد ايندو آهي، جنهن ۾ ٺاڪر پنهنجي پٽ کي شهر ۾ رکڻ لاءِ زور ڀريندي ڪمدار کي چوندو آهي ته ”ٿر جي واري جي مهڪ ۽ هتي جي هوا ماڻهو کي سست ڪري ٿي ڇڏي.“ڳالهه صرف ايتري آهي ته اينگرو ڪمپني اسلام ڪوٽ ويجهو ڪوئلو کوٽي ان مان بجلي ٺاهڻ جو پلانٽ لڳائڻ گهري ٿي. ان ڪوئلي جي رسائي تائين کاڻ جي کوٽائي کي پاڻي جي ٽن تهن مان گذارڻو آهي. ڪمپني اهو پاڻي کوٽائي واري هنڌ کان ٽيهه ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ڪڇ رڻ جي ڪنڌي تي گوڙاڻي ڳوٺ جي ٻنين ۾ تلاءُ ٺاهي وجهڻ گهري ٿي. اهو هنڌ اينگرو کي مليل ڪوئلي جي بلاڪ ٽو ۾ شامل ناهي، بلڪه وچ مان ڪوئلي جا ٽي بلاڪ ڪراس ڪري ان هنڌ تائين پهچڻو پوندو. هن تلاءُ جو ماحولياتي حوالي سان ڪوبه اڀياس ٿيل ڪونهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اهي ان جي نتيجي ۾ بي زمين، بي گهر، بيروزگار ۽ بي وطن ٿي ويندا. هو رڳو پنهنجو جيئڻ جو حق چاهين ٿا ۽ سندن اهو حق پاڪستان جي هڪ شهري طور کين آئين ۾ به مليل آهي. ان حساب سان هو پنهنجو قانوني ۽ آئيني حق گهرن ٿا. ان مقصد لاءِ انهن ڊپٽي ڪمشنر کان وٺي تر جي چونڊيل نمائندن کان ٿيندي صوبي جي انتظامي سربراهه تائين پنهنجي دانهن پهچائي آهي پر ڪٿان به کين انصاف نه مليو ۽ سندن مسئلو حل نه ٿيو.  نيٺ انهن عدالت جو در کڙڪايو آهي. عدالت ۾ ٻڌڻي هلندي به انهي تلاءُ يا ڊيم جي اڏاوت جو ڪم جاري آهي. بقول گوڙاڻي جي جدوجهد ۾ شريڪ راج ميگهواڙ جي ڪوئلي واري ڪمپني وٽ وڏا وڪيل آهن، حڪومتي اثر به آهي، پر پوءِ به کيس آس آهي ته عدالت ساڻن ضرور انصاف ڪندي. منو ڀيل جي احتجاج جو سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، تڏهن چوڌري افتخار محمد چيف جسٽس هو، پر اڄ سوڌو منو ڀيل کي سندس ڪٽنب جا ڀاتي هٿ نه آيا آهن ۽ نه ئي کيس اهو سرڪاري طرح ٻڌايو ويو آهي ته اهي سڀ ڀاتي زنده به آهن يا مري چڪا آهن. سر زمين تي سڄو ڪم ڪوئلي جي ڪمپني ڪري رهي آهي پر ڪمپني جا عيوضي ٻڌائين ٿا ته اهو سڀ ڪجهه سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ڪمپني وارا به صوبائي حڪومت جي چوڻ تي ۽ حمايت سان ڪم ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه درست آهي ته هن پلانٽ ۾ 51 سيڪڙو حصو سنڌ حڪومت جو آهي ۽ سنڌ حڪومت ان سڄي معاملي تي ماٺ آهي. هي تحريڪ تاريخ ۽ ٿر جي وڏي ۾ وڏي عوامي تحريڪ ليکي ويندي. اهڙي تحريڪ جيڪا هڪ نهايت پوئتي پيل علائقي مان اُٿي ۽ ايترن ڏينهن کان هلي رهي آهي. ان تحريڪ جي قيادت مقامي آهي ۽ اهي سڀ جا سڀ اقليت سان تعلق رکندڙ آهن. مختلف سياسي ڌرين هن تحريڪ جي گهڻو پوءِ يعني اٽڪل 70 ڏينهن کانپوءِ حمايت جو اعلان ڪيو. ارباب گروپ، عوامي تحريڪ ۽ سندس اڳواڻ رسول بخش پليجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ ڪجهه ننڍيون وڏيون ٻيون قوم پرست ڌريون به احتجاج ۾ يڪجهتي طور شامل رهيون آهن، پر اهي سڀ ڌريون هن تحريڪ تي پنهنجو سياسي رنگ چاڙهي نه سگهيون آهن.