Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, October 04, 2019

صوبن ۾ ڦيرڦار جو بل ڇو آندو ويو آهي؟


https://www.pahenjiakhbar.com/articles/%d8%b5%d9%88%d8%a8%d9%86-%db%be-%da%a6%d9%8a%d8%b1%da%a6%d8%a7%d8%b1-%d8%ac%d9%88-%d8%a8%d9%84-%da%87%d9%88-%d8%a2%d9%86%d8%af%d9%88-%d9%88%d9%8a%d9%88-%d8%a2%d9%87%d9%8a%d8%9f/


صوبن ۾ ڦيرڦار جو بل ڇو آندو ويو آهي؟

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر صوبن جي حدن ۾ ڦيرڦار ۾ صوبن جو اختيار ختم ڪرڻ بابت آئيني ترميم وارو بل غور لاءِ اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي موڪليو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ٿيل ان فيصلي خلاف سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ منظور ڪندي ان کي صوبن خاص ڪري سنڌ ۽ وفاق خلاف سازش سڏيو آهي. ايم ڪيو ايم جي خاتون ميمبر ڪشور زهره ۽ امين الحق صوبن جي حدن ۾ ڦيرڦار لاءِ آئين جي آرٽيڪل 239 جي ذيلي شق 4 ۾ ترميم لاءِ بل پيش ڪيو آهي، جنهن موجب ان معاملي ۾ صوبن جو اختيار ختم ٿي ويندو ۽ رڳو وفاق کي ئي اختيار هوندو ته هو صوبن جي حدن ۾ ڦيرڦار ڪري سگهي. آئين موجب صدر ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ ڦير ڦار بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي پاس ڪيل بل تي تڏهن صحيح ڪندو جڏهن واسطيدار صوبي جي اسيمبلي وٽان به اهو ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ٿيل هوندو. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل هن بل جي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ حمايت ۽ پيپلزپارٽي مخالفت ڪئي. جڏهن ته نواز ليگ سميت اپوزيشن جي ٻين جماعن جو موقف اڃان سامهون نه آيو آهي. وفاقي وزير علي محمد خان چوي ٿو ته صوبن جي اختيار واري معاملي تي غور ڪرڻ ۾ ڪو هرج ناهي.
هي بل ايم ڪيو ايم پيش ڪيو آهي، جيڪا ماضي ۾ سنڌ جي ورهاڱي ۽ ڪراچيءَ کي الڳ انتظامي يونٽ قرار ڏيڻ جو وقفي وقفي سان مطالبو ڪندي رهي آهي ۽ ڪوششون به ڪندي رهي آهي. ان ڪري اهو بل سڌو سنئون سنڌ جي خلاف ئي سمجهيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم مشرف دور ۾ مڪمل طور اقتدار ۾ هئي، پر تڏهن به صوبائي اسيمبلي سندس مطالبي جي راهه ۾ رڪاوٽ هئي. سنڌ اسيمبلي ڪنهن به صورت ۾ اهڙو ڪو بل منظور ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. اڄ به ساڳي صورتحال آهي. ان ڪري هاڻي اها ڪوشش ٿي رهي آهي ته صوبي جي حدن ۾ ڦيرڦار جي اختيار بابت صوبي جو حق ختم ڪيو وڃي ۽ اهو مڪمل طور تي وفاق جي اختيار ۾ هليو وڃي پوءِ وفاق جيئن چاهي پينسل سان جاميٽري جي شڪلين وانگر صوبن جون حدون ٺاهي.
جهڙي نموني سان ملڪ کي هلايو پيو وڃي ان کي ڏسندي صاف نظر اچي رهيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ڪا به هڪ پارٽي ايتري اڪثريت حاصل نه ڪري سگهندي جيڪا اڪيلي سر حڪومت ٺاهي سگهي. ان کي هر حال ۾ ٽيهارو کن سيٽن جي ضرورت پوندي رهندي. ايئن جيڪڏهن سنڌ جي حدن ۾ ڪا ڦيرڦار آندي ويئي ته وفاق ۾ سنڌ جي مجموعي طور تي سياسي بارگيننگ جي پوزيشن ڪمزور ٿي ويندي. ڪراچيءَ جي بنياد تي ٻين صوبن سان واسطو رکندڙ پارٽيون حڪومتون ٺاهينديون رهنديون. ان جو نتيجو رڳو سياسي نه، پر عملي طرح سان ڪراچيءَ جو سنڌ سان ڳانڍاپو ئي ختم ٿي ويندو. ڪراچي سامونڊي بندرگاهه آهي، صنعتي مرڪز تي آهي، سامونڊي پٽي واپار جي عالمي لنگهه تي آهي. ايئن ان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ به آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته اهڙي قسم جي ڊيزائين جي صورت ۾ پنجاب جي به سياسي بارگيننگ واري پوزيشن ڪمزور ٿيندي. جڏهن ته اڳتي هلي ڪوبه حاڪم پنجاب ۽ بلوچستان صوبن کي پنهنجي مرضي سان ورهائي سگهي ٿو.
قومي اسيمبلي ۾ جڏهن اهو بل پيش ٿيو ته سنڌ سان واسطو رکندڙ جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر غوث بخش مهر، نزهت پٺاڻ ۽ اقليتي ميمبر جئه پرڪاش لوڪراڻي به موجود هئا پر اهي خاموش رهيا. جڏهن ته عمرڪوٽ سان واسطو رکندڙ پي ٽي آءِ جي اقليتي ميمبر لال مالهي بعد ۾ ميڊيا کي اهو موقف ڏنو ته جيڪڏهن اهو بل پاس ٿئي ٿو ته پوءِ هو تحريڪ انصاف جو حصو نه رهندو.
