Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, July 31, 2019

ڪراچيءَ مان اٿندڙ حڪومت مخالف آواز!

ڪراچيءَ مان اٿندڙ حڪومت مخالف آواز!

اپوزيشن جي صفن ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه اختلاف تري آيا آهن، اهي اختلاف بنيادي طرح ٽن مکيه پارٽين پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نواز ۽ جي يو آءِ (ف) جي وچ ۾ آهن. انهن اختلافن کي بظاهر حڪمت عملي ۽ مختلف نقطهءِ نظر جو نالو ڏنو پيو وڃي. پر اصل ڳالهه رٿيل تحريڪ جي نتيجن ۽ ان کان پوءِ واري سيٽ اپ جي آهي. اهي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، اپوزيشن پارٽين پنهنجي مهم ذريعي چئني صوبن کي گرمايو ضرور آهي. حساس صوبي بلوچستان ۾ شايد احتجاج وارو شو نه ٿي سگهي ها، ان شڪ کي دور ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءَ مريم نواز خود يوم احتجاج تي اتي پهچي ويئي. سنڌ ۾ بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ احتجاج جو مظاهرو ڪرڻ بعد گڏيل اپوزيشن جي ڪال واري ڏينهن تي صوبائي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ جلسو ڪيو. جلسي مان لڳو ته پيپلزپارٽي پنهنجي پر ۾ سمورين ڪوششن جي باوجود ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙن ۾ پنهنجي جڳهه نه ٺاهي سگهي آهي، جڏهن ته اپوزيشن جي ٻين جماعتن هن پروگرام کي “حاضري ڀرڻ” جي حد تائين رکيو ۽ ان کي صرف پيپلزپارٽي جو پروگرام ئي قرار ڏنو. ڪراچي وڏو صنعتي ۽ ڪاروباري مرڪز هجڻ سان گڏوگڏ بندرگاهه وارو شهر ۽ عالمي طور تي سڃاتل آهي. اهو شهر هر حڪومتِ وقت جي خلاف تحريڪ ۾ يا وري ان خلاف عام راءِ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.
هن وقت ڪراچيءَ ۾ صفائي، پيئڻ جي پاڻي، بجلي، گندي پاڻي جي نيڪال، صحت ۽ تعليم کان ويندي ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروبار ۾ رڪاوٽن تائين خود انصاف ڀرئي انداز ۾ قانون جي موجودگي تائين انيڪ مسئلا آهن پر ڪابه ڌر انهن مسئلن جي حوالي سان ڪراچيءَ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن ته سياسي مالڪي لاءِ هر ڪا ڌر تيار آهي. ڪراچيءَ مان ڪوبه حڪومت مخالف سگهارو سياسي آواز نه پيو اچي. ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙي بندي ۽ سرڪاري طور برانڊ يافته ڌڙي جي وفاقي حڪومت ۾ شامل هجڻ ڪري مسئلن لاءِ آواز نه پيو اٿي ۽ نه وري ڪنهن طريقي سان ڪراچيءَ جي سياسي تشفي ٿي رهي آهي. جماعت اسلامي هن شهر ۾ اچڻ لاءِ ڦيرا ڏنا پر اها پنهنجي ايپروچ ۽ ليڊرشپ ۾ ماضي جي جماعت ٿي ويئي آهي. ٻئي طرف اها جماعت پاڻ کي گڏيل اپوزيشن کان ڌار رکي اپوزيشن جي مکيه وهڪري جو حصو نه بڻجي رهي آهي. ان ڪري ڪراچي جي حڪومت مخالف جذبن جي عڪاسي نه پئي ڪري