Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, July 31, 2019

ڪراچيءَ مان اٿندڙ حڪومت مخالف آواز!

ڪراچيءَ مان اٿندڙ حڪومت مخالف آواز!

اپوزيشن جي صفن ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه اختلاف تري آيا آهن، اهي اختلاف بنيادي طرح ٽن مکيه پارٽين پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نواز ۽ جي يو آءِ (ف) جي وچ ۾ آهن. انهن اختلافن کي بظاهر حڪمت عملي ۽ مختلف نقطهءِ نظر جو نالو ڏنو پيو وڃي. پر اصل ڳالهه رٿيل تحريڪ جي نتيجن ۽ ان کان پوءِ واري سيٽ اپ جي آهي. اهي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، اپوزيشن پارٽين پنهنجي مهم ذريعي چئني صوبن کي گرمايو ضرور آهي. حساس صوبي بلوچستان ۾ شايد احتجاج وارو شو نه ٿي سگهي ها، ان شڪ کي دور ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءَ مريم نواز خود يوم احتجاج تي اتي پهچي ويئي. سنڌ ۾ بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ احتجاج جو مظاهرو ڪرڻ بعد گڏيل اپوزيشن جي ڪال واري ڏينهن تي صوبائي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ جلسو ڪيو. جلسي مان لڳو ته پيپلزپارٽي پنهنجي پر ۾ سمورين ڪوششن جي باوجود ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙن ۾ پنهنجي جڳهه نه ٺاهي سگهي آهي، جڏهن ته اپوزيشن جي ٻين جماعتن هن پروگرام کي “حاضري ڀرڻ” جي حد تائين رکيو ۽ ان کي صرف پيپلزپارٽي جو پروگرام ئي قرار ڏنو. ڪراچي وڏو صنعتي ۽ ڪاروباري مرڪز هجڻ سان گڏوگڏ بندرگاهه وارو شهر ۽ عالمي طور تي سڃاتل آهي. اهو شهر هر حڪومتِ وقت جي خلاف تحريڪ ۾ يا وري ان خلاف عام راءِ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.
هن وقت ڪراچيءَ ۾ صفائي، پيئڻ جي پاڻي، بجلي، گندي پاڻي جي نيڪال، صحت ۽ تعليم کان ويندي ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروبار ۾ رڪاوٽن تائين خود انصاف ڀرئي انداز ۾ قانون جي موجودگي تائين انيڪ مسئلا آهن پر ڪابه ڌر انهن مسئلن جي حوالي سان ڪراچيءَ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن ته سياسي مالڪي لاءِ هر ڪا ڌر تيار آهي. ڪراچيءَ مان ڪوبه حڪومت مخالف سگهارو سياسي آواز نه پيو اچي. ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙي بندي ۽ سرڪاري طور برانڊ يافته ڌڙي جي وفاقي حڪومت ۾ شامل هجڻ ڪري مسئلن لاءِ آواز نه پيو اٿي ۽ نه وري ڪنهن طريقي سان ڪراچيءَ جي سياسي تشفي ٿي رهي آهي. جماعت اسلامي هن شهر ۾ اچڻ لاءِ ڦيرا ڏنا پر اها پنهنجي ايپروچ ۽ ليڊرشپ ۾ ماضي جي جماعت ٿي ويئي آهي. ٻئي طرف اها جماعت پاڻ کي گڏيل اپوزيشن کان ڌار رکي اپوزيشن جي مکيه وهڪري جو حصو نه بڻجي رهي آهي. ان ڪري ڪراچي