ڪمپني ۽ سرڪار گڏجي اسلام آباد، ڪراچي ۽ حيدرآباد مان صحافين جون ٽيمون وٺي آيا ته ڪٿي ميڊيا ۾ هن زهريلي پاڻي جي تلاءُ جي حمايت ۾ ڪجهه لکرائي راءِ عامه تي اثر انداز ٿجي ۽ ڳوٺاڻن جي موقف کي رد ڪري سگهجي، پر اهي سموريون ڪوششون به ناڪام ويون. مقامي صحافي ته ٺهيو پر ڪنهن ٻاهران آيل صحافي به ڳوٺاڻن جي موقف کي رد نه ڪيو. ايتري قدر جو ڪمپني نيٺ اخباري مالڪن جي وفد کي به دورو ڪرايو ۽ ڏاڍيون خدمتون چاڪريون ڪيون پر ڪمپني جا اهي سڀ خرچ اجايا ويا، عام راءِ اڃا تائين اتي جو اتي بيٺي آهي. هاڻي اطلاع آهن ته ڪمپني ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي فنڊ جنهن کي عام لفظن ۾ ڪميونٽي فنڊ سڏيو ويندو آهي، ان جو غلط استعمال ڪندي مقامي آبادي ۾ ڏڦيڙ ۽ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪجهه مسلمان برادرين کي اڀاريو پيو وڃي ته هتي جا اصل راڄ ڌڻي توهان آهيو، هي ميهگواڙ ڇو اچي ”چڱا مڙس“ ٿيا آهن. ٿر جو عام ماڻهو ڏاهو آهي، اهو ڪمپني جي اهڙين چالن ۾ نه ايندو. هو ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن هڪ دفعو گوڙاڻو تلاءُ ٺهيو ته پوءِ ڪوئلي جي 14 بلاڪن لاءِ اهڙا 14 کان وڌيڪ گوڙاڻا ٺهندا ۽ انهن جي اثرن کان ڪير به بچي نه سگهندو. ڪوئلي جي ڪاروبار کي جهڙي نموني اڳتي وڌايو پيو وڃي، سو ڪهن به طرح سان قومي مفاد سان ٺهڪندڙ نٿو لڳي. ڇاڪاڻ جو ان کي مس مئنيج ڪيو پيو وڃي، مس مئنيجمينٽ جو نتيجو ترقي بجاءِ تنزلي جي صورت ۾ نڪرندو. ڇاڪاڻ جو وسيلن کي مئنيج ڪرڻ تي ترقي آهي، جيڪڏهن انهن کي مثبت انداز سان استعمال نٿو ڪيو وڃي ته اها ترقي نه پر تباهي هوندي. پوءِ کڻي ان تي نالا ڪهڙا ئي خوبصورت ڇو نه رکيا وڃن.
 ٿر ۾ عام خيال اهو آهي ته حڪومت ۽ ڪمپني ٻئي عدالت جي فيصلي جي انتظار ۾ آهن، قوي امڪان آهي ته سرڪار ان کانپوءِ متان احتجاج ڪندڙن ۾ هٿ وجهي. ممڪن آهي ته سڀاڻي ڪمپني ۽ حڪومت ڳوٺاڻن کان زور ٿي وڃن، اهو احتجاج صرف تاريخ جو حصو بڻجي رهجي وڃي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ باقي بلاڪن ۾ به ماڻهن سان ساڳي ڪار ٿيندي، ڪنهن به تحريڪ جي ڪاميابي کي ماپڻ جو رڳو هڪڙو ماڻ ماپو نه هوندو آهي ته ان پنهنجو فوري مقصد ماڻيو يا نه، پر ان جي قبوليت ۽ مقبوليت وڏي ڳالهه هوندي آهي، جيڪا ان کي ڪنهن ديو مالائي ڪردار جي قصن جهڙو بڻائي ڇڏيندي آهي. هن تحريڪ سان رومانوي ۽ جذباتي لڳاءُ جا واقعا به واڳيل آهن، چئن گهوٽن لائون لهڻ کان اڳ احتجاج ۽ بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي، هن تحريڪ تي رڳو ٿر جي نه پر سنڌ جي ٻين علائقن جي مزاحمتي شاعرن به مقبول شاعري ڪئي آهي. اها شاعري وري سيف سميجو جهڙن اڄ جي مقبول راڳين ڳائي به آهي.
