Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Tuesday, June 18, 2019

بلاول-مريم ملاقات: گڏيل جدوجهد جو پلان ڇا هوندو؟


بلاول-مريم ملاقات: گڏيل جدوجهد جو پلان ڇا هوندو؟





بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز جارحاڻي سياست ڪرڻ ڏي وڃن پيا. اپوزيشن جي ٻنهي پارٽين قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ بلاڪ ڪرڻ ۽ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سندن چوڻ آهي ته هن “خودڪش بجيٽ” کي منظوري کان روڪڻ اپوزيشن جو فرض ٿئي ٿو. بلاول ڀٽو جي افطار پارٽي جي تسلسل ۾ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جي دعوت تي پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو جاتي امرا پهتو. جتي ٻنهي اڳواڻن ملڪي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا. ان موقعي تي ٻنهي پارٽين جا ڪجهه مرڪزي اڳواڻ به موجود هئا.
هي ملاقات آصف زرداري جي گرفتاري جي پس منظر ۾ ٿي آهي. جڏهن ته نواز شريف اڳ ئي العزيزيه ڪيس ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي. شهباز شريف تي به ڪيس هلندڙ آهن. حمزه شريف تازو گرفتار ٿيو آهي. نيب ۽ حڪومتي حلقن وٽان ملندڙ اشارن موجب ٻنهي پارٽين جي ڪجهه وڌيڪ اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ شاهد خاقان عباسي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ خورشيد شاهه جا خاص طور تي نالا کنيا پيا وڃن.
پهرين بجيٽ جي جوڙڪٽ نه پئي بيٺي. جڏهن بجيٽ دستاويز ٺهي ويو ته وزيراعظم عمران خان “شڪر آهي ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ کان بچي ويو” جو نعرو هنيو. ساڳئي وقت ڪرپشن خلاف وڌيڪ ڪاررواين جو اشارو ڏنو. ٻن وڏين پارٽين جي اهم اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ 2006ع ۾ ٿيل “جمهوريت بابت ٺاهه” کي ورجايو ويو ۽ ان جي فريم ورڪ ۾ رکي معاملن کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي جماعتن هڪ طرفو خاڪو ڏنو آهي ته ڪهڙن ڪهڙن مطالبن تي فوڪس ڪيو ويندو ۽ جدوجهد جو طريقو ڪهڙو هوندو. ٻنهي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو نيب ۽ احتسابي عدالتون آهن. سندن چوڻ آهي ته حڪومت ۽ نيب گڏجي ڪرپشن جا ڪوڙا ڪيس ٺاهي اپوزيشن ليڊرن کي ڦاسائي رهيون آهن، ان ڏس ۾ عدالتن جي طرز عمل تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.
سياسي صورتحال بابت اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومتي رويي سبب پارليامينٽ مفلوج آهي جتان ڪابه قانونسازي نه ٿي سگهي آهي، بنيادي حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، ميڊيا جي آزادي کسيل آهي، اپوزيشن جو آواز دٻائڻ لاءِ سنسرشپ آهي. وڪيلن جي تحريڪ ۽ عدليه جي صورتحال تي اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته ججن جي خلاف ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهي، ان ڪري عدليه جي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي، مطلب وڪيلن جي جدوجهد جو ساٿ ڏنو ويندو.
ملڪ جي معاشي صورتحال گهڻو مايوس ڪندڙ آهي. ان جو تت ڪجهه هن ريت ٺاهيو ويو. (1) مهانگائي ۾ جهجهي واڌ ٿي آهي (2) رپئي جي قميت صفا ڪري پئي آهي. (3) ڏهن مهينن ۾ موجوده حڪومت رڪارڊ قرض ورتو. (4) اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بحران آهي (5) قومي پيداوار ۾ واڌ جي شرح گهٽجي اڌ جيتري بيٺي آهي (6) ڏيهي توڙي پرڏيهي سيڙپ بيهجي ويئي آهي (7) بجلي گيس، تيل جا اگهه گهڻو وڌي ويا آهن. عام ماڻهو کي ٽيڪس جو ناقابل برداشت بار اچي ويو آهي. گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي لاءِ زندگي مشڪل بڻجي ويئي آهي. هي آهي مجموعي طور معيشت جو خاڪو جيڪو گڏيل اظهار جي شڪل ۾ سامهون آيو آهي.
