Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, March 06, 2023

مضبوط معيشت لاءِ درست پاليسين جي ضرورت

  مهانگائي آخري حدون به ٽپي وئي آهي. عام ماڻهو جن ڏُکين حالتن مان گُذري رهيو آهي، ان جو احساس صرف ان ماڻهوءَ کي ئي آهي جيڪو ڀوڳي رهيو آهي. اڃان آءِ ايم ايف سان قرض وٺڻ لاءِ ٿيندڙ ٺاهه ايندڙ ٻن چئن ڏينهن ۾ اچڻو آهي، جنهن ۾ ڪي شرط اهي آهن، جيڪي ٺاهه ٿيڻ کان اڳ پورا ڪرڻا آهن، ٻيا شرط به آهن، جيڪي ٺاهه ٿيڻ کانپوءِ عمل ۾ ايندا. ملڪي معيشت جي بدحاليءَ جو هڪ ٻن سالن جو قصو ڪونهي، اهو نوازليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي سربراهيءَ ۾ ٺهندڙ اتحادي حڪومت هروڀرو اچي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو آهي، ورنه حالتون عمران خان جي ڏينهن ۾ به اهڙيون هيون، جن کي وقتي طور تي گُسايو يا ٽاريو پئي ويو، اهي حالانڪه اڻٽر هيون، انهن کي اوير سوير اچڻو هو. ڳالهه سنئين سڌي آهي ته، گذريل ڪئين ڏهاڪن کان پاڪستان ايڪسپورٽ گهٽ ڪري رهيو آهي، امپورٽ وڌيڪ ڪري رهيو آهي. انهيءَ ايڪسپورٽ امپورٽ واري واپار ۾ وڏي وڇوٽي آهي، جنهن کي واپاري ٻوليءَ ۾ گهاٽو، نقصان يا خسارو ڪوٺيو وڃي ٿو. 2018ع ۾ اهو نقصان 37.26 ارب ڊالر هو، جڏهن ته جولاءِ 2022ع کان هلندڙ سال جنوري تائين اهو انگ 19.63 ارب ڊالر وڃي بيٺو. اهو نقصان دراصل قرض يا اوڌر آهي، جيڪو پاڪستان کي هر سال ڀرڻو آهي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان جيڪا به ايڪسپورٽ ڪري ٿو، يعني پنهنجون شيون ٺاهي ٻاهر موڪلي ٿو، ان جو مقدار ۽ مجموعي ملهه گهٽ آهي. نتيجي ۾ روانگي يا پرڏيهه وارو قرض اسان کي آءِ ايم ايف کان قرض کڻي لاهڻو پوندو آهي، يعني آءِ ايم ايف جو قرض دراصل قرض لاهڻ لاءِ قرض کڻڻ آهي. جيڪڏهن اسين روانگي واپار ۾ ٿيندڙ اوڌر يا نقصان کي قرض لاهي نه ڀرينداسين ته اسان کي ڪير اوڌر به نه ڏيندو. نتيجي ۾ سڄو معيشت جو ڦِيٿو بيهي رهندو. ان صورتحال کي ڊيفالٽ يا ڏيوالپڻي جو نالو ڏنو وڃي ٿو. مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن اسين پيداوار گهٽ ڪنداسين، ايڪسپورٽ گهٽ ڪنداسين ۽ ان جي ڀيٽ ۾ امپورٽ وڌيڪ ڪنداسين ته اهو گهاٽو وڌندو رهندو، جنهن جي پورائي لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض کڻڻو پوندو، جنهن تي وياج به ڏيڻو پوندو. آءِ ايم ايف پنهنجو قرض اوڳاڙڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جا شرط لاڳو ڪندو.

ملڪي معيشت جي سڄي ڳالهه هڪ پاسي هن هنڌ تي ڦاٿل آهي. ٻئي طرف ملڪ جي ماڻهن کان جيڪو ٽيڪس مختلف شڪلين ۽ مد ۾ اوڳاڙيو وڃي ٿو، ٻين لفظن ۾ اهو ته، جيڪا ملڪ کي آمدني ٿئي ٿي ان جو وڏو حصو دفاعي معاملن ۽ پرڏيهي قرض ڀرڻ تي خرچ ٿئي ٿو، باقي جيڪي بچي ٿو ان مان ڳچ حصو ملڪي معاملا هلائڻ يعني انتظام ڪاري تي خرچ ٿئي ٿو. ان ۾ مختلف ادارن جي ماڻهن کي ملندڙ رعايتون، سهولتون، مالي فائدا، رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پينشن کان علاوه ملندڙ سهولتون شامل آهن، خود اهو انگ اربين رپين ۾ بيهندو آهي. اهي سمورا خرچ ڪڍڻ کانپوءِ ڪا رقم بچندي ئي ناهي، جنهن جي لاءِ بنيادي طرح سان اهي خرچ ڪيا ويندا آهن. اهو آهي عوام ۽ ان جو ڀلو، يعني عوام کي تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، اچ وڃ جون سهولتون ڏيڻ، اهي ئي ڪم رياست جي بنيادي ذميوارين ۾ شامل آهن، پوءِ ٿئي ائين ٿو ته انهن ڪمن لاءِ به عالمي بينڪ، ايشيائي بينڪ يا ٻئي ڪنهن پرڏيهي ڊونر جو آسرو ڪيو وڃي ٿو، جتان يا ته قرض کنيو ويندو آهي يا وري گرانٽ ۽ امداد لاءِ رستا ڳوليا ويندا آهن، مطلب ته عام حالتن ۾ جيڪو به ٽيڪس اوڳاڙيو وڃي ٿو، ان مان سڌي طرح سان عام ڀلي لاءِ ڪم نٿو ٿئي، اهو ئي سبب آهي جو مختلف حڪومتن وٽ اهو سمورو شعبو ترجيح نه رهيو آهي. ساڳئي وقت هر حڪومت ان شعبي ۾ ڪم گهٽ ۽ ان جو ڏيکاءُ ۽ پبلسٽي وڌيڪ ڪندي رهي آهي، ان لاءِ پبلڪ پرائويٽ پارٽنرشپ جا رستا ڳوليا ويندا آهن، ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو سرڪاري خرچ يعني عوامي خرچ تي خانگي ادارا ۽ ڪمپنيون ڪمائڻ لڳنديون آهن. سنڌ جا مکيه روڊ رستا جن تي ٽول ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو اهي سڀ پبلڪ پرائويٽ پارٽنرشپ يا ان جهڙين ٻين اسڪيمن تحت ٺهيل آهن، جنهن جي رقم عوام کان وياج سميت اوڳاڙي ويندي آهي سا به ڏاڍي غير محسوس طريقي سان. حالانڪه اهي سمورا ڪم اصولي طور تي رياست کي پاڻ ڪرڻ گهرجن، جن لاءِ عوام کان ٽيڪس جي ذريعي اڳ ئي وصولي ٿئي ٿي، يعني عملي شڪل اها وڃي بيٺي ته، اڳ جيڪو ٽيڪس ماڻهن کان اوڳاڙيو وڃي ٿو، سو ته هليو ويو ملڪي معاملا هلائڻ ۾، هاڻي جيڪڏهن عوام کي ڪا سهولت گهرجي يا ڏيڻي آهي، ان لاءِ وڌيڪ ٽيڪس ڀرڻو پوندو، سو به اضافي وياج سان. ان ڪم ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي في الحال بحث هيٺ ڪونه ٿا آڻيون، ڇاڪاڻ جو اهو سياسي پاسو ٿي ويندو، جنهن تي الڳ بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي. في الحال اهو ئي فرض ٿا ڪريون ته، سڀ ڪُجهه صاف شفاف آهي.

معيشت ۾ روانگي يا پرڏيهي واپار جو هڪ اهم پاسو اهو آهي ته، اسين پاڙيسري ملڪن سان واپار ڪرڻ جي بدران پري پري جي ملڪن سان واپار ڪريون ٿا ۽ سو به وري ڊالر جي قيمت تي. ڊالر ۾ واپار ڪرڻ هڪ پاسي مجبور ڪري ٿو ته، اولهه ۽ يورپي ملڪن سان مهانگي اگهه تي شيون خريد ڪريون ۽ ٻيو اهو ته ڊالر جو واهپو خود هڪ واپار آهي، پوءِ ٿئي ائين ٿو ته، اسين ڊالر جي واهپي سبب به پنهنجو نقصان ڪريون ٿا ۽ ٻئي پاسي آمريڪا ۽ اولهه واري معيشت سان سلهاڙجي مهانگا سودا ڪريون ٿا. ائين اسان کي ٻٽو نقصان ٿئي ٿو، ڊالر جي واهپي جو واپار بڻجڻ اسين گذريل ٽن چئن سالن کان ڀوڳي رهيا آهيون، نتيجو اهو وڃي بيٺو آهي جو سڀني جون نظرون ڊالر تي آهن، اها خود هڪ چال آهي.

اسان هندوستان ۽ ايران کان ڪيتريون ئي شيون گهرائي سگهون ٿا ۽ انهن کي به ڪيتريون ئي پنهنجو شيون وڪرو ڪري ڏئي سگهون ٿا، ائين ڪرڻ سان نه ڊالر وچ ۾ ايندو ۽ نه وري ڪو وڏو روانگي واپار جو گهاٽو. جنهن سبب اسان کي آءِ ايم ايف وٽ هٿ ٽنگڻو ٿو پوي، وياج ڀرڻو ٿو پوي، اضافي ٽيڪس لڳائي وڌيڪ مهانگائي ڪري عوام کي وڌيڪ عذاب ۾ وجهڻو ٿو پوي، اڄ عام ماڻهو به ڄاڻي ٿو ته ڪهڙي طرح سان کاڌ خوراڪ ۽ عام واهپي جون شيون اسين وايا دبئي انڊيا کان وٺي رهيا آهيون. دبئي ۾ بااثر ۽ ڏاڍن همراهن جون ڪمپنيون آهن، جيڪي اتان کان ويهي انڊيا کان شيون وٺن ٿا. انڊيا سان واپار ڪن ٿا ۽ اُتان کان اهي شيون پاڪستان موڪليون وڃن ٿيون، نتيجي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ سڌي واپار جي نتيجي ۾ اهي شيون عام ماڻهوءَ کي مهانگي اگهن تي ڏنيون وڃن ٿيون پر سرڪاري طرح سان نعرو اهو ئي آهي ته اسين انڊيا سان واپار نٿا ڪريون.

پيراسٽامول ٽيبليٽ کان وٺي ٻين ڪيترين ئي دوائن جي ڪُجهه هفتا اڳ کوٽ ٿي. نتيجي ۾ انهن دوائن جون قيمتون ٻيڻ تي وڌايون ويون. تڏهن اهي دوائون عام ماڻهوءَ تائين پهچي سگهيون. جيڪڏهن انڊيا سان سڌو واپار هُجي ها ته، آسانيءَ سان اُهي توڙي ٻيون ڪيتريون ئي دوائون سستي اگهه تي ملي سگهن ها پر اسان وٽ اڃان تائين گهڻ قوميائي ڪمپنين ۽ انهن جي مقامي دلالن کي فائدي ڏيڻ واريون پاليسيون آهن، جنهن ۾ هروڀرو مهانگيون شيون مهيا ڪرڻ ۽ هروڀرو ٽيڪس وڌائڻ جا جتن ڪيا وڃن ٿا، انهن سڀني جو بار آخر ۾ عام ماڻهوءَ کي کڻڻو پوي ٿو ۽ اُن جي قيمت ڀرڻي پوي ٿي.

ساڳي صورتحال ايران سان واپار جي آهي. ايران سان به اسان سڌو واپار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. ايران کان اسمگل ٿيل شيون، جن ۾ پيٽرول کان وٺي ٻين ڪيترين ئي عام استعمال جي شين تائين اڻ سڌيءَ طرح يعني اسمگلنگ جي ذريعي واپار ٿئي ٿو، ان سان ٽيڪس جو جيڪو نقصان ٿئي ٿو، سو پنهنجي جاءِ تي پر اڻ سڌي واپار جي ذريعي ڪي ڏاڍا ماڻهو پنهنجي پسند سان اسمگلنگ ۾ شامل ٿين ٿا ۽ پئسا ڪمائين ٿا. اڳتي هلي ان اسمگلنگ جي ڪاروبار مان مختلف ادارن ۾ ويٺل ماڻهو پڻ پئسا ڪمائين ٿا. اڪثر صورتن ۾ اسمگل ٿيل مال کي ملڪي مارڪيٽ ۾ اجازت ڏين ٿا ۽ ان جي عيوض پنهنجون وصوليون ڪن ٿا، هِي اسان جي پرڏيهي واپار جو هڪ ٻيو اونداهون پاسو آهي، جنهن کي وڌيڪ سنجيدگيءَ سان عوامي دوستيءَ جي نقطه نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.

ملڪي معيشت ڪيئن مضبوط ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجن خرچن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، اجايا خرچ گهٽائڻا پوندا، پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو رخ درست ڪرڻو پوندو. روانگي واپار کي وڌيڪ حقيقي ۽ منطقي بنائڻو پوندو، ملڪ ۾ صنعتي پيداوار کي وڌائڻو پوندو. ملڪي ترقيءَ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام نه پر روزگار وڌائڻ لاءِ موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، اهو پروگرام وقتي رليف آهي، جنهن تي نه ملڪي معيشت هلائي ٿي سگهجي ۽ نه وري عام يا غريب ماڻهوءَ جي معيشت.

گذريل هفتي ريسرچ ۽ سروي ڪندڙ مڃيل اداري گيلپ پاڪستان هڪ ٻئي اداري پرائيڊ سان گڏ ڪيل ريسرچ ۽ سروي پڌري ڪئي آهي، جيڪا نهايت ڇرڪائيندڙ آهي. 15 کان 29 سالن جي وچ ۾ ڄمار رکندڙ 21 لک 80 هزار نوجوان ڪو ڪم نٿا ڪن ۽ بيروزگار آهن. سڀ نوجوان نه ڪنهن ملازمت ۾ آهن ۽ نه وري ڪنهن ٽريننگ يا تعليم ۾ آهن. اها ته آهي هن اداري جي سروي ۽ ريسرچ پر جيڪڏهن زميني حقيقتن کي ڏٺو وڃي ته اهو انگ ان کان گهڻو مٿي آهي. ان ۾ جيڪڏهن زيرِ تعليم ۽ ٽريننگ ڪندڙ نوجوانن کي شامل ڪيو وڃي ته پڪ سان اهو انگ ٽِيڻ ۽ چئوڻ تي وڌي ويندو، جنهن ۾ ٽيهن ۽ چاليهن سالن وارا ماڻهو ان ڳڻپ ۾ نه آندا ويا آهن. انهيءَ دائري ۾ به چڱو خاصو انگ بيروزگار يا اڌ بيروزگار آهي. وڏي پيماني تي بيروزگاري هُجڻ ڪمزور معيشت ۽ ڪمزور نظام جي نشاني آهي. اهڙي معيشت رکندڙ ملڪ ۾ سياسي نظام ۽ حڪومتون به ڪمزور رهنديون. ان جو مطلب اهو ضرور آهي ته، مضبوط معيشت ۽ معاشي بنيادن بنان مضبوط سياسي ۽ جمهوري نظام جوڙي نٿو سگهجي پر ساڳئي وقت اهو به سوال آهي ته، آخر اها ذميواري ڪنهن جي آهي؟ ظاهر آهي ته، هر وقت جي حڪومت جي آهي. جيڪڏهن حڪومت صحيح معاشي پاليسيون نٿي جوڙي يا پاڪستان جي خاص حالتن ۾ پنهنجي معاشي ۽ سياسي نظام ۾ بنيادي تبديليون نٿي آڻي، تيستائين جيڪا به حڪومت ايندي اها ڪمزور ئي رهندي، ان کي هر سال آءِ ايم ايف جي در تي بيهڻو پوندو ۽ هن ملڪ کي وڌيڪ قرضي ڪرڻو پوندو، عوام تي وڌيڪ ٽيڪس مڙهي اُن کي وڌيڪ غريب ڪرڻو پوندو ۽ اهو اڻکٽ سلسلو جاري رهندو.

