Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, November 29, 2019

بلاول جا دڙڪا ۽ مهيني جي مهلت ڪهڙو اثر ڏيکاريندي؟


بلاول جا دڙڪا ۽ مهيني جي مهلت ڪهڙو اثر ڏيکاريندي؟

پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وزيرن جي ڪارڪردگي تي خوش ناهي. وزيرن سان ٿيل گڏجاڻي ۾ ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪجهه وزيرن کي دڙڪا به مليا. مجموعي طور اهو تاثر جڙي ٿو ته پارٽي چيئرمين وزيرن جي ڪارڪردگي تي ڄڻ عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ان بعد اهي به ڳالهيون هُليون ته ڪابينا ۾ ردو بدل ڪئي پئي وڃي. بهرحال ڪجهه مددگار کنيا ويا آهن، پر ڪابينا ۾ ردو بدل جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ترديد ڪئي آهي. بلاول طرفان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ سٺي ڳالهه ليکي ويندي، ڇاڪاڻ جو سڄي ملڪ ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جتي پيپلزپارٽي اڃان پير کوڙي بيٺي آهي ۽ ان جي صوبائي حڪومت به آهي، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي بنياد تي پارٽي ٻين صوبن ۾ وري ڪا جڳهه ڳولي سگهي ٿي، شرط اهو آهي ته سنڌ ۾ ان جي طرز حڪومت ۽ ڪارڪردگي مثالي بڻجي.
زميني حقيقتون اهي ئي آهن جن جو ڪنهن حد تائين ذڪر بلاول ڀٽو به ڄاڻايل ميٽنگ ۾ ڪيو آهي، مطلب ته ڪنهن جو به ڪم نٿو ٿئي، ايتري قدر جو ايم پي ايز جا به ڪم نٿا ٿين. سوال اهو آهي ته ڪم مان ڇا مراد آهي؟ ڪا نوڪري؟ ڪا ترقياتي رٿا، ڪا بدلي؟ يا ان قسم جو ڪو ٻيو ڪم؟ جيڪڏهن هڪ پارٽيءَ جو سربراهه ڪم کي انهن معنائن ۾ وٺي ٿو ته اها ننڍي نظر آهي، اصل ۾ حڪمراني جو اهڙو نظام ۽ طرز رائج ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ نوڪري هجي يا بدلي، يا وري ڪو ترقياتي منصوبو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ميرٽ تي ٿي وڃڻ گهرجي، ان کان هٽي ذاتي بنيادن تي ڪم ڪرائڻ ذاتي ڪم جي دائري ۾ اچي ٿو، جيڪو پراڻي اليڪٽيبل واري ٿيوري کي مضبوط ڪري ٿو ته ماڻهن جا ذاتي ڪم ڪرائبا ته اثر رسوخ به ٿيندو، هر پولنگ کٽائڻ لاءِ ڪو ماڻهو به ملي ويندو. پيپلزپارٽي پاڻ کي عوامي پارٽي سڏائي ٿي، تازي بيان ۾ بلاول به ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته پوءِ ان کي عوامي سطح تي، سنڌ جي هر ماڻهو لاءِ سوچڻ گهرجي، هر ماڻهو کي پنهنجو ماڻهو سمجهي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ايئن نٿو ڪيو وڃي ته رڳو انهن ماڻهن جا ڪم ٿيندا جن جي وزيرن يا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز تائين رسائي هوندي. ان ڳالهه کي ايئن به وٺي سگهجي ٿو ته ڪو به ايم پي اي يا وزير پنهنجي تڪ جي ڪيترن ماڻهن جي اپروچ ۾ ٿي سگهي ٿو؟ هو چاهي تڏهن به هو ڪيترن ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿو؟ ظاهر آهي ته وڏي ۾ وڏي ڪوشش جي باوجود اهو دائرو چند سئو ماڻهن کان شايد ئي وڌي سگهي، ڳالهه ذاتي ڪمن جي نه پر اجتماعي ڪمن ۽ اجتماعي ڀلائي جي آهي. آخر اهڙو سسٽم ڇو ٿو جوڙيو وڃي جنهن تحت ڪنهن به ماڻهو جو تيستائين ڪم نٿو ٿئي جيستائين هو ڀوتار جي حضور ۾ حاضر نٿو ٿئي. اهو صحيح آهي ته پارٽي کي ماڻهن سان گڏ بيهڻ گهرجي، پر پارٽي تڏهن آهي جڏهن ماڻهن جي قيادت ڪري ۽ انهن جي سوچ تبديل ڪري.