احتجاج ۾ شامل ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان جي طرفان تحريڪ ڪامياب آهي، جيڪڏهن ڪا ڪسر رهي ٿي يا ناڪامي ٿئي ٿي ته حڪومت عدليه توڙي سماج جي ٻين روايتي توڙي غير روايتي ادارن جي ناڪامي ٿي سگهي ٿي، جيڪي ماڻهن کي سماجي انصاف ڏيارڻ ۽ ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيندا.

سنڌ ۾ مزاحمتي سياست ۽ ادب جا بنياد وجهندڙ تحريڪ!

ڇنڇر 04 مارچ 2017ع 
 اڄ نه شاگرد سياست آهي ۽ نه وري شاگرد تحريڪ، نه ئي وري ڪو حسن علي عبدالرحمان جهڙو اصول پسند وائيس چانسلر آهي. پوءِ به چار مارچ سنڌ جي حقن واري تحريڪ ۽ آمريت خلاف جدوجهد جي علامت طور ياد رکي ويندي. ان تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ نسل هاڻي عمر جي آخري حصي ۾ آهي، پر اهي هڪ اهڙي تاريخ رقم ڪري ويا آهن، جيڪا مستقبل ۾ مثبت حوالي طور ياد ڪئي ويندي.
هي واقعو 1967ع جو آهي، جڏهن ايوب خان جو عروج هو. قانون، اصول مطلب ته سڀ ڪجهه اهو ئي هلندو هو، جيڪا سندس مرضي هوندي هئي. سياسي پارٽيون ايڪڙ ٻيڪڙ موقعن تي ڪجهه مزاحمت ڪرڻ کانسواءِ  هن کي وڌيڪ ڪجهه ڪري نه سگهيون. تڏهوڪي اوڀر پاڪستان ۽ هاڻوڪي بنگلاديش ۾ جيتوڻيڪ سياسي سرگرميون هلندڙ هيون، پر اهي سڀ زير زمين هيون. ايوب خان جي ”سبز انقلاب“ خاص ڪري اولهه پاڪستان جي وڏيرن جا ڍئو ڪرائي ڇڏيا هئا. ٻئي پاسي صعنتڪارن ۽ واپارين کي انتظامي طور ئي نه پر مالي طور به حڪومت جي پٺ هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ 22 خاندان پيدا ٿيا، جن جي هٿن ۾ ملڪ جي سموري دولت هئي. ملڪ ۾ عوامي ۽ سرڪاري قيمت تي پلجندڙ سرمائيداري اُڀري چڪي هئي. غريب ماڻهو لاءِ روزگار، اڳتي وڌڻ توڙي زنده رهڻ جا موقعا گهٽجي رهيا هئا. ايوب سرڪار جو زور يا دفاعي خرچ تي هو يا وري صنعتڪارن ۽ زميندارن کي معاشي سهولتون ۽ قرض وغيره ڏيڻ تي هو. تعليمي ادارا سڀ جا سڀ خانگي شعبي حوالي ٿي رهيا هئا. بلڪل اهڙي نموني سان جهڙي نموني سان اڄ تعليمي ادارن جي کلڻ جو حال آهي. فرق اهو آهي ته، تڏهن سرڪار اسڪول اٽي ۾ لوڻ برابر هئا ۽ اڄ وري سرڪاري اسڪول هوندي به اُتي تعليم اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. تڏهن تعليمي سهولتون ايتريون عام نه هيون، پر ان هوندي به پڙهيل لکيل طبقو پيدا ٿي رهيو هو، جنهن جي کپت سرڪاري توڙي غير سرڪاري شعبي ۾ نه ٿي رهي هئي. ون يونٽ جي ڏاڍاين جا اثر رڳو بنگال نه ڀوڳي رهيو هو، جنهن کي اڪثريت هجڻ باوجود زوري اولهه پاڪستان جي برابر نمائندگي ڏني وئي هئي. خود اولهه پاڪستان جا صوبا پڻ ان اڻبرابري جو بري طرح شڪار ٿي رهيا هئا. ڇاڪاڻ جو انهن جي وسيلن، اختيار ۽ اقتدار تي هڪ ئي صوبو هاوي هو.