هن بل جي ٽوڙ طور سنڌ اسيمبلي غلام قادر چانڊيو جو پيش ڪيل ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر موجب ته سندس پارٽي سنڌ جي ورهاست جي خلاف آهي ۽ پيپلزپارٽي جي پيش ڪيل ٺهراءُ جي مخالفت نه ڪئي.
قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل جي حمايت سان منطقي طور تحريڪ انصاف لاءِ آزمائش هجي ها، جو اها هڪ اتحادي جي بل جي حمايت ڪري رهي آهي جڏهن ته جي ڊي اي سنڌ ۾ بل جي مخالفت وارو موقف کنيو بيٺي آهي پر جيئن ته جي ڊي اي ڪو منظم يا پارٽين تي ٻڌل اتحاد ناهي، بلڪه شخصيتن جو مجموعو آهي جيڪي پنهنجي ذاتي/سياسي مفادن خاطر اچي ان ڇٽيءَ هيٺ بيٺا آهن، ان ڪري اهي قومي اسيمبلي ۾ ڪو چٽو موقف ڏيکارڻ کان لنوائي رهيا آهن. سو عملي طور تي حڪمران جماعت جي صحت تي ڪو اثر نه پوندو، البته جيڪي سياست ڪندي عوام تائين وڃڻ چاهين ٿا، اهڙن ڪن فردن يا ڌرين کي ضرور الڪو ٿيندو. پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته بل سمورن صوبن خاص ڪري سنڌ ۽ وفاق جي خلاف آهي. جيڪڏهن قومي اسيمبلي مان ان کي پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته سخت رد عمل ڏيکاريو ويندو. هاڻي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڪنور نويد اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته آئين ۾ ترميم وارو بل سنڌ ۾ نئين صوبي ٺاهڻ لاءِ آهي. ڪراچي کان حيدرآباد تائين علائقن کي گڏي صوبو ٺاهيو ويندو. موٽ ۾ عوامي تحريڪ جي ٻنهي گروپن ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم پهرين سنڌ ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي انتظامي يونٽ بنائڻ جي ڳالهه ڪئي. جڏهن سنڌ ان تي احتجاج ڪيو ته هن يوٽرن ورتو ۽ وضاحتون پيش ڪيون. فروغ نسيم جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي پر هن وفاقي وزير جي حيثيت ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون سي سندس پارٽي نه پر حڪومت جي پاليسي جو ئي حصو آهن. وزير قانون جي ان ڳالهه کانپوءِ ڪراچي ۾ خاص قسم جو ماحول ٺاهيو ويو. هاڻي صوبن جي ٻيهر جوڙجڪ بابت بل سامهون آيو آهي. هن تحرڪ بعد صورتحال اها وڃي بيٺي آهي جو سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويون آهن. صوبي ۾ هڪ دفعو وري لساني سياست کي هوا ڏني پئي وڃي جيڪا پوين پساهن ۾ هئي پر هاڻي ان کي آڪيسيجن ڏني ويئي آهي.
آخر ڪهڙو سبب آهي جو هن خاص وقت ۾ اهو بل پيش ڪرايو ويو آهي؟ ڇا هي سياسي نابلوغت آهي؟ ڇا ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي؟ اهو به چيو پيو وڃي ته مڪاني ادارن جون چونڊون ويجهيون آهن. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجو حصو گهري ٿي. ڪجهه سال اڳ واڳ ڌڻين اهو فيصلو ڪيو هو ته ايم ڪيو ايم جي لساني ۽ عليحدگي واري سوچ جي سياست ۾ گنجائش نه هوندي. پر ڇا هاڻي انهن فيصلو تبديل ڪيو آهي؟ لساني ورڇ جي ماحول ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي کي مڪاني چونڊن ۾ ته فائدو ٿي سگهي ٿو، تحريڪ انصاف کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ هڪ انديشو اهو به ڏيکاريو پيو وڃي ته نئين سر جوڙجڪ ڪندي سمورن صوبن جي شڪل ۽ تعداد تبديل ڪيو ويندو. جنهن بعد انهن جا سياسي ۽ فيصلي سازي جا اختيار ختم ڪيا ويندا.
هن بل جو اپوزيشن جماعتن پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي رٿيل آزادي مارچ سان به تعلق لڳي ٿو. حڪومت ڪو نئون شوشو ڇڏڻ پئي گهري، جيڪو زميني حقيقتن تي ڪا چادر ويڙهي ڇڏي. بظاهر اهڙي ڪابه صورت نظر نٿي اچي ته تڪراري بل جي منظوري لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ٿي وڃي پر پوءِ حڪمران جماعت اهو بل اڳتي ڪندي بحث وڌائي رهي آهي
Provinces division bill, 2019

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home