Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, April 08, 2020

سنڌي صحافت ۾ مختلف ڪاروباري انتظامي ماڊل وارا تجربا


هر ڏهن سالن کان پوءِ نئين اخبار جي ضرورت

ننڍي کنڊ جي صحافت جيان سنڌي صحافت جي شروعات نئون علم پکيڙڻ سان ٿي اهو علم جيڪو يورپ ۾ صنعتي انقلاب جي ڪري پيدا ٿيو ٿورو اڳتي هلي صحافت، ادب، اظهار ۽ سياسي پرچار وارو رخ اختيار ڪيو. جيئن ته اخبار روزمرهه جي واقعن ۽ حالتن بابت ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ انهن تي ٽيڪاٽپڻي ۽ تشريح لاءِ ايڊيٽوريل ڪالم مضمون به شايع ڪنديون هيون، ان ڪري مختلف سياسي ڌريون، گروپ توڙي فرد پنهنجي حق ۾ راءِ جوڙڻ يا پنهنجا هم خيال پيدا ڪرڻ لاءِ به اخبارون ڪڍندا رهيا. سنڌ ۾ جي ايم سيد، ايوب کهڙو، قاضي اڪبر۽ نجم الدين سريوال جهڙن سياستدانن پنهنجون اخبارون ڪڍيون. سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ بعد سنڌ جو سياسي مرڪز گاديءَ وارو شهر ڪراچي رهيو، ان ڪري اخباري دنيا جو مرڪز به اهو ئي شهر وڃي بيٺو. 1940ع کان وٺي ون يونٽ ٺهڻ تائين اهو سلسلو چيٽاڀيٽي جي شڪل ۾ جاري رهيو پر ون يونٽ ٺهڻ بعد سياست اختيار ۽ اقتدار جو مرڪز لاهور منتقل ٿي ويو، سنڌي اخبارون جيڪي سياسي مقصدن لاءِ جاري ٿينديون هيون انهن جي اهميت گهٽ ٿيندي ويئي، مٿان وري ايوب خان جي آمريت لاڳو ٿي جنهن هڪ طرف مجموعي طور تي سياست ۽ اظهار تي پابنديون لڳايون، پر ساڳئي وقت وفاقي حڪومت جو گاديءَ وارو هنڌ اسلام آباد کڻي ويو. ان جو سنڌي صحافت تي اهو اثر ٿيو جو سنڌي اخبارون بند ٿي ويون، يا وري حيدرآباد لڏي آيون پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين سنڌي صحافت توڙي ادب جو مرڪز وري حيدرآباد ٿيو.
ان سموري عرصي دوران اخبار هلائڻ لاءِ مختلف ڪاروباري انتظامي ماڊل وارا تجربا ڪيا ويا، پر اهي سڀ جا سڀ ذري گهٽ هڪ جهڙا هئا، جنهن ۾ اخبار جو مالڪ ڪنهن هڪ وڏي نالي واري کي ايڊيٽر طور مقرر ڪري سڀ ڪجهه ان جي وس ڇڏي ڏيندو هو. اخبار هلائڻ جي ماڊل ۾ وڏي تبديلي قاضي محمد اڪبر آندي، جنهن اخبار کي سياسي خيالن جي پرچار بدران ڪاروبار طور بڻائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي. هن عبرت اخبارکي هڪ باقاعده اداري جي شڪل ڏني جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ پروفيشنل صحافي موجود هئا. اخبار جو خرچ پکو اخبار جي سرڪيوليشن توڙي سالياني چندي بدران اشتهارن جي ذريعي پورو ڪرڻ ۽ ان مان ئي نفعو ڪمائڻ جو ماڊل بڻيو، ان بعد ساڳئي ماڊل تي ٻيون اخبارون به نڪتيون پر اهي ڪا وڏي ڪاميابي ماڻي نه سگهيون، ڇاڪاڻ جو انهن جو هڪ ته ماڊل ساڳيو هو ٻيو وري هنن جو خبرن ڏانهن لاڙو به ساڳيو هو انهيءَ ماڊل ۾ تبديلي هلال پاڪستان جي ذريعي آئي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ پيپلز پارٽي جي اخبار هئي ان کي سڌي مالي سهائتا سان گڏ اشتهارن ۾ به اوليت ملي، نتيجي ۾ هن اخبار ۾ صحافين جون پگهارون به ٺيڪ ٿيون، ساڳئي وقت ٽيڪنالاجي توڙي صحافتي ٽيڪنيڪ ۾ به ڪجهه نواڻ آندي وئي، اڳتي هلي قاضي اڪبر سنڌ نيوز اخبار ڪڍي، ان جو بزنس ماڊل ساڳيو عبرت وارو هيو، پر ان ۾ ڪجهه تبديلي اها آئي جو سليم قاضي جيڪو شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪميونسٽن سان رهيو هو روشن خيالي ۽ صحافت جي حوالي سان اپ ڊيٽ شيخ عزيز ايڊيٽر ٿيو. سليم قاضي مون کي به ان ٽيم جو حصو بڻايو، ڪوشش رهي ته سنڌ ۾ نمائندن جو نيٽ ورڪ روشن خيال ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جو بڻائجي، سانگهڙ ۾ آفتاب نظاماڻي، نواب شاهه ۾ صالح بلو، خيرپور ۾ منصورميراڻي، جيڪب آباد ۾ امداد اوڍا ان نيٽ ورڪ ۾ شامل ٿيا، پر اهي سموريون ڪوششون سليم قاضي جي حادثي ۾ وفات ۽ اخبار جي پراڻي بزنس ماڊل توڙي روايتي ڊيسڪ جي ڪري رنگ ڏيکاري نه سگهيون، ستت ئي ضياءَ الحق جو مارشل لا لاڳو ٿي ويو. 2019ع ۾ جڏهن سڄي دنيا ۾ پرنٽ ميڊيا سسي رهي هئي، پهرين ٽي وي، ان کانپوءِ آن لائن جرنلزم ۽ اڳتي هلي سوشل ميڊيا خبرن، معلومات، ڄاڻ توڙي آگاهي جون نه رڳو ضرورتون پوريون ڪيون، بلڪه ان حوالي سان سمورا پراڻا فارميٽ ۽ روپ به تبديل ڪري ڇڏيا، اهڙي موقعي تي علي قاضي طرفان پنهنجي اخبار جاري ڪرڻ ڪيترن ئي ماڻهن کي ديواني جو خواب پئي لڳو، مٿان وري ميڊيا تي سنسرشپ، سرڪاري اشتهارن ۽ انهن پئسن جي روڪ، ڪجهه هنڌن تي صحافين خلاف ڪارروايون نوڪرين مان ڪڍڻ جا وڏي پيماني تي واقعا ٿيا، ان ڪري علي قاضي جي اخبار ڪڍڻ واري ڳالهه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ئي نه پر عالمي ميڊيا تي بحث هيٺ آئي. صحافت ۾ وار اڇا ڪرڻ ۽ پندرنهن سورنهن سال صحافت پڙهائڻ توڙي پڙهڻ دوران ڪجهه ڳالهيون چٽيون ٿيون، آءُ ان پختي راءِ جو آهيان ته هر ڏهن سالن کانپوءِ نئين اخبار جي لاءِ پڙهندڙ پيدا ٿئي ٿو، ڳالهه ان پڙهندڙ کي ڳولڻ ۽ ان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي آهي، اهو نئون پڙهندڙ ڇا پڙهڻ چاهي ٿو، ڪهڙي شڪل ۾ ڪيئن ۽ ڪيڏي مهل چاهي ٿو، اهي وڏا سوال آهن، پنهنجو پڙهندڙ ڳوليون جنهن کي بنياد بڻائي ايڏي وڏي عمارت جوڙجي. اها ٽِيهه سال پراڻي ڳالهه آهي، انهن ٽيهن سالن ۾ ڄڻ ٻه نسل جوان ٿي ويا، منهنجي فارمولي موجب اها مدت ٽن نين اخبارن جي آهي، 80 ۽ 90 ع واري ڏهاڪي جو سياسي ڪارڪن به ناهي رهيو، اهو دانشور به ناهي رهيو، اڄ جي سموري دانشوري ۽ ايڪٽوازم سوشل ميڊيا تي هاريل نظر ايندي آهي، پراڻو ڪارڪن پراڻو دانشور پنهنجو پاڻ کي اڄ سان ڳنڍيل رکڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بقا لاءِ هٿوراڙيون پيو ڏيئي. اڳي ميڊيا جو مطلب معلومات يا خبريت هوندو هو، هاڻي باقاعده ميڊيا سڏجندڙ ۾ خبريت وارو عنصر گهٽجي ويو آهي، اڳي ماڻهو اخبارن جو ساليانو چندو ڀريندا هئا، ٽپال رستي کين اخبار ملندي هئي، ڳوٺن ۾ خبرن ۽ خاص ڪري بي بي سي جي خبرن مهل ماڻهو ريڊيو جي چوڌاري جمع ٿيندا هئا، پوءِ پي ٽي وي جي خبر نامي لاءِ 9 وڳي جو انتظار ڪيو ويندو هو، هاڻي ته سوشل ميڊيا وقت ۾ خبرون ڏيئي ٿي، ان لاءِ ڳوٺ موجود ريڊيو رکندڙ ٻن ٽن همراهن جي گهر يا اوطاق تي وڃڻ يا خبر نامي جو انتظار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سوشل ميڊيا خبرون ڏي ٿي، حقيقت اها آهي ته سوشل ميڊيا صرف اطلاع ڏي ٿي، خبر نٿي ڏي، هڪ ٻن جملن وارو اطلاع خبر ناهي، ان لاءِ پس منظر ۽ تفصيلي واقعو ۽ سمورا پاسا ضروري آهن. اطلاع اڌوري خبر هوندو آهي، جنهن جا ماڻهن جي سوچ فڪر توڙي عمل تي هاڃيڪار اثر ٿيندا آهن، ان سان گڏوگڏ اهي اطلاع افواهه به ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ جو اطلاع ڏيندڙ جو ساکائتو هجڻ ضروري آحي ان جو مثال ايئن وٺي سگهجي ٿو ته جڏهن به ڪا نئين معلومات اسين آمهون سامهون به شيئر ڪندا آهيون ته اهو ئي پڇندا آهيون ته اهو ڪنهن ٻڌايو، سوشل ميڊيا تي اڄ جيڪا به خبر اطلاع شيئر ٿئي ٿو ته ان لاءِ هر ڪو تصديق لاءِ پڇا ڪندو آهي يا وري ويب سائيٽ ڏسندو آهي.
پنهنجي اخبار، ڇپيل اخبار جي شڪل ۾ موجود آهي، ان جو وڏو ڪمال ڊجيٽل هجڻ آهي جتي هر پل ٿيندڙ واقعن جون خبرون، اپ لوڊ ٿين ٿيون، واضح رهي ته اهو سوشل ميڊيا وارو اطلاع نه پر خبر آهي. پنهنجي اخبار جي ڪيس ۾ ته هيڪاري اها ڳالهه وڌيڪ پڪي هوندي آهي ڇاڪاڻ جو علي قاضي معنيٰ ساکائتي خبر، اهو ماڻهو جيڪو خبرون وڌيڪ اچڻ تي پيسٽنگ ٽيبل تي بيهي اشتهار پٽي اڇلائي ڇڏيندوهو، هن لاءِ خبر اهم آهي ڇاڪاڻ ته خبر عوام جي ملڪيت آهي. اها ان تائين وڃڻ گهرجي.