سگهي. اهڙين حالتن ۾ ٽي سال کن اڳ ايم ڪيو ايم کان منحرف ٿي پاڪ سرزمين پارٽي جي نالي سان نئين پارٽي ٺاهيندڙ مصطفيٰ ڪمال سنڀريو آهي ته هو انهيءَ خال کي ڀري. مصطفيٰ ڪمال جي پي ايس پي کي به سگهارن هٿن جي آشيرواد سان ٺاهيل پارٽي ليکيو وڃي ٿو. اها جماعت سمجهي ٿي ته اهڙين حالتن ۾ اها ڪا رول ادا ڪري سگهي ٿي. مصطفيٰ ڪمال کي گذريل سال وارين چونڊن جي نتيجن بابت به ڏک آهي ته سگهارين ڌرين ساڻس ڪو “سٺو سلوڪ” نه ڪيو. ڌڙي بندي کان پوءِ پاڻ کي متبادل سمجهڻ واري جماعت کي هڪ به سيٽ نه ملي سگهي. ڪراچي جي سيٽن جي جڏهن ورهاست ٿي رهي هئي ته ايم ڪيو ايم جي هٿن مان نڪرندڙ سيٽون تحريڪ انصاف جي جهولي ۾ وڌيون ويون. بعد ۾ پي ايس پي چوندي رهي ته ساڻس جيڪي شرط طئي ٿيا هئا، چونڊن جا نتيجا ان مطابق ناهن. چونڊن کان اڳ اها ڪوشش ڪئي ويئي ته اردو ڳالهائيندڙن جو ووٽ ورهائجي نه وڃي، ان مقصد لاءِ کليل توڙي لڪيل نموني ڳالهيون به ٿيون. فاروق ستار ۽ پي ايس پي اتحاد به ڪيو. پر اهو اتحاد به نتيجا نه ڏيئي سگهيو.
تحريڪ انصاف وٽ ڪراچي ۽ ايم ڪيو ايم جي ٽن ڳالهين جي ڪري اهميت آهي. (1) وفاقي حڪومت ۾ عددي کوٽ کي پورو ڪري رهي آهي. (2) ڪراچيءَ ۾ ناجائز اڏاوتون ڊاهڻ کان وٺي بجيٽ، مهانگائي، معاشي يا وري وفاقي حڪومت جي ڪن پاليسين بابت ڪراچيءَ ۾ ڪو وڏو احتجاج نه ٿئي. (3) جڏهن وفاقي حڪومت سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت سان کيڏڻ گهري ته ان ۾ ايم ڪيو ايم ساٿ ڏئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۾ هوندي به ايم ڪيو ايم جو ڊمي رول آهي.
ايم ڪيو ايم جو خيال هو ته اها وفاقي حڪومت جي حمايت ڪري گرفتار ڪارڪنن جي آزادي يا ڪارڪنن خلاف وڌيڪ ڪاررواين بابت ڪجهه رليف حاصل ڪري سگهندي. وڌيڪ اهو ته ڪراچي لاءِ ڪجهه فنڊز ۽ ترقياتي رٿائون به وٺي ويندي. ايم ڪيو ايم کي قومي اسيمبلي ۾ گهٽ ميمبر هجڻ جي باوجود ٻه وزارتون مليون ليڪن باقي معاملن ۾ ڪا گهڻي پيش رفت نه ٿي سگهي. بظاهر ڪراچيءَ جي ماڻهن لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفاقي حڪومت ۾ شموليت جو ڪراچي جي ماڻهن کي ڪو فائدو نه مليو. اها ڳالهه خود ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ به محسوس ڪئي پئي وڃي. ان ڪري پي ايس پي حڪومت مخالف بيانئي سان ميدان ۾ آئي آهي ۽ چوي ٿي ته “سمورين پارٽين کي آزمائي ڏٺو، اهي ڪراچي جي ماڻهن کي ڪجهه به نه ڏيئي سگهيون. گورنر ۽ ميئر ڪراچي برسات جو مزو وٺي رهيا آهن. ڪراچي لاءِ صدر، وزيراعظم، وفاقي وزيرن، ايم اين ايز، 26 ايم پي ايز واري تحريڪ انصاف به ڪجهه نه ڪري سگهي آهي.” سو وفاقي حڪومت ئي سندس تنقيد جي سڌن تيرن جي نشاني آهي.
ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ وفاقي وزير قانون فروغ نسيم ارڙهين ترميم مخالف آهي. وقت بوقت هو اهڙا بيان ڏيندو رهيو آهي. ساڳئي وقت سنڌ ۾ حڪومت خلاف بيان ڏيئي ايم ڪيو ايم جي حامين جي دل تي ٿڌي پاڻي جو ڇنڊو هڻندو رهيو آهي. مصطفيٰ ڪمال پنهنجي بيانن ۾ ايم ڪيو ايم وانگر سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪري، هو وڏي حد تائين ارڙهين ترميم جو حامي آهي. سندس فرمائش اها آهي ته اهي اختيار اڃا به هيٺين سطح تي وڃڻ گهرجن. هن باغِ جناح واري پنهنجي جلسي ۾ سنڌ حڪومت تي به تنقيد ڪئي. جيڪا هونئن به هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو هو سنڌ حڪومت جو اتحادي ناهي. سندس تنقيد جو حدف ايم ڪيو ايم ۽ وفاقي حڪومت آهن. اهو چئي سگهجي ٿو ته منطقي طور سندس سياسي موقف گڏيل اپوزيشن کي ويجهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو گڏيل اپوزيشن حڪومت خلاف پنهنجي مهم جو آغاز ڪري چڪي هئي، تنهن اپوزيشن جي احتجاج واري ڏينهن کان چار پنج ڏينهن اڳ ڪراچيءَ جي باغ جناح ۾ وڏو جلسو ڪري پنهنجي پاور شو جو مظاهرو ڪيو. هن موقعي تي هن بلوچستان جو به هلڪو حوالو ڏنو، سندس اهو حوالو ڏيڻ اهم آهي.
پاڪ سرزمين پارٽي پنهنجي سرگرمين ذريعي اهو پيغام ڏنو آهي ته ڪراچي هن پارٽي جي ذريعي حڪومت مخالف ڪيمپ ۾ وڃي سگهي ٿي، جنهن جي مخالف ڌر کي به وڏي ضرورت آهي. ڪاروباري حلقا ۽ ڪجهه ٻيون ڌريون حڪومت جي تازين پاليسين کان بيزار آهن. اهي پنهنجي اظهار جو ذريعو ڳولي رهيا آهن. پي ايس پي پاڻ کي ان لاءِ آڇيو آهي. باقي اهي حلقا قبول ڪن ٿا يا نه؟ اها الڳ ڳالهه آهي. ساڳئي وقت اها آڇ حڪومت لاءِ به دڙڪو آهي ته پي ايس پي ڪراچيءَ جي انهن ڌرين کي پاڻ سان ملائڻ ۽ موبلائيز ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي. مختلف واقعن ۽ رابطن مان لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي ڀيٽ ۾ پي ايس پي سنڌ حڪومت وٽ وڌيڪ قابل قبول آهي. مصطفيٰ ڪمال چوي ٿو ته “سڀ ماڻهو اسان ڏانهن پيا ڏسن” يعني ايم ڪيو ايم جي حامي صفن توڙي ان کان ٻاهر اها پارٽي پنهنجي رول جي ڳالهه ڪري رهي آهي. پي ايس پي اڳواڻ ان حد تائين ويو جو چيائين ته، “اسين روڊن تي به اچي سگهون ٿا.” تجزيه نگارن جو خيال آهي ته پي ايس پي پنهنجي لاءِ ڪو رول ڳولي رهي آهي. اهم نقطو اهو آهي ته رٿيل مڪاني چونڊن ۾ اها چاهي ٿي ته ساڻس “بهتر سلوڪ” ڪيو وڃي. ماضي ۾ ڪراچي بابت سگهارن هٿن جي اها حڪمت عملي رهي آهي ته ڪنهن گروپ کي هڪ سطح تي نظرانداز ڪيو ويندو آهي ته ٻئي سطح جي چونڊن ۾ ان سان بهتر سلوڪ ڪري حساب برابر ڪري ڏنو ويندو آهي. پي ايس پي جون اهي ڪوششون پنهنجي جاءِ تي پر ڪراچيءَ مان حڪومت مخالف آواز اچڻ رڳو اپوزيشن جي تحريڪ لاءِ ئي نه پر خود جمهوريت لاءِ به اهم آهي.
MQM, PSP, 2019 
Anit government voices from Karachi

