Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, February 25, 2019

پاڪ- ڀارت تڪرار جو حقيقي پس منظر ڇا آهي؟


پاڪ- ڀارت تڪرار جو حقيقي پس منظر ڇا آهي؟

پاڪ – ڀارت تڪرار خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. پاڪستان سارڪ ملڪن سان رابطو ڪري ورتو آهي. پاڪستان چوي ٿو ته ڀارت جنگ مڙهي ته ان جو جواب ڏينداسين. امريڪي صدر ٽرمپ چوي ٿو ته پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ جو خاتمو چاهيون ٿا. پاڪ- ڀارت لاڳاپن ۾ تازي ڇڪتاڻ پلوامه واقعي بعد اڀري پر ان کان اڳ به اها چڻنگ لڳاتار دُکندي رهي هئي. ڪيترن حلقن طرفان ڀارت جي انهي تازي جنگجو اظهار کي اتي ٿيندڙ عام چونڊن سان سلهاڙيو پيو وڃي ته مودي ان بنياد تي چونڊون کٽڻ چاهي ٿو. ان امڪان کي مڪمل طور رد نٿو ڪري سگهجي. پنج اٺ مهينا اڳ ڀارت ۾ صورتحال ڪجهه اهڙي هئي جو ننڍا ننڍا سياسي گروپ اڀري رهيا هئا ۽ اهي مودي جي پارٽي کي شڪست ڏيڻ واري هڪ نقاطي ايجنڊا ڏانهن وڌي رهيا هئا. جيڪڏهن اهي گروپ پاڻ ۾ اڃان ڪا ويجهڙائپ ڪري وٺن ها ته حڪمران جماعت بي جي پي وڏي اڪثريت نه ماڻي سگهي ها، حڪومت ٺاهڻ لاءِ ان کي اتحادين جي ضرورت پوي ها.
گذريل پنجن سالن دوران ڀارت ۾ ٿيل واقعن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته ڀارت جو جمهوري ۽ گهڻ مذهبي، برداشت ۽ رواداري وارو رنگ تبديل ٿيو آهي. اهو رنگ وڌيڪ انتهاپسندي توڙي خطي تي بالادستي وارو ٿيو آهي. ان نئين سڃاڻپ ملڪ لاءِ روشن خيال، جمهوريت پسند ۽ ملڪ جي هر حوالي سان گهڻ رنگي واري ماحول لاءِ خطرو پيدا ڪيو. مودي جي انهي سياسي پاليسي جي ملڪ اندر مزاحمت ٿيندي رهي. اهڙي صورتحال ۾ هو هڪ اهڙي ڪارڊ جي تلاش ۾ هو جنهن کي کيڏندي هو ماڻهن کي هڪ ڇٽيءَ جي هيٺان بيهاري سگهي، ڪو رومانس پيدا ڪري. ان لاءِ هن هندوتوا ۽ پاڪستان سان تڪرار وارو بيانيو آندو.
مودي جي اها پاليسي هڪ پاسي نه رڳو ملڪ جي اندروني سياست کي ظاهر ڪري ٿي بلڪ ان سان گڏوگڏ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين سان به ان جو گهرو تعلق آهي. هن خطي ۾ شروع ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين مکيه رانديگر هئا، جڏهن ته انڊيا، چين ۽ پاڪستان ننڍا رانديگر هئا. سوويت يونين ٽٽڻ بعد خطي ۾ خال پيدا ٿيو. 90ع واري ڏهاڪي ۾ خاص ڪري امريڪا به ڪا گهآي دلچسپي ڏيکارڻ ختم ڪري ڇڏي. پوءِ ايئن ٿيو جو چين ۽ انڊيا پنهنجو اثر وڌائڻ لڳا، انهن جون معيشتون به وڌيون ۽ هڪ حد تائين خطي ۾ هنن پنهنجي حيثيت مڃائي ورتي. پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ جو پارٽنر بڻيو ته خود به دهشتگردي جو شڪار بڻيو. ان حوالي سان مختلف پاڙيسري ملڪن پاران پاڪستان تي الزام به ايندا رهيا.
هاڻي جڏهن امريڪا، افغانستان مان پنهنجون فوجون واپس گهرائڻ جي تياري طور طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته خطي مان امريڪا جي نڪرڻ بعد خال پيدا ٿيندو، جنهن کي ڀرڻ لاءِ چين ۽ انڊيا هٿ پير هڻي رهيا آهن. چين جو سي پيڪ منصوبو دراصل خطي مان امريڪا جي نڪرڻ کانپوءِ واري صورتحال جي لاءِ آهي، جنهن ۾ پاڪستان پارٽنر آهي. موٽ ۾ انڊيا ايران سان ويجهڙائپ رکندي افعانستان ۽ وچ ايشيا ۾ پنهنجي مارڪيٽ ۽ رول کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. چاه بهار ۾ بندرگاهه ان جو وڌيڪ چٽو مثال آهي. اڃان چين ۽ انڊيا انهي چٽاڀيٽي ۾ هئا ته سعودي عرب به پنهنجي پاليسين ۾ تبديليون آڻيندي خطي ۾ اهم ڪردار لاءِ اڳتي وڌي آيو آهي. انڊيا پنهنجي پاليسي کي گهڻ رخو بڻائي رهيو آهي. ايران ۽ امريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي، جيڪا