Labels: , ,

Friday, February 28, 2020

مادري ٻولين جي ترقيءَ جا رهجي ويل سوال!


مادري ٻولين جي ترقيءَ جا رهجي ويل سوال!




اسلام آباد جي سرگرمين کي سنجيدگيءَ سان ورتو ويندو آهي. هونئن ڪراچي ۾ ڊسمبر کان مارچ تائين ادبي ميلن جي موسم آهي، جيڪا گذريل ڏهاڪو کن سالن کان هلندي اچي اُتي ڪڏهن ڪڏهن نون ۽ چڀندڙ موضوعن تي ڳالهيون ٿينديون آهن. پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميلن ۾ ڳالهين کي اقتدار جي ڌڻين وٽ لفٽ گهٽ هوندي آهي.

 گذريل هفتي اسلام آباد ۾ انڊس ڪلچرل فورم جي بينر هيٺ ڪوٺايل پاڪستان جي مادري ٻولين جي ادبي ميلي رنگ ڏيکاريو جو آخري ڏينهن تي وفاقي وزير شفقت محمود اچي اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت مادري ٻولين جي لاءِ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي رهي آهي.
 ان اعلان سان پياري نياز نديم ۽ سندس فورم جي ٽيم جي ڄڻ محنت صاب پئي، جنهن ميلي ۾ پاڪستان جي 12 ٻولين جا ليکڪ ۽ ساڃهه وند گڏ ڪيا هئا، جڏهن ته ملڪ ۾ 72 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جن جي بچاءُ ۽ ترقي ڏيارڻ جو سوال آهي. 

حيدرآباد ۾ صحافتي سفر جي شروعات ڪندڙ نياز نديم ريڊيو جي دنيا کان ٿيندو آگاهي ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ ايڊووڪسي جي فورمن تائين وڃي پهتو. هو پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي هاڻوڪي ڊائريڪٽر فوزيه سعيد سان گڏ گذريل پنجن سالن کان مادري ٻولين جو ادبي ميلو ڪوٺائيندو رهيو آهي.

هن ڀيري واري ميلي ۾ مکيه ٻولين سنڌي، بلوچي، پشتو، سرائيڪي، اردو جي مختلف پهلوئن ۽ مسئلن بابت ته ڳالهايو ويو ۽ انهن جي نمائنده ماڻهن هر سيشن ۾ ڳالهايو پر ساڳئي وقت هندڪو، شينا، هزارگي ۽ ڍاٽڪي ٻولين بابت به سيشن ٿيا. سڀ کان وڌيڪ سرگرم سنڌي، سرائيڪي، بلوچ هئا. سيشن توڙي ان کان ٻاهر واري ماحول مان به لڳو پئي ته يا انهن جي شموليت وڌيڪ آهي يا وري اهي پنهنجي موجودگي جو اظهار ڪري رهيا هئا. 
گڏيل قومن جو ادارو يونيسيف هر سال رپورٽ جاري ڪندو آهي ته دنيا ۾ ڪئين مختلف ٻوليون ختم ٿي رهيون آهن. ان رپورٽ موجب ڄڻ روز هڪ ٻولي ختم ٿي رهي آهي. ان ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ سان ان ٻولي جي ڳالهائيندڙ جي اظهار جا طريقا، اهڃاڻ توڙي ثقافت ۽ سڃاڻپ ختم ٿي رهي آهي. هر ٻولي ۾ ڏک، پيار، ڪاوڙ يا ٻئي ڪنهن جذبي يا ڪيفيت جا اظهار الڳ الڳ هوندا آهن ۽ انهن جي پنهنجي شدت ۽ گهرائي هوندي آهي. ڪنهن ڏاهي چواڻي ته ڪنهن ٻولي ۾ بيان ڪيل جذبي يا ڪيفيت کي ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ساڳي معنيٰ ۽ شدت سان ترجمو نٿو ڪري سگهجي.

پاڪستان ۾ ٻولي جو سوال ڄڻ پهرين ڏينهن کان تڪراري بڻجي ويو، جڏهن ملڪ جي ٻِن ٻولين خاص ڪري بنگالي ۽ سنڌي کي پاسيرو رکي اردو کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. سنڌي جو حق ته پنهنجي جاءِ تي پر بنگالي ڳالهائيندڙ جيڪي تڏهوڪي پاڪستان جي اڪثريت هئا تن کي نظرانداز ڪري چار پنج سيڪڙو ڳالهائيندڙن جي ٻولي کي قومي ٻولي ڄاڻايو ويو. ايئن ٻولي جو سوال سياسي سوال بڻجي ويو. بنگالين تڏهوڪي پاڪستان جي حڪمرانن جي ان پاليسي جي مخالفت ڪئي. ايئن ٻولي جي بچاءُ لاءِ 21 فيبروري 1952ع تي بنگالي نوجوان شهيد ٿيا. ٻولي لاءِ شهيد ٿيندڙ اهي پهريان ماڻهو هئا.

مادري ٻولي ڪيتري اهم آهي ان لاءِ ٻين ادارن ۽ ماهرن کي ته ڇڏيو خود گڏيل قومن جي اداري جو چوڻ آهي ته ٻار کي پرائمري تعليم پنهنجي مادري ٻولي ۾ ڏيڻ ان جو حق آهي. گڏيل قومن جي اداري يونيسيف مادري ٻولين لاءِ بنگالين جي شهادت کي يادگار بڻائيندي ان ڏينهن کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو. عالمي اداري اها ڳالهه مڃي ورتي، سمجهي ورتي پر اسان جا حڪمران اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن.
ڪجهه وقت اڳ خبر آئي ته وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ يڪسان نصاب جوڙڻ ٿي گهري. يعني جن مادري ٻولين ۾ تعليم ڏني پئي وڃي انهن آڏو بند ٻڌو وڃي.
اول ته ارڙهين ترميم کان پوءِ تعليم واري معاملي ۾ وفاق جو ڪجهه اچي نه وڃي، اهو مڪمل طور صوبائي اختيار آهي ته وفاق بجاءِ ان جي ته سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، پنجابي، پشتو جيڪي هن وقت رسم الخط رکن ٿيون انهن کي ترقي ڏياري انهن ٻولين کي پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين نصاب ٺاهي ڏيڻ ۾ مدد ڪري، ان جي بدران اها سهي جون ٽي ٽنگون ڪيو بيٺي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ گذريل پنجاهه کن سالن کان اهو عمل جاري آهي ته جن ٻولين کي پنهنجي الفابيٽ ناهي انهن جي الفابيت جوڙي وئي آهي ۽ اتي ٻارن کي انهي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏني پئي وڃي. جن ٻولين جي الفابيٽ اڳ موجود هئي تن کي سائنس توڙي ٻين سماجي علمن ۾ ترقي ڏياري ايترو اڳتي آندو ويو آهي جو اهي يونيورسٽي جي تعليم وٺڻ لاءِ ڪنهن ڌاري ٻولين جون محتاج ناهن.
ميلي ۾ مختلف ماهرن ۽ مفڪرن جي ڳالهين مان ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون معلوم ٿيون. آءِ اي رحمان ٻڌايو ته ريسرچ موجب عربي دنيا جي ننڍي عمر واري ٻولي آهي. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ جيڪو پاڻ به ليکڪ آهي ۽ ڪانفرنس ۾ هن بلوچي ڪهاڻي به پڙهي، تنهن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ مادري زبانن بلوچي، سنڌي، براهوي، سرائيڪي ۽ پشتو جي ترقي لاءِ مادري زبانن کي ترقي ڏيارڻ جو ادارو ٺاهيو ويو آهي. هن پنهنجي دور ۾ ان اداري جي گرانٽ ۾ ڏهوڻ کان وڌيڪ اضافو ڪيو. اسڪولن ۾ ڪورس جا ڪتاب انهن ٻولين ۾ ڇپايا، پر تازو صوبائي حڪومت هڪ فرمان ذريعي اهي مادري ٻولين وارا ڪتاب واپس گهرائي ورتا آهن ۽ نوان ايڊيشن شايع نه ڪري رهي آهي.
اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ ٻڌايو ته پشتو کي ترقي ڏيارڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪو ڪم نه ٿي رهيو آهي.
ميلي ۾ هڪڙو سيشن سياسي به هو، جنهن ۾ دعوت جي باوجود تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز ۽ نواز ليگ جي پرويز رشيد شرڪت نه ڪئي. ايئن ڄڻ هن سيشن ۾ پنجاب جو ڪو نمائندو نه آيو. خير هونئن ته پوري ميلي ۾ ۽ مختلف سيشن ۾ پنجاب
گهٽ نظر آيو. لڳو پئي ته ان معاملي تي پنجاب ڪو پرجوش ۽ سرگرم ناهي.

