Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, February 07, 2020

نئين پارٽي ڪنهن جو متبادل بڻبي؟


نئين پارٽي ڪنهن جو متبادل بڻبي؟


سوشل ميڊيا تي چوٻول آهي ته سنڌ جا رٽائرڊ ٿيل بيوروڪريٽ ۽ پرڏيهه ۽ ڏيهه مان ڪمائي ڪري ايندڙ ڪجهه دوست نئين پارٽي جوڙي رهيا آهن. تاثر ڏنو پيو وڃي ته اها پارٽي سنڌ سطح تي هوندي ۽ اقتداري سياست ڪندي. اڳوڻي سفارتڪار علي مردان راهوجو جي سربراهي ۾ پنجاهه ماڻهن تي ٻڌل پارٽيءَ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جا نالا به سامهون آيا آهن، جن ۾ وڏي اڪثريت ريٽائرڊ سرڪاري آفيسرن جي آهي، پر ڪوبه ڄاتل سڃاتل سياسي ڪارڪن يا ماضي توڙي ويجهي ماضي ۾ سياسي تحريڪن سان ڳنڍيل نالو ناهي. علي مردان راهوجو گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ ويزن جي نالي سان هڪ سماجي گروپ هلائي رهيو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٿر ۾ مقامي ماڻهن جي ڪوئلي واري ڪمپني خلاف ٿيندڙ تحريڪ تي پاڻي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهي ماڻهو پنهنجي زمين توڙي ماحوليات جي بچاءُ ۽ نئين ٿيندڙ ترقي ۾ پنهنجو حصو گهري رهيا هئا، سندن اهو مطالبو هو ته زمين ڪمپني جي نالي خريد ڪرڻ بدران ليز تي ورتي وڃي.
نئين پارٽي جو فيس بڪ تي پيج ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي پارٽي پنهنجو ڪيڊر ۽ ميمبر ڳولي رهي آهي. خبرن موجب ايندڙ هفتي ڪراچيءَ ۾ پارٽي جي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي جو نالو، منشور وغيره طئه ڪيو ويندو. مختلف دوستن وٽان پڇا ڳاڇا بعد پتو پيو ته نئين پارٽي جوڙيندڙن سوشل ميڊيا کان سواءِ ڪنهن به سرگرم ماڻهو سان نه رابطو ڪيو آهي ۽ نه وري مشاورت. بهرحال پارٽي ٺاهڻ ۽ ان لاءِ ڪو خاص طريقو اختيار ڪرڻ هر ماڻهو جو جمهوري حق آهي، ان تي ڪو اعتراض ڪري به نٿو سگهجي، پر ڇاڪاڻ جو پارٽي ۽ سياست public sphere آهي، ان ڪري ان تي بحث توڙي اعتراض ڪري سگهجي ٿو، راءِ ڏئي سگهجي ٿي.
هن وقت تائين سنڌ جي ڪجهه ساڃهه وندن جي راءِ سوشل ميڊيا جي ذريعي سامهون آئي آهي جنهن ۾ انهن ڪيترائي بنيادي نوعيت جا سوال اٿاريا آهن. تجزيه نگار ۽ دانشور جامي چانڊيي موجب، “سنڌ ۾ هاڻي وچولو طبقو وڌيڪ اسريو آهي، هو پنهنجو قومي ۽ طبقاتي ڪردار ادا ڪرڻ جي يقينن ڪوشش ڪندو. تاريخي ۽ طبقاتي طور وچولو طبقو قومي ۽ جمهوري سوال ڏي مائل هوندو آهي، تنهن ڪري انهن دوستن کي موقعو ڏيڻ گهرجي. مون کي انهن جي ٽيم جوڙڻ وارو طريقو غير سياسي لڳي ٿو!” جامي چانڊيو جيڪو پاڻ پراڻو سياسي سرگرم ڪارڪن رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ سياسي اٿل پٿل تي سندس گهري نظر به آهي، سندس خيال ۾ پارٽين جو ڪيڊر هم خيال يا فڪر جي هڪجهڙائي رکندڙن مان هڪ پراسيس جي ذريعي تيار ٿيندو آهي، جنهن کي سوشل ميڊيا جي ذريعي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان بنيادي فطري تنظيمي ڍانچو درست نه بيهي سگهندو.