ائين مزدور ۽ شاگرد طبقي ۾ هڪ پاسي ته وري ون يونٽ خلاف ٻئي پاسي لائو پچي رهيو هو، اوچتو حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور حسن کي کُٽي کنيو، جيڪو ايوب خان توڙي تڏهوڪي اولهه پاڪستان جي گورنر نواب ڪالاباغ جو لاڏلو هو. کيس شوق جاڳيو ته هو وائيس چانسلر ٿئي، تڏهن حسن علي عبدالرحمان ناميارو قانوندان ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو، بنا ڪنهن سبب جي کيس هٽائي مسرور حسن کي وائيس چانسلر بڻايو ويو. هڪ ڪامورو جنهن جو ڪو به علمي ۽ تدريسي پسمنظر نه هو، ان کي اهڙي طرح سان يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻائڻ اعلى تعليم ۾ نوڪر شاهي جي پهرين مداخلت هئي. ان ئي سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد ڪاوڙجي پيا، انهن يونيورسٽي جي ڄامشورو ڪئمپس کان بسن ۾ سورا ٿي حيدرآباد اچي احتجاج ڪرڻ لاءِ جلوس ڪڍيو، بسون جيئن ئي ڄامشوري واري بئراج کان ٿي اڳتي آيون ته پوليس انهن کي روڪي ورتو، پهريان لٺ بازي ڪئي ۽ آنسو گئس استعمال ڪئي وئي آخرڪار هوائي فائرنگ به ڪئي، نتيجي ۾ ڪئين شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ٻه سئو کان وڌيڪ گرفتار ٿيا. ان جلوس جي قيادت ڪندڙن ۾ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، نديم اختر، ڪامل راڄپر، ڄام ساقي علي احمد بروهي ۽ ٻيا ڪيترائي ان دور جا سورهيه نوجوان هئا. اهو واقعو موجوده راجپوتانا اسپتال ۽ ڄامشوري واري پل جي وچ تي پيش آيو هو، رد عمل ۾ مظاهرا ٿيا ۽ بعد ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل شاگردن کي آزاد ڪيو ويو.
ستر واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽي جڏهن حڪومت ۾ آئي ته ان 4 مارچ جي واقعي واري هنڌ تي يادگار ٺهرائڻ لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو، جيڪو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪجهه ”همراهن“ ڊاهي ڇڏيو. ائين انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ شاگرد تحريڪ جو يادگار ٺهڻ کان رهجي ويو.
بظاهر اها تحريڪ ڪمشنر کي وائس چانسلر بڻائڻ ۽ تعليم ۾ سرڪاري مداخلت خلاف هئي، پر اصل ۾ ماڻهن اندر مجموعي طور تي ايوب خان جي پاليسين ۽ معاشي نظام خلاف تاءُ موجود هو ۽ اهي اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ هئا ته، ڪجهه اهڙو ٿئي ته حڪومت خلاف ٻاهر نڪري اچن. اصل ۾ هي سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهم موڙ هو، جنهن کان سرڪار ڊڄي وئي. نتيجي ۾ ان کي ورهائڻ لاءِ سنڌي_مهاجر جهيڙا ڪرايا ويا. اهو جهڙو اڄ سوڌو هلندو اچي.
جيئن ته ايوب جي سختين ۽ مجموعي طور تي مٿاهين طبقي طرفان آمريت جو ساٿ ڏيڻ سبب سرگرمي لاءِ اسپيس نه هو. نتيجي ۾ تعليمي ادارا ان جو مرڪز بڻيا. ائين رڳو سياست تعليمي ادارن ۾ ڪو نه آئي، بلڪي شاگرد به رستن تي آيا ۽ انهن سياست کي به رستن تي آندو.
هن تحريڪ جا سنڌ جي ادب، سياست ۽ معاشيات کان وٺي مجموعي طور سماج تي گهرا اثر پيا. چار مارچ کان اڳ سنڌ اندر ڪا به فعال شاگرد تنظيم ڪونه هئي. شهري سطح تي ڪميونسٽن جي ذير اثر ڪجهه تنظيمون هيون پر هن واقعي سڄي سنڌ جي شاگردن کي متحرڪ ڪيو، نتيجي ۾ سنڌ سطح جي شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي نالي سان ٺهي، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن به اصل ۾ ان ئي تنظيم جي ڪُک مان جنم ورتو هو.
