Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, March 17, 2019

پيپلز پارٽي قيادت جي گرفتاري : تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ



پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل، پارٽي جي قيادت جي گرفتاري جي صورت ۾ تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي. گذريل ٻن مهينن کان نيب ۽ حڪومت طرفان هر هفتي اهو ڏيکاءُ ڏنو پيو وڃي ته پارٽي جو سپريمو بس اجهو گرفتار ٿيو. ڪجهه هفتا اڳ خود آصف علي زرداري به اهڙي تياري ڪري ورتي هئي، جڏهن هن سنڌ جي مختلف ضلعن، خاص ڪري اهي هنڌ جتي سندس زمينون ۽ جائداد آهي، اتي جو دورو ڪيو ۽ جلسا پڻ ڪيا. جلسن ۾ هن اهڙي ئي ڏکي ٻولي ڳالهائي هئي، جهڙي 2010ع ۾ ڳالهائي پوءِ ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هو، مطلب پيپلز پارٽي توڙي زرداري صاحب هاڻي گرفتاري لاءِ تيار آهن.

پارٽي کي ٻه هفتا کن اڳ اهڙي سڻڪ پئجي ويئي هئي، جنهن کي آڏو رکندي بلاول ڀٽو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. نواز شريف لاءِ رپورٽون آهن ته هو سخت بيمار آهي پر هو جيل توڙي ملڪ جي اندر ڪنهن اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ کان انڪار ڪيو بيٺو آهي. نواز شريف جي انڪار ان ڳالهه کي کولي وڌو آهي ته ڊيل جون مڙيئي ڳالهيون پئي هليون، اهي نواز ليگ کي انگيج رکڻ لاءِ يا وري عوام جي واهپي لاءِ هيون، دراصل ڪا به ڊيل نه ٿي آهي. ماضي ۾ سيد خورشيد شاهه جي بيانن جي باوجود پيپلز پارٽي هاڻي سمجهي ٿي ته سرڪار ۽ نواز ليگ وچ ۾ ڪو ٺاهه نه ٿي رهيو آهي، ان جو اعتراف جيل ۾ ملاقات بعد صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو به انهن لفظن ۾ ڪيو آهي ته، ”نواز شريف اصولن تي قائم آهي، مان نٿو سمجهان ته ڪو ڊيل ٿي آهي يا نواز شريف ڪو سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، آئون سمجهان ٿو ته نواز شريف پنهنجي اصولن تي بيٺل رهندو.“ بلاول ڀٽو جي نواز شريف سان ملاقات رڳو طبيعت پڇڻ لاءِ ڪونه هئي، هڪ ته حالتن ٻنهي ڌرين کي ڌڪي گڏ بيهاريو آهي، سندن لاءِ ضروري آهي ته اهي گڏ بيهڻ جو ڏيکاءُ به ڏين، گڏوگڏ اهو ته ڪا گڏيل حڪمت عملي به ٺاهين. بلاول ڀٽو ٻڌايو آهي ته نئون چارٽر آف ڊيموڪريسي ٺاهي سگهجي ٿو، جنهن ۾ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف کي ڇڏي باقي سڀ پارٽيون شريڪ هجن. ياد رهي ته پهريون چارٽر آف ڊيموڪريسي لنڊن ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ٿيو هو، جنهن جو مقصد سويلين اختيار جي بحالي / بالادستي هو.
بلاول ڀٽو جي نئين ميثاق جمهوريت لاءِ تحريڪ انصاف کي ڇڏي باقي جماعتن کي گڏ ڪرڻ جي ٽوڙ طور حڪومت شدت پسند گروپن کي مين اسٽريم سياست جو حصو بڻائڻ واري حڪمت عملي جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن اها اڪيلي نه ٿي سگهي ۽ ساڳئي وقت وٽس اسٽريٽ پاور، جنهن جي هٿن ۾ لٺيون به هجن، تنهن جو ساٿ ملي ويندو. پيپلز پارٽي حڪومت جي انهي تجويز جي مخالفت ڪري رهي آهي.
پيپلز پارٽي کي مليل اطلاع صحيح نڪتو. بلاول – نواز شريف ملاقات جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪراچيءَ جي بئنڪنگ ڪورٽ مان مني لانڊرنگ ۽ ڪوڙن اڪائونٽن وارا ڪيس نيب سنڌ مان راولپنڊي منتقل ڪري ڇڏيا، انهن ڪيسن ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين کي جاچ لاءِ نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن. هوڏانهن ڪيسن منتقل ڪرڻ خلاف ملوث ڄاڻايل ماڻهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي آهي. هن وقت پيپلز پارٽي سان واڳيل ڊزن کن وزيرن يا سابق وزير ۽ اڳواڻ جاچ هيٺ آهن يا وري انهن تي ڪيس هلي رهيا آهن، جڏهن ته ٻه ڊزن ڪامورا پڻ انهيءَ لسٽ ۾ آهن، ايئن اٽڪل ٽي ڊزن سنڌ سان واسطو رکندڙ سياستدان جن ۾ پارٽي جي مک قيادت، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سراج دراني به شامل آهن، تن خلاف ڪارروائي يا جاچ هلي پئي. ان صورتحال پيپلز پارٽي کي اهو چوڻ ۾ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي ته ڇا ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ ئي ٿي رهي آهي؟ سنڌ جا ڪيس ٻاهر موڪلڻ امتيازي سلوڪ آهي.