Labels: , ,

Tuesday, July 16, 2019

غلط پاليسين جا عوام کان ڏنڊ ڀرائيندڙ حڪومت!


غلط پاليسين جا عوام کان ڏنڊ ڀرائيندڙ حڪومت!: غلط پاليسين جا عوام کان ڏنڊ ڀرائيندڙ حڪومت! 

غلط پاليسين جا عوام کان ڏنڊ ڀرائيندڙ حڪومت!


تحريڪ انصاف ڪرپشن جو چُورن وڪڻي، نقلي حڪيمن ۽ عالمن وانگر بس چپٽي وڄائي سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ جي خام خيالي ۾ ماڻهن کي مبتلا ته ڪري ورتو، پر جڏهن عمل جو وقت آيو ته اردو چوڻي وارو منظر پيدا ٿي ويو، “کودا پهاڙ نڪلا چوها، وه ڀي مرا هوا.” عوام ۾ مقبول بڻايل ڪرپشن جو بيانيو ڪي نتيجا نه ڏئي سگهيو. لکين گهر، لکين نوڪريون ته ويون ڍنڍ جي تري ۾ ماڳهين اڳ موجود گهر ۽ نوڪريون تيل ٿيڻ لڳيون. ملڪي معيشت به وينٽيليٽر تي هلي وئي. پهرين اهو چيو ويو ته اڳوڻن حڪمرانن، سياستدان ڪرپشن ڪئي آهي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪرپشن جي الزامن توڙي جاچ بابت ضياءُ ۽ مشرف دور کي پاسيرو رکيو ويو آهي. ٻئي مرحلي ۾ پرڏيهه پئسا موڪلڻ ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس سامهون آيا. معيشت جي اهڙي ته ڊيڄاريندڙ تصوير ٺاهي پيش ڪئي وئي جو عام ماڻهو ته ڇڏيو پر ڄاڻو ۽ ماهرن تي ڊپ ۽ هيجان ڇانئجي ويو، بلڪل ايئن جيئن خانگي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر اتي داخل ڪنهن مريض جي وارثن ۾ ڊپ ويهاريندا آهن ته، “بابا اينجيوپلاسٽي نه ڪرائي ته توهان وارو همراهه مري ويندو.” ايئن ئي وزيراعظم جهنگ جي “حادثاتي بادشاهه” جيان ڀڄ ڊڪ ڏاڍي ڏيکاري پر نيٺ نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو اڳواٽ ئي طئي هو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکڻو آهي. هاڻي جيڪي ٽيڪس لڳايا ويا، عوام لاءِ سهولتون ۽ رعايتون گهٽايون ويون ان مان لڳي ٿو ته ملڪ جا ماڻهو ڪمائين ئي آءِ ايم ايف لاءِ پيا ۽ اهي زنده به ان لاءِ آهن ته جيئن آءِ ايم ايف جو قرص لهي سگهي.