جي حڪومت مخالف جذبن جي عڪاسي نه پئي ڪري سگهي. اهڙين حالتن ۾ ٽي سال کن اڳ ايم ڪيو ايم کان منحرف ٿي پاڪ سرزمين پارٽي جي نالي سان نئين پارٽي ٺاهيندڙ مصطفيٰ ڪمال سنڀريو آهي ته هو انهيءَ خال کي ڀري. مصطفيٰ ڪمال جي پي ايس پي کي به سگهارن هٿن جي آشيرواد سان ٺاهيل پارٽي ليکيو وڃي ٿو. اها جماعت سمجهي ٿي ته اهڙين حالتن ۾ اها ڪا رول ادا ڪري سگهي ٿي. مصطفيٰ ڪمال کي گذريل سال وارين چونڊن جي نتيجن بابت به ڏک آهي ته سگهارين ڌرين ساڻس ڪو “سٺو سلوڪ” نه ڪيو. ڌڙي بندي کان پوءِ پاڻ کي متبادل سمجهڻ واري جماعت کي هڪ به سيٽ نه ملي سگهي. ڪراچي جي سيٽن جي جڏهن ورهاست ٿي رهي هئي ته ايم ڪيو ايم جي هٿن مان نڪرندڙ سيٽون تحريڪ انصاف جي جهولي ۾ وڌيون ويون. بعد ۾ پي ايس پي چوندي رهي ته ساڻس جيڪي شرط طئي ٿيا هئا، چونڊن جا نتيجا ان مطابق ناهن. چونڊن کان اڳ اها ڪوشش ڪئي ويئي ته اردو ڳالهائيندڙن جو ووٽ ورهائجي نه وڃي، ان مقصد لاءِ کليل توڙي لڪيل نموني ڳالهيون به ٿيون. فاروق ستار ۽ پي ايس پي اتحاد به ڪيو. پر اهو اتحاد به نتيجا نه ڏيئي سگهيو.
تحريڪ انصاف وٽ ڪراچي ۽ ايم ڪيو ايم جي ٽن ڳالهين جي ڪري اهميت آهي. (1) وفاقي حڪومت ۾ عددي کوٽ کي پورو ڪري رهي آهي. (2) ڪراچيءَ ۾ ناجائز اڏاوتون ڊاهڻ کان وٺي بجيٽ، مهانگائي، معاشي يا وري وفاقي حڪومت جي ڪن پاليسين بابت ڪراچيءَ ۾ ڪو وڏو احتجاج نه ٿئي. (3) جڏهن وفاقي حڪومت سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت سان کيڏڻ گهري ته ان ۾ ايم ڪيو ايم ساٿ ڏئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۾ هوندي به ايم ڪيو ايم جو ڊمي رول آهي.
ايم ڪيو ايم جو خيال هو ته اها وفاقي حڪومت جي حمايت ڪري گرفتار ڪارڪنن جي آزادي يا ڪارڪنن خلاف وڌيڪ ڪاررواين بابت ڪجهه رليف حاصل ڪري سگهندي. وڌيڪ اهو ته ڪراچي لاءِ ڪجهه فنڊز ۽ ترقياتي رٿائون به وٺي ويندي. ايم ڪيو ايم کي قومي اسيمبلي ۾ گهٽ ميمبر هجڻ جي باوجود ٻه وزارتون مليون ليڪن باقي معاملن ۾ ڪا گهڻي پيش رفت نه ٿي سگهي. بظاهر ڪراچيءَ جي ماڻهن لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفاقي حڪومت ۾ شموليت جو ڪراچي جي ماڻهن کي ڪو فائدو نه مليو. اها ڳالهه خود ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ به محسوس ڪئي پئي وڃي. ان ڪري پي ايس پي حڪومت مخالف بيانئي سان ميدان ۾ آئي آهي ۽ چوي ٿي ته “سمورين پارٽين کي آزمائي ڏٺو، اهي ڪراچي جي ماڻهن کي ڪجهه به نه ڏيئي سگهيون. گورنر ۽ ميئر ڪراچي برسات جو مزو وٺي رهيا آهن. ڪراچي لاءِ صدر، وزيراعظم، وفاقي وزيرن، ايم اين ايز، 26 ايم پي ايز واري تحريڪ انصاف به ڪجهه نه ڪري سگهي آهي.” سو وفاقي حڪومت ئي سندس تنقيد جي سڌن تيرن جي نشاني آهي.
ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ وفاقي وزير قانون فروغ نسيم ارڙهين ترميم مخالف آهي. وقت بوقت هو اهڙا بيان ڏيندو رهيو آهي. ساڳئي وقت سنڌ ۾ حڪومت خلاف بيان ڏيئي ايم ڪيو ايم جي حامين جي دل تي ٿڌي پاڻي جو ڇنڊو هڻندو رهيو آهي. مصطفيٰ ڪمال پنهنجي بيانن ۾ ايم ڪيو ايم وانگر سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪري، هو وڏي حد تائين ارڙهين ترميم جو حامي آهي. سندس فرمائش اها آهي ته اهي اختيار اڃا به هيٺين سطح تي وڃڻ گهرجن. هن باغِ جناح واري پنهنجي جلسي ۾ سنڌ حڪومت تي به تنقيد ڪئي. جيڪا هونئن به هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو هو سنڌ حڪومت جو اتحادي ناهي. سندس تنقيد جو حدف ايم ڪيو ايم ۽ وفاقي حڪومت آهن. اهو چئي سگهجي ٿو ته منطقي طور سندس سياسي موقف گڏيل اپوزيشن کي ويجهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو گڏيل اپوزيشن حڪومت خلاف پنهنجي مهم جو آغاز ڪري چڪي هئي، تنهن اپوزيشن جي احتجاج واري ڏينهن کان چار پنج ڏينهن اڳ ڪراچيءَ جي باغ جناح ۾ وڏو جلسو ڪري پنهنجي پاور شو جو مظاهرو ڪيو. هن موقعي تي هن بلوچستان جو به هلڪو حوالو ڏنو، سندس اهو حوالو ڏيڻ اهم آهي.
پاڪ سرزمين پارٽي پنهنجي سرگرمين ذريعي اهو پيغام ڏنو آهي ته ڪراچي هن پارٽي جي ذريعي حڪومت مخالف ڪيمپ ۾ وڃي سگهي ٿي، جنهن جي مخالف ڌر کي به وڏي ضرورت آهي. ڪاروباري حلقا ۽ ڪجهه ٻيون ڌريون حڪومت جي تازين پاليسين کان بيزار آهن. اهي پنهنجي اظهار جو ذريعو ڳولي رهيا آهن. پي ايس پي پاڻ کي ان لاءِ آڇيو آهي. باقي اهي حلقا قبول ڪن ٿا يا نه؟ اها الڳ ڳالهه آهي. ساڳئي وقت اها آڇ حڪومت لاءِ به دڙڪو آهي ته پي ايس پي ڪراچيءَ جي انهن ڌرين کي پاڻ سان ملائڻ ۽ موبلائيز ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي. مختلف واقعن ۽ رابطن مان لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي ڀيٽ ۾ پي ايس پي سنڌ حڪومت وٽ وڌيڪ قابل قبول آهي. مصطفيٰ ڪمال چوي ٿو ته “سڀ ماڻهو اسان ڏانهن پيا ڏسن” يعني ايم ڪيو ايم جي حامي صفن توڙي ان کان ٻاهر اها پارٽي پنهنجي رول جي ڳالهه ڪري رهي آهي. پي ايس پي اڳواڻ ان حد تائين ويو جو چيائين ته، “اسين روڊن تي به اچي سگهون ٿا.” تجزيه نگارن جو خيال آهي ته پي ايس پي پنهنجي لاءِ ڪو رول ڳولي رهي آهي. اهم نقطو اهو آهي ته رٿيل مڪاني چونڊن ۾ اها چاهي ٿي ته ساڻس “بهتر سلوڪ” ڪيو وڃي. ماضي ۾ ڪراچي بابت سگهارن هٿن جي اها حڪمت عملي رهي آهي ته ڪنهن گروپ کي هڪ سطح تي نظرانداز ڪيو ويندو آهي ته ٻئي سطح جي چونڊن ۾ ان سان بهتر سلوڪ ڪري حساب برابر ڪري ڏنو ويندو آهي. پي ايس پي جون اهي ڪوششون پنهنجي جاءِ تي پر ڪراچيءَ مان حڪومت مخالف آواز اچڻ رڳو اپوزيشن جي تحريڪ لاءِ ئي نه پر خود جمهوريت لاءِ به اهم آهي.
MQM, PSP, 2019 
Anit government voices from Karachi

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home