Sangi سهيل سانگي
سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues
Sunday, December 27, 2020
سياسي پارٽي جي مک ڌارا کان ڌار ٿي بيهندڙ ’متحده‘
سياسي پارٽي جي مک ڌارا کان ڌار ٿي بيهندڙ ’متحده‘
خميس 29 آگسٽ 2013ع
| |
ڪراچيءَ کي فوج جي حوالي ڪرڻ واري مطالبي کي سياسي ڌريون ۽ تجزيه نگار ڏاڍي دلچسپي سان ڏسي رهيا آهن. هي مطالبو هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي، جڏهن شهري سڏائيندڙ پارٽي نه وفاقي حڪومت ۾ ۽ نه ئي سنڌ حڪومت ۾ آهي. ساڳئي وقت تي ان کي اها به پڪ آهي ته جيڪڏهن ڪجهه ملڻو آهي ته اهو صوبائي حڪومت مان ۽ جيڪڏهن ڪي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا آهن ته اهو اسلام آباد مان ٿيڻو آهي. ان ڪري ان بظاهر اهو ڏيک ڏنو آهي ته اها نه پيپلز پارٽي جي ۽ نه ئي نواز ليگ جي مخالفت ڪري رهي آهي. حيران ڪن ڳالهه اها لڳي ٿي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ٺهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو سڌي طرح رڳو ڪراچيءَ لاءِ فوج گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسٽيبلشمينٽ جي هدايتن تي هلڻ واري الزام جي باوجود اها پارٽي ڪراچيءَ ۾ فوج جي استعمال جي مداخلت ڪندي رهي آهي. ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو 92ع ۾ نواز شريف جي پهرئين دور حڪومت ۾ فوج گهرائي وئي، اهو آپريشن آءِ بي جي برگيڊيئر امتياز جي هوم ورڪ ۽ ريسرچ کانپوءِ شروع ڪيو ويو هو. هن آپريشن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم ٻه اڌ ٿي ۽ ”حقيقي“ جي نالي سان متوازي ڌڙو وجود ۾ آيو. الطاف حسين رات جي انڌيري ۾ لنڊن مان وڃي نڪتو، جتان اڄ سوڌو واپس نه ٿيو آهي. نواز شريف تي جڏهن رڳو شهري علائقن ۾ آپريشن ڪرڻ جو الزام لڳو ته هن ان آپريشن جو دائرو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين تائين به وڌايو. ائين سنڌ جا شهري توڙي ڳوٺاڻا علائقا نواز شريف جي خلاف ٿي بيٺا. نواز دور ۾ ٿيل آپريشن دوران ٽارچر سيلن جو پڻ انڪشاف ٿيو. سندس حڪومت ختم ٿيڻ بعد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت آئي ته هن انهيءَ آپريشن جي تسلسل کي جاري رکيو. ان موقعي تي جناح پور جو اسڪينڊل پڻ سامهون آيو. ان آپريشن کي بعد ۾ ريٽائرڊ جنرل نصير الله بابر ٽيڪ اوور ڪيو. هن آپريشن دوران گرفتار ٿيلن جا اعتراف ۽ اقبالي بيان گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿا. وري جڏهن محترمه جي حڪومت ويئي ۽ نواز شريف هيوي مينڊيٽ سان حڪومت ۾ آيو ته هن آپريشن ڪرڻ کان بس ڪئي. بعد ۾ مشرف ۽ پيپلز پارٽي جي دور جو سمورو عرصو ايم ڪيو ايم اقتدار جو حصو رهي. يعني 99ع کان 2013ع تائين ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي حوالي سان انتظامي، سياسي توڙي معاشي حوالي سان سمورا اختيار حاصل رهيا. ايتري قدر جو ڪراچيءَ جي حد تائين وارن اختيارن ۾ سنڌ حڪومت مداخلت ڪرڻ لاءِ سوچي به نه ٿي سگهي. ها ٻه ٽي هفتا اهڙا رهيا، جو پيپلز پارٽي جي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڀڙڪي کاڌي ۽ قرآن مجيد مٿي تي کڻي ايم ڪيو ايم خلاف ثابتين جي ڳالهه ڪئي. پر وري به اها ڳالهه آئي ويئي ٿي وئي. پيپلز پارٽي جي گذريل دور حڪومت ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي هڪ ٻئي خلاف سخت جهيڙي ۾ هيون ته اي اين پي ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪيو ۽ ان آپريشن ذريعي دهشتگردن کي پڪڙڻ ۽ شهر کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، تڏهن ايم ڪيو ايم هن مطالبي جي سخت مخالفت ڪئي. نومبر 2013ع ۾ حالتون به ڪجهه اهڙيون ٿيون ۽ سمورين پارٽين بشمول مذهبي پارٽين جي، مطالبو زور وٺي ويو ته ڪراچي ۾ آپريشن ڪيو وڃي. حالتن مان به ائين لڳو ٿي، پر آرمي چيف جنرل ڪياني چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن جي ضرورت ناهي. تڏهن نواز ليگ مخالف ڌر ۾ هئي ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اهڙي آپريشن جي مخالفت ڪندي چيو هو ته ائين ڪيو ويو ته فوج ڪراچي جي سوڙهين گهٽين واري ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندي. پيپلز پارٽي اڪثريت هوندي به ايم ڪيو ايم کي صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ۾ شامل ڪيو ۽ ان جي جواز طور اهو چيو ته ”اسان ڪراچي ۾ امن خريد ڪيو آهي،“ پر ڪراچي کي اهو امن هن کان اڳ وارن سمورين حڪومتن يعني بينظير ڀٽو، نواز شريف، جنرل مشرف جي دور ۾ به جڏهن ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شامل هئي، نه ملي سگهيو. سو هن ڀيري پيپلز پارٽي کي ”خريداري“ واري دور ۾ به نه مليو. ٽارگيٽ ڪلنگز، اسٽريٽ ڪرائيم، ڀتا خوري، بد امني، دهشتگردي چوٽ چڙهيل رهيون. ايم ڪيو ايم اختيارين يعني حڪومت ۾ رهندي ڪڏهن به اهڙو مطالبو نه ڪيو آهي. حالانڪه اڄ جون حالتون گذريل دور حڪومت کان ڪي مختلف ناهن. ان جون معنائون تجزيه نگار اهي ڪڍي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن صوبائي حڪومت ۾ آهي، ڪراچيءَ جا ميونسپل ادارا وٽس آهن، ته سڀ خير آهي، سڀ صحيح آهي، پر جڏهن اهي اختيار ناهن ته پوءِ اهو مطالبو ٿئي ٿو ته ”آپريشن ڪيو وڃي.“ ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ واري ڳالهه واقعي عجيب لڳي ٿي، جو اها جماعت جيڪا، هن کان اڳ انهيءَ قدم جي مخالف رهي آهي. ايتري قدر جو فوج کي پولنگ، ووٽرن جي تصديق لاءِ گهرائڻ ۽ عام اليڪشن دوران پولنگن تي بيهارڻ جي به مخالف رهي آهي، اوچتو ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي مڪاني ادارن جو قانون پاس ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جو گورنر عشرت العباد موڪل تي هليو ويو. ساڳئي طرح قانون پاس ڪري صوبي جي يونيورسٽين کي ٻين صوبن وانگر گورنر جي بدران وزير اعلى جي ماتحت ڪيو ويو، ان ڪري ايم ڪيو ايم مشرف واري نظام لاءِ آرمي گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ بدامني وارو ڪيس پڻ سپريم ڪورٽ ۾ آخري مرحلن ۾ آهي ۽ هن کان اڳ وارين شنوائين دوران چيف جسٽس جا ڏنل ريمارڪس به سڀني جي سامهون آهن. ڪن حلقن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڀئو آهي ته عدالت جيڪڏهن ڪو اهڙو فيصلو ڏنو ته ان کي ڪيئن منهن ڏبو. ان ڪري اها اڳ راکو ٿي، پيش بندي ڪري رهي آهي. دراصل ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت بدران وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ گهري ٿي، پر في الحال نواز شريف ڪا اهڙي گيم کيڏڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ جو ڪجهه اطلاعن موجب پ پ ۽ نواز ليگ ۾ ”هڪ ٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ“ تي راضپو ٿي ويو آهي. وزير اعظم گهوٽڪي جي دوري کان اڳ صدر سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ان ملاقات جو سنڌ حڪومت کيس ”فل پروٽوڪول“ ڏنو. هاڻي جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ٿي جو ايم ڪيو ايم حڪومت کان ٻاهر رهي ته هن لاءِ ڪيئي ڏکيائيون آهن. سياسي طور تي اها ڏکيائي آهي ته اها نه صوبائي ۽ نه ئي وفاقي حڪومت ۾ آهي. جڏهن ته مڪاني چونڊن ۾ منظر نامو ان لاءِ اڳ وانگر هڪ هٽي وارو ڪونه ٿو بيهي. اهڙي صورت ۾ عام ماڻهو ڪم ڪارين لاءِ حڪومتي پارٽين سان رجوع ڪندو. ائين جيڪڏهن ڪو ٻيو دروازو کليو ته اهو بند ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. ان سان گڏو گڏ اهو به پيپلز پارٽي کي حڪومت ۾ رهڻ يا آرام سان حڪومت ڪرڻ جي سهولت کان روڪڻ لاءِ به اهو قدم ڪم اچي سگهي ٿو. ڪراچيءَ کي فوج حوالي ڪرڻ جي ملڪ جي ٽن وڏين پارٽين نواز ليگ، پ پ ۽ تحريڪ انصاف مخالفت ڪئي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ ٻيون پارليامينٽ ۾ موجود پارٽيون به ايم ڪيو ايم جي هن مطالبي جي حمايت نه ڪنديون. نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم هڪ دفعو وري سياسي پارٽين جي مين اسٽريم کان ڌار بيهڻ جو فيصلو ڪري رهي آهي. نواز شريف، جيڪو سمورن واقعن هوندي ڪوئيٽا کي فوج جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سو ڪراچي کي ڪئين ڪندو؟ ۽ اهو به ته فوج جنهن 2012ع ۾ ائين نه ڪيو ۽ ووٽر لسٽن جي تصديق ۽ عام چونڊن ۾ پولنگ تي بيهڻ لاءِ راضي نه ٿي، سا هينئر به تيار نه ٿيندي. هونئن به صوبائي حڪومت جي درخواست تي ئي وفاق فوج موڪلي سگهي ٿي. اهو ڪم پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪنهن به طرح نه ڪندي، ان لاءِ گورنر راڄ وارو نسخو ٿي سگهي ٿو، پر اهو نواز شريف نه ڪندو. نواز شريف لاءِ اها به ڏکيائي آهي ته سندس حڪومت کي اڃا 3 مهينا مس ٿيا آهن، ته هڪ صوبي ۾ فوج موڪلي ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري. هو ڄاڻي ٿو ته جي عدم استحڪام واري زلزلي جو مرڪز کڻي ڪراچي هجي، پر لوڏا اسلام آباد ۾ به محسوس ڪيا ويندا. http://www.thekawish.com/Articles1/Sohail%20Sangi/2013/2013/29%20Aug%2013.htm |
Saturday, January 18, 2020
ڇا حڪومت جونيئر پارٽنرز جا مطالبا مڃي وٺندي؟

Labels: 2020, GDA, MQM, pahenji Akhbar, PTI
Friday, September 13, 2019
وفاقي حڪومت “ڪراچي ڪارڊ” ڇو پئي کيڏي؟

ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم ڪجهه مهينا اڳ به چيو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن وفاق کي ڪراچيءَ جي معاملي تي مداخلت ڪرڻي پوندي.
بظاهر نئون ديرو ۾ ايڇ آءِ وي جي پکڙجڻ ته ڪڏهن وري شڪارپور ضلعي ۽ ڀرپاسي ۾ اغوا انڊسٽري جي ٻيهر سرگرم ٿيڻ، مختلف ضلعن ۾ پيش ايندڙ واقعن جي حوالي سان سنڌ حڪومت خلاف کاتو کولي رکيو هو، جنهن ۾ اهي ننڍيون وڏيون داخلائون ٿينديون رهيون. وقت بوقت ايم ڪيو ايم به ڪراچي جي حوالي سان ان کاتي ۾ ڪجهه نه ڪجهه شيون وجهندي رهي.
آگسٽ وارين برساتن هيڪاري ڏکي صورتحال پيدا ڪري وڌي. ڪراچيءَ جو ميئر وسيم اختر پاڻ کي شهر جي صفائي سٿرائي ۽ نالن جو گند ڪچرو هٽائڻ جي ذميواري کان آجو ڪرڻ لاءِ صفا سنڌ حڪومت جي مخالفت تي لهي آيو. هن وفاق کي مداخلت جي اپيل ڪئي ۽ سنڌ حڪومت کي ٽيڪس نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وفاق اڳ ئي اهڙي ڪنهن بهاني جي انتظار ۾ ويٺو هو. پر سمجُهو چون ٿا ته ميئر اهڙو بيان وفاقي حڪومت ۾ ويٺل ذميوارن جي چوڻ تي ڏنو هو. اهڙو بيان ڪو ٻيو ڏيئي ها ته ڪڏهوڪو مٿس غداري جو ڪيس داخل ٿي چڪو هجي ها.