سڀ کان وڏو سوال اهو ڪيو پيو وڃي ته ڇا مسلم ليگ نواز ٽڪراءُ واري هن حڪمت عملي تي بيهندي؟ مريم نواز چوي ٿي ته هن سينيئر اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي. هوڏانهن ٻه ڏينهن اڳ بلاول ڀٽو نواز ليگ جي صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪري چڪو آهي. نواز ليگ جي مفاهمت پسند گروپ جو چوڻ آهي ته في الحال ڳالهيون ۽ صلاح مشورا پيا ٿين. بلاول ڀٽو وري به شهباز شريف سان ملاقات ڪري سگهي ٿو. بظاهر لڳي ٿو ته نواز ليگ جو هڪ گروپ ڪنهن وڏي جهيڙي ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهي پر مريم نواز جي سرگرم ٿيڻ ڪري پارٽي تي سندس ئي بيانيو ڇانيل آهي، سو اهو ته هينئر پيپلزپارٽي جهيڙو ڪرڻ چاهي ٿي، بجيٽ موقعو ڏنو آهي ته ڇونه ان جهيڙي کي اڪلايو وڃي ڇاڪاڻ جو هاڻي نواز ليگ وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. اهو ئي سبب آهي جو بلاول ڀٽو پرُاميد آهي ته بجيٽ جي منظوري کي بلاڪ ڪرڻ ۽ تحريڪ هلائڻ لاءِ مريم نواز تيار آهي پوءِ ڀلي عمران خان جي حڪومت ڇو نه هلي وڃي. بلاول چوي ٿو ته مريم نواز ۽ ٻي نوجوان قيادت سان ڊگهي سياسي اننگز کيڏڻي آهي، هو سمجهي ٿو ته مريم هن سان گڏ سچائي سان هلندي.
پيپلزپارٽي جو خيال آهي ته آصف زرداري جي گرفتاري تازو معاملو آهي، بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ حڪومت ڦاٿل آهي، ان ڪري فوري طور احتجاج ۾ وڃي سگهجي ٿو، بلڪه هو 21 جون تي نواب شاهه ۾ بينظير جي سالگرهه لاءِ رکيل جلسي مان تحريڪ جي شروعات ڪرڻ وارو آهي. نواز ليگ ان انتظار ۾ آهي ته ٻنهي پارٽين جي ويجهڙائپ ۽ تحريڪ هلائڻ واري داٻي بابت حڪومت ڪهڙو رد عمل ٿي ڏئي. بهرحال طئي اهو ٿيو آهي ته ٻئي جماعتون صلاح مشوري سان تحريڪ جي حڪمت عملي کي آخري شڪل ڏينديون. ان سان گڏوگڏ باقي رهيل اپوزيشن پارٽين کي به ساڻ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو ڪم مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو ڪندا.
ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ۽ سياسي صورتحال جو تجزبو پنهنجي جاءِ تي پر بلاول چوي ٿو ته صوبن جي مالي وسيلن، عدليه تي “حملي”، 73ع جي آئين، لاپته ماڻهن، فوجي عدالتن ۽ 18هين ترميم واري موقف تان هو نه هٽندو. ايئن هو ڊگهي جدوجهد ۽ ڪجهه بنيادي نوعيت جي معاملن کي ڇهي رهيو آهي.
گڏيل جدوجهد جو پلان ڇا هوندو؟ ان تي ٻئي جماعتون متفق آهن ته پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر جدوجهد ڪئي ويندي. پلان کي ستن پوائنٽن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو. (1) ٻين اپوزيشن جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. (2) حڪومت جي اتحادي ڌرين سان رابطا ڪيا ويندا. (3) 21 جون تي بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي تحريڪ جي شروعات ڪئي ويندي. (4) عوامي رابطن لاءِ شهر شهر وڃبو ۽ ماڻهن سان سڌو رابطو ڪبو. (5) ماڻهن کي روڊن تي آندو ويندو. (6) مولانا فضل الرحمان ذريعي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي. (7) بجيٽ کي منظور ٿيڻ کان روڪڻ کي اليڪشن طور وٺندي.
بلاول ڀٽو آسرو به ڏنو آهي ته پاڪستان جو ايندڙ بجيٽ پيپلزپارٽي پيش ڪندي. اهو آسرو تحريڪ هلائڻ ۾ مدد ڏيندو باقي پهرين مرحلي ۾ ماحول گرم ڪيو ويندو. ڀلي آخري فيصلو آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪيو وڃي پر ٻنهي جماعتن جي نوجوان قيادت جي وچ ۾ ملاقات ۽ گڏيل موقف جو اظهار هڪ وڏي سياسي تبديلي آهي. اهو صحيح آهي ته ٻنهي پارٽين وٽ پنهنجي سياسي بقا لاءِ گڏيل جدوجهد کانسواءِ ڪو ٻيو آپشن به ناهي. ٻنهي جي ٽاپ ليڊر شپ جيلن ۾ بند آهي، اهڙي صورت ۾ نوجوان قيادت حڪومت جي انتقامي ڪاررواين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جارحاڻي سياست جو رستو ورتو آهي. اهو به ممڪن آهي ته بلاول ڀٽو، مريم نواز کي نواب شاهه واري جلسي ۾ وٺي اچي. اها ڳالهه پيپلزپارٽي کي ايئن فائدو ڏيندي ته ڏسو پنجاب جهيڙي ۾ گڏ بيٺو آهي. ان سان سنڌ ۾ موثر تحريڪ هلائڻ ۾ مدد ملندي. مريم نواز وري پنهنجي پارٽي کي مجبور ڪري وٺندي ته جهيڙي ۾ پئجي ويا آهيون، هاڻي منهن ته ڏيڻو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ انگن جي راند ۾ بظاهر حڪمران ڌر کي 19 ميمبرن جي سرسي حاصل آهي، جيڪا وڏي سرسي ناهي. اپوزيشن جيڪڏهن انتقامي ڪاررواين، ججن خلاف ريفرنس، بجيٽ ۽ مهانگائي جي گرم اشوز تي وڏو عوامي دٻاءُ پيدا ڪري ٿي وجهي ته پوءِ عمران خان کي ڪجهه پوئتي هٽڻو پوندو.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home