Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, September 13, 2019

وفاقي حڪومت “ڪراچي ڪارڊ” ڇو پئي کيڏي؟


وفاقي حڪومت “ڪراچي ڪارڊ” ڇو پئي کيڏي؟


ٻلي ٿيلهيءَ مان ٻاهر اچي وئي آهي. تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت کي آخر سنڌ جو درد ڇو جاڳيو آهي جو اها سنڌ حڪومت تبديل ڪرڻ گهري ٿي. گذريل اٺن نون مهينن جا واقعا ٻڌائين ٿا ته وفاقي حڪومت لڳاتار داٻا ڏيندي رهي ته بس اجهو ٿا توهان جي سنڌ حڪومت ڊاهيون.

ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم ڪجهه مهينا اڳ به چيو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن وفاق کي ڪراچيءَ جي معاملي تي مداخلت ڪرڻي پوندي. 
بظاهر نئون ديرو ۾ ايڇ آءِ وي جي پکڙجڻ ته ڪڏهن وري شڪارپور ضلعي ۽ ڀرپاسي ۾ اغوا انڊسٽري جي ٻيهر سرگرم ٿيڻ، مختلف ضلعن ۾ پيش ايندڙ واقعن جي حوالي سان سنڌ حڪومت خلاف کاتو کولي رکيو هو، جنهن ۾ اهي ننڍيون وڏيون داخلائون ٿينديون رهيون. وقت بوقت ايم ڪيو ايم به ڪراچي جي حوالي سان ان کاتي ۾ ڪجهه نه ڪجهه شيون وجهندي رهي. 
آگسٽ وارين برساتن هيڪاري ڏکي صورتحال پيدا ڪري وڌي. ڪراچيءَ جو ميئر وسيم اختر پاڻ کي شهر جي صفائي سٿرائي ۽ نالن جو گند ڪچرو هٽائڻ جي ذميواري کان آجو ڪرڻ لاءِ صفا سنڌ حڪومت جي مخالفت تي لهي آيو. هن وفاق کي مداخلت جي اپيل ڪئي ۽ سنڌ حڪومت کي ٽيڪس نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وفاق اڳ ئي اهڙي ڪنهن بهاني جي انتظار ۾ ويٺو هو. پر سمجُهو چون ٿا ته ميئر اهڙو بيان وفاقي حڪومت ۾ ويٺل ذميوارن جي چوڻ تي ڏنو هو. اهڙو بيان ڪو ٻيو ڏيئي ها ته ڪڏهوڪو مٿس غداري جو ڪيس داخل ٿي چڪو هجي ها.
هاڻي اهو چيو پيو وڃي ته آرٽيڪل 149 تحت وفاق ڪراچيءَ جي معاملي ۾ مداخلت ڪندو. ان کان وزيراعظم سنڌ حڪومت کي پاسيرو رکي ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن تي ٻڌل هڪ متوازي ڪميٽي ٺاهي آهي جيڪا ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندي ۽ ڪراچي جي شهري حڪومت جي حوالي سان معاملا ڏسندي. 
ان کان اڳ پيپلزپارٽي کي پنهنجو وزير بدلائڻ، ان ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ، گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي نالي هيٺ مختلف ڪوششون به ٿينديون رهيون ۽ ميڊيا توڙي سياسي ۽ انتظامي حلقن ۾ بحث مباحثا به ٿيندا رهيا. پر اهي سڀ ڳالهيون آئين کان مٿڀريون پئي لڳيون يا وري ايئن ڪرڻ سان گهربل نتيجا نه پئي مليا.

فارورڊ بلاڪ هڪ ته ٺاهڻ ڏکيو هو ڇاڪاڻ ته انهن ميمبرن کي ايوان اندر پنهنجي قيادت جي موجودگي ۾ لائيو ڪيمرائن جي آڏو اٿي بيهڻ ۽ پنهنجو سياسي مستقبل اونداهو ڪرڻ جي همت نه ٿي سگهي ها. اهو ان ڪري به چئي پيو سگهجي ته پيپلزپارٽي اڃا تائين سنڌ ۾ Irrelevant نه ٿي آهي.

تحريڪ انصاف جو سربراهه سنڌ حڪومت جي تبديلي ضرور چاهي ٿو. پر اهو ان لاءِ نه ته هو پنهنجي جي ڊي اي وارن اتحادين کي خوش رکڻ گهري ٿو. جيتوڻيڪ ايئن ڪرڻ سان کيس اهو فائدو ضرور ملندو پر اها ثانوي ڳالهه آهي، عمران خان کي انهن جي لوڙ ڪونهي ڇاڪاڻ جو هو سمجهي ٿو ته هي ڍنڍ جا پکي آهن، اڄ هن سان گڏ آهن پر جڏهن ڦيرو ٿيندو، حڪومت ويندي ته اهي به ڦري ويندا.