آءِ ايم ايف وياج خور جيان آهي جنهن جو ڌنڌو توڙي مهارت ئي اها آهي ته اهي قرض ڏين ۽ ان تي وياج ڪمائين، ان ڪري کيس پنهنجو مور ۽ وياج ڏاڍو پيارو هوندو آهي، ان مقصد لاءِ اهي ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪرپشن ۽ ملڪي معيشت جي تباهي ۽ بربادي جي اهڙي شڪل ٺاهي نه ڏيکاري وڃي ها ته ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ آءِ ايم ايف جا اهي شرط ۽ حڪومت جا وڌايل ٽيڪس به نه قبول ڪن ها، قبول ته ماڻهو اڃا به ڪو نه پيا ڪن، پر حڪومت پنهنجو جواز ۽ دليل مضبوط ٺاهي ويٺي آهي.
آءِ ايم ايف وارو قرض ته قرض لاهڻ لاءِ ورتو ويو آهي، اهو ڪنهن ترقياتي رٿ لاءِ ناهي، سوال اهو آهي ته اهو قرض ڪٿان لهي؟ ڳالهه اتي وڃي ٽٽي آهي ته صنعتڪارن، واپارين، دڪاندارن، انجنيئرن کي نوڙو وڌيو ويو آهي، يعني وڏي سيڙپڪار کان وٺي ننڍن دڪاندارن تائين ۽ اتان کان به اڳتي عام ماڻهو تائين وڪڙ وڌو ويو آهي. ننڍا دڪاندار يا ننڍو ڪاروبار ڪندڙ جيڪي ٽيڪس جي ٻولي ۾ نان فائيلر آهن، عمران خان حڪومت کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته نان فائيلر کي فائيلر بڻايو ته ٻيڙا ئي پار آهن، ڇاڪاڻ جو اهي نان فائيلر ٽيڪس نٿا ڏين، اهي چور آهن. عجيب ڳالهه آهي ته پهرين ٻڌايو ويو ته سياستدان ۽ حڪمران چور آهن، هاڻي اهو پيو ٻڌايو وڃي ته عام صنعتڪار، واپاري، ننڍو دڪاندار يا ننڍو ڪم ڪندڙ ايتري قدر جو اوبر ۽ ڪريم جي ٽيڪسي رڪشا هلائيندڙ به چور آهن. جيڪڏهن اهي سڀ چور آهن ته ساڌ ڪير آهي؟ اڳي سياستدانن ۽ ڪجهه واپارين پويان نيب هئي، هاڻِ انهن سميت سڀني جي پويان ايف بي آر کي لڳايو ويو آهي.
حيرت جي ڳالهه آهي ته وزيراعظم سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد شٽر ڊائون هڙتال ٿي، وزيراعظم مکيه شهرن ۾ هڙتال روڪرائڻ لاءِ ڪميٽيون به ٺاهيون، پر اهي ڪميٽيون ۽ حڪومت هڙتال کي روڪرائڻ ۾ ناڪام ويون. هاڻي سڄو ملڪ احتجاج جي ميدان ۾ لٿل ڏسجي ٿو. حڪومت چوي ٿي ته واپاري حڪومت کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ۽ ٽيڪس نٿا ڏيڻ گهرن، واپاري چون ٿا ته ٽيڪس اڳي ڏيندا هئاسين، هاڻي به ڏيڻ لاءِ تيارآهيون، پر ڌنڌو ته ڪرڻ ڏيو، معيشت کي تباهه ڪرڻ وارو حڪومتي شرط منظور ناهي. واپارين واري هڙتال جو هڪ اهم پهلو اهو آهي ته اها هڙتال واپارين پاڻ ڪئي ڪنهن به سياسي پارٽي جو ڪارڪن لٺيون کڻي ڪو نه آيو ته دڪان بند ڪريو.
حڪومت اهو ڪيئن ٿي چوي ته ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين؟ ماڻهو لوڻ مرچ کان وٺي ڪپڙي لٽي تائين ننڍڙي شيءَ جي استعمال کان وٺي ڪا سروس ڏيڻ تائين ٽيڪس ڀرين ٿا، مثال طور ڪچو مال جڏهن سامونڊي يا هوائي رستي پهچي ٿو ته اتي ايڪسائيز ڊيوٽي ادا ڪئي وڃي ٿي، ان کان اڳ اهو ڪچو مال امپورٽ ڪرڻ تي واپاري کي ايڊوانس انڪم ٽيڪس پڻ ڀرڻو پوندو آهي، فيڪٽري ۾ مال ٺهڻ دوران ڪتب ايندڙ گيس ۽ بجلي تي ٽيڪس ڀري ٿو، جڏهن اهو مال فيڪٽري مان تيار ٿي ٻاهر نڪري ٿو ته 17 سيڪڙو ٽيڪس اوڏي مهل ئي وصول ڪيو ويندو آهي، اتان نڪرندڙ مال تي سيلز ٽيڪس کان علاوهه ڪجهه صوبائي ٽيڪس به آهن. سيلز ٽيڪس معنيٰ مال وڪرو ٿيڻ تي لڳندڙ ٽيڪس پر هي اهڙو ٽيڪس آهي جيڪو اڳواٽ ٽيڪس آهي ڇاڪاڻ جو وڪري کان اڳ صول ڪيو وڃي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آمريڪا ۾ سيلز ٽيڪس مرڪز جو نه پر واسطيدار صوبي (رياست) جو اختيار آهي، اتي ڪيترن هنڌن تي سيلز ٽيڪس آهي ئي ڪو نه، پر جتي آهي اتي اڍائي کان 8 سيڪڙو تائين آهي. پاڪستان ۾ به سيلز ٽيڪس صوبائي اسم آهي پر پنجاهه واري ڏهاڪي اهو اختيار هنگامي حالتن دوران صوبن کان کسي ورتو هو، تڏهن کان اهو وفاقي اختيار بڻجي ويو آهي. سو