حالانڪه هاڻي لاهور ۾ پنجابي زبان لاءِ ڪجهه مظاهرا ٿي رهيا آهن پر اهي اڃان
هيٺئين سطح جا لڳن ٿا. مون جڏهن پراڻي مارڪسي سنگتي کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته “پنجاب جو بورجوازي اڃان سمجهي ٿو ته پنجابي ٻولي کي ترقي ڏيارڻ مان کيس ڪو فائدو ناهي. بس گهرن ۾ ڳالهائي ٿا وٺون يا پاڻ ۾ ڳالهايون ٿا اهو ڪافي آهي.”
پيپلزپارٽي جي سسئي پليجو، افراسياب خٽڪ، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سينيٽ ۾ ٻولين بابت پيش ٿيل بل جي ڪهاڻي ٻڌائي ته ڪيئن هرو ڀرو ڪجهه پارٽين ۽ ڌرين کي اجايا خدشا آهن.
سينيٽ جي ڪاميٽي مکيه ٻولين لاءِ بل منظور ڪري ورتو آهي. هاڻي حڪومتي ڌر تي آهي ته اها اهو بل سينيٽ توڙي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائي. سنڌ، بلوچ، پختونخواهه جي انهن نمائندن جو چوڻ هو ته في الحال چئن پنجن ٻولين لاءِ قانون اچي ٿو وڃي ته پوءِ باقي ٻولين لاءِ خوبخود رستو کلي ويندو.
ميلي ۾ ڪيترائي فڪري، سماجي، ادبي توڙي سياسي لاڙا ۽ انهن جا مختلف پهلو، مختلف علائقن ۾ ٿيل تجربن جو نچوڙ سامهون آيو، جيڪو هڪ مضمون ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. بهرحال اهم ڳالهه اها ٿي سگهي ٿي ته سڄي ميلي ۾ سينيٽ ڪاميٽي جي بل تي پئي زور ڏنو ويو، پر سرڪاري ڌر مان آيل وزير شفقت محمود اهو ڌڪ گسائي اعلان ڪري ويو ته مادري ٻولين لاءِ ڪانفرنس ٿا ڪوٺايون،يعني قانون سازي يا اداراتي عمل کان پاسو ٿا ڪريون.

Labels: ,

Friday, February 07, 2020

نئين پارٽي ڪنهن جو متبادل بڻبي؟


نئين پارٽي ڪنهن جو متبادل بڻبي؟


سوشل ميڊيا تي چوٻول آهي ته سنڌ جا رٽائرڊ ٿيل بيوروڪريٽ ۽ پرڏيهه ۽ ڏيهه مان ڪمائي ڪري ايندڙ ڪجهه دوست نئين پارٽي جوڙي رهيا آهن. تاثر ڏنو پيو وڃي ته اها پارٽي سنڌ سطح تي هوندي ۽ اقتداري سياست ڪندي. اڳوڻي سفارتڪار علي مردان راهوجو جي سربراهي ۾ پنجاهه ماڻهن تي ٻڌل پارٽيءَ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جا نالا به سامهون آيا آهن، جن ۾ وڏي اڪثريت ريٽائرڊ سرڪاري آفيسرن جي آهي، پر ڪوبه ڄاتل سڃاتل سياسي ڪارڪن يا ماضي توڙي ويجهي ماضي ۾ سياسي تحريڪن سان ڳنڍيل نالو ناهي. علي مردان راهوجو گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ ويزن جي نالي سان هڪ سماجي گروپ هلائي رهيو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٿر ۾ مقامي ماڻهن جي ڪوئلي واري ڪمپني خلاف ٿيندڙ تحريڪ تي پاڻي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهي ماڻهو پنهنجي زمين توڙي ماحوليات جي بچاءُ ۽ نئين ٿيندڙ ترقي ۾ پنهنجو حصو گهري رهيا هئا، سندن اهو مطالبو هو ته زمين ڪمپني جي نالي خريد ڪرڻ بدران ليز تي ورتي وڃي.
نئين پارٽي جو فيس بڪ تي پيج ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي پارٽي پنهنجو ڪيڊر ۽ ميمبر ڳولي رهي آهي. خبرن موجب ايندڙ هفتي ڪراچيءَ ۾ پارٽي جي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي جو نالو، منشور وغيره طئه ڪيو ويندو. مختلف دوستن وٽان پڇا ڳاڇا بعد پتو پيو ته نئين پارٽي جوڙيندڙن سوشل ميڊيا کان سواءِ ڪنهن به سرگرم ماڻهو سان نه رابطو ڪيو آهي ۽ نه وري مشاورت. بهرحال پارٽي ٺاهڻ ۽ ان لاءِ ڪو خاص طريقو اختيار ڪرڻ هر ماڻهو جو جمهوري حق آهي، ان تي ڪو اعتراض ڪري به نٿو سگهجي، پر ڇاڪاڻ جو پارٽي ۽ سياست public sphere آهي، ان ڪري ان تي بحث توڙي اعتراض ڪري سگهجي ٿو، راءِ ڏئي سگهجي ٿي.
هن وقت تائين سنڌ جي ڪجهه ساڃهه وندن جي راءِ سوشل ميڊيا جي ذريعي سامهون آئي آهي جنهن ۾ انهن ڪيترائي بنيادي نوعيت جا سوال اٿاريا آهن. تجزيه نگار ۽ دانشور جامي چانڊيي موجب، “سنڌ ۾ هاڻي وچولو طبقو وڌيڪ اسريو آهي، هو پنهنجو قومي ۽ طبقاتي ڪردار ادا ڪرڻ جي يقينن ڪوشش ڪندو. تاريخي ۽ طبقاتي طور وچولو طبقو قومي ۽ جمهوري سوال ڏي مائل هوندو آهي، تنهن ڪري انهن دوستن کي موقعو ڏيڻ گهرجي. مون کي انهن جي ٽيم جوڙڻ وارو طريقو غير سياسي لڳي ٿو!” جامي چانڊيو جيڪو پاڻ پراڻو سياسي سرگرم ڪارڪن رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ سياسي اٿل پٿل تي سندس گهري نظر به آهي، سندس خيال ۾ پارٽين جو ڪيڊر هم خيال يا فڪر جي هڪجهڙائي رکندڙن مان هڪ پراسيس جي ذريعي تيار ٿيندو آهي، جنهن کي سوشل ميڊيا جي ذريعي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان بنيادي فطري تنظيمي ڍانچو درست نه بيهي سگهندو.
دوستن جي اوليت مقداري سگهه ڏي وڌيڪ آهي، جڏهن ته شروعاتي طور مقداري سگهه کان معياري سگهه وڌيڪ اهم هوندي آهي، پارٽين جي تنظيمي سگهه معياري کان عواميت يا عددي سگهه ڏي ويندي آهي. وچولي طبقي جو اصل امتحان ئي اهو هوندو آهي ته هو ڪيئن وڏيرڪي ۽ سرمائيدار طبقي تي وار ڪري ٿو ۽ ان جي ساٿاري رياستي سگهه جي ڪيتري حد تائين مزاحمت ڪري ٿو، مظلوم طبقن سان ڪيتري قدر ڳنڍجي ٿو، ان جو اظهار سياسي ڪردار ۽ تنظيمي ڍانچي مان ٿيندو.