هن واقعي شاگردن کي اهو احساس ڏياريو ته اهي به هڪ طاقت آهن، جيڪي انتظاميا ۽ حڪومت کي لوڏي سگهن ٿا. جنهن سبب سنڌ ۾ مجموعي طور سياسي تحرڪ وڌيو، ساڳي ريت اديبن ۽ شاعرن کي به شاگردن جو ساٿ ملي ويو. ائين سنڌ جو نوجوان نسل متحرڪ قوت طور ۽ سنڌ جو دانشور فڪري لحاظ کان هڪٻئي سان سلهاڙجي ويو. يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي ٻهراڙي سان تعلق هجڻ ڪري ٻهراڙي جو عام ماڻهو ۽ هاري، ناري به سياسي تحريڪ خاص ڪري ون يونٽ خلاف تحريڪ سان جڙي ويو. جتي ان کان اڳ سنڌ هاري ڪميٽي به ڪم ڪندي رهندي هئي. ائين هڪڙو ٽڪنڊو ٺهي ويو، جنهن ۾ ڪيترن هنڌن تي مزدور به شامل رهيا، هي حڪومت ۽ رياست لاءِ به هڪ بنهه نئين صورتحال هئي.
ساڳي ريت ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ايوب شاهي خلاف احتجاج شروع ٿي چڪو هو. لڳ ڀڳ اتي به تحريڪن جي اهڙي ئي شڪل اُڀري رهي هئي، جيڪا سنڌ ۾ وڃي بيٺي هئي. هتي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته ان جي شروعات سنڌ کان ئي ٿي. ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي انهي مظهر جي يا ان جي ٽوڙ جي پيداوار آهي. بهرحال ون يونٽ ٽٽي ويو، چونڊون به ٿي ويون، اها ٻي ڳالهه آهي ته، بنگال آزاد ٿي ويو. سنڌ اندر هن تحريڪ جا سياسي اثر ۽ شعور اڄ سوڌو موجود آهي.

پيپلز پارٽي ۾ جاري نيون ڀرتيون ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن جو ڪردار

اڱارو 28 فيبروري 2017ع 
پيپلزپارٽيءَ ۾ ڀوتارن جي وڏي پيماني تي ڀرتي شروع آهي. حالانڪ سنڌ ۾ نوڪرين تي بندش جيان، پارٽيءَ ۾ ڀوتارن جي ڀرتيءَ تي ڪڏهن به بندش نه رهي آهي. انهن لاءِ پارٽيءَ جا دروازا سدائين کليل رهيا آهن. موقعي مهل جي مناسبت سان اهي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن. 2012ع ۽ 2013ع ۾ ڪجهه صورتحال ماڳهين خراب هئي. تڏهن پارٽيءَ جي قيادت وڏيرن جي درن تي وڃي رهي هئي ۽ کين پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ زور ڀري رهي هئي پر هاڻوڪو معاملو ٿورو مختلف آهي. ڀوتار پاڻ پارٽي قيادت سان رابطا ڪري شموليت اختيار ڪري رهيا آهن. سنڌ جي گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي انهن با اثر شخصيتن جا پنهنجا تضاد ۽ مفاد ايترا گهرا رهيا آهن، جو ٻه گروپ هڪ ئي وقت ساڳي پارٽيءَ ۾ ورلي رهندا آهن، پر هن ڀيري گهوٽڪيءَ ۾ اها صورتحال وڃي بيٺي آهي، جو لنڊ، مهر، پتافي - سڀ ڌريون پيپلزپارٽيءَ ۾ اچي ويون آهن.
