Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Thursday, May 09, 2019

نواز ليگ ۽ پ پ قيادت جي جبري ريٽائرمينٽ بدران “گولڊن ھينڊ شيڪ”؟



نواز ليگ ۽ پ پ قيادت جي جبري ريٽائرمينٽ بدران “گولڊن ھينڊ شيڪ”؟


ھاڻي 8-9 مھينا ٿيڻ وارا آھن جو پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جو گھيرو سوڙھو ڪيو پيو وڃي. ھر گذرندڙ ڏينھن مان لڳي ٿو تھ ٻن وڏين ۽ ويجھي ماضي جي حڪمران جماعتن کي “کُڏي لائين” لڳايو پيو وڃي. صورتحال کي اوڏانھن ڌڪيو پيو وڃي جو ٻنھي جماعتن جا وڏا آصف علي زرداري ۽ ميان نواز شريف سياست مان ريٽائر ٿي وڃن يا وري جيل ۾ وڃن. نواز جي ڪيس ۾ اھو عمل ذري گھٽ پورو ٿي ويو آھي. نواز شريف ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ بعد جيل ڀيڙو ٿي چڪو آھي، پارٽي ۾ نوان عھديدار چونڊيا ويا آھن. جيتوڻيڪ شھباز شريف اڃان تائين پارٽي جو صدر آھي ۽ اپوزيشن ليڊر آھي پر حالتون توڙي تجزيا نگار ٻڌائين ٿا تھ وٽس اھي ٻئي عھدا بھ رسمي طور آھن. عملي طرح ھو بھ انھن عھدن جون ذميواريون پارٽي جي “نئين قيادت” جي حوالي ڪري چڪو آھي. جيئن نواز شريف پارٽي جي سرپرست طور آھي، شھباز شريف لاءِ بھ ڪا اھڙي جاءِ ڳولي پئي وڃي. مريم نواز ۽ حمزه شريف سان گڏوگڏ خواجا آصف، شاھد خاقان عباسي، رانا تنوير، احسن اقبال کي عھدا ۽ ذميواريون ڏنيون ويون آھن.
ھاڻي پيپلزپارٽي جو وارو آھي. اھو ئي سمجھيو پئي ويو. پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف ڪارروائي رمضان جي ڀلاري مھيني کان اڳ ٿيڻي ھئي، پوءِ آءِ ايم ايف سان ھلندڙ ڳالھين جي ڪري خيال آھي تھ اھو ڪم عيد کان پوءِ ٿيندو. مکيھ ڪيس ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽن ۽ مني لانڊرنگ وارو آھي پر ان سان گڏ ھڪ ٻھ ڪيس ٻيا بھ تيار ڪري رکيا پيا وڃن، بلڪل ايئن جيئن نواز شريف سان ڪيو ويو تھ متان ھڪ ڪيس ۾ ڪو قانوني جھول نڪري اچي يا ڪو جج فيصلي کي تبديل نھ ڪري وجھي، اھڙي صورت ۾ ٻيو ڪيس تيار ھجي. ٻنھي پارٽين خلاف وڌيڪ ڪاررواين کان اڳ گذريل ڊسمبر ۾ اھا رپورٽ آئي تھ ملڪ ۾ ڪل 79 سياستدان خلاف ڪرپشن جا ڪيس آھن، جن ۾ ٽيھه پنجٽيھه سيڪڙو پيپلزپارٽي جا آھن، جڏھن تھ نواز ليگ جا ٻاويھه کان پنجويھه سيڪڙو، تحريڪ انصاف جا 13 سيڪڙو اڳواڻ آھن. ان کان علاوه ڪجھه سرڪاري ملازمن ۽ واپارين وغيرھ تي بھ ڪيس آھن. جيڪا ڪارروائي ٿي رھي آھي، اھا ٻنھي پارٽين جي قيادت خلاف ٿي رھي آھي. نواز ليگ ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف، پيپلزپارٽي ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر نشاني تي آھن. ٻيا جيڪڏھن آھن تھ اھي ڪارروائي ھيٺ ساڳئي ڪيس ۾ ملوث ٿيل آھن. اھو ئي سبب آھي جو ھن احتساب کي “سليڪٽيڊ” احتساب سڏيو پيو وڃي. ھونئن پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جا ماڻھو ڪرپشن جي الزام ھيٺ ان ڪري بھ آھن جو ماضي ۾ اھي ئي ٻھ پارٽيون حڪومت ۾ رھيون آھن، تحريڪ انصاف کي تھ ھاڻي وارو مليو آھي.
سڌ سماءُ وارو اڳوڻو وزير فواد چوڌري گذريل ڊسمبر کان اھو چوندو اچي تھ “زرداري ۽ نواز شريف ٻنھي جون جائدادون ضبط ٿينديون ۽ اھي جيل ويندا. انھن جي سياست ختم ٿي چڪي آھي.” انھن ئي ڏينھن ۾ آصف علي زرداري ٽن سالن واري مدت رکندڙن جو ذڪر ڪيو. ھن چيو ھو تھ مقرر مدت وارا اچڻا وڃڻا آھن، ميدان ۾ رڳو سياستدان ئي مستقل رھي ٿو. عدليھ ھجي يا عسڪري ادارو، انھن ٻنھي ھنڌن تي عھدي جي مدت يا عمر جي حد مقرر آھي جنھن بعد اُتان جو ماڻھو ريٽائر ٿئي ٿو ۽ ان جي ڪا بھ مزاحمت نٿي ٿي. انھن ٻنھي ادارن ۾ ويٺل آفيسر پنھنجي پاڻ کي سياستدانن کان مٿانھون سمجھن ٿا، ڇاڪاڻ جو ھو سمجھن ٿا تھ پيشي جي لحاظ کان انھن ٻنھي باقاعدھ سکيا ورتي آھي ۽ ھڪ نقطي تي اچي کين ريٽائر ٿيڻو آھي.