Pahenji Akhbar March 6, 2023
https://thetimenews.tv/%d9%85%d8%b6%d8%a8%d9%88%d8%b7-%d9%85%d8%b9%d9%8a%d8%b4%d8%aa-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%d8%af%d8%b1%d8%b3%d8%aa-%d9%be%d8%a7%d9%84%d9%8a%d8%b3%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%b6%d8%b1%d9%88%d8%b1%d8%aa/

Labels: , , ,

Saturday, April 30, 2022

معاشي ۽ سياسي پاليسين کي خام خالي مان ڪڍڻ جي ضرورت

 April 29,2022 

 تيزي سان ملڪ اندر پيدا ٿيندڙ واقعا ان ڳالهه کي چٽو ڪن ٿا ته عمران خان جي اڳواڻي ۾ آيل تحريڪ انصاف  وارن جي حڪومت ملڪ جي اهم معاشي سياسي ۽ پرڏيهي بنيادي پاليسين ۽ حڪمراني ۾ ڪجهه اهڙي نموني سان تبديلون ڪيون هيون جن کي واپس پنهنجي جاءِ تي آڻڻ ڏکيو ٿي رهيو آهي. عمران خان سياسي بحران کي آئيني بحران ۾ بدلائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر اهو نه ٿي سگهيو. هاڻي هو هڪ دفعو وري سياسي بحران ڏي ڌڪي رهيو آهي، سندس خيال آهي ته سياسي بحران گهرو ٿيڻ بعد معاملو موجوده گهڻ پارٽي حڪومت جي هٿن مان نڪري ويندو ۽ هڪ دفعو وري راند هٿن ۾ اچي ويندي.

  ڳالهه رڳو  ايتري ڪونهي. قومي اسيمبلي مان بي اعتمادي واري رٿ ذريعي هٽڻ بعد عمران خان ۽ سندس ساٿي ڪجهه اهم تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪر ي رهيا آهن. پهريون اهو ته جن پاليسين ۽ طرز تي هو حڪومت هلائي رهيو هو ان جي نه رڳو عوامي صفن ۾ بلڪه چڱن ڀلن ادارن ۾ به حمايت حاصل آهي. ۽ سندس خيال آهي ته ڪو ايڏو سولو ڪونهي ته عمران خان جي پاليسين کي تبديل ڪري سگهجي. اهي اندروني پاليسيون هجن ياپرڏيهي پاليسيءَ سان وسطو رکندڙ هجن، ٻيو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو وڏا جلسا ڪري عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. ٽيون اهو ته سوشل ميڊيا جيڪو  انهن جي پروپئگنڊا جو اهم هٿيار آهي ان تي سرگرم “ يوٿيا” دنيا ۾ پنهنجو تاثر ڏيڻ ۽ دنيا جو پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائي رهيا آهن. چوٿون تاثر اهو آهي ته عمران خان پنهنجي فڪر جو هڪ فرقو ٺاهي ورتو آهي جيڪو هروڀرو هر ڳالهه ۾ کيس صحيح ۽ باقي سمورن پارٽين خيالن ۽ فڪر کي غلط قرار ڏئي ٿو. بلڪه اهي ٻئي ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار به ڪونه آهن. پنجون تاثر اهو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ سياسي جماعت طور اڀرندي.

ملڪ جي معاشي حالتن ۽ مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو عمران خان جي حڪومت کان بيزاري ڏيکاري. سندس مخالفت ۾ سموريون سياسي ڌريون نڪري آيون. ان سان گڏوگڏ وڏن ادارن به عمران خان کان پري يا ڌار هجڻ جوا ظهار ڪيو. ان صورتحال ۾ عام ماڻهو جون اميدون گهڻيون وڌي ويون. ايئن ٿيڻ فطري ڳالهه به هئي. پر ڊالر ۽ تيل جون قيمتون نه رڳو اهو ته گهٽجي نه سگهيون. پر موجوده گڏيل حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان ۾ واڌارو آيو آهي. ان ڪري عام ماڻهو جيترو  رليف ملڻ جي آسري ۾ هو ان کي مايوسي ٿي ۽ ملڪ جي معاشي حالتن کي سري لنڪان سان به  ڀيٽيو پيو وڃي. جنهن وٽس ڊالر نه هجڻ جي صورت ۾ ڏيوالو هجڻ جو اعلان ڪيو. ڊالر نه هجڻ ڪري سري لنڪا تيل نه پيو وٺي سگهي. نتيجي ۾ بجلي، ٽرانسپورٽ وغيره سخت متاثر ٿي ۽ ان ۾ پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ تي چيو پئي ويو ته ان کان سمنڊ پار رهندڙ فائدو وٺي رهيا هئا، ڇاڪاڻ جو اهي ڊالرن يا پائونڊ ۾ ڪمائي رهيا هئا. ان جي حمايت ۾ اهو دليل ڏنو پئي ويوته سمنڊ پار پاڪستانين جي فائدي جي لاءِ تحريڪ  انصاف جي حڪومت مختلف اسڪيمون جاري ڪيون. ايتري قدر جو کين ووٽ جو حق ڏيئي ملڪ جي بنيادي قانون سازي ۾ پڻ شريڪ ڪرڻ  ڏي وڃي رهي هئي.

ڏٺو وڃي ته حقيقي معنيٰ ۾ پاڪستان معاشي ڌٻڻ ڏي ڌڪجي رهيو هو. ايتري قدر جو اسٽيٽ بئنڪ ملڪ جي خانگي بينڪن کي لکيو ته اهي حڪومت کي قرض ڏيڻ کان پاسو ڪن. ڇاڪاڻ جو اها رقم ٻڏڻ جو خطرو آهي. اهڙين خراب معاشي صروتحال کي ڏسندي سمورين سياسي پارٽين کي گڏيل حڪومت ۾ کنيو ويو ته جيئن حالتن جي ذميواري سموريون ڌريون گڏيل طور تي کڻن. پر ان جي باوجود وزيراعظم شهباز شريف حڪومت سنڀالڻ بعد پنهنجي پهرين تقرير ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ هو سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائڻ کان ڦري ويو. پر  پينشن وڌائڻ واري ڳالهه تي حڪومت قائم آهي. ان لاءِ جو از اهو پيو ڏنو وڃي ته ٻن مهينن بعد بجيٽ اچڻي آهي اوڏي مهل سرڪاري ملازمن کي هڪڙي شيءَ آڇيندي. پر لڳي ٿو ته حڪومت اصولي طور اهو فيصلو ڪيو ته جيڪي وڌيڪ  غريب يعني ڪمزور ڏتڙيل ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا تن جي ڪا واهر جي ڪوشش ڪري.

ان ڏس ۾ پينشن ۾ واڌ سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت اهو اعلان ڪيو ته  گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا هجڻ گهرجي. هتي جيتوڻيڪ فيصلي ۾ حڪومت اها ڳالهه کائي وئي ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار جو مطلب غير هنر مند مزدور جو اجورو هوندو آهي، ساڳي ريت وفاقي ڪابينا ۾ پيپلزپارٽي جي عيوضي شازيه مري بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اهي ساڍا 8 لک نالا ٻيهر شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪي عمران خان جي حڪومت  خارج ڪيا هئا. هتي اها ڳالهه اهم آهي ته حڪومت گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو پر ان تي عمل ڪرڻ لاءِ اثرائتي ميڪنزم ۽ عمل بابت ڪو به اڃا تائين اپاءُ نه ورتو ويو آهي. ڇاڪاڻ جو ان جي لاءِ انڊسٽريل رليشنز آرڊيننس۽ سوشل سيڪيورٽي توڙي ڪم جي حالتن جي حوالي سان اڳ موجود قانون کي عمل ۾ آڻڻ ليبر ڪورٽن کي فعال ڪرڻ  ضروري آهي. ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه ملڪ اندر ٽريڊ يونين کي جيارڻ  ضروري آهي. متحرڪ منظم ٽريڊ يونين بنا حڪومت جي ان اعلان تي عمل نه ٿي سگهندو ۽ اهو رڳو  ڪاغذن تي رهندو.

ساڳيءَ طرح سان حڪومت پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان به وڏو چئلينج درپيش آهي. عمران خان جي سازش واري ٿيوري ۾ ڪو وزن ڪونه ٿو لڳي. پر ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي ته پاڪستان پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ٻه واٽي تي ٽنگيل هو. خود عمران خان به ان بابت ڪو واصح رخ ڏيئي سگهيو ۽ نه ئي پوري طرح وضاحت ڪري ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي هڪ طرف بيهاري سگهيو. هن رڳو آخري ڏينهن ۾ ان کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. ڏٺو وڃي ته اهڙو ڪهڙو دور آهي جڏهن پاڪستان تي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان دٻاءُ نه رهيو هجي؟ هونئن به هر ملڪ جون پرڏيهي پاليسيون مختلف وقتن تي مختلف دٻائن هيٺ رهنديون آهن.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ خاتون خودڪش بمبار واري واقعي به چين ۽ پاڪستان جي ناتن تي دٻاءَ وڌايو آهي. بلڪه هي اهڙو واقعو آهي جنهن جو ملڪي صورتحال تي اثر پوندو. هڪ پاسي ملڪ اندر قوم پرستي جي سياست ڪندڙ ڌريون آهن جن لاءِ ممڪن آهي ته ڏکيايون وڌي وڃن. ٻئي طرف خود پاڪستان جي پاليسي سازن لاءِ به هڪ سوال آهي. جنهن کي اطلاعات واري اڳوڻي وزير مشاهد حسين روزاني ڊان سان ڳالهائيندي پاليسي سازن کي سجاڳ ٿيڻ ۽ اکيون کولڻ جو سڏ ڏنو آهي.

 اهو صحيح آهي ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ملڪي مفادن وٽان هئڻ گهرجي. ساڳئي وقت اها ڳالهه به لازمي آهي ته پرڏيهي پاليسي ملڪ جي اندروني يا گهرو پاليسي جي عڪاس هوندي آهي. اسان پاڻ کي ڪيترن سالن  کان سيڪيورٽي اسٽيٽ قرار ڏيو ويٺا آهيون. ملڪ ۽ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي پاليسين کي ان خام خيالي مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي. اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ معيشت ۽ معاشي ترقي اهم بڻيل آهي. ان سان گڏوگڏ انساني حق ۽ جمهوري حق ان ترقي جو لازمي حصو آهن. اهڙين حالتن ۾ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ٿي بيهي ته اسين پنهنجي پاڙي وارن سان ٺهي  هلون. پنهنجو وڻج واپار به هن ڏکڻ ايشيا واري خطي ۾ ڪرڻ کي اوليت ڏيون. امپورووٽ ۽ ڪچو مال ايڪسپورٽ ڪرڻ جي بدران ملڪ اندر هڪ پوري رٿا بندي سان صنعتڪاري تي ڌيان ڏيون. جيڪڏهن ايئن  نٿا ڪريون ۽ رڳو ڪڏهن آءِ ايم ايف کان قرض کڻي، ته ڪڏهن نار واري ڪنهن ملڪ کان يا وري سعودي عرب کان ڊالر اوڌر تي وٺي پنهنجي بئنڪ ۾ رکڻ توڙي اوڌر تي تيل وٺڻ جهڙن اپائن سان  هلون ته گهڻو وقت  معاملو هلي ڪونه سگهندو . 

Pahenji Akhbar, Sohail Sangi 

Labels:

Sunday, April 17, 2022

ملڪي جمهوريت لاءِ هڪ ٻيو موقعو

The Time News - Pahenji Akhbar -April 15, 2022

 ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو. اسٽيبلشمينٽ کان وٺي عوام تائين، هڪ ٻئي جي مخالف ڌر کان وٺي عدليه تائين سڀ هڪ پيج تي اچي ويا. اهو ڪپتان جي حڪومت جي ڪارڪردگي جو ڪمال هو يا وري سندس اقتداري ڪاريڊور ۾ مختلف لابين کي مينيج نه ڪري سگهڻ جي اهليت نه هجڻ جو. جيڪڏهن عمران خان سرپرائيز وارو اڌ کيڏيل پتو نه کڻي ها ته ڇا صورت حال بيهي ها؟ بهرحال اهو طئي آهي ته حڪمران طبقن ۽ اقتداري ڌرين جي رڌڻي ۾ ته رولو هو. اهو رولو جڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ حل نه ٿي سگهيو ته پارليامينٽ ۾ سياسي ڌرين ڏي بال اڇلايو ويو. سرمائيداري نظام ۾ اندروني جهيڙا حل ڪرڻ لاءِ عدليه آخري فورم آهي. اتان جڏهن به فيصلا آيا آهن ۽ جهڙا به آيا آهن اهي ڪنهن حڪمران طبقي ۽ اقتداري ڌرين جي اندروني جهيڙا ٻين روايتي فورمن تي حل نه ٿيڻ بعد آيا آهن.

 هاڻي سڄي ملڪ ۾ اهو تاثرڏنو پيو وڃي ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو آهي. اهڙو اشارو عسڪري ادارن کان وٺي مک سياسي ڌرين تائين ايتري قدر جو نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف ۽ سڄي جوڙجڪ کي عملي شڪل ڏيڻ جي ڪاريگر طور سامهون ايندڙ آصف علي زرداري به اهو ئي چيو آهي. هن بي اعتمادي واري رٿ جي رات پارليامينٽ ۾به چيو هو ته هڪ شخص کي ڇڏي سڀني سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. ڪالهه انٽرويو ۾ به اهو چيائين ته زرداري سب تي ڀاري نه پر سڀ سان ياري. اهي سڀ اشارا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه کي چٽو ڪن ٿا ته نظرين، خيالن، حڪمت عملين ۾ گهڻ رنگي آهي، ان گهڻ رنگي کي گڏ کڻي هلڻو آهي. اصل سياسي رويو سهپ ۽ اڪموڊيٽ ڪرڻ ئي آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ ڪامياب ويندو آهي. اهو سوال پنهنجي جاءِ تي اڃا به طئي ٿيل ناهي ته پاڪستان جي حڪمران طبقي۽ ڌرين مجموعي طور ان گهڻ رنگي کي ڪيترو دلي طور مڃيو آهي. گهڻ رنگي صوبن جي حوالي سان آهي . گهڻ رنگي ٻولين ۽ ثقافت جي حوالي سان آهي. اهو به مڃڻ باقي آهي ته ملڪ اڃا تائين سياست، معيشت، ثقافت ۽ سماجي حوالن سان اهڙو رنگ پيدا نه ڪري سگهيو آهي جيڪو خودبخود اڳ موجود، ٻين رنگن تي چڙهي وڃي.