انهيءَ سڄي پس منظر ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ گرفتارين جي صورت ۾ تحريڪ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي، سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پارٽي قيادت يعني آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر گرفتار ٿين ٿا ته ڇا اها تحريڪ رڳو سنڌ ۾ هلائي ويندي؟ پارٽي ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ به موجود آهي، تحريڪ جو بار رڳو سنڌ تي ڇو وڌو ويندو؟ اهو ان ڪري به لڳي ٿو جو پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ٽي چار ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ وڃڻ ۽ پوءِ پارٽي جي اجلاس ۾ خاص طور تي شرڪت ۽ سندس اجلاس کي خطاب هن اجلاس جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو آهي. ڇا پارٽي جي قيادت جي گرفتاري جي صورت ۾ فوري طور تي تحريڪ شروع ٿي سگهي ٿي؟ ماضي جا مثال ٻڌائين ٿا ته تڪڙ ۾ ايئن نه ٿي سگهندو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ گرفتاري، ڪيس جي فيصلي اچڻ توڙي ڦاهي اچڻ انهن ٽنهي موقعن تي ڪجهه احتجاج ضرور ٿيا هئا، پر تحريڪ نه هلي سگهي هئي، تحريڪ گهڻو پوءِ اٿي. ساڳي ڳالهه نواز شريف جي گرفتاري، جيل وڃڻ، ڪيس ۾ سزا، وطن واپسي ۽ وري گرفتاري جي صورتحال ۾ به ٿي هئي، احتجاج ضرور ٿيو، پر تحريڪ نه هلي سگهي. تحريڪ هلائڻ لاءِ خود اهڙيون حالتون هجڻ ۽ سياسي صف بندي هجڻ ضروري آهي، ايم آر ڊي تحريڪ جي پويان جماعت اسلامي، ڪشميري اڳواڻ سردار قيوم کي ڇڏي باقي سڀ جماعتون شامل هيون، اهي جماعتون تڏهن پيپلز پارٽي سان بيٺيون جڏهن انهن ضياءُ الحق مان آسرو پليو يا ڪي نيون اميدون وابسته ڪيون، جيڪي هو نه پيو پوريون ڪري سگهي. ايم آر ڊي ٺهڻ واري عمل دوران هڪ مرحلي تي جماعت اسلامي به شريڪ ٿيڻ جي حامي ڀري هئي، هن وقت رڳو آصف علي زرداري جي گرفتاري تي احتجاج ته ٿي سگهي ٿو پر تحريڪ نٿي هلي سگهي، تحريڪ ۾ هر ڪا ڌر پنهنجي مفادن يا مقصدن لاءِ شريڪ ٿيندي آهي.
هڪ ڳالهه ضرور آهي ته جيڪڏهن نواز شريف جي بيماري ۽ آصف زرداري جي گرفتاري کي گڏايو وڃي ته پوءِ سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي ۾ وڏو آواز ضرور پيدا ٿيندو، ڇا ان جو مطلب اهو سمجهيو وڃي ته بلاول نواز ملاقات ۾ اهڙي ترڪيب بابت ڳالهايو ويو يا ڪجهه طئه ڪيو ويو؟ ان جو جواب اهو ئي آهي ته ڳالهايو ضرور ويو آهي، ڇاڪاڻ جو موٽ ۾ عمران خان کان وٺي شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد تائين سڀ بلاول ڀٽو کي ٽارگيٽ بڻائي رهيا آهن، ايئن هو نه رڳو بلاول ڀٽو جي وڌيل رول تي بلڪه جهڙي حڪمت عملي جي هو اڳواڻي ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ان تي تنقيد ڪري رهيا آهن. موجوده حڪومتي سيٽ اپ ۾ سنڌ ۽ پنجاب پنهنجي پاڻ کي موجود نٿو سمجهي، ان جو خيال آهي ته اهي ٻئي صوبا ان سيٽ اپ کان ٻاهر آهن، اهڙي صورت ۾ ٻن صوبن سو به وڏن صوبن جو گڏجڻ اهم صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو. پيپلز پارٽي پنهنجي سنڌ ۾ حڪومت وڃائڻ نه چاهيندي، نواز ليگ وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، ان ڪري ٻنهي پارٽين جا مفاد هڪ جيترا ۽ ساڳيا ناهن، ميدان ۾ رڳو اهي ٻه پارٽيون ناهن، تحريڪ انصاف به آهي، اصل ڌر ڌڻي به آهن، ڏسجي ايندڙ هفتي راند ڪيئن ٿي کُلي.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home