ان کان اڳ پيپلزپارٽي کي پنهنجو وزير بدلائڻ، ان ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ، گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي نالي هيٺ مختلف ڪوششون به ٿينديون رهيون ۽ ميڊيا توڙي سياسي ۽ انتظامي حلقن ۾ بحث مباحثا به ٿيندا رهيا. پر اهي سڀ ڳالهيون آئين کان مٿڀريون پئي لڳيون يا وري ايئن ڪرڻ سان گهربل نتيجا نه پئي مليا.
فارورڊ بلاڪ هڪ ته ٺاهڻ ڏکيو هو ڇاڪاڻ ته انهن ميمبرن کي ايوان اندر پنهنجي قيادت جي موجودگي ۾ لائيو ڪيمرائن جي آڏو اٿي بيهڻ ۽ پنهنجو سياسي مستقبل اونداهو ڪرڻ جي همت نه ٿي سگهي ها. اهو ان ڪري به چئي پيو سگهجي ته پيپلزپارٽي اڃا تائين سنڌ ۾ Irrelevant نه ٿي آهي.
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ان سڄي قصي جي پويان وزيراعظم عمران خان جا سياسي مقصد آهن. ڳالهه ڪجهه هن ريت آهي ته هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته ڪراچي هاڻي ڪنهن مين اسٽريم پارٽي وٽ هوندو. اهو ئي سبب آهي جو پهرين ايم ڪيو ايم جي قائد ۽ ان کانپوءِ خود ايم ڪيو ايم کي ڀاڱا ڀاڱا ڪيو ويو.
ڏٺو وڃي ته گذريل سال جولاءِ وارين چونڊن جي مهم دوران به تحريڪ انصاف ڪراچيءَ تي وڌيڪ فوڪس ڪيو. هن ڪراچي کي ڇڏي باقي سنڌ جي ڊي اي جي وڏيرن کي لکي پڙهي ڏنو.
اصل ۾ تحريڪ انصاف ڪراچيءَ کي پنهنجي ووٽر تڪ طور وٺڻ گهري ٿي. ڪراچيءَ ۾ قومي اسيمبلي جون 21 سيٽون آهن. اهو انگ بلوچستان کان ڇهه سيٽون وڌيڪ آهي. تحريڪ انصاف جو خيال آهي ته اها ڪراچيءَ کي پنهنجو جيڪڏهن مستقل گهر ٺاهي ته پنجاب مان کيس سيٽن جي ٿيندڙ نقصان جو پورائو ڪري سگهي ٿي.ساڳئي وقت ڪراچيءَ جهڙو شهر جيڪڏهن وٽس هوندو ته اهڙي احتجاجي سياست به هٿ وس هوندي جنهن سان ڪنهن به حڪومت کي لوڏي سگهجي ٿو.
شهر جي بندرگاهه، صنعتي هجڻ واري ان جي حيثيت ۾ اڃان به واڌارو ڪري وجهي ٿي.
Labels: 2019, Karachi, Karachi card, MQM
Wednesday, July 31, 2019
ڪراچيءَ مان اٿندڙ حڪومت مخالف آواز!

Friday, December 28, 2018
عابدی کا قتل کہیں گیم چینجر نہ بن جائے!
کراچی کا امن ہاتھوں سے پھسل نہ جائے؟
میرے دل میرے مسافر سہیل سانگی
صوبائی دالحکومت کراچی میں مشکل اور صبر آزما جدوجہد اور آپریشن کے بعدامن قائم ہوا تھا۔ اس شہر کی روشنیاں اور رونقیں بحال ہوئی تھی کہ اچانک دہشتگردی نے ایک بار پھر سر ٹھایا ہے۔شہر میں چھ ہفتوں میں چھ دہشتگردی کے واقعات ہوئے۔ پہلے قائد آباد کا واقعہ، چینی قونصل خانے پر حملہ، ایم کیو ایم کی محفل میلاد پر حملہ، ڈیفنس میں کار بم دھماکہ، پی ایس پی کے دو کارکنان شہید ہوئے اور اب یہ علی رضا عابدی والا واقعہ پیش آیا۔
یہ ایک دہشتگردی کا واقعہ ہے۔ لیکن کراچی میں دہشتگردی کے واقعات سیاسی پس منظر کے بغیر نہیں سمجھے جاسکتے۔
ماضی کے اکثر واقعات ایم کیو ایم کے اندرونی چپقلش یا بعد میں ایم کیو ایم کی کوکھ کی جنم لینے والے گروپس کی لڑائی قرار دیئے جاتے رہے ہیں۔ لیکن بعد میں یہ سلسلہ رک گیا تھا۔
ایم کیوایم میں تقریبا دو سال قبل شروع ہونے والی ٹوٹ پھوٹ تاحال جاری ہے۔ پہلے پاک سر زمیں پارٹی بنی5 فروری 2018ء کو ایم کیو ایم کے سینئر رہنماؤں کے درمیان اختلافات کھل کر تب سامنے آئے جبکہ ڈاکٹر فاروق ستار کامران ٹیسوری کو سینیٹ انتخابات کیلئے پارٹی ٹکٹ دینا چاہتے تھے۔ ایم کیو ایم کی رابطہ کمیٹی نے فاروق ستار کے فیصلے کے مخالفت کی۔ جس کے بعد پارٹی دوحصوں یعنی ایم کیو ایم بہادر آباد اور ایم کیو ایم پی آئی بی میں تقسیم ہوگئی تھی۔
بظاہر25 جولائی کے عام انتخابات سے قبل مختلف دھرے متحدتو ہوئے۔ لیکن یہ اتحادکوئی نتیجہ نہیں دے پائے۔ مختلف گروپ انتخابات میں ایک دوسرے کا ساتھ نہیں دے رہے تھے۔ پارٹی کو بدترین شکست کا سامنا کرنا پڑا۔فاروق ستار کو انتخابات سے پہلے ہی صورتحال کی بو آگئی تھی۔ ماہ جون میں ڈاکٹر فارق ستار نے کہا ہے کہ مائنس ون کی جگہ مائنس ٹو کیاجارہا ہے۔25 جولائی کے الیکشن میں پارٹی 17 سے 4 سیٹوں پر پہنچ گئی۔فاروق ستار بھی ہار گئے۔ وہ کہتے ہیں کہ میرا ایک گناہ یہ بھی تھاکہ میں نے پی ایس پی کے پروجیکٹ کو ناکام بنایا۔ سمجھا یہی جارہا ہے کہ ان پر اسٹبلشمنٹ یقین کرنے کو تیار نہیں۔ وہ سمجھتی ہے کہ فاروق ستار کے لندن سے رابطے ختم نہیں ہوئے۔