وزيراعظم شهباز شريف قسم کڻڻ بعد ملڪ جي باني قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڏيڻ لاءِ سنڌ جي گاديءَ جي واري شهر ڪراچي پهتو. اها تڪڙ هن انهي ڪري به ڪئي جو 2013ع وارين چونڊن کانپُوءِ ٿيل وزيراعظم نواز شريف ڪيترن ئي مهينن تائين باباءِ قوم جي حاضري ڀرڻ نه آيو هو. شهباز شريف جڏهن سنڌ چيف منسٽر هائوس ۾ سنڌ حڪومت ۽ اتحادي ايم ڪيو ايم سان ميٽنگ ڪئي ته هن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هر فرمائش پوري پئي ڪيائين. وڏي وزير کيس ڪراچي کي پاڻي پهچائڻ، بجلي، رستن، ٽرانسپورٽ جي رٿائن لاءِ ڊگهي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم سندس هر ڳالهه مڃيندو ويو، ڄڻ چوندو هجي ته “ هور ڪوئي حڪم؟”. ان صورتحال جو فائدو وٺندي وڏي وزير وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ تڪرار هيٺ آيل ٽن وڏين اسپتالن جي ڳالهه ڪئي.ساڳئي وقت ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ مرڪزي پاليسي ۽ مرڪزي ٽيسٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. وزيراعظم اها ڳالهه به مڃي ورتي. پوءِ ڳالهه ان  نقد ترقياتي قرض جي به ڇيڙي. ايئن پئي لڳو ته سنڌ جي وڏي وزير وٽ مطالبن جي لسٽ ختم ٿي وئي آهي.

اهو صحيح آهي ته هن وقت نواز ليگ سخت سوڙهه ۾ آهي. اهو به صحيح آهي ته شهباز شريف سان آصف علي زرداري جيڪي لڪي ملاقاتون ڪيون، جنهن جو ذڪر خود زرداري صاحب پنهنجي تازي انٽرويو ۾ به ڪيو آهي. زرداري جي هن اٽڪل شهباز شريف کي وزرات عظميٰ ڏياري. ان جو هڪ پاسو اهو به آهي ته نواز ليگ ڄڻ مائنس نواز شريف ٿي وئي. نواز شريف ۽ مريم نواز ٻئي پارليامينٽ کان ٻاهر آهن. اها سياست گردي پنهنجي جاءِ تي پر اصولي طور پنجاب جي سياسي طور تي نمائندگي ڪندڙ جماعت مسلم ليگ نواز سنڌ حڪومت جا مطالبا مڃيا. انهن مطالبن جو جوهر اهو ئي آهي جيڪو 18هين ترميم جو آهي. بلڪه ٿيڻ ايئن گهربو هو، بلڪه اڃا به وقت آهي ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۽ واڌو اهي پارٽيون جيڪي عمران خان جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ نئين حڪومت جوڙڻ ۾ گڏ هيون، سي ان وچن کي ورجائين ته ارڙهين ترميم جي لفظي معنائن ۽ اصلي جوهر سان عمل ڪيو ويندو. ايئن ايندڙ وقت موجوده  گڏيل حڪومت جيڪا قانون سازي ڪرڻ گهري ٿي، بلڪه پي ٽي آءِ جي عملي طرح سان استعيفائون ڏيڻ جي نتيجي ۾ انهن پارٽين کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ملي ٿي ته آئين ۾ ارڙهين ترميم کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ  ۽ ان تي عمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جا نقطا به شامل ڪري.

عسڪري ادارن جي ميڊيا ونگ جو اهو بيان ملڪ جي ماڻهن کي ضرور سٺو لڳو هوندو ته ملڪ ۾ هاڻ مارشل لا نه لڳندو. تاريخ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا موقعا ڏيندي آهي، جيڪڏهن انهن موقعن جو بروقت فائدو نه ورتو ويندو آهي ته اهي ضايع ٿي ويندا آهن.ملڪ جي تاريخ ۾ شايد پهريون موقعو، ايوب خان جي خلاف اٿيل تحريڪ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو هو. پر تڏهن ان موقعي کي وڃائڻ سان گڏ اڌ ملڪ به وڃايو ويو. ٻيو موقعو بنگلاديش ٺهڻ بعد جڏهن اقتداري ڌرين ذوالفقار علي ڀٽو کي حڪومت جون واڳون ڏنيون. ڀُٽي جي حڪومت سنڀالڻ کانپُوءِ اٽڪل سال ڏيڍ سال تائين اهڙي صورتحال هئي جو جيڪي هو چاهي ها سو ٿي پئي سگهيو. ٽيون موقعو ايم آر ڊي جي تحريڪ کانپوءِ 1988ع جي چونڊن کانپوءِ آيو هو. تڏهن بينظير ڀٽو تي دٻاءُ وڌو ويو ته هو هرحال ۾ شرط قبول ڪري ۽ اقتدار وٺي. جيڪڏهن هو تڏهن شرط نه قبولي ها ته شايد صورتحال مختلف هجي ها. اوڏي مهل بينظير ڀٽو حڪمرانن جي ايئن مجبوري هئي جيئن بنگلاديش ٺهڻ کانپُوءِ ڀٽو مجبوري هو. جيڪڏهن ڏسجي ته چوٿون موقعو محترمه جي شهادت کانپوءِ 2008ع وارين چونڊن جي موقعي تي آيو هو. حالانڪه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف “جمهوريت لاءِ ٺاهه” چارٽر آف ڊيموڪريسي صحيح ڪيو هو. پر ان کي ٻئي مُک پارٽيون توڙ تائين نڀائي نه سگهيون.

نواز ليگ هڪ سبق مشرف دور ۾ سکيو ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ڪيون، جنهن جو اصل روح هو ته فيصلا سياسي ڌريون ۽ پارليامينٽ ڪري. خبر ناهي ته اسان جي سياسي ڌرين خاص طور تي ٻن وڏين سياسي پارٽين انهن سڀني واقعن ۽ تحريڪن مان ڪيترو سکيو آهي ۽ ان دوران ڪيل غلطيون ٻيهر نه ورجائڻ جا جتن ڪيا آهن؟ جيڪڏهن اهي سياسي جماعتون غلطيون نه ورجائڻ جا جتن نٿيون ڪن ته پوءِ معاملا ڊگهي وقت تائين هلي نه سگهندا. پنجن ستن سالن ۾ وري اهڙي صورتحال وڃي بيهندي جو ڪو عمران خان ڪو مشرف، ملڪ جي ڳچي ۾ پوندو.

گذريل پنجن ستن سالن جي واقعن مان ڪجهه ڳالهيون ضرور اڀري اچن ٿيون، جن تي اسان جي اهم ادارن کي طئي ڪري ڇڏڻ کپي. هڪ اهو ته جمهوريت ڪو پروجيڪٽ ناهي. هي هڪ لڳاتار جاري رهندڙ عمل ۽ پروسيس آهي، ملڪي معيشت ۽ ترقي لاءِ ان جو جاري رهڻ ضروري آهي. دنيا جون جمهوريتون ۽ سٺيون حڪمرانيون ٻڌائين ٿيون ته اهو عمل پنهنجي ليکي شين جي ڇنڊڇاڻ ڪندو آهي. ان کي فلٽر ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو برطانوي وزيراعظم چرچل کان پڇيو ويو ته جمهوريت ۾ ڪيتريون خرابيون اچن ٿيون. ان جو حل ڪهڙو آهي. هن وراڻيو هو ته ان جو حل وڌيڪ جمهوريت آهي. اهو ذهن ۾ رکڻ کپي ته جمهوريت جو مطلب رڳو چونڊون ڪرائڻ، هڪ پارٽي کي هٽائي ٻي کي آڻڻ ناهي. بلڪه اڄ جي دنيا ۾ جمهوريت جو مطلب اسان جا بنيادي حق، گهڻي سهپ، گھڻ رنگي ماڻهن جا معاشي سياسي ۽ ثقافتي حق، سُٺي ۽ صاف سٿري حڪمراني، پارليامينٽ ۽ حڪومت کي وڌ ۾ وڌ نمائنده بڻائڻ به شامل آهي. اهو سبب خود پاڪستان جي تاريخ مان به ملي ٿو. ڏسڻو اهو آهي ته ملڪ جي مُک سياسي پارٽيون ڪيتري قدر ذميواري جو ثبوت ڏين ٿيون. اها ذميواري رڳو عوام کي ئي نه بلڪه انهن پارٽين کي فائدو ڏيندي سندن ئي اچڻ وڃڻ جا رستا ٺهندا ۽ صاف ٿيندا.جيڪڏهن ايئن نٿيون ڪن ته پاڻ به ڏچي ۾ اينديون رهنديون ۽ ان سان گڏ ملڪ کي به ڏچي ۾ وجهنديون رهنديون.

 

Labels: ,

Saturday, March 19, 2022

تبديلي لاءِ محلاتي سازشون شروع

 Pahenji Akhbar Dec 24, 2021 

پيپلز پارٽي جي مک آصف علي زرداري هڪ دفعو وري باقاعدي پنهنجي سياسي سرگرمين جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي،  سال ڏيڍ کن اڳ تائين اڳوڻو صدر آصف علي زرداري بظاهر سياسي سرگرمين کان پاسيرو رهيو ۽ سمورو ميدان پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زراري وٽ هو. هو ملڪ جي مختلف صوبن جا تفصيلي دورا ڪري رهيو هو. پارليامينٽ ۾ به سرگرم رهو، ۽ اتي پارٽي جي اڳواڻي ڪندو رهيو. ساڳي ريت پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس پي ڊي ايم ٺاهڻ جو مکيه محرڪ رهيو. ان ڏس ۾ نواز ليگ جي اڳواڻن، توڙي جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان به هو ئي ڳالهائيندو رهيو ۽ مختلف معاملا اڪلائيندو رهيو. ان سڄي عرصي ۾ زرداري صاحب ڪڏهن ڪو نيب ڪورٽ ۾ حاضري جي موقعي تي هڪ ٻه معنيٰ خيز جملا چئي ڇڏيندو هو، گذريل هفتي کان هن لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتن سان گڏوگڏ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪرڻ شروع ڪيو آهي، اتي ٻه چار ڏينهن ڪارڪنن سان ملاقاتن ۾ مصروف رهڻ بعد پنهنجي اباڻي شهر نوابشاهه پهتو آهي. نواب شاهه ۾ به هن جو پروگرام ڏاڍو گهڻ پاسائو هو. هن ٽن چئن موقعن تي پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪيو. ان کان علاوه شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ تر جي مختلف بااثر شخصيتن سان عذرخواهيون ڪيون. ايئن عذرخواهي ڪرڻ سنڌ جي روايت به آهي، پر هتي معاملو روايت کان وڌيڪ سياسي نوعيت جو به آهي.

نواب شاهه ۾ پارٽي ڪارڪنن کي ڪيل سندس تقرير کي اسلام آباد جا حلقا وڏيون معنائون پهرائي رهيا آهن. آصف زرداري چيو ته کيس چيو ويو ته ملڪ کي مسئلن جي ڪن مان ڪڍڻ لاءِ مدد ڪريو، پنهنجو فارمولو شيئر ڪريو. اڳوڻي صدر چواڻي ته هن موٽ ۾ ٻڌايو ته پهرين موجوده حڪومت کي هٽايو، پوءِ ڳالهيون ٿينديون. هن اهو به چيو ته اسان هر ڪنهن جي زخمن تي ملم رکيو، هرڪنهن کي جڳهه ڏني.

نوابشاهه کانپوءِ خميس ڏينهن ٽنڊو الهيار ۾ به هن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻي وفاق ۾ ويهي حڪومت جو مقابلو ڪندو ۽ اهو به ته هو اسلام آباد ۾ ويهي مقابلو ڪندو. آصف زرداري جو ٽنڊو الهيار ۽ نوابشاهه ۾ اچڻ ڪا بنهه انوکي ڳالهه ڪانهي، ڇاڪاڻ ته اتي سندس زمينون ۽ جائيدادون آهن. جڏهن به کيس موقعو ملندو آهي ته هو اتي ايندو رهندو آهي. پر ڪارڪنن کي خطاب سو به هن لهجي ۾ ضرور اهم آهي. پيپلزپارٽي سان سلهاڙيل هڪ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته زرداري صاحب اتر سنڌ جي ڪنهن شهر جو به دورو ڪندو، ممڪن آهي ته اهو شهر گهوٽڪي هجي.

آصف زرداري جي سياسي طور متحرڪ ٿيڻ جي پويان ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ ان جو مطلب اهو ٿيو ته سياسي ماحول ۾ اهڙي تبديلي آئي آهي جنهن کي هينڊل ڪرڻ لاءِ نوجوان قيادت بدران تجربيڪار هٿ جي ضرورت آهي. مون پنهنجي گذريل ڪالم ۾ لکيو هو ته هاڻي ملڪ ۾ لابين جي سياست شروع ٿيڻ واري آهي. آصف زرداري سياسي ڪارڪنن کي خطاب ڪري اهو پيغام ڏنو آهي ته هاڻي ڪنهن کي به ڳالهائڻو هجي ته ساڻس ڳالهائي. اها صورتحال اوڏي مهل آئي آهي جڏهن تحريڪ انصاف کي پنهنجي هوم گرائونڊ تي مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ شڪست ملي. جيتوڻيڪ اتي ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيون آهن پر اها شڪست جي يو آءِ جي هٿان ٿي آهي جنهن  جي سربراهي مولانا فضل الرحمان ڪري رهيو آهي. ان بعد مولانا اهو چئي رهيو آهي ته اسان کي حڪومت ڏيو ته هلائي ٿا ڏيکاريون. خيبر پختونخوا ۾ مولانا فضل الرحمان جي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي سان جيتوڻيڪ افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي اچڻ ۽ ان سان ڳالهائڻ لاءِ اولهه وارن ملڪن جي خواهش کي به ڄاڻايو وڃي ٿو، پر پي ٽي آءِ جو هارائڻ اهم آهي ۽ پي ٽي آءِ جي هار جي ڪارڻن بابت اهو به چيو پيو وڃي ته مڪاني ادارن ۾ جيڪي چونڊجڻ جهڙا اميدوار هئا انهن هن پارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي عوام ۾ مقبوليت جي اهڙي صورتحال هئي، بهرحال تحريڪ انصاف  جي مڪاني ادارن ۾ هار ڪافي معاملن کي کولي پڌري پٽ ڪري ڇڏيو آهي.

آصف زرداري جو اشارو ته کيس مدد ڏيڻ ۽ فارمولا شيئر ڪرڻ لاءِ چيو ويو، اهو ٻڌائي ٿو ته ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ڳالهيون رڳو هتي نه پر لاهور ۽ لنڊن ۾ به ٿي رهيون آهن. لنڊن وارين ڳالهين جو ڪجهه ذڪر مون گذريل ڪالم ۾ به ڪيو هو. انهن ڳالهين ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز تي هلڪو هٿ رکڻ لاءِ چيو ويو، سياسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اهي ڳالهيون پيون هلن ته موجوده اسيمبلي کي ختم ڪري نيون چونڊون ڪرائڻ وري نقطي تي ويجهڙائپ ٿي رهي آهي. تجزيه نگار چون ٿا ته اهڙي صورتحال ۾ شهبازشريف جي لاءِ رستو صاف ٿي رهيو آهي.شهباز شريف جي  تازي بيان مان به لڳو جنهن ۾ هن چيو ته اسين حڪومت کي ڪيرائي ساهه کڻداسين.

ورنه عام حالتن ۾ شهباز شريف جو رويو مصلحت پسندي وارو رهيو آهي. هڪ ڳالهه ظاهر ٿيندي پئي وڃي ته هاڻي سياسي ڌرين کي تيار ڪيو پيو وڃي ته اهي موجوده بحران جو بار کڻڻ لاءِ تيار ٿين، خاص ڪري ملڪ جون  ٽي پارٽيون نوازليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ اهي ڌريون جيڪڏهن بحران کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ اچن ٿيون ته پوءِ حڪومتي تبديلي آڻي سگهجي ٿي، سا به وري نين چونڊ جي ذريعي. بحران جو بار ڇا آهي؟ اهو ئي جيڪو وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف سان ٺاهه، تيل، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ جي صورت ۾ ڏيندو رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ اهو به ملڪ جي معاشي پرڏيهي پاليسي جيڪا به هينئر هلي رهي آهي تنهن کي معمولي ڦير گهير سان جاري رکن.