آخر اها ڪهڙي جادوءَ جي لٺ هئي، جنهن اهڙي صورتحال پيدا ڪئي؟ پارٽيءَ جي پروگرام، منشور ۽ قيادت ۾ اوچتو کين ڪو وڏو ڪرشمو نظر اچي ويو؟ هڪ ڪرشمو اهو هو ته ڀوتارن اهو تاڙي ورتو آهي ۽ اسلام آباد جي ڌرين کين اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ وري به پيپلزپارٽيءَ ئي حڪومت ٺاهيندي. ائين انهن همراهن تحريڪ انصاف توڻي نواز ليگ مان آسرو پليو ته اهي ڪو سنڌ ۾ ڌر ڌڻي ٿي بيهندا. کين نواز ليگ جي حڪومتي دور جو تجربو ٿي چڪو. اهڙي صورت ۾ حڪومت کان ٻاهر ويهڻ جو ڊگهو روزو رکڻ انهن همراهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان ڪري انهن بهتر سمجهيو ته چونڊن ۾ کڻي سال کن دير هجي، پر هينئر ئي پارٽيءَ ۾ شموليت ڪري سيٽن جي ورهاست ۾ پنهنجي والار ڪري وٺجي.
پيپلزپارٽيءَ ۾ ڀوتارن لاءِ جهجهي ڪشش ”جي ٽي روڊ سياست“ ۾ ڪا جڳهه نه نڪرڻ سبب به پيدا ٿي. پنجاب ۾ تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ هلندڙ سياسي چٽاڀيٽيءَ جو نبيرو پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي سان مشروط ٿيل لڳي ٿو. جنهن موجب، نواز شريف لاءِ ته ڏکيا ڏينهن اچي سگهن ٿا، پر نواز ليگ لاءِ نه. ايندڙ وقت ۾ ڪنهن اهڙي فارمولا تي ڪم ٿيندي نظر اچي ٿو ته پنجاب ۾ صوبائي حڪومت شهباز شريف کي ملي ۽ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي سيٽن جي زور تي تحريڪ انصاف کي وفاق ۾ حڪومت ملي وڃي. ٻيو فارمولو اهو ٿي سگهي ٿو ته نواز ليگ ايتريون سيٽون نه کڻي سگهي، جو اڪيلي سر حڪومت ٺاهي. ان ڪري ممڪن آهي ته هڪ ٻئي جون ”فرينڊلي اپوزيشن“ رهندڙ ٻئي پارٽيون نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي، گڏيل حڪومت ٺاهين. بهرحال پيپلزپارٽيءَ ۾ تازي پيدا ٿيل ڪشش جو ڪارڻ پاناما ليڪس جو فيصلو محفوظ ٿيڻ آهي. ڪيس جو فيصلو ڪهڙو ايندو، ان بابت آخري شنوائيءَ تي چيف جسٽس جي ريمارڪس کي مبصر وڏي اهميت ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ هن چيو هو ته فيصلو اهڙو ڏنو ويندو، جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قابل قبول هوندو ۽ تاريخي هوندو.
هن کان اڳ پيپلزپارٽي سالن کان اها ڪوشش ڪندي رهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنجاب ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي. ان لاءِ پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيترائي ڏينهن اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ٽڪيل رهيو. پارٽيءَ جي پنجاب واري ڌڙي جي پاليسيءَ تي به هليو. نواز شريف جي مخالفت لاءِ تحريڪ انصاف سان به گڏ بيٺو. وري ڦيرو کائي تحريڪ انصاف کان پري ٿي بيٺو. انهي سڄي جوڙ ٽوڙ دوران راولپنڊيءَ ۾ گارڊ جي تبديليءَ جو وقت به اچي ويو ۽ نئون آرمي چيف اچي ويو. پاڪستان جي سياست لاءِ اهو سمجهيو ويندو آهي ته پنڊيءَ ۾ آيل تبديلي ان تي سڌي طرح اثرانداز ٿئي ٿي. ان آسري تي پيپلزپارٽيءَ جو مک ليڊر آصف زرداري وطن موٽي آيو. هن پنهنجي ۽ بلاول ڀٽو جي قومي اسيمبليءَ ۾ ڇوٽي چونڊ ذريعي اچڻ جو اعلان ڪيو، ۽ اهو به اعلان ڪيو ويو ته بلاول ڀٽو قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر هوندو. اهي ٻئي اعلان ٻه هفتا گذرڻ بعد به بنا عمل جي ئي رهيا. هونئن به جڏهن اهي اعلان ڪيا پئي ويا، تڏهن سمورن حلقن کي حيرت ٿي رهي هئي ته باقي سال کن لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ اچي پيءُ پٽ اهڙو ڪهڙو وڏو ڪم ڪري وٺندا؟ هاڻي هرڪو سمجهي پيو ته اهو پتو اڇلايو ويو هو.