نصير ميمڻ پارٽي جو حامي آهي، اهو چوي ٿو ته “نئين پارٽي کي ان بنياد تي رد نه ڪرڻ گهرجي ته ان ۾ اڪثريت ريٽائرڊ ڪامورن جي آهي، کين موقعو ڏيڻ گهرجي، ڀل ماڻهو سندن ڪارڪردگي جي بنياد تي قبول يا رد ڪن.” دانشور ۽ خاص ڪري عورتن جي حقن جي ويڙهاڪ امر سنڌو جو چوڻ آهي ته “سنڌ کي سوشل ميڊيائي سياست جي ضرورت ناهي، اهي اڳ ئي جام آهن، ٿر جي ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ ٽياڪڙي ڪري انهن ثابت ڪيو آهي ته اهي عوام دوست نه پر اقتداري ڌرين جا ڳيجهو آهن.”
“موقعو ڏيڻ” واري ڳالهه کي ڪيترن ئي دوستن سوشل ميڊيا تي رد ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته رٽائرڊ بيوروڪريٽن جي ڪارڪردگي ثابت ٿيل آهي، انهن پنهنجا چڱا ڏينهن عوام جي خدمت جي بدران ڪرپشن ڪندي گذاريا، انهن مان چڱائي جي اميد نٿي رکي سگهي. سٺي حڪمراني ۽ صاف سٿري حڪومت جا خواب وڪڻندڙ پنهنجي سرڪاري نوڪري جي ڏينهن ۾ صاف سٿري حڪمراني ۽ عوام جي خدمت نه ڪري سگهيا، پاڻ ڪرپشن ڪندا رهيا ۽ ڪرپشن ڪندڙن جا آله ڪار بڻيل رهيا. بحثن ۾ اها به ڳالهه چئي پئي وڃي ته اڃان تائين نون بانيڪارن مان ڪنهن به عوام آڏو پنهنجو “اعتراف نامو” پيش نه ڪيو آهي.
هڪ دوست مختيار ملڪ راءِ ڏي ٿو ته، “اليڪشني سياست ۽ پريشر گروپ ۾ فرق هوندو آهي، اليڪشني سياست ۾ اليڪشني گُر گهربل هوندا آهن.” هڪ ٻئي دوست پرويز ابڙي نئين پارٽي ٺاهيندڙن کي ان فروٽ وڪڻندڙ سان ڀيٽيو آهي، جيڪو سڄو ڏينهن نفعي سان فروٽ وڪڻي ٿو، ايئن پنهنجو مور ۽ نفعو ڪڍي وٺي ٿو. سج لهڻ مهل بچيل فروٽ ڪڍڻ لاءِ چوي ٿو “هو گئي شام گر گئي دام.” هو فروٽ نه ڪڍندو ته سڀاڻي خراب ٿي ويندو. پرويز ابڙو جو خيال آهي ته ڳريل ۽ سڙيل فروٽ تازي فروٽ جو بدل نٿو ٿي سگهي، جيڪو نوجوانن کي آڇيو پيو وڃي. هن دوست ڪنهن اهڙي متبادل جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪو نوجوانن کي پاڻ ڏي ڇڪي سگهي يا انهن کي مطمئن ڪري سگهي. ساڳي طرح سومار کوسي اهم نقطن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. هو چوي ٿو ته هن موقعي تي ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڳولڻ ضروري آهي، مثلاَ نئين پارٽي ٺاهڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي رهي آهي، سنڌ جون پراڻيون پارٽيون جيڪڏهن ناڪام ويون آهن ته انهن جا ڪارڻ ڪهڙا آهن، ڇا هن پارٽي ۾ ڄاتل سڃاتل ڪرپٽ ريٽائرڊ ڪامورا نه هوندا؟ وغيره.
اهو به چيو پيو وڃي ته ڪوشش جي باوجود سياسي ڪارڪن ڪا پارٽي جوڙي نه سگهيا. يوسف لغاري، ابرار قاضي ۽ ڪجهه ٻين دوستن ڪوشش ڪئي پر معاملو اڳتي وڌي نه سگهيو. خالق جوڻيجو، بخشل ٿلهو يا وشنو مل هيٺئين طبقي جا نمائنده سمجهيا وڃن ٿا پر اهي دوست به سموري خلوص ۽ محنت جي باوجود ماڻهن کي موبلائيز نه ڪري سگهيا. ايئن ڪيترائي رايا سامهون اچي رهيا آهن. ڀرڳڙي ڪٽنب جو فرد حميد ڀرڳڙي جيڪو هاڻي اسلام آباد وسائي ويٺو آهي، تنهن جو خيال آهي ته اڄ جي دور ۾ جڏهن جاگيردار به پيپلزپارٽي جي صورت ۾ منظم شڪل ۾ موجود آهن، تڏهن فيس بڪ جي جماعت جنهن جون عوام ۾ پاڙون نه هجن، سا اهڙي جماعت (پيپلزپارٽي) کي مشڪل آهي جو نقصان پهچائي سگهي. هڪ ٻئي دوست ظفرالله بهليم جو تبصرو ماڳهين ڏکيو آهي. هو چوي ٿو ته بند ڪمرن ۾ عوامي سياسي جماعت نه پر ڪارپوريٽ ڪمپنيون ٺهنديون آهن. عوامي صلاح مشوري بنا پارٽي ته ٺاهي سگهجي ٿي پر اهڙي جماعت عوامي ۽ جمهوري نه هوندي.
جامي چانڊيي، امر سنڌو، حميد ڀرڳڙي سومار کوسي ۽ ظفرالله بهليم اهم نقطا اٿاريا آهن. نئين پارٽي آخر ڪنهن جو متبادل ٿيندي؟ ڇا اها پيپلزپارٽي جو متبادل هوندي يا قومپرستن جو؟ پيپلزپارٽي کان گرائونڊ کسڻ ايڏو سولو به ناهي. ماضي ۾ ڪوثر نيازي، ممتاز ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي کان وٺي وڏيون ڪوششون ٿينديون رهيون. ان بعد مختلف اتحادن ذريعي ڪوششون ٿيون. انهن ڪوششن پويان سگهارا هٿ به هيا. قوم پرست پارٽيون ۽ گروپ پنهنجي پاڻ کي اپ ڊيٽ نه ڪرڻ ۽ جديد سنڌي قوم پرستي کي سمجهي نه سگهڻ، واڌو ارڙهين آئيني ترميم بعد پنهنجون حڪمت عمليون تبديل نه ڪري سگهيا. نئين پارٽي لاءِ وسيلا به گهرجن، ڪا اڀريل شخصيت واري ليڊر شپ ۽ سگهارو نظريو به کپي. ان کانپوءِ وڏو سوال اهو بيهندو ته پارٽي کي اقتدار ڌڻي مڃتا ڏين ٿا يا نه؟ جيڪڏهن ڏين ٿا ته ڪهڙن شرطن تي؟ اهو ڪو آسان ڪم ناهي. بلوسچتان ۽ خيبرپختونخواه انهي بحران مان گذري چڪا آهن. آخري ڳالهه سياست تحمل (Patience) جي راند آهي، ان لاءِ وقت گهربل هوندو آهي. وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي.
New party in Sindh, 2020
https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%d9%86%d8%a6%d9%8a%d9%86-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%da%aa%d9%86%d9%87%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d9%85%d8%aa%d8%a8%d8%a7%d8%af%d9%84-%d8%a8%da%bb%d8%a8%d9%8a%d8%9f/