جڏهن زرداري صاحب کي نسخو شيئر ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته کيس موجوده بحران جي حل لاءِ چيو ويو، اهو نه ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن.؟ سنئين سڌي ڳالهه آهي ته اصل ڪارڻ ملڪ جي معاشي ۽ پرڏيهي پاليسي سان واسطو رکن ٿا جنهن لاءِ ڪا به ڳالهه شامل نه پئي سمجهي وڃي. اها ڳالهه رڳو اوڏي مهل شامل ٿي سگهندي آهي جڏهن وڏي پئماني تي عوامي تحريڪ يا عوامي دٻاءُ هوندو آهي. هن وقت ملڪ اندر ڪا به عوامي تحريڪ يا عوامي دٻاءُ موجود ناهي. سياسي دٻاءُ آهي جنهن لاءِ لابين جي سطح تي ڳالهيون ڪري حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرائي پاسيرو ڪري سگهجي ٿو.

سياسي منظر نامو ٻڌائي ٿو ته هڪ ئي وقت تي مختلف ڌريون آهن جيڪي ڌار ڌار گروپن ۾ مختلف آپشنز سان ڳالهائي رهيون آهن. مختلف ادارن جي اتي ويٺل همراهن جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن، هر ڪو پنهنجي پاڻ کي بچائڻ ۽ صورتحال جو وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ساڳئي وقت اهو به ته ايندڙ وقت ۾ ساڻس ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو ۽ سندس پوزيشن ڇا بيهندي؟

ڪي تجزيانگار ان ڳالهه کي بنهه رد نٿا ڪن ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي تي جيڪڏهن اتفاق راءِ نٿو ٿي سگهي جيڪو ٿيڻ ڏکيو به آهي ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي جماعتون اقتدار وٺڻ جي معاملي ۾ هڪ ٻئي کي نه سهنديون آهن. اهڙي صورت ۾ نئين واٽ جي طور تي مولانا فضل الرحمان جي لاٽري نڪري سگهي ٿي. جنهن لاءِ ڪيترائي جواز موجود آهن ۽ ممڪن آهي ته ٻئي وڏيون پارٽيون ان فارمولا ته راضي به ٿي وڃن. جيڪڏهن مولانا واري فارمولا تي سڀ راضي ٿين ٿا ته هڪ دفعو وري ملڪ جون مکيه رانديگر پارٽيون نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ساڳي طرح اقتدار کان ٻاهر هونديون. هي اهڙو فارمولو آهي جهڙو پرويز مشرف ايم ايم اي ٺاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مولانا ته تڏهن به وزيراعظم ٿيڻ جا خواب پئي ڏٺا، هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ تڏهن اهڙو ذڪر به ڪيو هو، پر مولانا کي اها شڪايت رهي ته پيپلزپارٽي سندس سياسي حمايت نه ڪئي. هي فارمولا پاڪستان ۾ هلندڙ موجوده حڪومت جي فارمولا کي به ويجهو آهي. عمران خان جيان مولانا فضل الرحمان جو هوم گرائونڊ به خيبرپختونخوا آهي، هن وقت به پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ حڪومت کان ٻاهر آهن ضروري ناهي ته هروڀرو مشرف فارمولا يا موجوده پي ٽي آءِ فارمولا کي هوبهو ڪاپي ڪيو وڃي. بدليل حالتن سان ان ۾ ڪا ڦيرڦار ڪري سگهجي ٿي سواءِ ڪجهه بنيادي شين جي.

جيئن مٿي چئي ويا آهيون هرڪو هر ڪنهن سان ڳالهائي پيو، ڳالهيون هلن پيون پر ان جو اظهار ڪو به نه پيو ڪري، وڏي ڳالهه اها ته ان سڄي ڳالهين جي عمل ۾ عوام ۽ عوام جو نمائندو گم آهي، ان کي چئبو آهي لابين جي سياست يا عام زبان ۾ محلاتي سازشون، ڏسجي لابين جي سياست ڪٿي وڃي ٿي دنگ ڪري؟

Pahenji Akhbar Dec 24, 2021 
Behind the door conspiracies? by Sohail Sangi

Labels: , ,

مني بجيٽ، نواز شريف جي واپسي ۽ حڪومتي تبديلي

   Pahenji Akhbar Dec 31, 2021

وڏو ٿرٿلو مٿل آهي ته نوازشريف ٿو اچي، اجھو ٿو اچي، نواز ليگ جو چوڻ ته ٺهي به ٿو جو هو چوي ته ڇوڪرا ڇوڪرا پاسي ٿيو نوازشريف ٿو اچي. پر پاڻ حڪومتي صفن ۾ به ٿرٿلو متل آهي، وزيراعظم کان وٺي ان جي خاص صلاحڪارن تائين سڀني جي وات تي اها وائي آهي ته نوازشريف ٿو اچي، جو حڪومتي ڌر چوي ٿي ته هو ايئن ڪيئن ايندو؟ مٿس ڪيس هلندڙ آهن، قيد جي سزا آيل آهي، هو ايئن ڪيئن وزيراعظم ٿي ويندو، هرڪو پنهنجي طور تي اهو راڳ ڳائي رهيو آهي، ايڏو گوڙ ۽ شور متل آهي جو ٻيو ڪو آواز ٻڌڻ ۾ يا وري سمجھه ۾ نٿو اچي. حڪومتي ڌر ايئن ڇو پئي ڪري؟ هي هڪ وڏو سوال آهي. هڪ خيال اهو آهي ته نوازشريف صرف تڏهن اچي سگھندو جڏهن عمران خان نه هوندو. عمران خان هوندو ته ڪنهن نه ڪنهن نقطي تي هو آڏو اچي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن هڪ ڀيرو ميان صاحب ڦاٿو ته اتان نڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو ۽ هن پنهنجي توڙي ميان شهباز شريف جي لنڊن روانگي واري تجربي مان اها ڳالهه ضرور سکي هوندي، يعني نوازشريف جو اچڻ بنهه عمران خان جي وڃڻ سان مشروط آهي.

لنڊن توڙي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ گذريل ٻن هفتن کان جيڪي ڳالهيون هلي رهيون هيون تن جو اڃا تائين ڪو حتمي نتيجو نه نڪتو آهي يا ايئن کڻي چئجي ته ڪو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي پر بظاهر لڳي ٿو ته ڪجھه نه ڪجھه ٿيو ضرور آهي. ڪجھه نه ڪجھه ٿيڻ واري ڳالهه ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندي رهي آهي، ظاهر آهي ته وزيراعظم عمران خان جا ذريعا وڌيڪ موثر ۽ باخبر آهن جن کيس پڪي پختي خبر ڏني هوندي، ان ڪري هو اهو ئي سمجھندو ته کيس هٽايو پيو وڃي. هو پنهنجي بچاءَ ۾ مختلف شيون چئي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ سماجي توڙي غير مصالحتي حلقن ۾ سندس خامي توڙي نواز شريف جي مخالفن کي معاملي کان آگاهه ڪري رهيو آهي، هونئن به چئي سگھجي ٿو ته هو نوازشريف مخالف پنهنجي موقف تي بيٺو آهي. پر هرڪو ڄاڻي ٿو ته عمران خان رڳو موقف تي بيهڻ وارو ماڻهو ناهي، هو “يوٽرن” وٺندو رهيو آهي ۽ يوٽرن وٺڻ کي جائز به سڏيندو رهيو آهي.

ان ڪري ڳالهه اصولي موقف کان اڳتي اچي وئي آهي، اهو ڊپ ته نوازشريف کي ايندو ته سندس حڪومت هلي ويندي، ته حڪومتي ڌر  طرفان ته نواز شريف اچي پيو جي بيان جي حمايت جو هڪ ٻيو سبب اهو به چيو پيو وڃي ته ان سڄي گوڙ ۾ باقي سموريون شيون دٻجي وڃن ۽ غير اهم ٿي وڃن. خاص طور تي مني بجيٽ، جيڪا ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وئي. ان بجيٽ لاءِ پاڪستان بابت آءِ ايم ايف جي ڇهين نظرثاني رپورٽ جي لاءِ ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو 12 جنوريءَ تي ٿيندڙ آءِ ايم ايف جي بورڊ ۾ پاڪستان کي قرض جاري رکڻ بابت فيصلو ٿيڻو آهي. مني بجيٽ ۾ رڳو ٽئڪس ۽ عوام کي مختلف اسمن تي ملندڙ رعايتن يا سهولتن جي خاتمي جي حوالي سان اپوزيشن جماعتن جا بيان پنهنجي جاءِ تي پر معيشت جا ڄاڻو چون ٿا ته ان بعد ملڪ جو سمورو مالي نظام اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعي آءِ ايم ايف وٽ هليو ويندو. ملڪي ادارن يا پارليامينٽ جي وس ۾ ڪو به مالي معاملو نه هوندو، هنن کان اڳ  ملڪ جو  رڳو معاشي نظام ٻاهرين ادارن يا ملڪن جي حوالي هو پر هاڻي مالي نظام به انهن وٽ هليو ويو آهي، ڊالر جي قيمت ۾ جيڪا لاڳيتي واڌ ٿيندي ٿي رهي،

اهو ان ڳالهه ڏي شروعاتي اشارو هو ته مالي نظام آءِ ايم ايف جي وس ٿيڻ جا ملڪ جي معيشت، سماج توڙي سياست تي ڪهڙ اثر پوندا؟ ان بابت ماهرن جا رايا خطرناڪ حد تائين آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جون پارٽيون ۽ اڳواڻ ان جي چٽي تصوير عوام آڏو پيش نه ڪري رهيون آهن،  آءِ ايم ايف وارو اهو قصو هو جنهن لاءِ آصف علي زرداري چوي ٿو ته وٽس فارمولا آهي سو بهرحال حڪومت به انهيءَ ۾ خوش آهي ته مخالف ڀلي ان ۾ خوش هجن ته “مومل ٿي اچي” اسين پويان مني بجيٽ جي ذريعي پنهنجو ڪم ڪري وٺنداسين.

نواز ليگ جو خيال آهي ته کڻي ڪجھه ڪري وٺن، ڪمپني گھڻا ڏينهن هلي ڪونه سگھندي، بلڪه اهي سموريون حرڪتون هيڪاري نواز شريف جي ان موقف کي سگھارو ڪنديون ته هڪ دفعو آخري ڀيرو طئي ٿي وڃڻ گھرجي ته حڪومتي معاملا هلائڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي ۽ ٻيو اهو ته پنجاب جي قيادت سياستدانن کي ئي ڪرڻي آهي.

انهي بيانيي خلاف وڏي وٺ پڪڙ ٿي، ڪيس هليا، قيد ۽ ملڪيتون ضبط ٿيڻ جا فيصلاآيا، وڏي وٺ پڪڙ ٿي، ايتري قدر جوکيس ملڪ مان نڪرڻو پيو. نوازشريف پرڏيهه علاج ڪرائڻ لاءِ ويو اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي پر ان کان وڌيڪ اهم اهو آهي ته هو جيڪڏهن پاڪستان ۾ جيل اندر قيد رهي ها ته پنهنجي صحت ۽ وري پنهنجي سياست کي سنڀالي سگھي ها، اهي ٻئي سندس وس کان ٻاهر ٿي وڃن ها. هو ملڪ کان ٻاهر رهندي وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آزاد فضائن ۾ رهندي جيل واري پريشاني ۽ اذيت به ناهي. نوازشريف جو ملڪ کان ٻاهر هجڻ پارٽيءَ لاءِ به فائديمند آهي ڇاڪاڻ جو سندس پارٽي سان جيڪي سلهاڙيل حلقا آهن اهي سمجھن ٿا ته نوازشريف اڃا ايترو ڪمزور نه ٿيو آهي، ان ڪري اهي ان سان جڙيل رهڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.

2018ع جي الڪيشن جي موقعي تي، توڙي ان کان پوءِ نيب ۽ ٻين حلقن طرفان سمورا زور لاتا ويا، دٻاءُ، ڪيس، گرفتاريون، ڊپ، داٻا پر ان باوجود نواز ليگ جا اليڪٽيبل، ورڪر، ووٽر پارٽي سان جڙيل رهيا، اصل ۾ نوازشريف جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اها ئي آهي. چوندا آهن ته فوجي حڪمت عملي ۾ وڏي ۾ وڏو جنرل اهو ناهي جيڪو سٺي نموني سوڀ حاصل ڪري ٿو جڏهن طاقت آهي ته سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا وڏي ڪارڪردگي نه کپي، وڏو جرنيل اهو مڃيو وڃي ٿو جيڪو سٺي نموني شڪست کائي ٿو، يعني گھٽ ۾ گھٽ نقصان ٿئي. نوازشريف به انهيءَ حڪمت عملي تي عمل پيرا نظر اچي ٿو.

نوازشريف جي وطن ورڻ واري ڳالهه سندس پارٽي جي ماڻهن توڙي ورڪرن ۾ جوش خروش پيدا ڪيو آهي، بلڪه نئون ساهه وڌو آهي. هي هڪ اهڙو موقعو آهي جڏهن حڪومت پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ ڏي وڃي پئي، ان ئي موقعي تي نواز ليگ ۾ ٻيهر سگھه اچڻ کيس چونڊون کٽڻ ۾ سولائي پيدا ڪندي، ان کي جيترو نواز ليگ اڀاريو، ان کان وڌيڪ حڪومتي ڌر اڀاريو، هاڻي چوٻول اهو ئي آهي ته نواز ٿو اچي، نواز شريف وطن واپس ڪهڙي صورت ۾اچي سگھي ٿو؟ پهرين اها جيڪا وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وزير سمجهي رهيا آهن، يعني وزيراعظم عمران خان حڪومت جي ختم ٿيڻ بعد ئي هو ايندو، ٻين لفظن ۾ اهو ته عمران خان جيستائين وزيراعظم جي عهدي تي آهي، هو نه ايندو. ٻيو اهو ته پاڪستان سرڪار پنهنجو ڪيس ٺاهي،

انٽرپول کي چوي ته اسان جو ڏوهاري لنڊن ۾ ويٺو آهي، ان کي پڪڙي اسان جي حوالي ڪيو پر انٽرپول ۾ اهو ڪيس رکڻ ۽ اتي پنهنجو موقف مڃائڻ ايڏو سولو ڪم ناهي، نئين صورت اها ٿي سگھي ٿي ته نوازشريف کي برطانوي حڪومت نيڪالي ڏئي. جيتوڻيڪ نوازشريف جي ويزا ختم ٿيل آهي پر سندس اپيل بابت برطانوي حڪومت اڃا ڪو فيصلو نه ڪيو آهي هو اتي انساني همدردي جي بنياد تي رهيل آهي. نواز شريف ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهيو آهي ۽ پاڪستان جي هڪ مقبول پارٽيءَ جو ميمبر آهي خود لنڊن ۾ نواز ليگ جا ڪيترائي حامي آهن جيڪي برطانوي شهريت وٺي ووٽ جو حق رکن ٿا، ان ڪري ايڏي تڪڙ ۾ ۽ آسانيءَ سان انگريز سرڪار وٽان فيصلو نه ايندو.