ڈاکٹر فاروق ستار نے پارٹی کے اندر احتساب کا مطالبہ کردیا۔جس کے معنی یہ ہو رہی تھی کہ ایم کیو ایم بہادرآباد کے لوگ حساب دیں۔ یہ مطالبہ لندن کے مطالبے سے ملتا جلتا نظر آتا ہے۔ چند ماہ قبل رابطہ کمیٹی نے 35 سالہ متحدہ قومی مومنٹ کی چوٹی کے رہنماوں میں شمار ہونے والے رہنما فاروق ستار کو پارٹی سے نکال دیاہے۔
انتخابات کے بعدایم کیو ایم ہائبرنیشن میں چلی گئی ہے۔ وہ کوئی جھگڑا کوئی اپوزیشن کی سیاست نہیں کرنا چاہتی۔وفاق میں تحریک انصاف کی مخلوط حکومت میں شامل ہے۔ سندھ اسمبلی میں بھی وہ تحریک انصاف کا ساتھ ہے۔ لیکن اپوزیشن کا بھرپور کردار بھی ادا نہیں کر رہی۔شہر کے مسائل اس کی ترجیح نہیں رہے۔ مبصرین کے مطابق وہ آپریشن کی کارروایوں اور گرفتار شدگان اور دائر شدہ مقدمات کے حوالے سے رلیف چاہتی ہے۔ جب تحریک انصاف حکومت کا نواز لیگ اور پیپلزپارٹی دونوں کے ساتھ جھگڑا ہے یہ اچھا موقع ہے کہ کچھ فائدہ اٹھائے۔خالد مقبول صدیقی اور ان کے ساتھیوں نے ایم کیو ایم کے کارکنوں کو یہ بات منوا لی ہے۔ لہٰذا کارکنان فاروق ستار سے دور کھڑے ہیں۔
ایم کیو ایم کے مختلف گروپس میں یہ بات محسوس کی جارہی ہے کہ کوئی بڑا زیادہ رلیف دینے کے موڈ میں نہیں۔ستمبر کے آخر میں تحریک انصاف کے رہنما اور گورنر سندھ عمران اسمٰعیل نے کہہ چکے ہیں کہ ماضی میں فلاحی اداروں کے پلاٹوں پر قبضوں اور چائنہ کٹنگ میں ایم کیو ایم ملوث رہی لیکن ان کے ساتھ اتحاد ہماری مجبوری ہے۔یعنی تحریک انصاف کراچی میں اپنی سیاست اور اپنی جگہ بنانا چاہتی ہے۔
انتخابات کے بعدایم کیو ایم مخمصہ کا شکار ہوگئی۔یہ سوچ ابھرنے لگی کہ مہاجر سیاست کا کیا ہوگا؟ اس کو زندہ کرنے کے لئے مختلف فارمولے سامنے آئے کہ ایم کیو ایم کے تمام دھڑوں کو کٹھا کیا جائے ۔دوسرا یہ کہ کوئی نئی پارٹی بانئی جائے۔ضمنی بلدیاتی انتخابات نے اس سوچ کا ایک عکس دکھایا۔اب یہ سوچ روان سال متوقع انتخابات ایسا موقعہ آنے والا تھا کہ اپنا بھرپور اثر دکھائے۔
مقتول رہنما رضا علی عابدی پچھلے کئی دنوں سے ایم کیو ایم کے تمام گروپس میں اتحاد کے لئے کوشاں تھے۔ انہوں نے ایک مصالحتی کمیٹی بھی بنائی اور ذاتی طور پر اس پلان کے لئے مہاجر قومی موومنٹ، پاک سر زمین پارٹی اور ایم آ ئی ٹی کے رہنماؤں سے بھی رابطہ کیا تھا۔وہ کہتے تھے کہ 2018ء کے عام انتخاب میں ایم کیو ایم کو بڑا دھچکہ لگا ہے، جس کے ازالے کے لیے ’’مہاجر قوم‘‘کراچی اور سندھ کے تمام سیاسی رہنماؤں کو متحد ہونا پڑے گا تاکہ آئندہ بلدیاتی انتخاب میں سندھ کے شہری علاقوں سے ان کی اصل قیادت سامنے آسکے ۔ انہوں نے ایم کیو ایم بہادر آباد کی قیادت سے بھی اپیل کی تھی کہ کراچی اور مہاجروں کو نقصان سے بچا نے کے لئے حکمت عملی بنائی جائی ۔علی رضا عابدی نے رواں سال اگست کے آ خر میں اختلافات کی وجہ سے ایم کیو ایم کی بنیادی رکنیت سے استعفی دے دیا تھا ۔ علی رضا عابدی ایم کیو ایم میں اختلافات کے بعد ڈاکٹر فاروق ستار کے ساتھ تھے ۔
سندھ حکومت کو فکر ہے کہ پے درپے واقعات کی وجہ سے کہیں کراچی کا امن ایک بار پھر ہاتھوں سے پھسل نہ جائے۔ وزیراعلیٰ سندھ مراد علی شاہ کا برہمی کا اظہار کرتے ہوئے کہا کہ دہشت گرد اکٹھے ہورہے ہیں اور ہم چپ کرکے بیٹھ گئے ہیں ۔ وزیراعلیٰ سندھ نے یہ صورتحال تشویش ناک ہے، یہ دہشت گرد اکٹھے ہورہے ہیں اور ہم چپ کرکے بیٹھ گئے ہیں، کراچی کے شہریوں کو خوف کے ماحول میں رہنے نہیں دینگے۔ وزیراعلیٰ سندھ نے برہمی کا اظہار کرتے ہوئے کہا کہ یہ صورتحال تشویش ناک قرار دیا کہ دہشت گرد اکٹھے ہورہے ہیں اور ہم چپ کرکے بیٹھ گئے ہیں، کراچی کے شہریوں کو خوف کے ماحول میں رہنے نہیں دینگے، ہرصورت شہریوں کا تحفظ چاہیے۔وزیراعلیٰ سندھ کے یہ جملے معنی خیز ہیں کہ ’’گرفتار ہوجائیں گے نہیں مجھے قاتل گرفتار چاہیءں۔‘‘ ’’اداروں کو خود مختاری دینے کے باوجود اس طرح کے واقعات ہو رہے ہیں۔ ‘‘