Labels: ,

Saturday, February 01, 2020

وفاق، سنڌ سان عمل جوڳي فارمولا تي اچي!


وفاق، سنڌ سان عمل جوڳي فارمولا تي اچي!


وزيراعظم عمران خان سان آءِ جي سنڌ پوليس ڪليم امام جي ملاقات تي سنڌ جي حلقن ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي ته آخر هڪ پوليس آفيسر جي ڪري چونڊيل حڪومت ۽ سڄي صوبي کي ڇو پاسيرو رکيو ويو آهي. وڏي ڳالهه ته بعد ۾ ميڊيا تي آءِ جي ڪليم امام سان منسوب اهي خبرون به آيون ته، “مون کي هٽائڻ ايڏو سولو ڪم ناهي.” ماضيءَ ۾ اي ڊي خواجا جي مامري ۾ به سنڌ حڪومت اعتراض ڪيو هو. ان وقت سنڌ جي عوام جي راءِ سنڌ حڪومت جي مخالفت ۽ اي ڊي خواجا جي حق ۾ هئي. هن ڀيري ان جي ابتڙ راءِ آئي . ٻه هفتا کن اڳ بلاول ڀٽو زرداري جڏهن چيو هو ته سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني جيان هلايو پيو وڃي، تڏهن نه صرف سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين بلڪه قوم پرست حلقن به بلاول جي ان بيانئي جي حمايت ڪئي.
قومپرستن جيتوڻيڪ ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال جي تعمير ۽ ان کان اڳ اين ايف سي ايوارڊ تي پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو هو پر اهو لڳ ڀڳ پندرنهن کن سال اڳ جو معاملو هو. ان بعد قومپرست، جيڪا به سندن سگهه هئي، پيپلزپارٽي ۾ مخالفت وارو ئي موقف رکندا آيا. سنڌ جا ماڻهو اهڙو اظهار تڏهن ڏيندا آهن، جڏهن اهي فيصلي سازي يا پاليسين تي عمل ڪرڻ ۾ پاڻ کي ٻاهر سمجهندا آهن. جنرل ضياءُالحق خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور شرڪت جي پويان به اهو ئي سبب هو. ان جو مطلب اهو بيٺو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مختلف فيصلن ۽ پاليسين ۾ نه رڳو سنڌ کي شامل نه ڪري رهي آهي بلڪه اهي سنڌ جي مفادن جي حق ۾ نه ٺهي رهيون آهن.
سنڌ کان ٻاهر ان تي بحث ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي اهڙي ناراضگي وفاق جي لڳاتار سياسي، معاشي پاليسين / فيصلن جي ڪري آهي يا وري ڪجهه سياستدانن جي چالاڪي آهي جيڪي اقتدار ۽ پنهنجي غلبي رکڻ لاءِ وفاق سان اٽڪي رهيا آهن.
جيڪڏهن ماضيءَ جي واقعن کي ڏسجي ته پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ آئين نه ٺهي سگهيو. قومي زبان جو معاملو انصاف ڀرئي نموني نه نبيريو ويو. اڪثريت رکندڙ صوبي کي اقتدار مان ٻاهر ڪڍي بنگال جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي حيثيت کي نه قبول ڪيو ويو. ون يونٽ ٺاهي ڪوڙي برابري جي نمائندگي جي نالي تي بنگالين جي اڪثريت کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو. جڏهن ته اولهه پاڪستان ۾ صوبن جي حيثيت ختم ڪري انهن صوبن جي سياست ۽ وسيلن تي ڪنٽرول ڪيو ويو. مطلب ته حڪمرانن زميني حقيقتن ۽ ثقافتي گهڻ رنگي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. سنڌ کان ان جي گادي وارو شهر ڪراچي ۽ بندرگاهه کسي وفاقي حڪومت حوالي ڪيو ويو، جتي ورهاڱي وقت آيلن جي ڪري آبادي جي تناسب ۾ اڳي ئي تبديلي رونما ٿي چڪي هئي. اهو سڀ ڪجهه صوبائي خودمختياري تي وار ۽ صوبن کي ختم ڪرڻ هو. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ انتظام سنڀالڻ لاءِ جيڪا راند کيڏي وئي، ان جا نشان تاريخ ۾ حڪومتن جي تبديلين، سياستدانن کي نااهل قرار ڏيڻ جي واقعن جي صورت ۾ موجود آهن. ايوب دور ۾ اهي پاليسيون هلنديون رهيون، ان ته ماڳهين سنڌ اندر سنڌي پڙهائڻ تي بندش وڌي.
ذوالفقار علي ڀٽو آيو ته هن نئون فارمولا ڏنو، جنهن تحت پنجاب کي ڪجهه رعايتون ڏيڻ جي عيوض سنڌ جا ڪجهه مطالبا مڃي، سنڌ جي ڪاوڙ تي پاڻي جو ڇنڊو هنيو ويو. 73ع جو آئين ملڪ جو پهريون مڪينزم آهي جنهن ۾ صوبن جا ٿورا ئي سهي پر حق مڃيا ويا ۽ اهو واعدو ڪيو ويو ته پنجن سالن کانپوءِ صوبائي خودمختياري وڌائڻ لاءِ ڪجهه ڪيو ويندو. ان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪاريگري پنهنجي جاءِ تي، پر ان کان وڌيڪ بنگال جي آزادي جو تازو ٿيل واقعو وڏو ۽ اصل سبب هو. آئين ۾ صوبائي حقن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل قائم آهي. آئين موجب ان جا ٽماهي اجلاس ٿيڻا آهن پر ڪنهن به دور ۾ آئين جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ به، اهي اجلاس وقت سر نه ٿي سگهيا آهن. ايئن صوبن جو ايجنڊا سالن جا سال بنا نبيرڻ جي ڦاٿل ئي رهيو آهي. جيڪڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڪو فيصلو ڪيو به ته ان تي عمل نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جو وفاقي بيوروڪريسي ۽ ڌُر ڌڻين جي گرفت مضبوط رهي. پاڻيءَ جو ٺاهه سنڌ ۾ ڄام صادق علي جي غير مقبول حڪومت جي دور ۾ ٿيو، جنهن کي سنڌ جي عام راءِ جي پٺڀرائي حاصل نه هئي. پوءِ ٿيو ايئن جو ان انڌي منڊي ٺاهه تي به عمل نه ڪيو ويو. حڪومت پيپلزپارٽي جي هجي، يا نواز شريف جي، مشرف دور هجي يا عمران خان وزيراعظم هجي، ارسا منصفاڻي فيصلي بدران پنجاب جي حق ۾ فيصلو ڏيندي رهي. مختلف موقعن تي قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ کي وفاقي نوڪرين ۾ به جائز حصو نه مليو. ساڳي صورتحال وفاقي ترقياتي ڪمن جي رهي، جنهن جو پتو هر سال ٿيندڙ ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ سان لڳائي سگهجي ٿو. اها صورتحال رڳو سنڌ سان نه هئي، بلوچستان سان به ايئن آهي، پختونخوا ڏانهن رويو ستر واري ڏهاڪي جي پڇاڙي وارن سالن ۾ تبديل ٿيو، جڏهن اهم وفاقي ادارن ۾ هي صوبو ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. ان جي نتيجي ۾ هن صوبي جي قومپرستن (ولي خان سميت) جي سياست ئي تبديل ٿي وئي.
سنڌ مان ان جو اظهار ان ڪري ٿئي پيو جو سنڌ کي هڪ سياسي سڃاڻپ حاصل آهي. بلوچستان کي ڪنهن مقبول پارٽي نه هجڻ سبب اها سڃاڻپ ۽ حيثيت نه ملي رهي آهي، ان ڪري ان سان لڳ ڀڳ فاٽا جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي سياسي سڃاڻپ طور اڀري آيل پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتن ۾ ڪجهه ڪوششون ڪيون، ڪي ڪوششون ناڪام ٿيون، ڪن تي مفاهمت ٿي، ڪو ذرو پرزو ملي سگهيو.
جيتوڻيڪ نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ ننڍن صوبن لاءِ ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي سگهي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ اها صورتحال اڃان وڌيڪ پيچيده ۽ خراب ٿي وئي آهي. سنڌ اقتداري ايوانن ۽ فيصلي سازي مان ٻاهر آهي. تحريڪ انصاف حڪومت جي احتساب واري عمل تي سنڌ ۽ صوبائي حڪومت کي خدشا آهن. قدرتي وسيلن پاڻي، گئس، ناڻي جي ورهاست، وفاقي کاتن ۽ ادارن ۾ نوڪريون، ترقياتي ڪمن ۾ سنڌ جو حصو سنڌ کي نه ملي رهيو آهي. سنڌ جو ماڻهو ان صورتحال کان آگاهه به آهي، هاڻي ته ماڳهين وفاقي حڪومت جا نمائندا کليل نموني ان جو اظهار به ڪري رهيا آهن. ارڙهين ترميم تي عمل وارو معاملو نواز شريف به وچ ۾ ٽنگيل ڇڏيو. گئس ۽ تيل جو معاملو ان ڪري به حساس آهي جو انهن ٻنهي جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 69 سيڪڙو آهي، جڏهن وڏو حصو ڏيندڙ کي حق نه ملندو ته شڪايتون ته ٿينديون ۽ ان جا اظهار به سامهون ايندا.
سنڌ حڪومت خراب حڪمراني، ڪرپشن، ماڻهن کي بنيادي سهولتون نه ڏيڻ جي الزامن سبب تنقيد جي نشاني تي آهي. سنڌ جو ماڻهو ڀوڳي پيو. ڄڻ وفاق سنڌ پيپلزپارٽي جي کاتي ۾ لکي ڇڏي آهي ۽ پاڻ کي سنڌ کان بري الذمه سمجهي ٿي، حالانڪه وفاقي حڪومت آئيني طور پابند آهي ته اها پنهنجين سمورين وحدتن سان سياسي وابستگين جي فرق بنا ترقي جا موقعا توڙي سهولتون ڏيڻ لاءِ ذميوار آهي.نوي واري ڏهاڪي ۾ نواز شريف جي ٻن حڪومتن دوران وڏيرن جو ڳٺ جوڙ ڪري ڄام صادق علي فارمولا تي عمل ڪيو ويو، پر اهو تجربو به ناڪام ويو.
سنڌ پنهنجي سياسي تجربن مان سکيو آهي ته ڪا به اهڙي پارٽي جنهن ۾ ان کي مناسب ۽ موثر نمائندگي نه هوندي، ان کي حمايت نه ملندي. نواز شريف به سنڌ کي پنهنجو سياسي تڪ نه ٺاهيو، تحريڪ انصاف به ساڳي واٽ تي هلي پئي. اها به وچولي طبقي بدران شهري علائقن ۽ وڏيرن جا ڪلها استعمال ڪرڻ گهري ٿي. اها سنڌ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ سان هو جيڪو رويو رکي ٿي، ان لاءِ جواز ۽ تاثر اهي ٿا ڏنا وڃن ته اهو پيپلزپارٽي سان ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي سان مخالفت جي آڙ ۾ دراصل سنڌ سان ئي جٺ ٿي رهي آهي.
آءِ جي جو معاملو هجي، يا ترقياتي رٿائون ۽ وفاق ۾ نوڪرين جي ڪوٽا، يا وري اين ايف سي ايوارڊ، اهي ته ملڪ جو حصو هجڻ جي ڪري سنڌ جو حق آهن. ان حق کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي. مصيبت اها آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت سنڌ بابت انهن پاليسين کي ادارتي شڪل ڏيڻ چاهي ٿي. اهڙا تجربا ماضي ۾ به ٿيا آهن پر اهي ناڪام ويا آهن. تحريڪ انصاف کي پيپلزپارٽي يا سنڌ حڪومت کي ڪيتري به ناراضگي هجي، اها ان کي تبديل نٿي ڪري سگهي. سو سمورين ناراضگين جي باوجود کيس سنڌ سان هڪ قابل قبول فارمولا تي اچڻو پوندو، ورنه بحران نه سنڌ جي جان ڇڏيندو نه عمران خان حڪومت جي.
PTI, IG Sindh police , 2020, AD Khwaja, Sindh confrontation

Labels: , , , ,

Friday, January 24, 2020

اٽي جي اگهه ۾ جهليل پي ٽي آءِ حڪومت!


اٽي جي اگهه ۾ جهليل پي ٽي آءِ حڪومت!