ان سڄي قصي ۾ آخري ٻه ڳالهيون يعني انٽرپول جي ذريعي گھرائڻ يا برطانوي سرڪار وٽان نيڪالي مشڪل نظر اچي ٿي. شروع واري ڳالهه پاڪستان جي وس ۾۽ پاڪستان جي حالتن سان ٺهڪندڙ آهي. ان ڏس ۾ ڪجھه ڳالهيون ٿيون آهن، ڪجھه اڃا ٿيڻيون آهن، معاملو ته مارچ تائين وڃي سگھي ٿو، هونئن به نواز ليگ کي ڪهڙي کٽي کنئي آهي جو اها مني بجيٽ ۽ ٻيا معاملا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي. سو نواز شريف به ايندو  پنهنجي مرضيءَ سان ايندو. سو هو اچي ٿو يا نٿو اچي. بهرحال سندس پارٽي اچي ٿي. ستارن جي ڪجھه گردش ٿي آهي، ڪجھه ڳالهيون اڳتي وڌيون آهن پر اڃا مڪمل نه ٿيون آهن ڪجھه معاملا رهيل آهن، تيستائين هي حڪومت جھڙي به آهي ان مان ڪم هلائڻو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها ڏينهو ڏينهن وڌيڪ ڪمزور ٿيندي پئي وڃي پر مسئلو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪهڙو ۽ ڪنهن جو سيٽ اپ هجي ان تي اتفاق راءِ نه پيو بيهي.

Pahenji Akhbar Dec 31, 2021 
Mini Budget, Nawaz Sharif's homecoming, Change of PTI govt? by Sohail Sangi

Labels: , ,

ٿر عدالتي حڪم جي اوسيئڙي ۾ ويهي؟

     Pahenji Akhbar Jan 21, 2022 

ملڪ جو چيف جسٽس گلزار احمد به ٿر مان ٿي آيو، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به موٽر ريلي جا انعام مٺيءَ ۾ ورهائي موٽي آيو. چيف جسٽس پنهنجي ايام ڪاريءَ جي آخري ڏينهن ۾ هتي آيو هو جڏهن ذري گھٽ سندس الوداعي تقريبن جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو هو، هن مٺي بار ايسوسي ايشن جي صدر وسند ٿري جو سپاسنامو ٻڌو، سندس ئي چواڻي ته کيس جيڪي ڪجھه ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ٻڌايو ان ۾ ۽ وسند ٿري جي ٻڌايل مسئلن ۾ فرق هو، ڊپٽي ڪمشنر چيف جسٽس کي وڪيلن جي تقريب کان اڳ بريفنگ ڏني هئي، اهو فرق ڇا آهي؟ ان جي هڪڙي خبر ڊپٽي ڪمشنر کي ۽ ٻي چيف جسٽس کي، ڇاڪاڻ جو ان بابت ڪي به تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا.چيف صاحب سمورا معاملا وسند ٿريءَ جي حوالي ڪري ويو ته هو انهن مسئلن تي پٽيشن داخل ڪري. ٻڌايو پيو وڃي ته وسند ٿري اهڙي پٽيشن اسلام آباد ۾ داخل به ڪئي آهي، جنهن جي ٻڌڻي اڃان شروع نه ٿي آهي، تيستائين چيف جسٽس گلزار احمد رٽائر ٿي ويندو ۽ نئون چيف جسٽس بنديال چارج وٺندو، نئين چيف جسٽس جون ترجيحون ۽ مجموعي طور نقطه نظر مختلف ئي هوندو. ان ڪري اهو چئي نٿو سگھجي ته ٿر جا مسئلا عدالتي ترجيحن ۾ ايندا، هونئن به چيف جسٽس گلزار احمد جي ترجيح ۾ به ٿر جا مسئلا نه هئا، هن جو گھڻو تڻو زور ڪراچي جي معاملن تي هو.

وسند ٿري مطالبن جي هڪ ڊگھي لسٽ ٺاهي هئي، جنهن ۾ ٿر جي مجموعي ترقي کان وٺي انتظام ڪاري تائين ۽ وڪيلن کي رهائشي پلاٽ ڏيڻ تائين وارا مطالبا  شامل هئا، هي اهي مطالبا هئا جيڪي وقت بوقت ميڊيا ۾ پيش ڪيا پئي ويا، وسند ٿري کي شابس هجي جو هن سمورن مطالبن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت جي پليٽ فارم تي آندو. عجيب ڳالهه اها آهي ته هن کان اڳ ٿر جي چونڊيل عيوضين نه ٿر جي وڪيل برادري سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ نه ئي وري وڪيلن چونڊيل عيوضين کي پنهنجي مسئلن ۾ مطالبن کان آگاهه ڪيو آهي.اڳي عام روايت اها رهي آهي ته وزير قانون ۽ وزيراعليٰ وڪيلن جي اهڙي گڏجاڻين ۾ ايندا رهندا هئا، بنهه ايئن به ڪونهي ته ڪو ٿر جي مسئلن بابت سنڌ جي وڏي وزير يا حڪومت کي خبر ناهي، حڪومت کي هرڪا خبر آهي، پر ٿر جي ساڃاهه وندن يا وڪيلن طرفان  ايترو پريشر پيدا نه پئي ڪيو ويو جو حڪومت جامع طريقي سان انهن مسئلن کي ڏسي. ٿر ۾ هن کان اڳ پاڻمرادو واقعا ٿيا، جن ۾ مقامي ماڻهن پنهنجي طور تي جدوجهد ڪئي، انهيءَ جدوجهد کي ڪو باضابطه وڪيلن يا سول سوسائٽي جي حمايت حاصل نه رهي، انهن مسئلن ۾ ٿرڪول سان واڳيل وقت بوقت اٿندڙ معاملا، گوڙاڻو ڊيم وارو معاملو، ڪارونجھر جي ڪٽائي يا وري ڇاڇرو هيرار روڊ جي ٻيهر اڏاوت، انهن تي وقفي وقفي سان احتجاج ٿيندا رهيا آهن.

ٿر ڪول بلاڪ 2 ۾ دودو ڀيل جي پراسرار موت وارو واقعو، توڙي بلاڪ ون جي موت وارا واقعا اهڙا هئا جن ماڻهن ۾ ڪاوڙ پيدا ڪئي، ٿر ۾ هڪ غير محسوس ٿيندڙ بيچيني موجود آهي، ٿر جو ماڻهو ان جو ڪو وڏو اظهار نه پيو ڪري سگھي، مهينو کن اڳ ڪراچي ۾ هڪ ٿري پورهيت شاهد راهمون جي پراسرار نموني قتل تي ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ ٿر جي پورهيتن وڏو احتجاج ڪيو، ٿري پورهيتن جي ان احتجاج ڪيترن ئي ماڻهن کي پهريون ڀيرو احساس ڏياريو ته وڏي تعداد ۾ ٿري ماڻهو ڪراچي ۾ روزگار ڪن ٿا، هي اهي ماڻهو آهن جن کي ٿر اندر روزگار نه پيو ملي. يعني ٿرڪول سبب جيڪا ترقي ٿي رهي آهي يا روزگار جا موقعا نڪري رهيا آهن، ٿرين کي اتي نه پيو کنيو وڃي، اهي انگ اکر گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ٿر ڪول ۾ سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ڪيترا پورهيت ٿر کان ٻاهر جا آهن ۽ ڪيترا ٿر جا آهن يا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ڀيرو وري اهو نعرو ورجايو آهي ته “ٿر پاڪستان جي قسمت بدلائيندو” اهو نعرو اسلام ڪوٽ کان ٿرڪول بلاڪ 2 ڏانهن ويندي مختلف هنڌن تي لکيل آهي.

ان مان اهو تاثرٿو ملي ته جيڪڏهن ٿر مان ڪوئلو نه نڪري ها ته ٿر کي ڪا به سهوليت يا ان جا حق نه ڏنا وڃن ها، بنيادي طرح سان ٿر کي رڳو ڪوئلي سان ڳنڍڻ ڪو سٺو سنئوڻ ناهي، ٿر بهرحال پاڪستان جو حصو آهي، اتي جا رهواسي پاڪستان جا شهري آهن، جيڪڏهن ان خطي کي پسمانده ڇڏيو ويو آهي ته ان ۾ رڳو جاگرافي جو دخل ڪونهي، پر تاريخ ۽ حڪومتي پاليسين جو به عمل دخل آهي، لڳاتار هن علائقي کي نظرانداز ڪرڻ سبب اڄ اتي بيوسي ۽ ننڌڻڪائي جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته ٿر ڪيئن پاڪستان کي بدلائيندو؟ ٿر پنهنجي پاڻ کي بدلائي نه پيو سگھي، ٿر جي سرزمين پنهنجي پٽن کي روزگار نه پئي ڏئي سگھي، نتيجي ۾ اهي وڏي پئماني تي شهر جو رخ ڪن ٿا. حڪومت زراعت ۾ جديد سائنسي ٽيڪنڪ رائج ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ٿر ۾ تعليم جي اها حالت آهي جو ٿر جي ڇهن تعلقن مان چئن ۾ ڪو گرلز هاءِ اسڪول ئي ڪونهي، 21 هزار ڪلوميٽرن تي پکڙيل اٽڪل 2500 ڳوٺن تي مشتمل هن علائقي ۾ صرف هڪ ڪاليج ڇوڪرن جي لاءِ، هڪ ڇوڪرين جي لاءِ آهي، ساڳي حالت طبي سهولتن جي به آهي، ڇهه تعلقا ته ٺاهيا ويا پر اتي جي اسپتالن کي تعلقي اسپتال جو درجو حاصل ناهي نه اتي اسپتالن ۾ ڊاڪٽري سهولتون ۽ دوائون وڌايون ويون آهن ۽ نه وري بجيٽ کي بهتر ڪيو ويو آهي. مٺي ۾ ڪجھه بيمارين جا اسپيشلسٽ آهن، تعلقي اسپتالن ۾ عورتن لاءِ ڊاڪٽرياڻي ناهي.

ٿر سان واسطو رکندڙ يونيورسٽي جي استادن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٿر يونيورسٽي جي لکت ۾ درخواست ڏني، ٻنهي اڳواڻن ٿر يونيورسٽي جو اعلان به ڪيو، ان جي لاءِ 250 ايڪڙ زمين اين اي ڊي يونيورسٽي کي الاٽ به ڪئي وئي پر چار سال گذرڻ بعد به اتي انسٽيٽيوٽ هلي رهيو آهي، جتي رڳو ٽي ٽيڪنالاجيز پڙهايون وڃن ٿيون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهيءَ انسٽيٽيوٽ ۾ استاد ۽ شاگرد اڪثريت ۾ ٻاهر جا آهن، ڪل چاليهارو کن شاگردن مان مشڪل سان 12 يا 15 ٿر سان واسطو رکن ٿا.   استادن جي اڪثريت وزيٽر فيڪلٽي طور ڪراچي مان اچي ٿي، جن کي ڪراچي مان اوٽ موٽ جو ڀاڙو توڙي مٺي ۾ ٻه ڏينهن رهائش، اين اي ڊي يونيورسٽي ڏيندي آهي، هي آهي ٿر جي ترقي، انهيءَ سان ٿر ڪيئن پاڪستان بدلائيندو؟

ساڳي حالت روڊ رستن جي آهي، ڇاڇرو کان ڏانو ڌانڌل تائين پڪو روڊ ٺهڻو هو 15 سالن بعد به اهو روڊ مڪمل نه ٿي سگھيو آهي، جڏهن ان روڊ جو اڌ يعني ڇاڇرو هيرار صفا ختم ٿي چڪو آهي، جيئن ته رهيل15 ڪلوميٽر روڊ مڪمل نه ٿيو آهي ان ڪري ڊٺل روڊ جي به مرمت نه پئي ڪرائي وڃي. وچ ۾ اهي خبرون آيون ته ڇاڇرو هيرار روڊ جي مرمت لاءِ خاص طور بجيٽ منظور ٿي آهي پر بعد ۾ اها رقم ڪنهن ٻئي هنڌ هلي وئي. عجيب ڳالهه آهي ته ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقا ۽ ننگرپارڪر جو وڏو حصوضلعي هيڊ ڪوارٽر مٺي سان روڊ جي سهولت سان ڳنڍيل ناهن. خيال آهي ته ڄاڻي واڻي ٿر جي اڀرندي پٽي کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر مٺي کان ڌار رکيو ويو آهي، انهيءَ ساڳي حڪمت عملي سبب ڇاڇروڏانوڌانڌل مک روڊ مڪمل نه ڪيو ويو آهي، روڊ کان سواءِ ڪميونيڪيشن جي جديد سهولتن کان به ٿر کي پاسيرو رکيو ويو آهي، اتي رڳو هڪ ٽيليڪام ڪمپني جي اجاره داري آهي، گذريل ڀيري جڏهن لاڪ ڊائون ٿيو هو ته ٿر جي شاگردن کي آن لائين ڪلاس وٺڻ ۾ ڏاڍيون ڏکيائيون پيش آيون هيون.

ايئن ڪونهي ته ٿر جو ماڻهو آگاهه ڪونهي، هو سمجھي ٿو ته ان کي جيڪڏهن اهي سڀ سهولتون حق طور مهيا ڪيون وڃن ته ٿر جي صورت بدلجي سگھي ٿي، پر ايئن نه پيو ڪيو وڃي، ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ خلاف ننگر پارڪر جي ساڃاهه وندن لڳاتار احتجاج ڪيو، اتي ڪو چڱو جڊيشل مئجسٽريٽ ويٺل آهي جنهن معاملي جو مرگلا هِل جي ڪٽائي کي روڪڻ لاءِ ورتل نوٽيس وانگر پاڻمرادو نوٽيس ورتو، کيس جس هجي جو هن فوري طور اها ڪٽائي بند ڪرائي، ٿر جي وڪيلن طرفان چيف جسٽس آڏو پيش ڪيل ٿر جي مطالبن جو ڇا ٿيندو؟ اصل ڳالهه اها آهي ته ٿر جا چونڊيل عيوضي ۽ ساڃاهه وند ڌريون به ٿر جون ايئن وڪيل ٿي بيهن تڏهن وڃي ڳالهه ٺهندي، ٻي صورت ۾ اهو ئي سمجھيو ويندو ته چيف جسٽس به ٿر مان ٿي ويو، ان ذريعي به ٿر کي حق ۽ انصاف نه مليو ته پوءِ ٻيو ڪير اچي انصاف ڏياريندو؟ ڇا ٿر جا ماڻهو ڪنهن معجزي جو انتظار ڪن؟ يا حڪومت ۽ عدالتي حڪم جي اوسيئڙي ۾ ويهن؟

Pahenji Akhbar Jan 21, 2022 
Thar should wait for judicial action? by Sohail Sangi

Labels: ,

ايم ڪيو ايم وڏي سُر ۾ احتجاج ڇو ڪيو؟

  Pahenji Akhbar Jan 25, 2022

ڪراچي شهر ۾ والار جي جنگ ۽ ڊوڙ ڊڪ رواجي ڳالهه آهي. هي سون ورني ڌرتي بڻيل آهي. بندرگاهه واري شهر سان گڏ صنعتي ۽ ڪاروباري حب به آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته هڪ ئي هنڌ ماڻهن جي ايڏي وڏي تعداد ۾ موجودگي آهي جنهن سبب کاڌي پيتي کان وٺي عام استعمال تائين جي شين توڙي ٻين اسمن جي هڪ وڏي مارڪيٽ آهي. هتي ننڍي ۾ننڍو ڪاروبار به وڏو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڏيهه توڙي پرڏيهه جي عام ماڻهو توڙي خاص ماڻهو کي به هي شهر ڌنڌي ڌاڙي ۽ روزگار لاءِ پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. هي هڪ اهڙو معاشيات جو عمل آهي جنهن کي روڪي نه ٿو سگهجي. هتي هرڪو ماڻهو زمين تي،ڪاروبار ۾، معيشت توڙي روزگار ۾ سماجي توڙي دانشوري ۽ سياسي حوالي سان پنهنجي جاءِ ٺاهڻ چاهي ٿو. جاءِ ڳولڻ چاهي ٿو. پاڪستان ۾ شايد اڪيلو شهر جتي سرمائيداري  پنهنجي اگهاڙي روپ ۾ کلي اچي ٿي.