’’کراچی بھیجا ہے کہ شہر کے امن کو برقرار رکھنا سب کی ذمہ داری ہے ‘‘ کہہ کروزیر مملکت برائے داخلہ شہریار آفریدی یہ کہہ کر کراچی کے امن و امان کے لئے اپنا کردار بڑاھانے کا اشارہ دیا ہے۔ وہ کراچی پہنچے اور گورنر سندھ عمران اسماعیل سے ملاقات کی۔ انہیں علی رضا عابدی کے قتل کی تحقیقات پر بریفنگ دی گئی۔وزیر مملکت برائے داخلہ کا کہنا ہے کہ عابدی کے قتل کے واقعے کی کڑیاں مل رہی ہیں اور مجرم جلد گرفتار ہوں گے۔ہر زوایہ سے تحقیقات کی جارہی ہیں، باہر کے اور اندر کے تمام عناصر کو دیکھا جارہا ہے۔شہریار آفریدی نے کہا کہ وزیراعظم عمران خان نے مجھے یہ پیغام دے کر کراچی بھیجا ہے کہ شہر کے امن کو برقرار رکھنا سب کی ذمہ داری ہے، واقعے میں ملوث ہر ملزم اور سہولت کار کو گرفتار کریں گے چاہے وہ باہر کا ہو یا اندر کا شخص ہے، کراچی کے امن پر کوئی سمجھوتہ نہیں ہوگا۔
رضا علی عابدی کے قتل کی تعزیتی پیغامات سے ظاہر ہوتا ہے کہ وہ کراچی کی سیاست میں ایک اہم فرد تھے اور کوئی اہم کردار ادا کرنے جارہے تھے۔صوبائی اور وفاقی حکموتں کے عہدیداران کے بیانات سے لگتا ہے کہ واقعہ کے دہشتگردی کے حوالے سے مضمرات اپنی جگہ پر ،وفاقی و صوبائی حکومت کو گہری تشویش میں مبتلا کردیا ہے کہ کہیں یہ واقعہ کراچی کی سیاست میں گیم چینجر نہ بن جائے۔
Wednesday, June 20, 2018
چونڊن کان اڳ ايم ڪيو ايم جا گروپ گڏ ڪيئن ٿيا آهن؟
سومر 07 مئي 2018ع
ڪراچيءَ ۾ گذريل هفتي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ٿيل جلسي ايم ڪيو ايم جي ڪُک مان ڦُٽندڙ سمورن گروپن کي چيڙائي وڌو. هڪ هفتي جي اندر ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نالي سان ڪم ڪندڙ بهادر آباد ۽ پير الاهي بخش ڪالوني جي ٻنهي گروپن گڏجي فيڊرل بي ايريا جي ٽانڪي گرائونڊ ۾ ئي جلسو ڪيو. هيءُ اهو علائقو آهي، جتي ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو هيڊ ڪوارٽر نائين زيرو هو. جتي بلاول ڀٽو به جلسو ڪيو هو. بلاول جي جلسي بعد خالد مقبول صديقي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪندڙ بهادر آباد واري گروپ توڙي فاروق ستار واري گروپ الڳ الڳ تاريخن تي ساڳي هنڌ تي جلسي جو اعلان ڪيو هو، پر ٻن ٽن ڏينهن اندر هڪ ٻئي تي شديد الزام تراشي ڪندڙ ۽ غدار ڪوٺيندڙ ٻن ٽن ڏينهن اندر ئي گڏ ٿي ويا. ٻنهي گروپن ۾ ايڏي تڪڙي ويجهڙائپ ٿيڻ ڏاڍي معنيٰ خيز لڳي ٿي، ڇاڪاڻ جو هن کان اڳ ايم ڪيو ايم جي گهڻگهرن توڙي پارٽي اندر ٻنهي جي دوستن اختلافن ختم ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون هيون، پر ٻنهي گروپن جا اڳواڻ هڪ ٻئي کي برداشت لاءِ تيار نه هُئا.
ايم ڪيو ايم ۾ پهريون ڏڦيڙ مصطفيٰ ڪمال پاڪ سرزمين پارٽي ناهي وڌو، ان بعد فاروق ستار جي اڳواڻيءَ ۾ 23 آگسٽ تي ايم ڪيو ايم لنڊن کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو. اڳتي هلي پارٽي جي ليڊرشپ درميان جهيڙي ۾ اها وڌيڪ گروپن ۽ ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي. هن وقت جيتوڻيڪ سرزمين تي فاروق ستار ۽ خالد مقبول صديقي جي اڳواڻيءَ ۾ هلندڙ ٻه گروپ آهن، پر اندر ئي اندر هر گروپ ۾ ٻه ٻه، ٽي ٽي گروپ آهن. هلندڙ سال جنوري تائين ملڪ جي سياست جو محور اسلام آباد ۽ لاهور يا پنجاب رهيو. سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ڪو گهڻو اثر نه ڏيکاريندڙ سرگرمي ٿي رهي هُئي. سواءِ ان جي ته ايم ڪيو ايم جا مخلتف گروپ هڪ ٻئي خلاف ڳالهائي رهيا هئا يا وري ڪڏهن ڪو ملڪ گير پارٽي جو اڳواڻ روٽين ۾ ڪراچي اچي رهيو هو. سينيٽ جي چونڊن کان پوءِ جيئن ئي ايندڙ چونڊن لاءِ رستو کليو ته تحريڪِ انصاف ۽ نواز ليگ به پنهنجون اليڪشني انداز سان سرگرميون ڏيکاريون. نواز ليگ جو نئون صدر شهباز شريف اپريل ۾ ٻه دفعا ڪراچي آيو. هو ٻن حوالن سان پنهنجا اتحادي ڳولڻ آيو. هڪ اهو ته نواز ليگ جي حامين ۽ صوبائي گادي واري شهر ۾ پنجابي سيٽلرز جي مدد سان ڪا سيٽ حاصل ٿي سگهي. ٻيو اهو ته ڪراچي مان مينڊيٽ وٺندڙ يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن گروپ وٽان قومي اسيمبلي ۾ حمايت ملي سگهي ٿي. نواز شريف، عمران خان توڙي جماعت اسلامي جي مولانا سراج الحق جي ڪراچيءَ جي ڪا به سرگرمي ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به گروپ کي ايڏي ڏکي نه لڳي، جهڙو ڏکيو بلاول ڀٽو جو جملو لڳو.