هاڻي تبديلي سرڪار وٽ ڪهڙو جواب آهي؟ اٽو مهانگو ٿي ويو. کنڊ جو بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي. هيل تائين جيڪي به مسئلا هئا يا جن حڪومت جي دور ۾ ڪر کنيو انهن لاءِ ماضيءَ جي حڪومتن کي ذميوار سڏيو پئي ويو. پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي بحران جو ڇا ڪندؤ؟ عمران خان کي حڪومت ۾ آئي هاڻي ڏيڍ سال کان مٿي ٿي ويو آهي. ماضي جي حڪومتن ته اسٽاڪ ۾ اضافي ڪڻڪ ڇڏي هئي، بلڪه انهن حڪومتن جي دور ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو هو. ڪاريگري چئبي جو 2018ع جي آخري ٽماهي کان جون 2019ع تائين 6 لک ٽن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ گذريل سال جولاءِ ۾ ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ تي پابندي هئي پر پوءِ به آڪٽوبر ۾ 48 هزار ٽن ڪڻڪ ٻاهر موڪلي ويئي. سستي اگهه تي ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪري هاڻي حڪومت ٽي لک ٽن ڪڻڪ مهانگي اگهه تي امپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خيال آهي ته فيبروري جي وچ ڌاري جهاز ڪراچي پهچي ويندو. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيتري ڪڻڪ ايڪسپورٽ ٿي؟ اهڙو فيصلو ڇو ڪيو ويو؟ حڪومت ڪڻڪ جو اسٽاڪ پاڻ وٽ ان ڪري به رکندي آهي ته جيئن ذخيرو ڪندڙ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن کي وجهه نه ملي جو اهي کاڌ خوراڪ جو ضروري اسم مارڪيٽ مان گم ڪري اگهه وڌائي ڇڏين. اهڙي صورت ۾ منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پنهنجو اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ آڻيندي آهي. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي کوٽ رهي جيڪا سٺ واري ڏهاڪي تائين جاري رهي تان جو ايوب خان واري “سبز انقلاب” زرعي پيداوار ۾ مجموعي طور ضابطو آندو. پر پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏينهن ۾ به ڪڻڪ ۽ کنڊ جي مارڪيٽ ۾ موجودگي ۽ خريداري تي نظر رکي وئي. ڀٽو حڪومت جي شروعاتي سالن ۾ کنڊ ۽ گيهه راشن ڪارڊ تي ملندا هئا.
عمران خان حڪومت اثر ڄاڻڻ بنا اهڙيون پاليسيون جوڙيون جو هاڻي ان جا سبب ۽ جوابدار ڳولڻ لاءِ ايف آءِ اي کي ذميواري ڏني وئي آهي. عجيب ڳالهه اها آهي جو هن حڪومت ۾ ٿيل فيصلن ۽ پاليسين لاءِ جاچ ڪندڙ اداري کي اڳيان آندو ويو آهي. ڇا حڪومتي سطح تي واسطيدار ادارا اهو نه پيا ڏسي سگهن؟ ان معاملي ۾ پارليامينٽ کي ڇو نٿو اعتماد ۾ ورتو وڃي؟ ۽ ڇا واسطيدار پارلياماني ڪاميٽين ذريعي معاملي کي نٿو ڏسي سگهجي؟ ايف آءِ اي کي جاچ ڏيڻ جو مطلب ٿيو ته معاملو حڪومت جي وس ۾ ڪونهي يا وري حڪومت هروڀرو ڪنهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان معاملي کي سياسي بڻائڻ گهري ٿي. مٿان وري ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو ڇا ڪجي جنهن چيو آهي ته 2019ع ۾ وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي.
سچي ڳالهه اها آهي ته ماڻهو اڃان تائين تيل، گيس، بجلي ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ واري صدمي مان نڪتا ئي نه هئا ته اٽو آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. انقلابي شاعر حبيب جالب ايوب خان جي ڏينهن ۾ شعر لکيو هو ته،
“بيس روپي هي من آٽا
ڦر ڀي هي سناٽا.”
سو هاڻي ته اٽو 50 رپيا في ڪلو مان وڌي 70 رپيا ٿي ويو آهي. يعني ڪلو تي ويهه رپيا وڌي ويو آهي. ڇا ان تي به سناٽو (خاموشي) رهندي؟
هن کان اڳ مخالف ڌر ۽ حڪومت وچ ۾ لڪ لڪوٽي ٿيندي رهي. مخالف ڌر ڪنهن نه ڪنهن طرح سان عوام کي اٿارڻ ۽ اڀارڻ جي ڪوشش ڪندي رهي پر عام ماڻهن کي سمورو معاملو سياسي پئي لڳو. يعني اهو ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پنهنجي کل بچائڻ ۽ موجوده حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ حيلا هلائي رهيون آهن. مٿان وري ڪرپشن جو بيانيو ذهن ۾ چٽو رهيو. ماڻهو اهو پئي سمجهيا ته “ڏاند کي چور گهر به وهڻو ۽ ساڌ جي گهر به وهڻو.” سو ماڻهن حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ هلندڙ لڙائيءَ کي پنهنجي لڙائي نه سمجهي رهيا هئا. جيڪا هن کان اڳ مهانگائي ٿي، بحران آيا تن کي عمران خان حڪومت اٽڪل بازي سان ماضيءَ جي حڪومتن جي کاتي ۾ لکائي ڇڏيو پر ڪڻڪ ۽ اٽي ۾ جيئن عام ماڻهو جهليو پيو آهي. تيئن حڪومت به جهلجي ويئي آهي، هاڻي عام ماڻهو حڪومت جي مخالفت ۾ ڌر بڻجي ويو آهي.
هي سڀ ڪجهه اهڙي موقعي تي ٿي رهيو آهي جڏهن خود حڪمران اتحاد جيڪو تحريڪ انصاف، قاف ليگ، ايم ڪيو ايم، بي اين پي تي ٻڌل آهي، تنهن ۾ پڻ ڏار پئجي رهيا آهن. ڌر ڌڻين کي گهڻي ويجهڙائپ رکندڙ ۽ پنجاب ۾ عمران خان حڪومت لاءِ ٿنڀ ٿوڻِي بڻيل قاف ليگ نئين حڪمت عملي جوڙي لابنگ تيز ڪري ڇڏي آهي. اپوزيشن کي وجهه ملي رهيو آهي ته اهي ماڻهن کي موبلائيز ڪن.
ڪڻڪ جي کوٽ وارو مامرو تحريڪ انصاف کي حڪومت ۾ آڻيندڙن کي اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته يا ته سڀني کي کڻي هڪ صفحي تي بيهاريو يا صفحن کي ڳنڍي بائينڊنگ ۽ ويلڊنگ ڪري پڪا پاٺا چاڙهي ڇڏيو، جيئن تازو پارليامينٽ ۾ ٿيل قانون سازي جي موقعي تي ڪيو ويو هو. پر تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ پاليسيون جوڙڻ توڙي پاليسين تي عمل ڪرائڻ جي صلاحيت شڪي آهي. سياسي معاملا هجن معاشي توڙي قانون سازي، ڪٿي ته ڪو ڪم حڪومت پنهنجي هٿ ۽ سگهه سان ڪري، آخر ڪيستائين ڪو صفحا ڳنڍيندو ۽ سڀني کي سوڙهو ڪندو رهندو؟
چون ٿا ته ايوب خان جو عوامي سطح تي زوال “ويهه رپيا مڻ اٽو” سبب ٿيو هو خود ڀٽو حڪومت جي مخالفت ۾ جيڪي معاشي ڪارڻ اڀريا تن ۾ کاڌ خوراڪ واريون شيون مهانگيون اهم نقطو هو. بينظير حڪومت کي به معاشي صورتحال نهوڙيو. ڪڻڪ جي کوٽ کي حڪومت کڻي پورو به ڪري پر اٽي جي وڌيل اگهه کي ڪيئن واپس آڻيندي؟ پي اين اي تحريڪ “ستر جي سطح تي قيمتون آڻڻ” جي نعري هيٺ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيو هو. ڇا حڪومت ايندڙ وقت ۾ اٽي جي راشننگ ڪندي؟ جي ايئن ٿيو ته سمجهو ته پاڪستان گهڻو ترقي ڪري ويو آهي. اهو واپس سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ بيٺو آهي جڏهن اٽو ۽ کنڊ راشن ڪارڊ تي ملندي هئي.





https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%d8%a7%d9%bd%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d8%a7%da%af%d9%87%d9%87-%db%be-%d8%ac%d9%87%d9%84%d9%8a%d9%84-%d9%be%d9%8a-%d9%bd%d9%8a-%d8%a2%d8%a1%d9%90-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa/