سياستدان جو معاملو ان کان مختلف ھوندو آھي. سياست ملڪي حالتن جو مطالعو گھري ٿي. سماج کي سمجھڻو پوندو آھي، ايڊجسٽمينٽ ۽ اڪوموڊيٽ ڪرڻو پوندو آھي، تنھنڪري سياستدان ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آھي. ان لاءِ سھپ وڏي کپي. سياست پنھنجي جوھر ۾ ڪو پيشو يا نوڪري ناھي، اھا بنيادي طور تي خدمت آھي. سياستدان ھٿ ٺوڪيا يا پاڻمرادو نه ھوندا آھن، بلڪه اهي مقبول ھوندا آھن. ھو ھڪ اليڪشن ۾ جيڪڏھن ھارائي اقتدار کان ٻاھر ھليا ويندا آھن تھ ٻي اليڪشن کٽي وري حڪومت ۾ اچي ويندا آھن. سڄي دنيا ۾ سياست ۽ سياستدانن جو معاملو ايئن ئي ھلندو آھي. مسئلو اھو آھي ته سياست ۽ باقي ٻن ادارن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ يا ان ڏس ۾ ڪا مزاحمت ڪرڻ سبب ئي ھر ڏھين پندرھين سال سياستدانن جي ڇنڊڇاڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي.سياستدانن ۽ عدليھ توڙي عسڪري اداري ۾ ٻيو فرق اهو بھ آھي تھ ملڪ جا اڄوڪا ٻھ چوٽي جا سياستدان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري اڃان تائين سياست جي ميدان ۾ بيٺا آھن. انهن ٻنهي جي حڪمراني دوران ڪيترائي چيف جسٽسز صاحبان ۽ آرمي چيفس آيا ۽ مدو پورو ٿيڻ بعد ريٽائر ڪري ويا. ھڪ ٻيو دلچسپ پھلو اھو بھ آھي تھ سياستدان پنھنجي سياسي وراثت پنھنجي اولاد کي ڏيئي سگھن ٿا، بلڪه ڏني اٿن.
ھاڻي جيڪو فارمولا ٺاھيو ويو آھي سو اھو تھ نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻئي سياسي ميدان کان آئوٽ ٿي باقاعدھ ريٽائرمينٽ جو اعلان نھ ڪن تھ پوءِ جيل ۾ وڃي مرحلي وار ريٽائرمينٽ جو گس وٺن. ٻنھي اڳواڻن وڏا وس ڪيا پر ٻنھي خلاف ڪرپشن جو تکو ھٿيار استعمال ٿي رھيو آھي، ھي اھڙو ھٿيار آھي جنھن کي عوام ۾ مقبوليت بھ حاصل آھي. جڏھن عام ماڻھو ڳالھائيندو آھي تھ چوندو آھي تھ “زرداري صاحب ۽ ميان صاحب اقتدار جا مزا ورتا، ھاڻي ڪُنڊڙي وٺي الله الله ڪن. سياسي وراثت اولاد حوالي ڪن.” پر اقتدار عجيب نشو ھوندو آھي. مغل شھنشاھھ اورنگزيب جا قصا تاريخ جو حصو آھن پر تاريخ ۾ اھڙا انيڪ مثال آھن. نواز شريف ۽ آصف زرداري پنھنجي اولاد لاءِ سياست نھ پيا ڪن. حقيقت اھا آھي تھ انھن پنھنجي سياست لاءِ پنھنجي اولاد بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز کي ميدان ۾ لاٿو آھي، انهن جي باقاعدھ تربيت ڪئي آھي ۽ ھاڻي انھن ٻنھي وٽ پارٽي جا مکيھ عھدا بھ آھن. اھا الڳ ڳالھھ آھي تھ اھي ٻئي پارٽيون توڙي زرداري ۽ نواز شريف خود پنھنجي طور تي الڳ الڳ ماڊل آھن. ھن وقت آصف علي زرداري بظاھر سياسي منظرنامي کان ٻاھر آھي، جڏھن تھ بلاول ڀٽو زرداري ڏاڍا ريڊيڪل بيان ڏئي رھيو آھي. گذريل ٻن ٽن مھينن کان اھو پيو لڳي تھ بلاول مڪمل طور پارٽي جون واڳون سنڀالي ورتيون آھن يعني پارٽي قيادت ۽ پارٽي ذھني طور فيصلو ڪري ورتو آھي تھ ايندڙ وقت ۾ پارٽي بلاول ھلائيندو، زرداري پاڻ کي پارٽي مان ايئن دستبردار ڪندو، جيئن نواز شريف ڪيو. يعني ملڪ جون ٻھ مکيھ پارٽيون “اولڊ گارڊز” جي بدران نئين نسل جي قيادت ۾ ھونديون. جيئن نوڪري ۾ جبري ريٽائرمينٽ ٿيندي آھي. تيئن اڄ جي ڪارپوريٽ ڪلچر ان جو ھڪ مھذب نالو رکيو آھي جنھن کي “گولڊن ھينڊ شيڪ” چيو ويندو آھي. اھڙي ريت پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پاران پراڻي قيادت کي “جبري ريٽائرمينٽ” نھ پر گولڊن ھينڊ شيڪ ڏنو ويو آھي ته اهي ٻئي سياسي ميدان کان ٻاھر رھن، انھن جي بدران مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو ڀلي سياست ڪن.

PPP, NawazSharif,Golden handshake, PMLN, zardari, Retirement, 2019, Pahenji Akhbar,
https://bit.ly/2DZGXkq

Labels: , , , , , , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home