دوستن جي اوليت مقداري سگهه ڏي وڌيڪ آهي، جڏهن ته شروعاتي طور مقداري سگهه کان معياري سگهه وڌيڪ اهم هوندي آهي، پارٽين جي تنظيمي سگهه معياري کان عواميت يا عددي سگهه ڏي ويندي آهي. وچولي طبقي جو اصل امتحان ئي اهو هوندو آهي ته هو ڪيئن وڏيرڪي ۽ سرمائيدار طبقي تي وار ڪري ٿو ۽ ان جي ساٿاري رياستي سگهه جي ڪيتري حد تائين مزاحمت ڪري ٿو، مظلوم طبقن سان ڪيتري قدر ڳنڍجي ٿو، ان جو اظهار سياسي ڪردار ۽ تنظيمي ڍانچي مان ٿيندو.
نصير ميمڻ پارٽي جو حامي آهي، اهو چوي ٿو ته “نئين پارٽي کي ان بنياد تي رد نه ڪرڻ گهرجي ته ان ۾ اڪثريت ريٽائرڊ ڪامورن جي آهي، کين موقعو ڏيڻ گهرجي، ڀل ماڻهو سندن ڪارڪردگي جي بنياد تي قبول يا رد ڪن.” دانشور ۽ خاص ڪري عورتن جي حقن جي ويڙهاڪ امر سنڌو جو چوڻ آهي ته “سنڌ کي سوشل ميڊيائي سياست جي ضرورت ناهي، اهي اڳ ئي جام آهن، ٿر جي ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ ٽياڪڙي ڪري انهن ثابت ڪيو آهي ته اهي عوام دوست نه پر اقتداري ڌرين جا ڳيجهو آهن.”
“موقعو ڏيڻ” واري ڳالهه کي ڪيترن ئي دوستن سوشل ميڊيا تي رد ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته رٽائرڊ بيوروڪريٽن جي ڪارڪردگي ثابت ٿيل آهي، انهن پنهنجا چڱا ڏينهن عوام جي خدمت جي بدران ڪرپشن ڪندي گذاريا، انهن مان چڱائي جي اميد نٿي رکي سگهي. سٺي حڪمراني ۽ صاف سٿري حڪومت جا خواب وڪڻندڙ پنهنجي سرڪاري نوڪري جي ڏينهن ۾ صاف سٿري حڪمراني ۽ عوام جي خدمت نه ڪري سگهيا، پاڻ ڪرپشن ڪندا رهيا ۽ ڪرپشن ڪندڙن جا آله ڪار بڻيل رهيا. بحثن ۾ اها به ڳالهه چئي پئي وڃي ته اڃان تائين نون بانيڪارن مان ڪنهن به عوام آڏو پنهنجو “اعتراف نامو” پيش نه ڪيو آهي.
هڪ دوست مختيار ملڪ راءِ ڏي ٿو ته، “اليڪشني سياست ۽ پريشر گروپ ۾ فرق هوندو آهي، اليڪشني سياست ۾ اليڪشني گُر گهربل هوندا آهن.” هڪ ٻئي دوست پرويز ابڙي نئين پارٽي ٺاهيندڙن کي ان فروٽ وڪڻندڙ سان ڀيٽيو آهي، جيڪو سڄو ڏينهن نفعي سان فروٽ وڪڻي ٿو، ايئن پنهنجو مور ۽ نفعو ڪڍي وٺي ٿو. سج لهڻ مهل بچيل فروٽ ڪڍڻ لاءِ چوي ٿو “هو گئي شام گر گئي دام.” هو فروٽ نه ڪڍندو ته سڀاڻي خراب ٿي ويندو. پرويز ابڙو جو خيال آهي ته ڳريل ۽ سڙيل فروٽ تازي فروٽ جو بدل نٿو ٿي سگهي، جيڪو نوجوانن کي آڇيو پيو وڃي. هن دوست ڪنهن اهڙي متبادل جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪو نوجوانن کي پاڻ ڏي ڇڪي سگهي يا انهن کي مطمئن ڪري سگهي. ساڳي طرح سومار کوسي اهم نقطن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. هو چوي ٿو ته هن موقعي تي ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڳولڻ ضروري آهي، مثلاَ نئين پارٽي ٺاهڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي رهي آهي، سنڌ جون پراڻيون پارٽيون جيڪڏهن ناڪام ويون آهن ته انهن جا ڪارڻ ڪهڙا آهن، ڇا هن پارٽي ۾ ڄاتل سڃاتل ڪرپٽ ريٽائرڊ ڪامورا نه هوندا؟ وغيره.