ڪيڏي مهل به تيز ٿي سگهي ٿي پر انڊيا امريڪا توڙي ايران ٻنهي سان ويجها تعلقات ٺاهيون ويٺو آهي. پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ تڪرار آهي پر انڊيا سعودي عرب سان معاشي طور تي گهرا ناتا رکي ٿو. انڊيا ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري ۽ معاشي مفاد تمام گهڻا آهن. انڊيا ۾ سعودي عرب جي ڪيل سيڙپڪاري مجموعي طور تي پاڪستان کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ آهي. سعودي عرب خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ معاشي طور ئي نه پر جاگرافيائي حڪمت عملي ۽ دفاعي معاملن ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو. هو معيشت ۾ انڊيا سان باقي جاگرافيائي حڪمت عملي ۾ پاڪستان توڙي چين کي ويجهو ٿيڻ وڃي پيو. هڪ حوالي سان اها ڳالهه عجيب به لڳي ٿي ته سعودي عرب انڊيا کي به ويجهو آهي ته ساڳئي وقت پاڪستان ۽ چين سان هٿيارن ۽ فوجي حڪمت عملي طور قربت وارا ناتا به جوڙي پيو. پاڪستان جي خواهش آهي ته سعودي عرب سي پيڪ جو حصو بڻجي. ان ڏس ۾ هو چين ۽ سعودي عرب وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سعودي ولي عهد جو تازو پاڪستان، انڊيا، چين ۽ ملائيشيا جو دورو انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. امريڪا پنهنجي بدليل پاليسي ۾ خطي ۾ پنهنجي جاءِ چين کي ڏيڻ بدران سعودي عرب کي ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان ڏس ۾ سعودي عرب جي هر ڪا مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان جي معاشي بحران جي خاتمي لاءِ هڪ پاسي آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي سعودي عرب ۽ نار وارا ملڪ به پاڪستان جا دوست بڻجي اڳيان اچي رهيا آهن. خطي ۾ مختلف طاقتن جي هڪٻئي سان ڳنڍجڻ ۽ ڇڪ ڇڪان هڪ بنهه نئين صورتحال کي جنم ڏنو آهي. جنهن جا اثر خطي ۾ نه رڳو مجموعي طور تي بلڪ اتان جي ملڪن جي اندروني سياست تي پڻ پئجي رهيا آهن. انڊيا جي اندروني سياست توڙي پاڪستان ڏي رويو ۽ پرڏيهي پاليسي کي انهي پس منظر ۽ حوالي ۾ ڏسي ۽ سمجهي سگهجي ٿو.
مولانا فضل الرحمان شايد پاڪستان جو پهريون سياستدان آهي جنهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي بابت ڳالهايو آهي. هو چوي ٿو ته ”اسان جي پرڏيهي پاليسي سبب ڀارت جو رويو تبديل ٿيو آهي. چين اسان کان ناراض آهي، ايران ڌمڪيون پيو ڏئي.“ ڀارت جي جنگ پسنديءَ واري رويي سبب ڀارت جي جمهوري ۽ سهپ واري نظام ۽ ماحول کي جيڪو نقصان پهتو سو پهتو، ان جا اثر پاڪستان جي سياسي نظام تي به پئجي رهيا آهن. هتي به سهپ ۽ جمهوري قدرن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جيڪو مجموعي طور تي ملڪ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي تاڃي پيٽي کي متاثر ڪري سگهي ٿو. اهي ٻئي قدر ۽ تاڃي پيٽو پاڪستان ۾ هونئن به تمام گهڻو ڪمزور آهن. ان ڪري سوچي سگهجي ٿو ته ڀارت جي جنگجويانه پاليسي نه رڳو سندس ملڪ جي مڃيل جمهوري ۽ سيڪيولر اساس کي هاڃو پئي رسائي ۽ اتان جي عوام جو نقصان پئي ڪري، ساڳئي وقت اهڙين پاليسين وسيلي پاڪستان ۾ جمهوريت، جمهوري قدرن ۽ سهپ کي ڌڪ هڻي هتان جي پُراڻ پرست ۽ اڻ سهپ وارن روين کي وڌائي رهيو آهي. مودي ڀلي پاڪستان سان تڪرار کي قومي مفاد قرار ڏيندو هجي پر حقيقي معنيٰ ۾ اهو انڊيا جي عوام جي مفاد ۾ ناهي. ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ ساڃاهه وندن کي سڄو حوالو ۽ پس منظر سامهون رکي حالتن کي سمجهڻ ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
Bookmark the permalink.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home