بلاول ڀٽي جي پاليسي ايم ڪيو ايم کي ڄڻ هڪ ڪري ڇڏيو. ڪن تجزيا نگارن جو خيال آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي هروڀرو اهو پاور شو نه ڪرڻ گهربو هو، ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي کي ايم ڪيو ايم جي پسمنظر مان ڪو ووٽ ملڻو نه هو. ماڳهين پيپلز پارٽي جي ڊپ وچان اهي گروپ گڏ ٿي ويا. بلاول ڀٽو پنهنجي تقرير ۾ ايم ڪيو ايم کي ”مستقل قومي مصيبت“ سڏيو هو، ۽ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن الطاف حسين برو آهي ته ان جا ساٿي ۽ سهولتڪار وري ڪهڙا چڱا هوندا. هن ٻنهي گروپن جي اڳواڻ تي تنقيد ڪئي. بهرحال پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ سياسي حوالي سان اهو ضروري هو ته اها ڪراچيءَ ۾ پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياري. ٻي صورت ۾ ٻيون ملڪ گير پارٽيون گادي واري شهر ۾ گهڙي رهيون هيون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو هو ته ايم ڪيو ايم کي سياست ڪرڻ جي آزادي آهي، پر دهشتگرديءَ جي اجازت ڪونهي. ائين هجڻ به گهرجي.
ٻنهي گروپن جي هن جلسي ٻڌايو آهي ته ايم ڪيو ايم واپس اها سياست ڪرڻ ڏي وڃي پئي، جيڪا نفرت واري آهي. اها واپس لساني فرق ۽ ڌار صوبي جي سياست تي بيٺي آهي. ٻنهي گروپن جا اڳواڻ چون ٿا ته ڌار صوبي لاءِ پنجاب ۾ ڳالهه ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ ڇو نه!؟ ساڳي طرح مهاجرن واري نعرو به هڻي رهي آهي. اهي ٻئي ڳالهيون سنڌ ۾ هڪ دفعو وري نفرتون پيدا ڪنديون. صوبي ۽ ان جي عوام کي درپيش مسئلن جي بدران صوبي جون ٻئي ڌريون ٻولي جي بنياد تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهي رهنديون، جنهن جو نقصان عوام کي ئي پوندو.
ايم ڪيو ايم جو جلسو ۽ ان ۾ ٿيل تقريرون چار ڳالهين کي ظاهر ڪن ٿيون (1) الڳ صوبي جو مطالبو. (2) مهاجر ووٽ بئنڪ هڪ آهي، جيڪو ورهائجي نه سگهيو آهي. (3) رهنما نه، پر منزل کپي. (4) مهاجرين ۽ ان جي سڃاڻپ برقرار رکڻ. جهڙي طرح سان ايم ڪيو ايم جا ٽي گروپ موٽي آيا آهن، ان مان لڳي ٿو ته انهن کي رڳو پيپلز پارٽي جي جلسي يا بلاول ڀٽو جي تقرير گڏ نه ڪيو آهي، بلڪه اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي اهي ڌريون گڏ ٿيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جو جلسو ۽ بلاول جي تقرير رڳو بظاهر سبب بڻيا آهن. هونئن پيپلز پارٽيءَ کي ايم ڪيو ايم جي جيئري ٿيڻ سان سياسي طور تي ڪو نقصان به ڪونهي، خاص طور تي چونڊن جي موقعي تي جڏهن ايم ڪيو ايم وري مهاجريت جا مطالبا ڪري ٿي ته پيپلز پارٽي کي ان جو فائدو اهو ملندو، جو ان کي سنڌيت جي نعري هيٺ سنڌين جا ووٽ وٺڻ ۾ سهوليت ٿي پوندي.
ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي ٻنهي گروپن کي گڏ نه ڪيو ويو ۽ ان جي مينڊيٽ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ايم ڪيو ايم جو لنڊن وارو قائد پنهنجا ماڻهو اليڪشن ۾ آڻي. يا وري اهو ته متان ڪراچيءَ ۾ چونڊن جي بائيڪاٽ جو سڏ ڏئي. جيڪڏهن اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿي ته 2013ع کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪيل آپريشن، سياسي چائنا ڪٽنگ ۽ ٻيا سمورا معاملا لڙهي ويندا، ان ڪري ايم ڪيو ايم پاڪستان کي جيارڻ ضروري هو.
ڪراچيءَ جو مينڊيٽ ايم ڪيو ايم وٽ ئي رکڻ جا اسٽيبلشمينٽ کي ٻه وڏا فائدا آهن. هڪ اهو ته ڪراچي جي سياست ڪنهن ملڪگير پارٽي جي هٿ ۾ نه ايندي. معنيٰ اسٽيبلشمينٽ جي ئي گرفت ۾ رهندي. ٻي ڳالهه ته ايندڙ چونڊن کان پوءِ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ هڪ مضبوط گروپ وٽان حمايت ۽ ان جي ووٽ جي ضرورت پوندي، ان ڪري ايم ڪيو ايم کي جيارڻ ضروري هو.