   مٿي ڄاڻايل ڳالهين جي ڪري پنهنجن توڙي پراون جي ڪراچي تي اک آهي ساڳئي وقت ڪراچي سڀني کي اک ۾ آهي. هتي هرڪا ڌر پنهنجي بالادستي چاهي ٿي. اها ويڙهه اوڏي مهل بنهه ڇتي ٿي وڃي ٿي جڏهن ڪو معاشي، سماجي يا سياسي موقعو نڪرندو آهي. ڪراچي ۾ جڏهن به ڪا اٿل پٿل ٿي آهي ته ان جي پويان ڪو معاشي يا سياسي موقعو ۽ محرڪ هوندو آهي.

گذريل مهيني کن کان ڪراچي ۾ هڪ دفعو وري سياسيي چرپر تيز ٿي وئي آهي. سبب اهو آهي جو ايندڙ چند مهينن ۾ رڳو ڪراچي ۾ نه پر سموري سنڌ ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻيون آهن. اهي چونڊون ڪو پنهنجي معمول مطابق نه پيون ٿين بلڪه عدالت جي آرڊر تي ٿي رهيون آهن ڇاڪاڻ جو گذريل ڀيري وارن مڪاني ادارن جي چونڊيل عيوضين جو مدو گهڻو اڳ ختم ٿي چڪو آهي. خيال آهي ته جون تائين چونڊون ٿي وڃن. هنن چونڊن کان اڳ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت مڪاني ادارن جي قانون ۾ تبديلي آندي آهي. جنهن ۾ وڏن شهرن کان وٺي هيٺين سطح تائين ادارن جي جوڙجڪ، انهن جي حدن ۽ اختيارن جي تبديلي آندي آهي. ان تبديلي کي سنڌ جي باقي علائقن ۾ محسوس ئي نه ڪيو پيو وڃي. بلڪه رڳو ڪراچي ۾ محسوس ڪيو پيو وڃي جيڪو هاڻي تاءُ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي.

جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، تحريڪ انصاف، پاڪ سرزمين پارٽي لڳاتار احتجاج ۾ آهن. اربع ڏينهن چيف منسٽر هائوس آڏو ايم ڪيو ايم اوچتو ڌرڻو هنيو. حڪومت جو چوڻ آهي ته پروگرام موجب ايم ڪيو ايم کي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ۽ ڌرڻو ڏيڻو هو، چيف منسٽر هائوس ڏي خير هونئن به ڪنهن مظاهري ڪرڻ واري کي وڃڻ نه ڏنو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهي ڪوشش ۾ ڪيترائي ڀيرا مختلف کاتن جا سرڪاري ملازم پنهنجي پگهارن وڌائڻ ۽ نوڪريون پڪيون ڪرڻ جي لاءِ لٺيون کائي چڪا آهن. ڪراچي پريس ڪلب ۽ هاڻي سنڌ اسيمبلي احتجاج لاءِ کليل آهن. هينئر چيف منسٽر هائوس وارو علائقو هونئن به حساس بڻيل آهي جو اتي ٻه فائيو اسٽار هوٽلون آهن ۽ اتي پي ايس ايل ڪرڪيٽ جي مقابلن ۾ شرڪت لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي مهمان ۽ رانديگر ٽڪيل آهن. اهي ميچون جڏهن شروع ٿيڻ واريون هيون ان موقعي تي اهڙو مظاهرو واقعي اڻ وڻندڙ لڳي ٿو. وري جيڪڏهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي بيان کي ڏسجي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ ملڪ اندر دهشتگردي جو خطرو آهي.

سو ڳالهه هئي مڪاني ادارن توڙي قانون خلاف احتجاج جي. جماعت اسلامي لڳاتار چئن هفتن کان شهر جي مختلف علائقن ۾ احتجاج سان گڏ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺي آهي. ايم ڪيو ايم ۽ پاڪ سرزمين پارٽي ان روڊن واري احتجاج ۾ پوءِ شروع ٿيون آهن.

جماعت اسلامي جو خيال آهي ته گذريل عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف  ڪراچي مان سيٽون وٺڻ جي باوجود اها سنڌ جي گادي واري شهر ۾ نه پنهنجون پاڙون هڻي سگهي آهي ۽ نه وري ڪو شهر کي ڪو فائدو ڏيئي سگهي آهي. عام ووٽر جو حڪمران جماعت تحريڪ انصاف ڏي ڪهڙو رويو آهي؟ ان جو اندازو ٻن هنڌن تي ٿيل ننڍي چونڊ مان لڳائي سگهجي ٿو. تحريڪ انصاف  ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي سياسي پارٽي بدران پريشر گروپ طور ڪم ڪري رهي آهي. اهڙو پريشر گروپ جنهن جو باضابطا تنظيمي محور اسلام آباد آهي، پر بيٺو ڪراچي ۾ آهي، جيڪڏهن ڪراچي بيسڊ  پريشر گروپ  سنڌ جي سياست تي اثر انداز ٿئي ٿو ته اهو ڪم ايم ڪيو ايم اڳ ئي ڪيو پئي. بهرحال ان جو ڪو امڪان نه ٿو لڳي ته ڪراچي ۾ ڪو پي ٽي آءِ کي ڪا جاءِ ملي سگهندي.

ٻئي طرف ان ڳالهه جو به امڪان نٿو لڳي ته ايم ڪيو ايم ڪو شهر جي بدليل ڊيموگرافي ۾ جمهوري انداز سان وڏي ڪا اڪثريت حاصل ڪري سگهي. ڪراچي ڪن تجزيا نگارن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم اڪثريت سان کٽي سگهي يا نه سگهي پر ڌر ڌڻي ٻيهر ڪراچي انهن حوالي نه ڪرڻ چاهيندا. ايم ڪيو ايم مان نڪتل گروپ جيڪو پاڪ سرزمين پارٽي جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ان کي به شهر جي ڪا پذيرائي نه آهي. اهو گروپ ان آسري ۾ آهي ته جيڪڏهن اصل ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ حصو نه ٿو ملي ته هي ان جي varients طورآهي ۽ ان جي متبادل ۾ ان کي حصو ملي سگهي ٿو پر ايم ڪيو ايم ۽ ان جي مختلف ويرينٽ جي پاڻ ۾ ويڙهه جي ڪري پي ايس پي هڪ تڪراري گروپ آهي جنهن جي مقبوليت ۽ صلاحيت ۾ به شڪ ڏيکاريا پيا وڃن.

جماعت اسلامي جو خيال آهي ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي پيپلزپارٽي کي ڪراچي جو فل ڪنٽرول نه ڏيندا. ايئن لڳي ٿو. ته ساڳئي وقت اهو به خيال آهي ته پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي باوجود اڃان تائين ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ علائقن ۾ پنهنجون پاڙون نه هڻي سگهي آهي. اهو به سمجهيو پيو وڃي ته انهن علائقن ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفت ٺوس شڪل ۾ موجود آهي. ان ڪري ڪراچي جي ڀرپاسي يا ڪنڊائتن علائقن کي ڇڏي باقي هنڌن تي پيپلزپارٽي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهندي. ڪجهه تجزيانگارن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم جي قائد جو حامي ووٽ اڃان تائين سالم حالت ۾ موجود آهي. انهي ڳالهه کي محسوس ڪندي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سان واڳيل اهم وزير سيد ناصر حسين شاهه دبئي پهچي سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس ڪچهري ڪندي فوٽو به پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪيو. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم جي حامي حلقن وٽان عشرت العباد جي واپسي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو ويو پر وڏن جي طرفان اهڙي تحرڪ کي خوشگوار موٽ نه ملي.

ڪراچي جي ماحول کي ايئن سمجهيو پيو وڃي ته پيپلزپارٽي حڪومت ۾ هجڻ ڪري مختلف علائقا کٽي سگهي ٿي. کيس مڪاني ادارن جي حدن ۾ ڪيل مختلف تبديليون فائدو ڏئي سگهن ٿيون. پر اها اڪيلي سر ان پوزيشن  ۾ناهي ته ميئر جو عهدو کٽي سگهي ۽ ڪراچي ۾ سمورا ادارا خوش اصلوبي سان هلائي به سگهي. ڳالهه رڳو انتظامن جي ناهي، انتظام ته نوڪرشاهي ڪري سگهي ٿي، ڳالهه سياسي پٺ ۽ چونڊيل ادارن کي پنهنجو سمجهڻ ۽ گهٽي جي صفائي سٿرائي ۽ پيئڻ جي پاڻي ۽ روڊ جي به آهي، جنهن جي مالڪي اتي جو ڪائونسلر ئي ڪري سگهي ٿو.

جماعت اسلامي سمجهي ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ موقعو آهي ته هو پنهنجي لاءِ ميئر جو عهدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري. ان جون پيپلزپارٽي سان سڌي توڙي اڻ سڌي طرح ڳالهيون به ٿيون آهن. پيپلزپارٽي اندرين حلقن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي ان کي نائب ميئر جو عهدو ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پر ان لاءِ به پيپلز پارٽي پنهنجي حساب ۾ سمجهي ٿي ته جماعت اسلامي اوتريون سيٽون کٽي نه سگهندي. ان ڪري خود جماعت توڙي پيپلزپارٽي ٻنهي کي اڃان ڪنهن ٽئين ڌر سان ڳالهائڻو پوندو. ٽئين سياسي ڌر “وڏن” جي پٺ کانسواءِ موجود  ناهي. جڏهن انهن جي رضامندي ٿيندي ته پوءِ ٽه ڌري اقتداري ڍانچو ڪراچي ۾ جڙي سگهندو.

ايم ڪيو ايم جي اربع ڏينهن واري مظاهري کي تجزيه نگار ايئن به ڏسي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم کي پاسيرو رکي جماعت اسلامي پيپلزپارٽي ۽ ڪا ٽين سياسي ڌر ٺاهه ڪري ورتو هو. ان ڪري ئي ايم ڪيو ايم کي پنهنجو احتجاج وڏي سر ۾ رڪارڊ ڪرائڻو پيو. ايم ڪيوا يم جي امين الحق مظاهري تي پوليس جي لٺ بازي تي رد عمل ڏيندي چيو هو ته اسين ڳالهين لاءِ تيار آهيون، موٽ ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به کيس فون ڪيو. ڳالهائڻ لاءِ چيو.

بهرحال ڪراچي جو معاملو ايڏو سولو نه نبري سگهندو، خاص ڪري ان صورت ۾ جڏهن نه رڳو اهو ته ڪابه هڪ سياسي جماعت بلڪه ڪي ٻه سياسي جماعتون به چونڊن ۾ اڪثريت حاصل نه پيون ڪري سگهن. لازمي طور تي ٽين ڌر جي مدد جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟ اڃان ته پارٽي شروع ٿي آهي.

Pahenji Akhbar Jan 25, 2022 
Why MQM was resorted to louad protest? by Sohail Sangi

Labels: , ,

شاگرد يونين قانوني طور بحال، عمل به يقيني بڻائجي

Pahenji Akhbar Feb 18, 2022   

سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ٿيڻ بعد صوبي جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگرد سنگت يعني اسٽوڊنٽس يونين بحال ٿي ويون آهن. شاگرد يونين جي بحالي جي خوشي ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 16 فيبروري تي پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي جهنڊي هيٺ سڏايل “شاگرد ڪنوينشن” کي خطاب ڪندي ڪجهه اهم ڳالهين ڏي اشارو ڪيو. هڪ اهو ته صوبائي حڪومتون ملڪ جي ٻين صوبن ۾ شاگرد يونينون بحال ڪن. ٻيو اهو ته تعليمي ادارن ۾ فيون ڳريون آهن. ٽين ڳالهه به اهم آهي جيڪا پيپلزپارٽي جي چيئرمين کان رهجي وئي سا آهي شاگردن لاِءِ سستي ٽرانسپورٽ. هتي پيپلز پارٽي کي اهو ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن حڪومت ۾ آيو هو ته هن شاگردن لاءِ بسن ۾ ڀاڙو 50 سيڪڙو ڪيو هو.

شاگردسنگت نئين قيادت پيدا ڪرڻ جي نرسري آهي. پر ٿيو ايئن جو ضياءَ الحق ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين کي مارشل لا جي هڪ حڪمنامي تحت ختم ڪري ڇڏيو.

ڳالهه اها هئي ته ملڪ ۾ مارشل لا  لاڳو ٿيڻ بعد حڪومت جي حامي ڪا جماعت يا اميدوار شاگرد يونين ۾ اچي نه پيو سگهي. هونئن به جنرل ضياءَ کي چونڊن وارو لفظ ئي ڏکيو پئي لڳو. هن نه پئي چاهيو ته نوجوانن جي ذهن ۾ چونڊ لفظ ويهي ڇاڪاڻ ته اهو لفظ جيڪڏهن نوجوانن جي ذهنن ۾ ويٺو ته پوءِ ملڪ ۾ عام چونڊن جو بحث به ڪر کڻندو.

تاريخي طور تي ڏٺو وڃي ته ننڍي کنڊ  ۾انگريزن جڏهن جديد تعليمي نظام لاڳو ڪيو ته ڪاليج ۽ يونيورسٽيون به قائم ٿيون. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد يونين جو ادارو ٺهيو. ان زماني ۾ شاگرد يونين جو سربراهه وائيس چانسلر ۽ ڪاليجن ۾ واسطيدار پرنسپل هوندو هو، باقي عهديدار شاگرد چونڊيندا هئا. تڏهن بظاهر شاگرد يونين نصاب سان واڳيل سرگرميون ڪنديون هيون، پر ڪن يونيورسٽين ۾ سياسي اڳواڻن کي به شاگرد يونينون جلسن ۾ گهرائينديون هيون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين جو ادارو قائم رهيو. 1953ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي ۾ کاٻي ڌر سا واڳيل شاگرد تنظيم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا اميدوار ڪاليجن ۾ ڪامياب ٿيا. انهن انٽر ڪاليجئيٽ باڊي ٺاهي جنهن تحت وڌيڪ ڪاليج قائم ڪرڻ، فيون ۽ شاگردن لاءِ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گهٽائڻ لاءِ جدوجهد هلائي، جنهن دوران 8 مارچ واري تاريخي جدوجهد ٿي.

سٺ جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي شاگردن انهن يونينن جي ذريعي تاريخي جدوجهد ڪئي. اها دلچسپ ڳالهه آهي ته سنڌ جون مکيه شاگرد تنظيمون سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سٺ واري ڏهاڪي جي آخري حصي ۾ ٺهيون. تيستائين اهو ڪم ترقي پسند، روشن خيال ۽ قوم پرست گروپ انهن شاگرد يونين جي ذريعي ئي  ڪندا رهيا.

سنڌ ۾ ٿيل چار مارچ وارو واقعو جنهن هن صوبي ۾ سياست جو رخ ئي مٽائي ڇڏيو، ان جي اڳواڻي سنڌ يونيورسٽي شاگرد سنگت جو صدر يوسف لغاري، مهراڻ انجنيئرنگ ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسٽوڊنٽس يونين جا عهديدار ڪري رهيا هئا. سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن پنهنجي هن ئي نالي سان پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ئي وجود ۾ آئي. سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن جي شاگرد يونين لاءِ مقابلو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي وچ ۾ ٿيندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن به جيڪب آباد ضلعي کان علاوه سنڌ يونورسٽي ۽ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد يونين جي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ لڳي.