اهو ٽيڪس آءِ ايم ايف جي فرمائش تي ايڏي وڏي اگهه سان ورتو پيو وڃي، ان ڪري اهو ٽيڪس صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ تڪراري بڻيل آهي. ان کان به وڏو تڪرار اهو آهي ته دنيا ۾ معاشيات جا ماهر ان پختي راءِ جا آهن ته ان ٽيڪس جو بار ننڍي آمدني وارن تي وڌيڪ پوي ٿو، ٻين لفظن ۾ اهو ته اهو ٽيڪس ڄڻ ننڍي آمدني وارا ئي ڀرين، سو ايئن ته ننڍي آمدني وارن جي سموري آمدني کاڌي پيتي يا روز مره جي استعمال ڪرڻ وارين شين تي خرچ ٿي وڃي ٿي، ايئن هو پنهنجي سڄي آمدني تي ڄڻ ٽيڪس ڏئي ٿو. موبائيل فون اسان جي معاشري ۾ روزاني استعمال جو آئٽم بڻجي ويو آهي، موبائيل فون تي رقم لوڊ ڪرائڻ مهل 30 سيڪڙو ٽيڪس ڪاٽيو وڃي ٿو، توهان ٽيليويزن ڏسو يا نه ڏسو 25 رپيا ٽيڪس بجلي جي بل ۾ لڳل ڀرڻا آهن، يعني جيڪا شيءِ يا سروس استعمال ئي نه ڪئي آهي ان جو ٽيڪس به ڀريون ٿا، توهان ڪا به شيءِ ٺاهي وڪڻو يا خريد ڪيو، ان تي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ٽيڪس ڏيڻو پوي ٿو، بلڪ ڪيترين حالتن ۾ ايئن به آهي ته ساڳي شيءِ تي ٻه ٽي دفعا ٽيڪس ورتو ويندو آهي. هي اهو ٽيڪس آهي جيڪو اڻ سڌو (indirect) ٽيڪس آهي، پوري دنيا ۾ اهو نظام آهي ته جيڪڏهن ڪو اڻ سڌو ٽيڪس وصول ڪيو ويندو آهي ته ساليانه گوشواري ۾ اهو ايڊجسٽ ڪيو ويندو آهي پر اسان وٽ اهڙو ڪو نظام ناهي.
اهو ته طئي ٿي ويو ته هر ڪو ماڻهو ٽيڪس ڀري ٿو، هونئن به پاڪستان ۾ فائيلرز جو تعداد 18 لک کان مٿي آهي، فائيلر اهي ماڻهو ۽ ادارا هوندا آهن جن کي مختلف سببن ڪري لازمي طور تي مالي سال جي پڇاڙي تي پنهنجي آمدني ۽ اثاثن توڙي ڀريل ٽيڪس بابت فارم ڀرڻو پوندو آهي، هن وقت حالت اها آهي جو فائيلر توڙي نان فائيلر ٽيڪس جي بار مان ٿڪجي ساڻا ٿي پيا آهن، دڪاندار کان وٺي ڀاڄي ۽ فروٽ وڪڻڻ واري تائين ٽيڪسن ۽ ڊالر جي قيمت وڌڻ جي بهاني اگهه وڌائي چڪو آهي، ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا مرضي سان ورتا وڃن ٿا، حڪومت ڊالر تي ته نٿي ڪنٽرول ڪري سگهي پر انهن ڀاڙن ۽ وڌيل قيمتن کي ته ڏسي سگهي ٿي.تحريڪ انصاف جي حڪومت جي پاليسين هر طبقي کي متاثر ڪيو آهي، ملڪي معيشت جو 73 سيڪڙو غير رسمي يا ان فارمل آهي، جيڪو انهيءَ سيڪڙي جيترو ئي ماڻهن کي روزگار ڏي ٿو، ان ۾ هول سيل، ريزڪي ڪاروبار کان وٺي مينوفيڪچرنگ، سماجي توڙي ذاتي خدمتن، ٽرانسپورٽ ۽ اڏاوت جي ڪمن تائين شامل آهن. انگن اکرن ۾ ڏٺو وڃي ته ملڪ جي جي ڊي پي جو 35 سيڪڙو هن شعبي مان اچي ٿو، حڪومت جي نون مالي اپائن انهيءَ غير رسمي شعبي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، اڄ کان پندرهن سال اڳ پاڪستان ڪاروبار دوست ماحول جي حوالي سان 190 ملڪن ۾ 60 نمبر تي هو پر هاڻي 136 نمبر تي آهي. گذريل ڏهن سالن کان ڪاروبار ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون آهن، جيڪڏهن ڪاروبار دوست ماحول نٿا ٺاهيو ته ڪيترن ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون ڏيندا؟ جيڪڏهن غير رسمي معيشت هڪ ڌڪ ۾ ختم ڪندا ته توهان وٽ ڪيترا وڏا ۽ ڪارپوريٽ ادارا آهن جيڪي ايترن ماڻهن کي روزگار ڏئي سگهندا؟ هنڊا ڪمپني ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ گاڏيون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سوزوڪي ڪمپني به هفتي کن ۾ اهڙو اعلان ڪرڻ واري آهي، جيڪڏهن حڪومت غلط اعلان واپس نٿي وٺي ته پرڏيهي سيڙپڪار ته ڇڏيو، ڏيهي سيڙپڪار به هليا ويندا.
آخري ڳالهه: ادارن ۾ ويٺل توڙي حڪمران جماعت ۽ ان جي ٽيم کي سوچڻ گهرجي ته اهي انهن عهدن تي ڪيترا ڏينهن هوندا؟ سال، چار، پنج سال، جيڪي هميشه رهن ٿا انهن جو ڇا ٿيندو؟ اصل اسٽيڪ هولڊرز اهي آهن، توهان ناهيو!