پارٽيءَ تي اها ماڻهن جي ميار رهندي ته ان ويجهڙ ۾ نه ميمبر سازيءَ جي مهم هلائي ۽ نه ئي ڪارڪنن کي ائين ويجهو آندو، جيئن شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه ڪندا هئا. ٻه ڀيرا اڳي، يعني پهريون ڀيرو مڪاني ادارن جي چونڊن مهل ۽ ان کانپوءِ پارٽيءَ جي عهديدارن جي چونڊن دوران به قيادت ڪيترين ئي با اثر شخصيتن ۽ گهراڻن کي پارٽيءَ ۾ جاءِ ڏيئي چڪي هئي. ڪجهه ڪسر وري وڏي وزير جا مشير ۽ خاص مددگار وغيره مقرر ڪرڻ مهل ڪڍي وئي. مطلب ته سنڌ جو مٿيون طبقو هر حال ۾ با اثر ۽ صاحب اقتدار رهڻ گهري ٿو، سو به سڌيءَ طرح. اڳي اقتدار ۾ رهڻ کي علائقي ۾ رعب، دٻدٻي لاءِ ضروري سمجهيو ويندو هو. ان بعد جوڻيجو ۽ ضياءَ دور ۾ اها ڳالهه نوڪرين جي ڪوٽا ۽ خاص ترقياتي بجيٽن تائين وڃي پهتي، جيڪا جمهوريت جون دعويدار ٻه وڏيون پارٽيون به ختم نه ڪري سگهيون. بلڪه انهن ٻنهي مدن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو. پوءِ انهن ترقياتي ڪمن ۽ نوڪرين جو ڇا ٿيو؟ اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي. نوڪريون وڪاڻيون، ترقياتي ڪم صرف ڪاغذن تي ئي مڪمل ٿيا، ۽ بل ادا ٿي ويا. ائين اقتدار ۾ هجڻ جي هڪ نئين چمڪ پيدا ٿي. اها چمڪ ”ٻڌ- ڇوڙ“، مقرري ۽ بدليءَ واري سياست کان وڌيڪ پرڪشش ثابت ٿي. نتيجي ۾ اقتدار کي ويجها رهندڙ ماڻهو چند سالن ۾ طبقو مٽائي ويٺا. سنڌ ۾ عجيب صورتحال ان ڪري به آهي، جو پنجاب ۾ بنياد رکندڙ پارٽيون جهڙوڪ، نواز ليگ، تحريڪ انصاف وغيره سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نه ئي وري سياسي حوالي سان سنڌ کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهن. سيد غوث علي شاهه، لياقت جتوئي، ممتاز ڀٽو، ٺٽي جا شيرازي برادران، ٿر جا ارباب، حڪيم بلوچ ۽ نوان جتوئي وارا همراهه نواز ليگ ۾ شامل هجڻ جي باوجود پارٽيءَ انهن کي ڪا موٽ يا مڃتا نه ڏني. ساڳي صورتحال تحريڪ انصاف جي آهي. فنڪشنل ليگ هاڻي ذري گهٽ روحاني جماعت طور وڃي بچي آهي. ان ۾ موجود ماڻهو ڪيڏي به مهل پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، يا وري پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ فنڪشنل ليگ، پيپلزپارٽيءَ سان ڪو ٺاهه ڪري سگهي ٿي. چوڻ وارا چون ٿا ته ان ڏس ۾ مٿئين سطح تي ڪي ملاقاتون، ڪي ڳالهيون به ٿيون آهن.
هتي هڪ ٻي ڳالهه وڏي اهميت جي حامل آهي ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان اسٽيبلشمينٽ اهڙي قسم جي سياست کي فروغ ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ ڪا به ملڪ گير هڪ يا ٻه پارٽيون ميدان ۾ نه هجن. هر صوبي ۾ وري هڪ يا ٻه پارٽيون ئي رکڻ جو فارمولا نظر اچي ٿو. ملڪ گير پارٽيءَ کي منهن ڏيڻ اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو نواز ليگ پنجاب تائين، پيپلزپارٽي سنڌ تائين، تحريڪ انصاف به پنجاب ۽ خيبر پختونخوا تائين محدود آهي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي متبادل طور ايم ڪيو ايم کي اڀاريو ويو. ايم ڪيو ايم خلاف تازي آپريشن ان جي شڪل مٽائي ڇڏي آهي. بدقسمتي اها آهي ته ان آپريشن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ پيپلزپارٽي، نواز ليگ توڻي تحريڪ انصاف، ويندي جماعت اسلاميءَ تائين ڪا به پارٽي نه پنهنجو ووٽ بئنڪ ٺاهي سگهي آهي ۽ نه وري ليڊر. ڪراچيءَ ۾ پارٽيءَ جا ليڊر سئٽلائيٽ وانگر آهن، جيڪي هن وڏي شهر ۾ پنهنجي موجودگي به چڱي طرح ڏيکاري نٿا سگهن. ان ڪري ايم ڪيو ايم مخالف يا غير ايم ڪيو ايم جي ووٽر وٽ به ڪو سنجيده ۽ مناسب آپشن ناهي.