Labels: , ,

Saturday, January 18, 2020

ڇا حڪومت جونيئر پارٽنرز جا مطالبا مڃي وٺندي؟


ڇا حڪومت جونيئر پارٽنرز جا مطالبا مڃي وٺندي؟


پارليامينٽ ۾ تازو ٿيل قانون سازي ملڪ جي سياسي حالتن ۾ تبديلي آندي آهي. مسلم ليگ نواز ۽ پيپلزپارٽي بابت حڪمرانن جي رويي ۾ تبديلي آئي آهي، جيتوڻيڪ انهن ٻنهي پارٽين توڙي حڪمرانن جا هڪٻئي ۾ اڃا به ڪم ڦاٿل آهن، ٻئي مخالف ڌر جون پارٽيون جيڪي “غير” هيون تن کي ته پرچايو ويو، پر جيڪي “پنهنجا” هئا، اهي رٺا ويٺا آهن. “پنهنجا” اهي جن حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏنو ته اها حڪومت ٺاهي سگهي، اڄ انهن کي جونيئر پارٽنر سڏيو پيو وڃي.
حڪومت کان رسڻ جي شروعات ايم ڪيو ايم ڪئي جو سندس وزارت ۾ ويٺل خالد مقبول صديقي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو، پر حڪومت کان الڳ ٿيڻ يا ان جو ساٿ نه ڏيڻ جي اعلان جي همت نه ساري سگهيو. گڏيل حڪومت ۾ اتحاد جو وڏو اهڃاڻ بڻيل قاف ليگ جا تحفظات به سامهون آيا. اقتدار ۾ خاص ڪري موجوده حڪومت ۾ پنجاب هميشه وڏو اهم چونڊ تڪ رهيو آهي. بلوچستان عوامي پارٽي جي ميمبرن به چپ ڊولا ڪرڻ شروع ڪيا. اهي ٽئي جماعتون اختيار ڌڻين کي ايترو ويجهيون آهن جو ڪو به سياسي وسيلو پنهنجي وس نه اٿن.
گڏيل حڪومت ۾ پنج پيٽي کاتيدار يا جونيئر پارٽنر جماعتون يعني ايم ڪيو ايم، بلوچستان عوامي پارٽي، جي ڊي اي، بلوچستان نيشنل پارٽي، جي ڊي اي جون قومي اسيمبلي ۾ 19 سيٽون آهن. انهن جي مطالبن جو تت اهو ٿو بيهي ته ساڻن ڪيل واعدا نڀايا وڃن. حڪومت لاءِ خطري جو گهنڊ ان ڪري آهي جو انهن جونيئرن جي سيٽن جو ڪل تعداد حڪومت ڪيرائڻ لاءِ گهربل سيٽن کان ٻيڻ تي آهي. اهو سمجهندي حڪمران جماعت تحريڪ انصاف رٺلن سان ڳالهيون شروع ڪيون آهن. حڪومت اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته اتحادين جون شڪايتون سندن تڪن ۾ ترقياتي ڪمن بابت آهن، ان لاءِ کين فنڊز گهرجن.
حڪومت جي اعليٰ عهديدارن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار، بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ، تحريڪ انصاف جي سگهاري ليڊر جهانگير ترين، وزيراعظم جي مشير ارباب شهزاد، ق ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي. ق ليگ وزارتن ۾ مڪمل اختيار ۽ ترقياتي فنڊن جو مطالبو ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني ته هڪ هفتي اندر مطالبا نه مڃيا ويا ته ڌماڪو ٿيندو. ق ليگ جو پنجاب ۾ هڪ وزارت جو حساب اڳ به رهيل آهي.
گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) به وفاقي حڪومت کان ناراض آهي. جي ڊي اي جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت لاءِ گهڻو اهم ناهي، جو وٽس مرڪز ۾ ٻه ٽي سيٽون آهن. انهن ميمبرن مان به هر هڪ پنهنجي حساب سان آهي ۽ پنهنجي طور تي سياسي ٺاهه يا سودي بازي ڪندو آهي. باقي سنڌ ۾ جي ڊي اي کي ڪا عوامي مقبوليت به حاصل ناهي. ها ايترو ضرور آهي ته ان جي سنڌ ۾ سياسي حيثيت ضرور آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي موجودگي ۾ جيئن ايم ڪيو ايم جو رول گهٽجي ويو آهي، تيئن اتي جي ڊي اي جو به ڪو رول نه بچيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جون اهي ڌريون ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙي نه سگهيون آهن. گذريل نومبر ۾ جڏهن فضا ۾ وڏي گهماگهمي ۽ غير يقيني حالتون هيون، تڏهن پير پاڳاري اشارو ڏنو ته جي ڊي اي حڪومت کان ناراض آهي ۽ حڪومت جي حمايت ڪرڻ بابت نظرثاني ڪرڻ ڏي وڃي پئي. هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي مايوس ڪيو آهي. هاڻي جي ڊي اي ترجمان چيو آهي ته اسان جا تحفظات برقرار آهن، اسين به حڪومت کان ڪاوڙيل آهيون. اسين حڪومت جي ڪيل واعدن کي پاڙڻ جو ڪجهه ڏينهن انتظار ڪنداسين. هن مطالبي طور اها ڳالهه رکي ته سنڌ کي ترقياتي رٿائون ۽ نوجوانن کي روزگار گهرجي. ڊاڪٽر فهميده مرزا جي اڳواڻي ۾ جي ڊي اي جي وفد جهانگير ترين جي سربراهي ۾ حڪومتي ٽيم سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر فهميده مرزا به فنڊ نه ڏيڻ جي شڪايت ڪئي ۽ اضافو اهو ڪيو ته سنڌ بابت ٿيندڙ فيصلن ۾ اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي. جهانگير ترين جي ڊي اي کي به خاطري ڪرائي، سرڪاري ٽيم جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪو مسئلو حل طلب نه رهيو آهي.
حڪومت اتحادين کي پرچائڻ وارو مشن جاري رکندي بلوچستان نيشنل پارٽي جي جهانزيب جمالديني ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. بي اين پي پنهنجو 6 نڪاتي ايجنڊا رکيو، جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهن کي هٿ ڪرڻ، گوادر ۾ 95 سيڪڙو ليبر ۽ 50 سيڪڙو هنرمند (اسڪلڊ) ليبر بلوچستان مان کڻڻ، غير مقامي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي گوادر جو مستقل پتو درج نه ڪرڻ، کين اتي ووٽ جو حق نه ڏيڻ جا مطالبا رکيا. حڪومتي ٽيم کين پڪ ڏياري ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ 5 سئو گم ٿيلن جو پتو لڳايو ويندو، گوادر ۾ بلوچ مزدورن جو وڏو حصو رکڻ، غير مقامي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي گوادر جو مستقل پتو نه لکڻ ۽ اتي ووٽ جو حق نه ڏيڻ بابت قانون سازي جو واعدو ڪيو.
متحده قومي موومينٽ ناراضگي جو اظهار ته ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ پارٽي اندر اختلاف سامهون اچي ويا. خالد مقبول صديقي وزارت تان استعيفيٰ ڏني ليڪن وزارت لاءِ ٻيو اميدوار امين الحق حڪومت سان رابطي ۾ آهي. امين الحق چوي ٿو ته اسد عمر سان ٿيل ملاقات ۾ سڀ جا تحفظات هن آڏو رکيا ويا، هاڻي اسد جو نياپو آيو آهي ته اهي تحفظات وزيراعظم تائين پهچايا ويا آهن، هڪ ٻن ڏينهن ۾ وري اسد عمر سان ملاقات ٿيڻ واري آهي. هن کان اڳ ايم ڪيو ايم سان جهانگير ترين ڳالهائيندو هو، پر هاڻي نئين سال ۾ اهو ٽاسڪ اسد عمر کي ڏنو ويو آهي. هوڏانهن ايم ڪيو ايم قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم کي پنهنجي ڪوٽا مان مڃڻ لاءِ تيار ناهي، بلڪه اها ان تجويز جي به مخالفت ڪري رهي آهي ته فروغ نسيم کي سنڌ جو گورنر ٺاهي، ايم ڪيو ايم جا سمورا معاملا عشرت العباد وانگر ان جي حوالي ڪيا وڃن. چيو وڃي ٿو ته فروغ نسيم اها دعويٰ ڪئي آهي ته اهڙا اختيار ملڻ بعد هو ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن کي گڏ ڪري سگهي ٿو. ان دعويٰ جي ٽوڙ طور پي ايس پي جو موقف آيو آهي ته ڪراچي ڪو هڪ ٻولي ڳالهائيندڙن جو شهر ناهي، اتي ٻيهر لساني سياست نه آندي وڃي. پي ايس پي جو اهو به الزام آهي ته متحده قومي موومينٽ تي اڳوڻي ايم ڪيو ايم حقيقي واري عامر خان قبضو ڪري ورتو آهي. پي ايس پي اهو به چوي ٿي ته ميئر ڪراچي وسيم اختر ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ٿيڻ وارو هو، ان ڪري ايم ڪيو ايم بچاءُ بند طور اڳواٽ پريشر وجهي رهي آهي. اهي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ جي تبديل ٿيل حالتن ۾ سڀني ڌرين فائدو ورتو. جونيئر پارٽنر چاهين ٿا ته انهي مان کين به فائدو ملڻ گهرجي، ان ڪري اهي ساڻن ڪيل واعدن تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڇا حڪومت لاءِ اهو ممڪن آهي ته اها جونيئر اتحادين جا مطالبا پورا ڪري؟ بلوچستان نيشنل پارٽي جا اهڙا مطالبا آهن جن جو تعلق عسڪري ڌرين ۽ اختيار رکندڙن جي بنيادي پاليسي سان آهي. ان لاءِ عمران خان حڪومت ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. گم ٿيل ڪجهه ماڻهن کي هٿ ڪري ڏيڻ ۽ عسڪري ڌريون مدد ڪري سگهن ٿيون. ايئن بي اين پي جو آرمي ايڪٽ جي ترميم تي ڏنل ووٽ کي سجايو قرار ڏئي سگهجي ٿو.
مخالف جماعتن جي پيش ڪيل مطالبن ۾ ٻه مطالبا سڌي طرح عمران خان سان تعلق رکن ٿا. هڪڙو ق ليگ جو مطالبو ته وزارت کي اختيار ڏيو، ٻيو فهميده مرزا جو مطالبو ته سنڌ بابت فيصلن ۾ اعتماد ۾ وٺو وغيره. مطلب انهن جو تعلق وزيراعظم جي طرز حڪمراني سان آهي. اهي مطالبا به پورا نه ٿي سگهندا، ڇاڪاڻ جو وزيراعظم عمران خان مشاورت يا اجتماعي فيصلن جو عادي ناهي، هو پنهنجي طبيعت ۽ فيصلن ۾ مرڪزيت پسند ۽ آمراڻو انداز رکندڙ آهي.
ٻيو اهم معاملو ترقياتي فنڊ ڏيڻ آهي، عمران خان حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ توڙي پوءِ بار بار چئي چڪو آهي ته چونڊيل نمائندن کي فنڊ ڏيڻ سياسي رشوت آهي ۽ اهو پيسو صحيح نموني استعمال نٿو ٿئي. هونئن ترقياتي فنڊ ڏيڻ جي شروعات ضياءُالحق ڪئي هئي، تڏهن افغان جنگ جي ڪري جام ڊالر ۽ ريال پئي آيا. جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان يوٽرن به وٺي ٿو ته به خزانو ته خالي آهي، وڌيڪ اهو ته آءِ ايم ايف اهڙن معاملن تي خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏيندو؟ ان ڪري نٿو لڳي ته جونيئرن جا مطالبا عملي طرح سان واقعي مڃيا ويندا ۽ ان تي عمل ٿيندو. ها اهو ضرور ٿيندو ته ڪاميٽيون ٺاهيون وينديون، خاطريون ڏياريون وينديون. انهن مطالبن کي اصولي طور مڃيو ويندو.
PTI, GDA, MQM, pahenji Akhbar, 2020 

Labels: , , , ,

Friday, January 10, 2020

سويلين بالادستيءَ جو پنڌ اڃان اڳتي آهي!



سويلين بالادستيءَ جو پنڌ اڃان اڳتي آهي!