عمران خان کي اهڙي ڪا گَتي ڪونهي جو رڳو ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت تبديل ڪرڻ چاهيندو هجي جيڪڏهن اهو هجي ته ڪيس پيا هلندا. هڪ وڏو وزير جيڪڏهن گرفتار ٿيندو ته ٻيو اچي ويندو ۽ اهو سلسلو هلندو رهندو. 
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ان سڄي قصي جي پويان وزيراعظم عمران خان جا سياسي مقصد آهن. ڳالهه ڪجهه هن ريت آهي ته هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته ڪراچي هاڻي ڪنهن مين اسٽريم پارٽي وٽ هوندو. اهو ئي سبب آهي جو پهرين ايم ڪيو ايم جي قائد ۽ ان کانپوءِ خود ايم ڪيو ايم کي ڀاڱا ڀاڱا ڪيو ويو. 
ڏٺو وڃي ته گذريل سال جولاءِ وارين چونڊن جي مهم دوران به تحريڪ انصاف ڪراچيءَ تي وڌيڪ فوڪس ڪيو. هن ڪراچي کي ڇڏي باقي سنڌ جي ڊي اي جي وڏيرن کي لکي پڙهي ڏنو. 
اصل ۾ تحريڪ انصاف ڪراچيءَ کي پنهنجي ووٽر تڪ طور وٺڻ گهري ٿي. ڪراچيءَ ۾ قومي اسيمبلي جون 21 سيٽون آهن. اهو انگ بلوچستان کان ڇهه سيٽون وڌيڪ آهي. تحريڪ انصاف جو خيال آهي ته اها ڪراچيءَ کي پنهنجو جيڪڏهن مستقل گهر ٺاهي ته پنجاب مان کيس سيٽن جي ٿيندڙ نقصان جو پورائو ڪري سگهي ٿي.ساڳئي وقت ڪراچيءَ جهڙو شهر جيڪڏهن وٽس هوندو ته اهڙي احتجاجي سياست به هٿ وس هوندي جنهن سان ڪنهن به حڪومت کي لوڏي سگهجي ٿو. 
شهر جي بندرگاهه، صنعتي هجڻ واري ان جي حيثيت ۾ اڃان به واڌارو ڪري وجهي ٿي.
انهن مقصدن کي سامهون رکندي تحريڪ انصاف حڪومت پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته اها نئين لوڪل باڊيز جي نظام لاءِ راضي ٿئي. جنهن ۾ ميئر جي سڌي چونڊ ٿي سگهي. خاص ڪري ڪراچي جي ميئر کي وڌيڪ اختيار هجن ۽ وفاق ان کي سڌي طرح فنڊنگ ڪري سگهي. ايئن ڪرڻ سان ايم ڪيو ايم سان واڳيل توڙي ڪراچيءَ لاءِ مخصوص سوچ رکندڙن جي جذبن جي به تشفي ٿيندي ۽ اهو سڀ ڪجهه لوڪل باڊيز جي قانون ۾ تبديلي جي ذريعي ممڪن آهي. جيڪا سنڌ حڪومت نه پئي قبولي. پيپلزپارٽي کي اندازو آهي ته اهڙي قانون جو مطلب رڳو ڪراچي مرڪز حوالي ڪرڻ ئي نه ٿيندو بلڪه ايندڙ وقت ۾ سندس حڪومت ۾ اچڻ جا موقعا به گهٽجي ويندا.
پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف ڪرپشن جا ڪيس ۽ مٿس پوندڙ دٻاءُ پنهنجي جاءِ تي، پر ان جي پويان هڪ سياسي راند به آهي. سا اها ته ڪراچيءَ جي مظلوميت ۽ لاوارثي ڏيکاري وفاقي حڪومت ڪراچي ڪارڊ کيڏڻ گهري ٿي. ان ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت مڃي ٿي ته اڳتي هلي وفاق ڪراچيءَ جا معاملا ڏسندو. جيڪڏهن نٿي مڃي ۽ ان کي تبديل ڪرڻو ٿو پوي ته ڪجهه سياسي خواري ضروري ٿيندي پر پوءِ وفاقي ۽ هٿرادو جوڙيل صوبائي حڪومتون ڪري وٺنديون

Karachi card, 2019, Karachi, MQM

Labels: , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home