Labels: , , ,

Saturday, July 06, 2019

ڇا آصف، نواز ۽ ”رياست“ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهنديون؟


ڇا آصف، نواز ۽ ”رياست“ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهنديون؟
Zardari, Nawaz Sharif,, 2019, PPP_state Talks

ڇا آصف، نواز ۽ ”رياست“ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهنديون؟

هاڻي ڳالهه اتي وڃي بيٺي آهي ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف اڌ پئسا ڏين ته ڊالر هيٺ اچي ويندو. اهو وزيراعظم عمران خان پاڻ چيو آهي. هونئن بظاهر اهو جملو ٻٽي معنيٰ رکي ٿو پر سياست ۾ ايئن ئي ڳالهائبو آهي. ڪنهن ڏاهي چيو هو ته سياست سچ ڳالهائڻ جو ڏانءُ آهي. (Politics is the art of telling truth) ان جي هڪڙي ئي معنيٰ ورتي پئي وڃي ته ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل ٻه وڏا سياستدان ۽ اڳوڻا حڪمران پئسو ڏين، مسئلو حل ٿي ويندو. ساڳئي وقت وزيراعظم سان اهو جملو منسوب ڪيو پيو وڃي ته انهن همراهن جي آزادي لاءِ ڪا سفارش نه هلندي. جڏهن انهن ٻنهي جملن کي گڏي پڙهجي ٿو ته ڏاڍو عجيب لڳي ٿو. اها ڳالهه عام آهي، ان تجربي مان ذري گهٽ هر پاڪستاني گذري چڪو آهي ته جڏهن ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ ڪم ڦاسندو آهي ته چيو ويندو آهي ته، “سفارشون نه هلنديون، مال ڇڏايو.” بهرحال وزيراعظم ڪو رشوت نه پيو گهري پر اهو نيب جي ڄار ۾ ڦاٿل سياستدانن کي گس پيو ٻڌائي ته ڪيئن سندن جان بچي سگهندي. هونئن نيب قانون ۾ اها شق شامل آهي ته ڪو جوابدار جيڪڏهن “پلي بارگين” يعني سودي بازي ڪري ۽ هضم ٿيل رقم موٽائي ڏي ته سندس سمورا گناهه بخشجي ويندا. اسان اهو به ڏٺو آهي ته پلي بارگين ڪيل آفيسر واپس پنهنجي عهدن تي اچي نوڪري ڪرڻ لڳا آهن.
ڇا وزيراعظم جي ان ڳالهه کي پلي بارگين جي آڇ سڏي سگهجي ٿو؟ عام طور تي پلي بارگين نيب آڏو ٿيندي آهي پر جيئن ته هي سڀ ڪجهه اعليٰ سطح جو معاملو آهي ان ڪري وزيراعظم طرفان اهڙو اظهار ڪيو ويو آهي. ڪجهه هفتا اڳ اها ڳالهه هُلي پئي ته انهن ٻنهي اڳواڻن کي اڻ سڌي طرح اهڙي آڇ ڪئي ويئي هئي. هڪڙا چون ٿا ته معاملو ان تي اٽڪي پيو ته ڪل ڪيتري رقم واپس ڪرڻي آهي ۽ پهرين قسط ڪيتري هوندي. چوڻ وارا چون ٿا ته نواز شريف ذري گهٽ ان تي راضي به ٿي ويو هو پر مريم نواز اهڙي سودي بازي لاءِ تيار نه هئي. ساڳي صورتحال آصف زرداري جي لاءِ به ٻڌائي پئي وڃي. خيال آهي ته اها ڳالهه مڃڻ کان انڪاري ٿيڻ تي مني لانڊرنگ وارا ڪيس ٺهيا. بازار ۾ اهي ڳالهيون به ٿينديون رهيون ته جيڪي ڌوٻي ۽ ٽانگي وارن جي کاتن مان پئسا پئي نڪتا سي دراصل رقم واپس ڪرڻ جو هڪ طريقو هو. دليل اهو پئي ڏنو ويو ته “توهان کي پئسا واپس پيا ملن پوءِ خميسي خان جي کاتي ۾ اچن يا جمعي خان جي کاتي ۾.”