عرفان الله مروت جي پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت پارٽيءَ جي بدنصيبي آهي. ڄام صادق دور ۾ مروت جيڪي پيپلزپارٽي ۽ ان جي ڪارڪنن ۽ خود ليڊرن سان ويل ڪيا، سي تاريخ جو حصو آهن. بينظير ڀٽو جي ساهيڙي وينا حيات وارو ڪيس آخر تائين اڻ نبريل رهيو. پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن منظور وساڻ، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، مولابخش چانڊيو ۽ ٻين کي اهي سختيون اڃا وسريون نه هونديون. سرڳواسي جڳديش ملاڻيءَ سان به ڪا گهٽ نه ٿي هئي. مروت جي شموليت تي آصف علي زرداريءَ جي ٻن ڌيئرن ڏاڍي مضبوطيءَ سان ۽ تلخ لهجي ۾ اعتراض واريو آهي. جنهن بعد پارٽيءَ اندر مروت مخالف موقف ۽ جذبن کي هٿي ملندي. ڏسجي ته آصف علي زرداري پنهنجين ڌيئرن ۽ ٻين ڪارڪنن جي انهن جذبن ۽ احساسن کي ڪيتري مڃتا ڏئي ٿو.
سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ ٻيو وڏو ڪم اهو ڪيو آهي ته راءِ عامه ٺاهيندڙ حلقن کي پاڻ سان ڳنڍي ورتو آهي. هن کان اڳ اهي حلقا پيپلزپارٽيءَ جا مخالف ۽ نقاد رهيا آهن. سنڌ جو دانشور ۽ اديب لڏو روايتي طور تي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جو مخالف رهيو آهي. اهو معاملو ون يونٽ ٺهڻ بعد شروع ٿيو، جيڪو ڀٽي صاحب جي دور تائين جاري رهيو. جنهن بعد ذوالفقار علي ڀٽي ڪنهن حد تائين انهيءَ حلقي کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو مڃڻو پوندو ته شهيد محترمه ان ڏس ۾ ڪا قابل ذڪر ڪوشش نه ڪئي. بعد ۾ آصف علي زرداريءَ جي قيادت ۾ پارٽيءَ جو رنگ ئي تبديل ٿي ويو. ان جو عام پروفائيل ڪنهن به طور چڱو نه بيٺو. اهڙي وقت ۾ ثقافت کاتي پنهنجو ڪم ڏيکاريو. اهو ڪم ان ڪري به سولو ٿي پيو، جو سنڌ ۾ قومپرست ۽ کاٻي ڌر ايترو سڪڙجي ويون، جو ڳڻپ ۾ ئي نه پيون اچن.
پيپلزپارٽيءَ جي حڪمراني ۽ ڪارڪردگيءَ تي سئو سوال آهن، انهن جي نهڪر وارن جوابن کان ڪير انڪاري به ڪونهي. عوام کي ڇا مليو ۽ ڇا پيو ملي؟ اهي سوال به پنهنجي جاءِ تي رهندا پر اهي به حقيقتون آهن ته با اثر شخصيتون، جيڪي عوام کان ووٽ وجهرائي ۽ پولنگون سنڀالي ۽ کٽائي سگهن ٿيون، سي پيپلزپارٽيءَ ڏانهن اچي رهيون آهن، ۽ راءِ عامه ٺاهيندڙ لڏو به پيپلزپارٽيءَ کي جيسٽيفاءِ ڪري رهيو آهي. سنڌ بنهه هڪ نئين صورتحال ڏانهن وڌي رهي آهي.