ضياءَ الحق جي مارشل لا لاڳو ٿيڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت کي ڊاهڻ بعد سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي نوجوانن ۾ مقبول ٿي ۽ مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان وٺي شاگرد يونين تي بندش پوڻ تائين پيپلزپارٽي جي حامي اها تنظيم سنڌ ۾ وڏي حد تائين شاگرد يونين جون چونڊيون کٽيندي رهي.

بهاولپور واقعي ۾ جنرل ضياءَ الحق جي مرڻ کانپوءِ جڏهن 1988ع جي چونڊن وسيلي محترمه بينظير ڀٽو حڪومت ۾ آئي ته هن شاگرد يونين بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڏکين ادارن جي دٻاءُ سبب هو اهو ڪم نه ڪري سگهي. 1993ع ۾ جسٽس فضل الاهي جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ فيصلو ڏنو ته ڪجهه شرطن سان شاگرد يونين بحال ٿيڻ گهرجي، پر حڪومت ايئن نه ڪري سگهي.

2008ع جي چونڊن بعد پيپلزپارٽي جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي پهرين نشري تقرير ۾ شاگرد يونين بحال ڪرڻ ۽ ان جون چونڊون ڪرائڻ جون اعلان ڪيو پر پيپلز پارٽي توڙي ٻيون سياسي جماعتون ان اعلان تي عمل نه ڪرائي سگهيون. ان کان علاوه ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي سان راند کيڏنديون رهيون ۽ نوجوانن جي هن مطالبي کي ڪنڊائتو ڪيو ويو. اڳتي هلي 2017ع ۾ سينيٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي سامهون  رکندي ٺهراءُ منظور ڪيو ته شاگرد يونين جون چونڊون ٿيڻ گهرجن. ان بعد 2019ع ۾ سنڌ اسيمبلي به شاگرد يونين جي چونڊن لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو.

ان وچ ۾ نواز شريف جي دور حڪومت ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ تڏهوڪي صدر پاڪستان ممنون حسين کي خط لکيو ته مارشل لا ختم ٿيڻ بعد شاگرد يونين تان پابندي ختم ٿي چڪي آهي، ان ڪري واسطيدار عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته اهي تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جون چونڊون ڪرائين.

ميڊيا جو ماهر تجزيانگار ڊاڪر توصيف احمد خان ٻڌائي ٿو ته شاگرد اڳواڻ جي هن درخواست تي صدر قانون واري وزارت کان راءِ وارتي جنهن اها راءِ ڏني ته مارشل لا ختم ٿيڻ بعد مارشل لا جا قانون به ختم ٿي ويا آهن، ان ڪر هاڻ شاگرد يونين تي ڪابه پابندي ناهي. پر ڳالهه پوءِ به اتي جو اتي بيٺي رهي. ڇاڪاڻ ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي ان معاملي ۾ دلچسپي گهٽ هئي.

ڏٺو وڃي ته گذريل پنجن اٺن سالن کان ملڪ اندر ايڪٽوازم جي هڪ نئين لهر آيل آهي جنهن ۾ سماج جا مختلف پيڙهيل ۽ پوئتي ڌڪيل طبقا آواز اٿاري رهيا آهن. ان دوران نوجوانن يعني شاگردن طرفان پڻ يونين بحال ڪرڻ جي تحريڪ هلائي وئي. جيتوڻيڪ شاگردن ۽ نوجوانن جو اهو تحرڪ ڪا وڏي ڇولي ته پيدا نه ڪري سگهيو پر پوءِ به سماج جي مختلف طبقن ۽ حلقن جي راءِ تي ضرور اثرانداز ٿيو. ٻه هفتا کن اڳ سنڌ اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمن پير مجيب الحق جو بيان اوچتو سامهون آيو ته شاگرد يونين بابت قانون جو مسودو تيار ڪري سنڌ اسيمبلي جي حوالي ڪيو ويو. ان بعد اسيمبلي اهڙو قانون منظور به ڪيو. ايئن پيپلزپارٽي نوجوانن جي مطالبي کي مڃتا ڏني.

آخر ۾ اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته پيپلزپارٽي قانونسازي ڪرڻ جي معاملي ۾ ڏاڍي مشهور آهي. انهن قانونن تي ڪيئن عمل ڪجي ۽ انصاف ڀرئي طريقي سان عمل کي يقيني ڪيئن بڻائجي جو ان جا فائدا واسطيدار ۽ عام ماڻهو تائين پهچن، اهو مامرو کٽل رهندو آهي. پيپلزپارٽي ڄاڻ تائين پهچ Right to information  جو قانون ٺاهيو. صحافين کي تحفظ ڏيڻ جو به قانون ٺاهيو پرڪيترن ئي سالن تائين انهن ٻنهي قانونن جا باءِ لاز نه ٺهي سگهيا. نتيجي ۾ اهي ٺهيل قانون ڄڻ هوا ۾ ٽنگيل رهيا. ڏٺو وڃي ته اهي قانون هن وقت به باقاعده عمل ۾ ناهن. ساڳي صورتحال پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي آهي. جيڪا مشڪل سان باءِ لاز ٺاهڻ ۽ خود ڪميشن جي جوڙجڪ وارا مرحلا ته طئي ڪري چڪي آهي. پر ان جون باقاعده گڏجاڻيون ئي نه پيون ٿين، نتيجي ۾ ان ڪميشن جو لاڀ عام ماڻهو کي نه ملي رهيو آهي. ان ڪري سنڌ حڪومت توڙي پيپلزپارٽي کي گهرجي ته اها جلد از جلد شاگرد يونين واري قانون جا باءِ لاز ٺاهي تعليمي ادارن ۾ ان  جون چونڊون ڪرائڻ جو بندوبست ڪري. 

Pahenji Akhbar Feb 18, 2022 

Student Unions by Sohail Sangi

Labels: ,

Saturday, January 18, 2020

ڇا حڪومت جونيئر پارٽنرز جا مطالبا مڃي وٺندي؟


ڇا حڪومت جونيئر پارٽنرز جا مطالبا مڃي وٺندي؟


پارليامينٽ ۾ تازو ٿيل قانون سازي ملڪ جي سياسي حالتن ۾ تبديلي آندي آهي. مسلم ليگ نواز ۽ پيپلزپارٽي بابت حڪمرانن جي رويي ۾ تبديلي آئي آهي، جيتوڻيڪ انهن ٻنهي پارٽين توڙي حڪمرانن جا هڪٻئي ۾ اڃا به ڪم ڦاٿل آهن، ٻئي مخالف ڌر جون پارٽيون جيڪي “غير” هيون تن کي ته پرچايو ويو، پر جيڪي “پنهنجا” هئا، اهي رٺا ويٺا آهن. “پنهنجا” اهي جن حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏنو ته اها حڪومت ٺاهي سگهي، اڄ انهن کي جونيئر پارٽنر سڏيو پيو وڃي.
حڪومت کان رسڻ جي شروعات ايم ڪيو ايم ڪئي جو سندس وزارت ۾ ويٺل خالد مقبول صديقي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو، پر حڪومت کان الڳ ٿيڻ يا ان جو ساٿ نه ڏيڻ جي اعلان جي همت نه ساري سگهيو. گڏيل حڪومت ۾ اتحاد جو وڏو اهڃاڻ بڻيل قاف ليگ جا تحفظات به سامهون آيا. اقتدار ۾ خاص ڪري موجوده حڪومت ۾ پنجاب هميشه وڏو اهم چونڊ تڪ رهيو آهي. بلوچستان عوامي پارٽي جي ميمبرن به چپ ڊولا ڪرڻ شروع ڪيا. اهي ٽئي جماعتون اختيار ڌڻين کي ايترو ويجهيون آهن جو ڪو به سياسي وسيلو پنهنجي وس نه اٿن.
گڏيل حڪومت ۾ پنج پيٽي کاتيدار يا جونيئر پارٽنر جماعتون يعني ايم ڪيو ايم، بلوچستان عوامي پارٽي، جي ڊي اي، بلوچستان نيشنل پارٽي، جي ڊي اي جون قومي اسيمبلي ۾ 19 سيٽون آهن. انهن جي مطالبن جو تت اهو ٿو بيهي ته ساڻن ڪيل واعدا نڀايا وڃن. حڪومت لاءِ خطري جو گهنڊ ان ڪري آهي جو انهن جونيئرن جي سيٽن جو ڪل تعداد حڪومت ڪيرائڻ لاءِ گهربل سيٽن کان ٻيڻ تي آهي. اهو سمجهندي حڪمران جماعت تحريڪ انصاف رٺلن سان ڳالهيون شروع ڪيون آهن. حڪومت اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته اتحادين جون شڪايتون سندن تڪن ۾ ترقياتي ڪمن بابت آهن، ان لاءِ کين فنڊز گهرجن.
حڪومت جي اعليٰ عهديدارن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار، بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ، تحريڪ انصاف جي سگهاري ليڊر جهانگير ترين، وزيراعظم جي مشير ارباب شهزاد، ق ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي. ق ليگ وزارتن ۾ مڪمل اختيار ۽ ترقياتي فنڊن جو مطالبو ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني ته هڪ هفتي اندر مطالبا نه مڃيا ويا ته ڌماڪو ٿيندو. ق ليگ جو پنجاب ۾ هڪ وزارت جو حساب اڳ به رهيل آهي.
گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) به وفاقي حڪومت کان ناراض آهي. جي ڊي اي جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت لاءِ گهڻو اهم ناهي، جو وٽس مرڪز ۾ ٻه ٽي سيٽون آهن. انهن ميمبرن مان به هر هڪ پنهنجي حساب سان آهي ۽ پنهنجي طور تي سياسي ٺاهه يا سودي بازي ڪندو آهي. باقي سنڌ ۾ جي ڊي اي کي ڪا عوامي مقبوليت به حاصل ناهي. ها ايترو ضرور آهي ته ان جي سنڌ ۾ سياسي حيثيت ضرور آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي موجودگي ۾ جيئن ايم ڪيو ايم جو رول گهٽجي ويو آهي، تيئن اتي جي ڊي اي جو به ڪو رول نه بچيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جون اهي ڌريون ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙي نه سگهيون آهن. گذريل نومبر ۾ جڏهن فضا ۾ وڏي گهماگهمي ۽ غير يقيني حالتون هيون، تڏهن پير پاڳاري اشارو ڏنو ته جي ڊي اي حڪومت کان ناراض آهي ۽ حڪومت جي حمايت ڪرڻ بابت نظرثاني ڪرڻ ڏي وڃي پئي. هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي مايوس ڪيو آهي. هاڻي جي ڊي اي ترجمان چيو آهي ته اسان جا تحفظات برقرار آهن، اسين به حڪومت کان ڪاوڙيل آهيون. اسين حڪومت جي ڪيل واعدن کي پاڙڻ جو ڪجهه ڏينهن انتظار ڪنداسين. هن مطالبي طور اها ڳالهه رکي ته سنڌ کي ترقياتي رٿائون ۽ نوجوانن کي روزگار گهرجي. ڊاڪٽر فهميده مرزا جي اڳواڻي ۾ جي ڊي اي جي وفد جهانگير ترين جي سربراهي ۾ حڪومتي ٽيم سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر فهميده مرزا به فنڊ نه ڏيڻ جي شڪايت ڪئي ۽ اضافو اهو ڪيو ته سنڌ بابت ٿيندڙ فيصلن ۾ اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي. جهانگير ترين جي ڊي اي کي به خاطري ڪرائي، سرڪاري ٽيم جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪو مسئلو حل طلب نه رهيو آهي.
حڪومت اتحادين کي پرچائڻ وارو مشن جاري رکندي بلوچستان نيشنل پارٽي جي جهانزيب جمالديني ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. بي اين پي پنهنجو 6 نڪاتي ايجنڊا رکيو، جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهن کي هٿ ڪرڻ، گوادر ۾ 95 سيڪڙو ليبر ۽ 50 سيڪڙو هنرمند (اسڪلڊ) ليبر بلوچستان مان کڻڻ، غير مقامي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي گوادر جو مستقل پتو درج نه ڪرڻ، کين اتي ووٽ جو حق نه ڏيڻ جا مطالبا رکيا. حڪومتي ٽيم کين پڪ ڏياري ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ 5 سئو گم ٿيلن جو پتو لڳايو ويندو، گوادر ۾ بلوچ مزدورن جو وڏو حصو رکڻ، غير مقامي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي گوادر جو مستقل پتو نه لکڻ ۽ اتي ووٽ جو حق نه ڏيڻ بابت قانون سازي جو واعدو ڪيو.
متحده قومي موومينٽ ناراضگي جو اظهار ته ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ پارٽي اندر اختلاف سامهون اچي ويا. خالد مقبول صديقي وزارت تان استعيفيٰ ڏني ليڪن وزارت لاءِ ٻيو اميدوار امين الحق حڪومت سان رابطي ۾ آهي. امين الحق چوي ٿو ته اسد عمر سان ٿيل ملاقات ۾ سڀ جا تحفظات هن آڏو رکيا ويا، هاڻي اسد جو نياپو آيو آهي ته اهي تحفظات وزيراعظم تائين پهچايا ويا آهن، هڪ ٻن ڏينهن ۾ وري اسد عمر سان ملاقات ٿيڻ واري آهي. هن کان اڳ ايم ڪيو ايم سان جهانگير ترين ڳالهائيندو هو، پر هاڻي نئين سال ۾ اهو ٽاسڪ اسد عمر کي ڏنو ويو آهي. هوڏانهن ايم ڪيو ايم قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم کي پنهنجي ڪوٽا مان مڃڻ لاءِ تيار ناهي، بلڪه اها ان تجويز جي به مخالفت ڪري رهي آهي ته فروغ نسيم کي سنڌ جو گورنر ٺاهي، ايم ڪيو ايم جا سمورا معاملا عشرت العباد وانگر ان جي حوالي ڪيا وڃن. چيو وڃي ٿو ته فروغ نسيم اها دعويٰ ڪئي آهي ته اهڙا اختيار ملڻ بعد هو ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن کي گڏ ڪري سگهي ٿو. ان دعويٰ جي ٽوڙ طور پي ايس پي جو موقف آيو آهي ته ڪراچي ڪو هڪ ٻولي ڳالهائيندڙن جو شهر ناهي، اتي ٻيهر لساني سياست نه آندي وڃي. پي ايس پي جو اهو به الزام آهي ته متحده قومي موومينٽ تي اڳوڻي ايم ڪيو ايم حقيقي واري عامر خان قبضو ڪري ورتو آهي. پي ايس پي اهو به چوي ٿي ته ميئر ڪراچي وسيم اختر ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ٿيڻ وارو هو، ان ڪري ايم ڪيو ايم بچاءُ بند طور اڳواٽ پريشر وجهي رهي آهي. اهي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ جي تبديل ٿيل حالتن ۾ سڀني ڌرين فائدو ورتو. جونيئر پارٽنر چاهين ٿا ته انهي مان کين به فائدو ملڻ گهرجي، ان ڪري اهي ساڻن ڪيل واعدن تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڇا حڪومت لاءِ اهو ممڪن آهي ته اها جونيئر اتحادين جا مطالبا پورا ڪري؟ بلوچستان نيشنل پارٽي جا اهڙا مطالبا آهن جن جو تعلق عسڪري ڌرين ۽ اختيار رکندڙن جي بنيادي پاليسي سان آهي. ان لاءِ عمران خان حڪومت ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. گم ٿيل ڪجهه ماڻهن کي هٿ ڪري ڏيڻ ۽ عسڪري ڌريون مدد ڪري سگهن ٿيون. ايئن بي اين پي جو آرمي ايڪٽ جي ترميم تي ڏنل ووٽ کي سجايو قرار ڏئي سگهجي ٿو.
مخالف جماعتن جي پيش ڪيل مطالبن ۾ ٻه مطالبا سڌي طرح عمران خان سان تعلق رکن ٿا. هڪڙو ق ليگ جو مطالبو ته وزارت کي اختيار ڏيو، ٻيو فهميده مرزا جو مطالبو ته سنڌ بابت فيصلن ۾ اعتماد ۾ وٺو وغيره. مطلب انهن جو تعلق وزيراعظم جي طرز حڪمراني سان آهي. اهي مطالبا به پورا نه ٿي سگهندا، ڇاڪاڻ جو وزيراعظم عمران خان مشاورت يا اجتماعي فيصلن جو عادي ناهي، هو پنهنجي طبيعت ۽ فيصلن ۾ مرڪزيت پسند ۽ آمراڻو انداز رکندڙ آهي.
ٻيو اهم معاملو ترقياتي فنڊ ڏيڻ آهي، عمران خان حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ توڙي پوءِ بار بار چئي چڪو آهي ته چونڊيل نمائندن کي فنڊ ڏيڻ سياسي رشوت آهي ۽ اهو پيسو صحيح نموني استعمال نٿو ٿئي. هونئن ترقياتي فنڊ ڏيڻ جي شروعات ضياءُالحق ڪئي هئي، تڏهن افغان جنگ جي ڪري جام ڊالر ۽ ريال پئي آيا. جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان يوٽرن به وٺي ٿو ته به خزانو ته خالي آهي، وڌيڪ اهو ته آءِ ايم ايف اهڙن معاملن تي خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏيندو؟ ان ڪري نٿو لڳي ته جونيئرن جا مطالبا عملي طرح سان واقعي مڃيا ويندا ۽ ان تي عمل ٿيندو. ها اهو ضرور ٿيندو ته ڪاميٽيون ٺاهيون وينديون، خاطريون ڏياريون وينديون. انهن مطالبن کي اصولي طور مڃيو ويندو.
PTI, GDA, MQM, pahenji Akhbar, 2020 