|
Friday, June 19, 2015
سياسي پارٽي جي مک ڌارا کان ڌار ٿي بيهندڙ ’متحده 29 آگسٽ 2013ع
Labels: MQM, ايم ڪيو ايم, جناح پور, ڪراچيءَ, متحده, نواز شريف
Friday, April 03, 2015
هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ سان فائدو ڪنهن کي ٿيو؟
جمع 10 جنوري 2014ع
متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين جي سنڌ ورهائڻ بابت تازي بيان ۽ سنڌ جي سياسي ڌرين جي موٽ سياسي ڪارڪنن ۽ ماڻهن لاءِ اڌ ڊزن کان مٿي سبق ۽ سمجهاڻيون ڇڏيون آهن. جيئن ته هن صورتحال بابت ڪيترائي سوال آهن، جن مان ڪن جا جواب ٽڙ پکڙ صورت ۾ ڏنا به ويا آهن، پر سموري تصوير کي سمجهڻ لاءِ پس منظر ۾، ڪهڙو قدم ڇا جي ڪري ٿيو، کي ڄاڻڻ ضروري آهي. الطاف جي بيان جا ڪارڻ الطاف حسين اهڙي صورتحال ۾ بيان ڏنو، جڏهن صوبي اندر مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن، جنرل مشرف وارو ڪيس فيصلائتي موڙ تي آهي، ملڪ کان ٻاهر يعني لنڊن وارو ڪيس به سوڙهو ٿي رهيو آهي، جنهن کي برطانوي حڪومت توڙي اتان جي پوليس ڏاڍي احتياط سان هئنڊل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ان کي ڪو سياسي رنگ نه ملي سگهي. هڪ نظر ۾ الطاف جي انهيءَ ڳالهه ۾ ڪا نواڻ نظر ڪانه ٿي اچي، ڇاڪاڻ جو هو هن کان اڳ به اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي، ان بعد پاڪستان ۾ موجود متحده قيادت ان جون وضاحتون ڪندي رهي آهي پر هن ڀيري هن جن لفظن ۾ چيو ۽ سنڌ سان گڏوگڏ ملڪ جي باري ۾ ڳالهايائين، اسان جي مين اسٽريم ميڊيا جنهن لاءِ سنڌ جا معاملا خير سلا جهڙي ڳالهه رهيا آهن، سا هن ڀيري ان ڪري به سرگرم ٿي وئي، جو ايم ڪيو ايم اڳواڻ ملڪ ورهائڻ ۾ به هٿ وڌا. سندس تقرير ۾ مڪاني ادارا، مشرف ڪيس ۽ لنڊن ڪيس جي مخالفت ڪيل آهي. بلڪ تازي تقرير ۾ هو ان حد تائين به ويو ته مشرف خلاف تڪڙي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جو هو اردو ڳالهائيندڙ آهي. دراصل لنڊن ۾ هلندڙ ڪيسن جيئن پنهنجي منطقي نتيجي ڏانهن وڌي رهيو آهي، ان مان به کيس ڊپ آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارٽيءَ اندر سخت گير ڪيڊر کي اڳيان آندو ويو آهي. تجزيه نگارن موجب، هي اهو ڪيڊر آهي، جيڪو متحده جو نه پر مهاجر قومي موومينٽ جو ڪيڊر آهي. اهڙو حوالو الطاف جي تقرير ۾ به ملي ٿو، جڏهن هو چوي ٿو ته، هو نه هوندو ته بعد ۾ ڪارڪن مختلف رويو رکندا، وغيره. اصل ۾ ايم ڪيو ايم اندر اختلاف، جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان پچي رهيا هئا، تن کي منهن ڏيڻ لاءِ اٻهرائيءَ ۽ اڳرائيءَ واري نعري جو سهارو ورتو. سنڌ جي سياسي دانشورن جو خيال آهي ته سنڌ کي لساني بنيادن تي ورهائجي، اها الطاف ۽ متحده جي نيت ضرور آهي پر سندس تازو بيان انتها درجي جي بليڪ ميلنگ ڪري مڪاني ادارن ۾ وڌ ۾ وڌ سهولتون ۽ فائدا وٺڻ آهي. هن وقت تائين پيپلز پارٽيءَ کيس ٽي کن صوبائي وزارتون ته آڇي رهي آهي پر ان کان اڳتي نٿي وڌي. ان ڪري مڪاني ادارن ۾ وڌيڪ حصو وٺڻ لاءِ ايم ڪيو ايم هن انتها تي کيڏي رهي آهي. هڙتال جو سڏ: اياز لطيف پليجي طرفان تڪڙ ۾ ۽ اڪيلي سر هڙتال جي سڏ ڏيڻ کي تڪڙ ۽ اٻهرائي سڏيو پيو وڃي. اها ڳالهه تازو ٿيل قومپرستن جي گڏجاڻيءَ ۾ به ڪئي وئي. سنڌ جي قومپرست ڌرين کي به اها شڪايت رهي آهي ته اڳ به مختلف موقعن تي عوامي تحريڪ تڪڙ ڪندي آهي، جنهن سبب هڪ پاسي سمورين ڌرين کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ بنا قدم کنيو وڃي ٿو، ته ٻئي طرف خود اتحادي ڌرين ۾ پڻ غلط فهميون پيدا ٿين ٿيون، انهن ٻنهي جو نتيجو تحريڪ کي نقصان پهچڻ جي صورت ۾ نڪري ٿو. بقول هڪ سياسي دانشور دوست جي ته، هن کان اڳ اهڙي تڪڙ عوامي تحريڪ کي ڦٻي ويندي هئي پر هن ڀيري Bounce ڪيو آهي. ان ڳالهه تي اڪثر ڌريون متفق آهن ته اياز کي نه تڪڙ ۾ هڙتال جو سڏ ڏيڻ گهرجي ها ۽ نه ئي وري ايڏو تڪڙ ۾ واپس وٺڻ گهرجي ها. سڏ واپس ڇو ورتو ويو؟ تڪڙ ۾ هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ تي سڄي سنڌ ۾ اعتراض واريا پيا وڃن ۽ سوال اٿاريا پيا وڃن. سڀ کان وڏو اعتراض طريقيڪار ۽ ٽياڪڙيءَ تي آهي. ٽياڪڙي ارباب رحيم ڪري ٿو، جيڪو پاڻ تڪراري ماڻهو رهيو آهي. هو مشرف جو ساٿاري رهيو ۽ ان دور ۾ ايم ڪيو ايم جو زبردست اتحادي پڻ. ان ڪري جيڪي الزام تڏهن سنڌ جا ماڻهو توڙي عوامي تحريڪ ۽ ٻيون سياسي ڌريون ايم ڪيو ايم تي مڙهينديون رهيون، انهن ۾ ارباب رحيم گڏيل جوابدار Co-accused آهي، هو انهن الزامن مان پنهنجو پلاند آجو نه ڪرائي سگهيو آهي. اين آر او تحت ايم ڪيو ايم کي مليل رليف، 12 مئي تي ٿيل رتوڇاڻ، جنهن اشو کي سڀ کان وڌيڪ عوامي تحريڪ کڻندي رهي، اهي سڀ ارباب رحيم جي دور جا معاملا آهن. ايڪشن ڪميٽي تڏهن ارباب رحيم تي الزام هڻندي رهي، ڪراچي ۾ ريلي به ڪڍي وئي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته اياز لطيف پليجو پهرين خود ارباب رحيم کان وضاحتون وٺي ها. سياسي مارڪيٽ ۾ اهي به خبرون هلي رهيون آهن ته هڙتال جو سڏ ڏيڻ بعد ايم ڪيو ايم توڙي عوامي تحريڪ ٻئي ڦاسي پيون هيون، ٻنهي کي ”ضمانت“ ڪرڻ لاءِ ڪو ماڻهو گهربل هو. سياسي مارڪيٽ ۾ اهي به خبرون هلن پيون ته قاسم آباد مان ڪو چوڌري نثار سان رابطو ٿيو هو، موٽ ۾ چوڌري نثار ارباب رحيم کي موڪليو، جيڪو سڀ آسرا لاهڻ بعد پنهنجو ٿر ڇڏي لاهور ۾ ويٺو آهي، ائين اها ٽياڪڙي ٿي ويئي. ڳالهيون ڪهڙيون ٿيون؟ اياز لطيف پليجي جو ڳالهين بابت تت اهو آهي ته ايم ڪيو ايم وارا آيا، ان ڪري هڙتال جو سڏ واپس ورتو ويو. ٿيڻ ائين گهربو هو ته متحده طرفان معافي ورتي وڃي ها، جيڪڏهن اهو ڪنهن طرح سان ممڪن نه هو ته بيان واپس ورتو وڃي ها، پر صرف ايم ڪيو ايم وارن جي لنگهي اچڻ واري معاملي کي ئي ڪافي سمجهيو ويو. يعني ڪا پڪ به نه ڏني وئي، (ساڳئي ڏينهن تي الطاف حسين سنڌ ”ون“ ۽ ”ٽو“ جي ڳالهه ڪئي.) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي ۽ دانشور جامي چانڊيي جو ان بابت هڪ جهڙو موقف آهي ته اياز کي ڳالهين ۾ اهو چوڻو هو ته، ”اگر مگر“ نه ڪريو، مطمئن مون کي نه سڄي سنڌ کي ڪريو، پنهنجو موقف سنڌ جي اڳيان رکو، انهن آڏو پنهنجي پوزيشن واضح ڪريو، ڇاڪاڻ جو هي ڪو ذاتي يا ذاتي انا جو مسئلو ڪونه هو ۽ بلڪه سڄي سنڌ جو مسئلو هو. اها ڳالهه واقعي وزنائتي آهي ته اياز لطيف پليجو ڪنهن طرح سان سڄي سنڌ جو نمائندو نه هو، جو لکت ۾ پڪ ڪرائڻ، بيان واپس وٺڻ بنا معافي جو اهو قدم کڻي. ان جو مطلب اهو ٿو بيهي ته سندس هڙتال جو سڏ به ذاتي هو ته پوءِ ڇا هن کان اڳ وارين هڙتالن جا سڏ به ذاتي سمجهيا وڃن؟! عوام تحريڪ جو ماضيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ڏاڍو سخت موقف رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ عوامي تحريڪ جي گذريل سرگرمين کان اڳ به ڪيترائي بيان ۽ واقعا ان جو ثبوت آهن. ”پونم“ جي ڏينهن ۾ جڏهن سردار عطاءُ الله مينگل ڪنوينر هو ته ايم ڪيو ايم هن اتحاد ۾ شموليت جي درخواست ڏني. عطاءُ الله مينگل پونم جي ميٽنگ ۾ اها ڳالهه رکي ته ان درخواست تي غور ڪريو. رسول بخش پليجي جو موقف هو ته هو دهشتگرد آهن، انهن جي درخواست تي غور ڪرڻ تي به هو هن اتحاد کان الڳ ٿي ويندو. اهو موقف ۽ اڄوڪو موقف هڪ ٻئي جي بنهه ابتڙ آهن. قوم پرست ڌريون: ٻين قوم پرست ڌرين الطاف جي هن بيان کي موجوده سياسي منظر ۾ هڪ راند سمجهيو ۽ ان ۾ پنهنجي شرڪت کي هاڃيڪار ۽ غير ضروري سمجهيو، ان ڪري الطاف جي بيان جي مذمت ته ڪئي وئي، پر ان تي احتجاج يا ٻيو ڪو عملي ردعمل ڏيکارڻ کان پاسو ڪيو ويو. ڪن حلقن ۾ اها ڳالهه به اٿاري پئي وڃي ته قوم پرست ڌريون گذريل عام چونڊن واري اتحاد ۾ کين پهتل ڌڪ اڃان پچائي رهيون هيون. ان اتحاد ۾ خود قومپرستن جا هڪ ٻئي سان اختلاف ۽ اڻ سهپ وارا رويا ايترو سامهون آيا، جو هو نئين اتحاد ۾ وڃڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيا. هن وقت وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪو اڀريل پليٽ فارم به ڪونه هو. ٻيون سياسي ڌريون: الطاف جي بيان جي جماعت اسلامي سميت سنڌ ۾ موجود سمورين وفاقي پارٽين به مذمت ڪئي پر ٻٽي نظام خلاف تحريڪ هلائيندڙ سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جون ٻه مکيه پارٽيون پير پاڳاري جي فنڪشنل ليگ ۽ جتوئين جي نيشنل پيپلز پارٽي، جن کي ڪي همراهه سنڌ جا نجات ڏياريندڙ سمجهي رهيا هئا، سي خاموش رهيون. ڏٺو وڃي ته الطاف حسين جي هن بيان ۽ ان بعد هڙتال جي سڏ ۽ ان جي واپسي مجموعي طور پيپلز پارٽيءَ کي فائدو رسايو. هڪ فائدو الطاف جي بيان سان پ پ پ کي اهو مليو ته سنڌي ماڻهو پاڻ کي خطري ۾ محسوس ڪري پيپلز پارٽيءَ جي ڀر ٿي بيٺو. مٿان وري بلاول ڀٽو زرداريءَ ته ”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“ جو بيان ڏنو. هڙتال جو سڏ ڏيئي واپس وٺڻ سان عام ماڻهوءَ کي اهو پيغام مليو ته پاڻ کي متبادل سڏرائيندڙن ۾ به ڪو گهڻو جهلو يا افعال ناهي. هيءَ سڄي صورتحال هڪ دفعو وري اها تقاضا ڪري ٿي ته سنڌ ۾ متبادل قيادت واري معاملي کي ٻيهر جاچيو وڃي. هن وقت جيڪي اڪثر قوم پرست ڌريون آهن، تن جي قيادت مختلف وقتن تي موقعي پرستي، اٻهرائي ۽ غير دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، نتيجي ۾ قومي تحريڪ کي پيپلز پارٽيءَ کان وڌيڪ، نه ته به ان جي برابر انهيءَ قيادت به نقصان پهچايو آهي. هن وقت دوستن ۽ دشمنن جي وچ ۾ نئين سر لِيڪو ڪڍڻ جي ضرورت آهي، بلڪل ائين، جيئن ون يونٽ جي خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڪڍيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي به ليڪي جي ٻئي پاسي بيٺل شمار ڪيو ويو هو. ائين سڀني جو حساب ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن ڪهڙي مرحلي تي ڇا ڪيو ۽ ان جا اثر ڪهڙا ٿيا، نتيجا ڪهڙا نڪتا؟ جڏهن ته حالتن ۽ وقت جي تقاضا ڇا هئي؟ جيستائين انهن معاملن جو ايڪس ري ۽ پوسٽ مارٽم نه ٿيندو، تيستائين ڳالهه اڳتي نه وڌندي ۽ اسين بند گهٽين ۾ گهمندا رهنداسين.
Labels: Awami Tahreek, MQM, Palijo, سهيل سانگي