اڳوڻي چيف جسٽس کوسا ويندي ويندي آرمي چيف جي مقرري بابت ڪجهه قانوني نقطا اٿاري بال پارليامينٽ جي ڪورٽ ۾ اڇلايو. ٿوري گهڻي سمجهه رکندڙ ماڻهو به ڄاتو پئي ته پارليامينٽ ڪهڙو فيصلو ڪندي. عدالتي فيصلي سياسي جماعتن کي موقعو ڏنو پر انهن پنهنجو پاڻ کي امتحان ۾ سمجهيو ته اهي پنهنجي راءِ ۽ ووٽ پنهنجي منشور ۽ نظرئي مطابق ڏين يا وري زميني سياسي حقيقتن کي آڏو رکندي ڪن. زميني حقيقتن مان مراد طاقت جو توازن آهي. پوءِ سڀني ڏٺو ته محمود ۽ اياز هڪ ئي صف ۾ بيٺل رهيا. هي هڪ اهم قانون هو جيڪو رڳو هر ڀيري لاءِ نه هو، بلڪه ملڪ جي اهم اداري بابت هو، جيڪو دفاع سان گڏوگڏ هتي جي پرڏيهي پاليسي، معيشت ۽ سياست سميت زندگي جي سمورن شعبن تي اثراندز ٿيندو رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به ٿيندو رهندو.
اپوزيشن کان وٺي حڪمران جماعت تائين سڀ هڪ صفحي تي هئا. شروعات نواز ليگ ڪئي، جنهن بنا ڪنهن شرط جي ترميم مڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن مسلم ليگ نواز اٿندي ئي ايئن نه ڪري ها ته پيپلزپارٽي لاءِ آسان نه رهي ها ته هو ايترو جلدي وڃي صف ۾ بيهي رهي ها. شايد ان ڪري پهرين حمايت نواز ليگ کان ڪرائي ويئي. دليل اهو به ڏنو پيو وڃي ته پارٽي اندر دٻاءُ هو، ان جا اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪ جي سياست ۽ جمعداري کان اڳتي جو نه پيا سوچين. پيپلزپارٽي لاءِ اهو دليل هو ته اها ڪنهن به صورت ۾ سنڌ حڪومت وڃائڻ نٿي گهري، ممڪن آهي ته سنڌ ۾ حڪومت بنا پارٽيءَ کي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻ ڏکي ٿي پوي، وغيره وغيره.
سياسي پارٽين جو اتفاق راءِ پنهنجي جاءِ تي پر ان فيصلي تي ماڻهو خوش ڪونه آهن، انهن جو خيال آهي ته بحث ٿئي ها ته وڌيڪ پاسا سامهون اچن ها ۽ عام راءِ ۾ اتفاق پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ها، جيڪو ملڪي مفاد ۽ جمهوريت لاءِ مددگار رهي ها. جماعت اسلامي، جي يو آءِ ايف، پختونخوا عوامي ملي پارٽي، نيشنل پارٽي ترميمي بل جي مخالفت ڪئي، انهن جماعتن جي موقف کي اهو چئي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ته اهي خود سُسي رهيون آهن ۽ صورتحال ۾ غير متعلق ٿينديون پيون وڃن، پر سوشل ميڊيا ۽ ڪنهن حد تائين روايتي ميڊيا تي بحث ٿيندو رهيو. سوشل ميڊيا ۽ عام ميڊيا ۾ بحث هڪ وڏو ماڻ آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته عام راءِ ڇا آهي؟ ماڻهو ڇا ٿا سوچين؟ ڪيئن ٿا سوچين؟ خود ٻن وڏين پارٽين جن بل جي حمايت ڪئي، انهن جي ڪارڪنن وٽ به پارٽين جي موجوده موقف جي دفاع لاءِ ڪو ٺوس دليل يا گهڻو مواد ناهي، ڇو جو نئون موقف سندن نظرين ۽ بيانيي سان ٺهڪندڙ نه پيو بيهي.
پاڪستان جي سياست تي گهري نظر رکندڙن جو خيال آهي ته جڏهن سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي مقرري بابت درخواست تي فيصلو ڏنو انهي ڏينهن ئي ان جي عهدي جي مدي واڌ کي قانوني تحفظ ملي ويو هو، پارليامينٽ ۾ وٺي وڃڻ هڪ رسم هئي جيڪا ادا ڪئي وئي. ان نقطهءِ نظر مطابق عهدي ۾ واڌ هڪ سياسي حقيقت هئي، معنيٰ حالتن مطابق طاقت جو توازن ايئن ئي بيٺل هو، اها واڌ ڪنهن قانون يا دٻاءُ جو نتيجو نه هئي. ايئن کڻي چئجي ته اڳواٽ ئي فيصلو ٿيل هو، عدالتي فيصلي رڳو ان کي قانوني ويس پارايو.
قانون ۽ عدالتي فيصلا سياسي حقيقتون نه بدلائيندا آهن، بلڪه اهي سياسي حقيقتن تي مهر لڳائيندا آهن، اصل ڳالهه سياسي حقيقتون ۽ طاقت جو توازن هوندو آهي. ملڪ جي تاريخ تي هڪ نظر وجهو، پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ دستور ساز اسيمبلي ٽوڙڻ خلاف مولوي تميز الدين جي درخواست تي نظريهءِ ضرورت واري فيصلي کان وٺي، ضياء جي مارشل لا خلاف بيگم نصرت ڀٽو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فتويٰ ۽ خود 1985 واري اسيمبلي بابت عدالتي فيصلو سڀ عدالتي فيصلا ساڳي ڳالهه ٻڌائين ٿا. زميني حقيقتون يا طاقت جو توازن ڇا هو؟ هڪ دفعو ته ڪورٽ ماڳهين اهو فيصلو به ڏنو هو ته اسيمبلي ٽوڙڻ ته غلط آهي پر ڇاڪاڻ جو نين چونڊن جو اعلان ۽ تياري ٿي چڪي آهي، ان ڪري عملي طور اسيمبليون بحال نٿيون ڪري سگهجن، ان ڪري اهو سمجهڻ درست ٿيندو ته عدالتي فيصلا ۽ قانون سياسي حقيقتن جي پويان هلن ٿا، سياسي حقيقتون قانون ۽ عدالتي فيصلن جي پويان نه هلنديون آهن، بلڪه قانون ۽ عدالتي فيصلا حقيقتن کي مڃڻ جو اظهار ۽ ان تي ٺپو هڻڻ جو ڪم ڪندا آهن. مشرف جي 2007ع وارين هنگامي حالتن جو اعلان جيئن ته سياسي حقيقتن سان ٽڪراءُ ۾ هو ته مٿس ڪيس ٺهي ويو، جڏهن ته مشرف جي 1999ع واري قدم کي جائز قرار ڏنو ويو ڇاڪاڻ جو طاقت جو توازن ان جي حق ۾ بيٺل هو.
انديشو ڏيکاريو پيو وڃي ته ترميم بعد ايڪسٽينشن معمول بڻجي ويندي، سوال اهو آهي ته ڇا اها اڳ معمول نه هئي ۽ جڏهن به طاقت جو توازن ايڪسٽينشن جي حق ۾ هو ته اها ملي رهي هئي، جڏهن ايئن نه هو ته نه پئي ملي، هاڻي به ايئن ٿيندو رهندو. فرض ڪريو ته رٽائرڊ جنرل مشرف خلاف خاص عدالت جو فيصلو اپيل ۾ اٿلي پوي ٿو ته پوءِ ڇا ٿيندو، ان جا اڳتي اثر ڪهڙا ٿيندا؟ مطلب اهو بيهندو ته مشرف جا ورتل اپاءَ جائز هئا، هڪ راءِ اها به آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي هڪ لحاظ کان خاص عدالت جي فيصلي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حل ڏنو آهي، ٻي راءِ اها آهي ته ان فيصلي تي ڍڪ وڌو آهي، هاڻي سڀ ڪجهه بدلجي چڪو آهي. ميڊيا، معاشي حالتون، ماڻهن جي سوچ ۽ ماڻهن جي راءِ منظم ڪرڻ ۽ جوڙڻ جا طريقا ۽ سڀ ڪجهه. پاڪستان جا ماڻهو به اڄ جي ڄاڻ واري دنيا ۾ رهن ٿا، هي ڪو پنجاهه، سٺ يا اسي وارو ڏهاڪو ناهي، اها ڳالهه سڀني کي سمجهڻ گهرجي. هڪ آرمي چيف جي عهدي ۾ واڌ کي چئلينج ڪيو وڃي ٿو، يا هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ تي هڪ آرمي چيف کي سزا ٻڌائي وڃي ٿي، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته طاقت جي توازن ۾ ڪا ته تبديلي آئي آهي، عسڪري بالادستي ڪٿي ته چئلينج ٿي آهي. خاص عدالت توڙي سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي ان تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.
نئين ترميم ۾ چيل آهي ته هن قانون کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي، جڏهن عدليه آئين جي شقن جي تشريح ڪري سگهي ٿي، ان ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ چئي سگهي ٿي ته هن قانون جي تشريح يا ان کي چئلينج ڇو نٿي ڪري سگهي؟ ڳالهه رڳو گهربل حالتن جي هوندي آهي، قانون هجي يا آئين يا ڪو ٻيو اصول ان ۾ ڪيئي اهڙا لڪل پهلو هوندا آهن جيڪي هونئن نظر نه ايندا آهن پر جڏهن اهي زميني حقيقتن سان ٺهڪي نه ايندا آهن ته سقم يا جهول طور سامهون ايندا آهن. 73 جو آئين ڏيڻ مهل ذوالفقار علي ڀٽي چيو هو ته ملڪ ۾ هميشه لاءِ مارشل لا جو دروازو بند ڪري ڇڏيو آهي پر بعد ۾ سڀني ڏٺو ته اهو دروازو ڪيئن پرزا پرزا ٿي ويو.
پيپلزپارٽي هڪ معمول پرسٺي ترميم پيش ڪئي هئي ته ايڪسٽينشن کان اڳ وزيراعظم دفاع بابت پارلياماني ڪميٽي کي انهن سببن بابت ڄاڻ ڏيندو جن جي ڪري عهدي ۾ واڌ ڏني پئي وڃي پر خبر ناهي ڇو پارٽي ان معمولي ترميم کان به پوئتي هٽي ويئي، حالانڪه ايئن ڪرڻ سان پارليامينٽ جو هڪ حد تائين فلٽر لڳو پئي.
ڇا هن قانون ۾ ترميم بعد سويلين ۽ فوجي لاڳاپن ۾ توازن جو فيصلو ٿي ويو آهي؟ ايئن نٿو لڳي، هر مرحلو ضرور طئه ٿيو آهي، پارليامينٽ قانون ٺاهيو، يعني اها سپريم آهي جو قانون ٺاهي سگهي ٿي، مقرري يا عهدي ۾ واڌ جو اختيار وزيراعظم کي مليو، پارليامينٽ يا حڪومت جو امتحان ختم نه ٿيو آهي، بلڪه اصل امتحان ته هاڻ شروع ٿيو آهي. ايندڙ مرحلا هيڪاري اهم آهن جهڙوڪ؛ چونڊن ۾ من پسند نتيجا، اقتدار تي قبضي جي ڪوشش، هرو ڀرو ايڪسٽنيشن جا دروازا بند ڪرڻ، ڇا سياسي جماعتون ان قومي مفاد لاءِ گڏ ٿي سگهن ٿيون؟ ڇاڪاڻ ته هڪ قومي مفاد لاءِ 315 ووٽ ملي چڪا آهن.
اصل معاملي جو سياسي فضا ۾ حل ڳولڻ جي ضرورت آهي، اها ذميواري سياسي جماعتن جي آهي ته اهي ڏسن ته ڪهڙي حڪمت عملي ۽ ڪهڙو رستو سويلين بالادستي ڏي وڃي ٿو. اسان جون سياسي جماعتون ڪا پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻ جي بدران ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ رهنديون آهن، هنن جو خيال آهي ته ترڪي ۾ 2007ع ۾ بغاوت وغيره ڪيس اوچتا ظاهر ٿيا هئا، هو اهو نٿا سمجهن ته انهن ڪيسن کان اڳ ڪيترائي ٻيا اهم واقعا رونما ٿي چڪا هئا، اهي ڪيس تبديلي جو آعاز نه هئا، بلڪه تبديلي جو نتيجو هئا. اتي پهرين طاقت جو توازن تبديل ٿيو، ان کانپوءِ ڪيس هليا. جيڪڏهن ٻه وڏيون اپوزيشن جماعتون طاقت جو توازن تبديل ڪرڻ گهرن ٿيون ته کين قاف ليگ يا فنڪشنل ليگ واري سياست ڇڏڻي پوندي. وقتي رليف يا اقتدار ۾ حصو پتي رکڻ، جنهن جو به رڳو آسرو آهي، سو ڇڏي سويلين بالادستي لاءِ ڊگهي عرصي جي رٿابندي ۽ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي
pahenji Akhbar, 2020 , Civilian Supremacy, Army chief extension

Labels: , , ,