اهو به چيو پيو وڃي ته ڪوشش جي باوجود سياسي ڪارڪن ڪا پارٽي جوڙي نه سگهيا. يوسف لغاري، ابرار قاضي ۽ ڪجهه ٻين دوستن ڪوشش ڪئي پر معاملو اڳتي وڌي نه سگهيو. خالق جوڻيجو، بخشل ٿلهو يا وشنو مل هيٺئين طبقي جا نمائنده سمجهيا وڃن ٿا پر اهي دوست به سموري خلوص ۽ محنت جي باوجود ماڻهن کي موبلائيز نه ڪري سگهيا. ايئن ڪيترائي رايا سامهون اچي رهيا آهن. ڀرڳڙي ڪٽنب جو فرد حميد ڀرڳڙي جيڪو هاڻي اسلام آباد وسائي ويٺو آهي، تنهن جو خيال آهي ته اڄ جي دور ۾ جڏهن جاگيردار به پيپلزپارٽي جي صورت ۾ منظم شڪل ۾ موجود آهن، تڏهن فيس بڪ جي جماعت جنهن جون عوام ۾ پاڙون نه هجن، سا اهڙي جماعت (پيپلزپارٽي) کي مشڪل آهي جو نقصان پهچائي سگهي. هڪ ٻئي دوست ظفرالله بهليم جو تبصرو ماڳهين ڏکيو آهي. هو چوي ٿو ته بند ڪمرن ۾ عوامي سياسي جماعت نه پر ڪارپوريٽ ڪمپنيون ٺهنديون آهن. عوامي صلاح مشوري بنا پارٽي ته ٺاهي سگهجي ٿي پر اهڙي جماعت عوامي ۽ جمهوري نه هوندي.
جامي چانڊيي، امر سنڌو، حميد ڀرڳڙي سومار کوسي ۽ ظفرالله بهليم اهم نقطا اٿاريا آهن. نئين پارٽي آخر ڪنهن جو متبادل ٿيندي؟ ڇا اها پيپلزپارٽي جو متبادل هوندي يا قومپرستن جو؟ پيپلزپارٽي کان گرائونڊ کسڻ ايڏو سولو به ناهي. ماضي ۾ ڪوثر نيازي، ممتاز ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي کان وٺي وڏيون ڪوششون ٿينديون رهيون. ان بعد مختلف اتحادن ذريعي ڪوششون ٿيون. انهن ڪوششن پويان سگهارا هٿ به هيا. قوم پرست پارٽيون ۽ گروپ پنهنجي پاڻ کي اپ ڊيٽ نه ڪرڻ ۽ جديد سنڌي قوم پرستي کي سمجهي نه سگهڻ، واڌو ارڙهين آئيني ترميم بعد پنهنجون حڪمت عمليون تبديل نه ڪري سگهيا. نئين پارٽي لاءِ وسيلا به گهرجن، ڪا اڀريل شخصيت واري ليڊر شپ ۽ سگهارو نظريو به کپي. ان کانپوءِ وڏو سوال اهو بيهندو ته پارٽي کي اقتدار ڌڻي مڃتا ڏين ٿا يا نه؟ جيڪڏهن ڏين ٿا ته ڪهڙن شرطن تي؟ اهو ڪو آسان ڪم ناهي. بلوسچتان ۽ خيبرپختونخواه انهي بحران مان گذري چڪا آهن. آخري ڳالهه سياست تحمل (Patience) جي راند آهي، ان لاءِ وقت گهربل هوندو آهي. وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي.
New party in Sindh, 2020
https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%d9%86%d8%a6%d9%8a%d9%86-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%da%aa%d9%86%d9%87%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d9%85%d8%aa%d8%a8%d8%a7%d8%af%d9%84-%d8%a8%da%bb%d8%a8%d9%8a%d8%9f/

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home