Labels: , , , ,

Friday, January 10, 2020

سويلين بالادستيءَ جو پنڌ اڃان اڳتي آهي!



سويلين بالادستيءَ جو پنڌ اڃان اڳتي آهي!

اڳوڻي چيف جسٽس کوسا ويندي ويندي آرمي چيف جي مقرري بابت ڪجهه قانوني نقطا اٿاري بال پارليامينٽ جي ڪورٽ ۾ اڇلايو. ٿوري گهڻي سمجهه رکندڙ ماڻهو به ڄاتو پئي ته پارليامينٽ ڪهڙو فيصلو ڪندي. عدالتي فيصلي سياسي جماعتن کي موقعو ڏنو پر انهن پنهنجو پاڻ کي امتحان ۾ سمجهيو ته اهي پنهنجي راءِ ۽ ووٽ پنهنجي منشور ۽ نظرئي مطابق ڏين يا وري زميني سياسي حقيقتن کي آڏو رکندي ڪن. زميني حقيقتن مان مراد طاقت جو توازن آهي. پوءِ سڀني ڏٺو ته محمود ۽ اياز هڪ ئي صف ۾ بيٺل رهيا. هي هڪ اهم قانون هو جيڪو رڳو هر ڀيري لاءِ نه هو، بلڪه ملڪ جي اهم اداري بابت هو، جيڪو دفاع سان گڏوگڏ هتي جي پرڏيهي پاليسي، معيشت ۽ سياست سميت زندگي جي سمورن شعبن تي اثراندز ٿيندو رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به ٿيندو رهندو.
اپوزيشن کان وٺي حڪمران جماعت تائين سڀ هڪ صفحي تي هئا. شروعات نواز ليگ ڪئي، جنهن بنا ڪنهن شرط جي ترميم مڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن مسلم ليگ نواز اٿندي ئي ايئن نه ڪري ها ته پيپلزپارٽي لاءِ آسان نه رهي ها ته هو ايترو جلدي وڃي صف ۾ بيهي رهي ها. شايد ان ڪري پهرين حمايت نواز ليگ کان ڪرائي ويئي. دليل اهو به ڏنو پيو وڃي ته پارٽي اندر دٻاءُ هو، ان جا اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪ جي سياست ۽ جمعداري کان اڳتي جو نه پيا سوچين. پيپلزپارٽي لاءِ اهو دليل هو ته اها ڪنهن به صورت ۾ سنڌ حڪومت وڃائڻ نٿي گهري، ممڪن آهي ته سنڌ ۾ حڪومت بنا پارٽيءَ کي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻ ڏکي ٿي پوي، وغيره وغيره.
سياسي پارٽين جو اتفاق راءِ پنهنجي جاءِ تي پر ان فيصلي تي ماڻهو خوش ڪونه آهن، انهن جو خيال آهي ته بحث ٿئي ها ته وڌيڪ پاسا سامهون اچن ها ۽ عام راءِ ۾ اتفاق پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ها، جيڪو ملڪي مفاد ۽ جمهوريت لاءِ مددگار رهي ها. جماعت اسلامي، جي يو آءِ ايف، پختونخوا عوامي ملي پارٽي، نيشنل پارٽي ترميمي بل جي مخالفت ڪئي، انهن جماعتن جي موقف کي اهو چئي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ته اهي خود سُسي رهيون آهن ۽ صورتحال ۾ غير متعلق ٿينديون پيون وڃن، پر سوشل ميڊيا ۽ ڪنهن حد تائين روايتي ميڊيا تي بحث ٿيندو رهيو. سوشل ميڊيا ۽ عام ميڊيا ۾ بحث هڪ وڏو ماڻ آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته عام راءِ ڇا آهي؟ ماڻهو ڇا ٿا سوچين؟ ڪيئن ٿا سوچين؟ خود ٻن وڏين پارٽين جن بل جي حمايت ڪئي، انهن جي ڪارڪنن وٽ به پارٽين جي موجوده موقف جي دفاع لاءِ ڪو ٺوس دليل يا گهڻو مواد ناهي، ڇو جو نئون موقف سندن نظرين ۽ بيانيي سان ٺهڪندڙ نه پيو بيهي.
پاڪستان جي سياست تي گهري نظر رکندڙن جو خيال آهي ته جڏهن سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي مقرري بابت درخواست تي فيصلو ڏنو انهي ڏينهن ئي ان جي عهدي جي مدي واڌ کي قانوني تحفظ ملي ويو هو، پارليامينٽ ۾ وٺي وڃڻ هڪ رسم هئي جيڪا ادا ڪئي وئي. ان نقطهءِ نظر مطابق عهدي ۾ واڌ هڪ سياسي حقيقت هئي، معنيٰ حالتن مطابق طاقت جو توازن ايئن ئي بيٺل هو، اها واڌ ڪنهن قانون يا دٻاءُ جو نتيجو نه هئي. ايئن کڻي چئجي ته اڳواٽ ئي فيصلو ٿيل هو، عدالتي فيصلي رڳو ان کي قانوني ويس پارايو.
قانون ۽ عدالتي فيصلا سياسي حقيقتون نه بدلائيندا آهن، بلڪه اهي سياسي حقيقتن تي مهر لڳائيندا آهن، اصل ڳالهه سياسي حقيقتون ۽ طاقت جو توازن هوندو آهي. ملڪ جي تاريخ تي هڪ نظر وجهو، پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ دستور ساز اسيمبلي ٽوڙڻ خلاف مولوي تميز الدين جي درخواست تي نظريهءِ ضرورت واري فيصلي کان وٺي، ضياء جي مارشل لا خلاف بيگم نصرت ڀٽو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فتويٰ ۽ خود 1985 واري اسيمبلي بابت عدالتي فيصلو سڀ عدالتي فيصلا ساڳي ڳالهه ٻڌائين ٿا. زميني حقيقتون يا طاقت جو توازن ڇا هو؟ هڪ دفعو ته ڪورٽ ماڳهين اهو فيصلو به ڏنو هو ته اسيمبلي ٽوڙڻ ته غلط آهي پر ڇاڪاڻ جو نين چونڊن جو اعلان ۽ تياري ٿي چڪي آهي، ان ڪري عملي طور اسيمبليون بحال نٿيون ڪري سگهجن، ان ڪري اهو سمجهڻ درست ٿيندو ته عدالتي فيصلا ۽ قانون سياسي حقيقتن جي پويان هلن ٿا، سياسي حقيقتون قانون ۽ عدالتي فيصلن جي پويان نه هلنديون آهن، بلڪه قانون ۽ عدالتي فيصلا حقيقتن کي مڃڻ جو اظهار ۽ ان تي ٺپو هڻڻ جو ڪم ڪندا آهن. مشرف جي 2007ع وارين هنگامي حالتن جو اعلان جيئن ته سياسي حقيقتن سان ٽڪراءُ ۾ هو ته مٿس ڪيس ٺهي ويو، جڏهن ته مشرف جي 1999ع واري قدم کي جائز قرار ڏنو ويو ڇاڪاڻ جو طاقت جو توازن ان جي حق ۾ بيٺل هو.
انديشو ڏيکاريو پيو وڃي ته ترميم بعد ايڪسٽينشن معمول بڻجي ويندي، سوال اهو آهي ته ڇا اها اڳ معمول نه هئي ۽ جڏهن به طاقت جو توازن ايڪسٽينشن جي حق ۾ هو ته اها ملي رهي هئي، جڏهن ايئن نه هو ته نه پئي ملي، هاڻي به ايئن ٿيندو رهندو. فرض ڪريو ته رٽائرڊ جنرل مشرف خلاف خاص عدالت جو فيصلو اپيل ۾ اٿلي پوي ٿو ته پوءِ ڇا ٿيندو، ان جا اڳتي اثر ڪهڙا ٿيندا؟ مطلب اهو بيهندو ته مشرف جا ورتل اپاءَ جائز هئا، هڪ راءِ اها به آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي هڪ لحاظ کان خاص عدالت جي فيصلي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حل ڏنو آهي، ٻي راءِ اها آهي ته ان فيصلي تي ڍڪ وڌو آهي، هاڻي سڀ ڪجهه بدلجي چڪو آهي. ميڊيا، معاشي حالتون، ماڻهن جي سوچ ۽ ماڻهن جي راءِ منظم ڪرڻ ۽ جوڙڻ جا طريقا ۽ سڀ ڪجهه. پاڪستان جا ماڻهو به اڄ جي ڄاڻ واري دنيا ۾ رهن ٿا، هي ڪو پنجاهه، سٺ يا اسي وارو ڏهاڪو ناهي، اها ڳالهه سڀني کي سمجهڻ گهرجي. هڪ آرمي چيف جي عهدي ۾ واڌ کي چئلينج ڪيو وڃي ٿو، يا هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ تي هڪ آرمي چيف کي سزا ٻڌائي وڃي ٿي، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته طاقت جي توازن ۾ ڪا ته تبديلي آئي آهي، عسڪري بالادستي ڪٿي ته چئلينج ٿي آهي. خاص عدالت توڙي سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي ان تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.
نئين ترميم ۾ چيل آهي ته هن قانون کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي، جڏهن عدليه آئين جي شقن جي تشريح ڪري سگهي ٿي، ان ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ چئي سگهي ٿي ته هن قانون جي تشريح يا ان کي چئلينج ڇو نٿي ڪري سگهي؟ ڳالهه رڳو گهربل حالتن جي هوندي آهي، قانون هجي يا آئين يا ڪو ٻيو اصول ان ۾ ڪيئي اهڙا لڪل پهلو هوندا آهن جيڪي هونئن نظر نه ايندا آهن پر جڏهن اهي زميني حقيقتن سان ٺهڪي نه ايندا آهن ته سقم يا جهول طور سامهون ايندا آهن. 73 جو آئين ڏيڻ مهل ذوالفقار علي ڀٽي چيو هو ته ملڪ ۾ هميشه لاءِ مارشل لا جو دروازو بند ڪري ڇڏيو آهي پر بعد ۾ سڀني ڏٺو ته اهو دروازو ڪيئن پرزا پرزا ٿي ويو.
پيپلزپارٽي هڪ معمول پرسٺي ترميم پيش ڪئي هئي ته ايڪسٽينشن کان اڳ وزيراعظم دفاع بابت پارلياماني ڪميٽي کي انهن سببن بابت ڄاڻ ڏيندو جن جي ڪري عهدي ۾ واڌ ڏني پئي وڃي پر خبر ناهي ڇو پارٽي ان معمولي ترميم کان به پوئتي هٽي ويئي، حالانڪه ايئن ڪرڻ سان پارليامينٽ جو هڪ حد تائين فلٽر لڳو پئي.
ڇا هن قانون ۾ ترميم بعد سويلين ۽ فوجي لاڳاپن ۾ توازن جو فيصلو ٿي ويو آهي؟ ايئن نٿو لڳي، هر مرحلو ضرور طئه ٿيو آهي، پارليامينٽ قانون ٺاهيو، يعني اها سپريم آهي جو قانون ٺاهي سگهي ٿي، مقرري يا عهدي ۾ واڌ جو اختيار وزيراعظم کي مليو، پارليامينٽ يا حڪومت جو امتحان ختم نه ٿيو آهي، بلڪه اصل امتحان ته هاڻ شروع ٿيو آهي. ايندڙ مرحلا هيڪاري اهم آهن جهڙوڪ؛ چونڊن ۾ من پسند نتيجا، اقتدار تي قبضي جي ڪوشش، هرو ڀرو ايڪسٽنيشن جا دروازا بند ڪرڻ، ڇا سياسي جماعتون ان قومي مفاد لاءِ گڏ ٿي سگهن ٿيون؟ ڇاڪاڻ ته هڪ قومي مفاد لاءِ 315 ووٽ ملي چڪا آهن.
اصل معاملي جو سياسي فضا ۾ حل ڳولڻ جي ضرورت آهي، اها ذميواري سياسي جماعتن جي آهي ته اهي ڏسن ته ڪهڙي حڪمت عملي ۽ ڪهڙو رستو سويلين بالادستي ڏي وڃي ٿو. اسان جون سياسي جماعتون ڪا پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻ جي بدران ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ رهنديون آهن، هنن جو خيال آهي ته ترڪي ۾ 2007ع ۾ بغاوت وغيره ڪيس اوچتا ظاهر ٿيا هئا، هو اهو نٿا سمجهن ته انهن ڪيسن کان اڳ ڪيترائي ٻيا اهم واقعا رونما ٿي چڪا هئا، اهي ڪيس تبديلي جو آعاز نه هئا، بلڪه تبديلي جو نتيجو هئا. اتي پهرين طاقت جو توازن تبديل ٿيو، ان کانپوءِ ڪيس هليا. جيڪڏهن ٻه وڏيون اپوزيشن جماعتون طاقت جو توازن تبديل ڪرڻ گهرن ٿيون ته کين قاف ليگ يا فنڪشنل ليگ واري سياست ڇڏڻي پوندي. وقتي رليف يا اقتدار ۾ حصو پتي رکڻ، جنهن جو به رڳو آسرو آهي، سو ڇڏي سويلين بالادستي لاءِ ڊگهي عرصي جي رٿابندي ۽ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي
pahenji Akhbar, 2020 , Civilian Supremacy, Army chief extension

Labels: , , ,