لڳي ٿو ته آءِ ايم ايف، ايشيائي بئنڪ کان ورتل قرض، سعودي عرب ۽ قطر کان اوڌر تي ملندڙ تيل توڙي انهن ٻنهي ملڪن طرفان اسٽيٽ بئنڪ وٽ ڊالر ڌراوت طور رکڻ جي باوجود ملڪي معيشت جو گاڏو نه هلبو. ڊالر ۽ مهانگائي کي ڇيڪ ڇڏيو ويو آهي، جن تي حڪومت ڪو چيڪ رکڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. حڪومت چاهي ٿي ته پنهنجي نالائقي کي به اڳوڻن حاڪمن جي کاتي ۾ لکائي ڇڏي.هن ڀيري ڳالهين جي لوڙهه بجيٽ جي ڪري حڪومت کي هئي، پر ان جو اشارو شهباز شريف ۽ آصف زرداري ڏنو. حڪومت بجيٽ ته پاس ڪرائي ورتي، پر ان کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ آئي ته اپوزيشن وڙهڻ جون ڌمڪيون ڀلي پئي ڏئي پر ان کي به ڪا لاچاري آهي جو ڳالهين لاءِ تيار آهي. بهرحال قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ٽياڪڙي ڪئي. هن ويچاري جو اوتروئي رول هو. باقي ڳالهيون سندس قدڪاٺ ۽ وس کان مٿي هيون. بعد ۾ اڻ سڌن طريقن، نياپن، اشارن ۽ اخباري بيانن ذريعي شرط شروط آيا. نواز ليگ لاءِ سڀ کان اهم معاملو ميان صاحب جي بيماري جو پرڏيهه ۾ علاج ۽ ٽيپ مان نڪرڻ آهي. ان بابت عدالت به کيس ڪو رليف نه ڏئي سگهي آهي جو اتي ڏنل درخواستون رد ٿي چڪيون آهن. پيپلزپارٽي جو معاملو آصف زرداري جي نيب جي تحويل آهي. انهن ٻنهي پارٽين “وڏن” جي چوڻ تي تحريڪ هلائي ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ معاملي جو رخ چيئرمين سينيٽ کي هٽائڻ ڏي ڪري ڇڏيو. ان ذريعي انهن بجيٽ خلاف تحريڪ هلائڻ مان پنهنجي جان ڇڏائي پر ساڳئي وقت “وڏن” کي اهو نياپو ڏنو ته اسان وٽ ترڪش ۾ اڃا به ڪي تير آهن، کيڏڻ لاءِ ڪجهه ٻيا ڪارڊ به آهن.
آصف زرداري هاڻي چوي ٿو ته اسين عمران خان سان نه پر رياست سان ڳالهائينداسين. هن کان اڳ بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي اهو چوندا رهيا ته جن عمران خان کي آندو آهي صرف انهن سان ئي ڳالهيون ٿينديون، ڇاڪاڻ جو وزيراعظم عمران خان سان ڳالهائڻ بي فائده ٿيندو. مٿان وري آرمي چيف جو تازو بيان آيو، جنهن ماڳهين اپوزيشن پارٽين جي ان موقف کي هٿي ڏني ته اصل واڳ ڌڻين سان ئي ڳالهائجي. جيڪڏهن ٻن منٽن لاءِ فرض ڪجي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري رقم موٽائڻ لاءِ تيار آهن، ايئن ڪرڻ کان پوءِ انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو؟ سندن سياست ۾ اهليت ۽ ٻين ڪيسن جو ڇا ٿيندو؟ خود سياست ۾ سندن رول ڪهڙو بيهندو؟ کين آزادي سان سياست ڪرڻ جي اجازت هوندي؟ پئسن ملڻ کان پوءِ واڳ ڌڻي عمران خان کي ايترو ئي سهارو ڏيڻ جاري رکندا؟ يا پئسن جي واپسي بعد ماڳهين منظرنامو ته تبديل نه ٿي ويندو؟ تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جڏهن عمران خان چوي ٿو ته ڪو اين آر او نه ڏنو ويندو ته ان جو مطلب ته پيسن جي واپسي بعد به انهن سياستدانن جو رول ختم ڪرڻ آهي. ان ڪري اهي ٻئي پارٽيون اصل واڳ ڌڻين سان ئي ڊيل ڪرڻ چاهينديون. مطلب ڳالهه ٻولهه هلي پئي، مختلف آپشنز ۽ گسن تي ويچار ڪيو پيو وڃي. ايندڙ هفتي دوران ڪجهه وڌيڪ شيون سامهون اينديون ته پتو پوندو ته معاملو ڪهڙي رخ تي وڃي رهيو آهي، في الحال اپوزيشن وارو پاسو ڳرو آهي.

Labels: , , ,