بلاول ڀٽو سنڌ جي وزيرن بابت ناخوش هجڻ جو اظهار اهڙي موقعي تي ڪيو آهي، جڏهن ملڪ ۾ شديد سياسي بحران آهي، ڪي سياسي پنڊت اِن هائوس تبديلي جي ته ٻيا وري نئين سر چونڊن جي ڳالهه پيا ڪن. نيون چونڊون کڻي نه به ٿين، پر ان ڳالهه جو قوي امڪان آهي ته مڪاني ادارن جون چونڊون ٿين، جن جي مدت هونئن قانوني طور پوري ٿي چڪي آهي پر ملڪ جي سياسي بحران سبب ڪا به ڌر ڊپ وچان مڪاني چونڊن واري پٿر کي چورڻ لاءِ تيار ناهي، پر لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اهي چونڊون ڪرائڻيون پونديون، اهڙي صورت ۾ پيپلزپارٽي هر امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تياري جي موڊ ۾ آهي.
پارٽي چيئرمين جون هدايتون پنهنجي جاءِ تي پر صوبائي وزيرن جو موقف به ڏاڍو اهم آهي، هو چون ٿا ته وٽن ڪي اختيار ئي ناهن. پارٽي 2008ع کان سنڌ ۾ مرڪزيت واري نظام هيٺ فيصلا ڪري ۽ حڪومت هلائي رهي آهي، رڳو اهي ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي جنهن جي هدايت پارٽي قيادت ڏي ٿي، جيڪڏهن پنهنجي طور تي ڪو ماڻهو يا اسيمبلي ميمبر ڪا تجويز ڏي ٿو ته کيس وزير ۽ سيڪريٽري وٽان اهو ئي جواب ٿو ملي ته، “مٿان کان چَورايو.” وزيرن جو چوڻ آهي ته ڪو ننڍي ۾ ننڍو فيصلو، ايتري قدر جو سندن کاتي جي ضلعي آفيسر کي بدلي ڪرڻ به سندس وس ۾ ناهي، ڪڏهن ڪڏهن پارٽي جي حلقن مان ئي اهي ڳالهيون اينديون آهن ته ڪيترن فيصلن ۾ وڏي وزير وٽ به اختيار نه هوندا آهن، هو اعليٰ قيادت جي هدايت يا فيصلي جو منتظر هوندو آهي.
پارٽي جي اندرين ذريعن موجب سيد عبدالله شاهه آخري وڏو وزير هو جنهن وٽ اختيار به هئا ۽ پارٽي قيادت کان ڳالهه مڃائي به وٺندو هو. هتي ته نه سائين عبدالله شاهه آهي ۽ نه وري محترمه بينظيرڀٽو واري پارٽي قيادت، پارٽي وارا چون ٿا ته اصل ۾ پارٽيءَ جو تنظيمي ماڊل تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ پارٽي ڪارڪن ۽ عهديدار جي وصف ئي تبديل ٿي وئي آهي، ان ڪري صوبي جي عهديدارن ڪابينا جي ميمبرن کان وٺي هيٺ تائين ساڳئي ماڊل تي عمل ڪيو پيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو وزيرن جي چونڊ به اهليت يا صلاحيت جي بدران لابين ۽ ذاتي اثر رسوخ جي بنياد تي ٿئي ٿي. اصل ۾ ان سڄي اپروچ تي نظرثاني ڪرڻ ۽ پارٽي کي اهڙي نموني منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي جهڙي محترمه جوڙي هئي. بلاول ڀٽو جا وزيرن کي دڙڪا ۽ مهيني جي مهلت ڏسجي ته ڪهڙو ٿي اثر ڏيکاري؟ اها کڻي اثر نه به ڏيکاري تڏهن به في الحال پارٽي جا ڪارڪن ۽ آئون سوڌو ماڻهو خوش ضرور ٿي ويا ته ڪم نه ڪيائون ته کين داٻا ته مليا.

Labels: , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home