Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, December 23, 2018

موجوده ۽ مشرف حڪومت ۾ گهڻو فرق ته ڪونهي!

Musharraf and Imran Khan what is different?

موجوده ۽ مشرف حڪومت ۾ گهڻو فرق ته ڪونهي!

چونڊون کٽڻ بعد جڏهن عمران خان 21 ڄڻن تي ٻڌل وفاقي ڪابينا جوڙي ته پتو پيو ته ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڊزن کن وفاقي وزير مشرف جا ساٿي ۽ سندس ڪابينا ۾ رهيا هئا، جيتوڻيڪ ڪجهه تجزيه ڪارن عمران خان جي اهڙي چونڊ تي ڪجهه سوال اٿاريا، پر جيئن ته مشرف دور جي پڄاڻي کي ڏهه سال کان مٿي عرصو ٿي چڪو هو، وقت ۽ حالتون گهڻيون تبديل ٿي چڪيون هيون، سياست جي جاميٽري جون نيون شڪليون ٺهي چڪيون هيون، پر اڄ جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت 120 ڏينهن پورا ڪري چڪي آهي، سندس سياسي توڙي معاشي پاليسيون سامهون اچي چڪيون آهن ۽ اهو به پتو پئجي ويو آهي ته حڪومت جو رخ ڪهڙي طرف آهي، تڏهن عمران خان ۽ مشرف جي پاليسين ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون نظر اچي رهيون آهن.
سياسي طور مشرف ڏاڍي اٽڪل سان سياستدانن کي ميدان مان تڙي ڪڍيو. نواز شريف کي جهاز اغوا ڪيس ۾ گرفتاري، ان بعد سزا ۽ نيٺ معاهدي تحت جلاوطني ملي، آصف زرداري ڪرپشن ڪيسن ۾ بنا سزا جي ٻن سالن تائين جيل ۾ رهيو. بينظير ڀٽو اڪيلي سياستدان لاءِ ملڪ اندر سياسي ميدان سوڙهو ڪيو ويو، مجبورن کيس پاڻمرادي جلاوطني وٺي پنهنجو ديس ڇڏڻو پيو. نيٺ آمريڪا جي وچ ۾ پوڻ تي ٺاهه ٿيو ته محترمه ۽ مشرف ٻنهي کي پاور شيئر ڪرائي ڀائيواري سان اقتدار هلايو ويندو. تنهن وچ ۾ محترمه نواز شريف سان لنڊن ۾ ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ جي نالي سان جمهوريت لاءِ ٺاهه ڪري ورتو.
اڳتي هلي آمريڪي محترمه ۽ مشرف جي وچ ۾ ڪيل ٽياڪڙي کي نڀائي نه سگهيا ۽ محترمه کي وطن واپسي تي شهيد ڪيو ويو، امريڪي ٽياڪڙي جي هڪ نقطي تي پوءِ به عمل ٿيو، پيپلز پارٽي کي اقتدار ڏنو ويو ۽ چونڊن بعد ڪجهه هفتن تائين مشرف به صدر رهيو، پر ٻئي نقطي کي پاڪستان جي سياسي ڌرين مڃتا نه ڏني ۽ اهي چارٽر آف ڊيموڪريسي تي وڃي بيٺيون، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مشرف کي اقتدار مان نيڪالي ڏني.
سويلين حڪومت ۾ رڳو خوبيون نه هونديون آهن پر ڪي ڪي اُن اندر ئِي لِڪل خاميون به هونديون آهن. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ خوبين جي بدران (in built )خامين جو اظهار ۽ اپٽار وڌيڪ ٿي ويندو آهي. خاص ڪري تڏهن جڏهن ان جي اُپٽار لاءِ اهم ادارا سندرو ٻڌي بيٺا هجن.
اڄ عمران خان جي حڪومت به مشرف فارمولا تي عمل ڪري رهي آهي. هو به سياست جي مُکيه رانديگرن کي آئوٽ ڪرڻ چاهي ٿو. مشرف جو به “وڏو دشمن” نواز شريف هو، عمران خان جو به دشمن نمبر“ون” نواز شريف آهي، جنهن کي ڌڻين سوڌو هڪ ڪيس ۾ سزا ڏيئي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. شهباز شريف ۽ سعد رفيق گرفتار آهن. احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ڪمپنيز ڪيس ۾ سومر ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ واري آهي، ڪي وفاقي وزير اڳواٽ ئي ٻڌائي رهيا آهن ته نواز شريف هاڻي سڌو جيل ويندو، هوڏانهن نواز ٽيم جي ٻين سرگرم اڳواڻن رانا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب ۽ ٻين خلاف به ڪيسن جي جاچ هلي رهي آهي.
ساڳي ريت پيپلز پارٽي لاءِ به چڱي خبر ناهي، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جمعي واري ڏينهن مهلت ملي آهي، هڪ ته مني لانڊرنگ ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ تي سپريم ڪورٽ سومر تي غور ڪندي ، ٻيو اهو ته 27 ڊسمبر تي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي آهي، وري پنجين جنوري تي ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه آهي. انڪري اهڙي پرجوش موسم ۾ زرداري ۽ فريال کي گرفتار ڪري هروڀرو احتجاج لاءِ ٺهيل ٺڪيل ماحول نه پئي ڏيڻ گهري.
نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ ۽ پارٽي جي ڪجهه ٻين اڳوڻن وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرز خلاف انڪوائريون هلن پيون. اهي انڪوائريون هنن همراهن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي آهن ته پارٽي قيادت جي گرفتاري جي صورت ۾ اهي ڪنهن احتجاج يا ”حرڪت“ کان باز رهن. نه ته کين به ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو.
ملڪ کي درپيش سياسي گهوٽالو پنهنجي جاءِ تي آهي جتي حڪومت قومي اسيمبلي ۾ جن ميمبرز جي سهاري تي بيٺل آهي، تن مان چار بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جا آهن. ٻي حمايت ايم ڪيو ايم جي آهي، انهن ٻنهي جماعتن به نواز ليگي گرفتار ايم اين اي سعد رفيق جي قومي اسيمبلي ۾ حاضري لاءِ حڪمنامو جاري نه ڪرڻ تي ٿيندڙ احتجاج ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏئي، وڻ وڻ جي ڪاٺي واري حڪمران اتحاد کي چتائي ڇڏيو آهي ته اهي ڪنهن ڏکئي وقت ۾ ڪلهو مٽائي سگهن ٿا.
پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جا هڪٻئي سان ياري ۽ حسد وارا رشتا آهن. وقت ۽ حالتن جي مجبوري کين گڏ به بيهاري سگهي ٿي. نواز شريف کي سزا ۽ زرداري جي گرفتاري وغيره وارا اُپاءُ اهڙيون حالتون پيدا ڪري رهيا آهن. نواز ليگ اپوزيشن ۾ آهي. وٽس ليڊر آف اپوزيشن ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي وارا عهدا آهن، اها پنجاب ۾ حڪومت ۾ ناهي ان ڪري وٽس وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. ضرورت پوڻ تي احتجاج ۾ وڃي به سگهي ٿي، پيپلز پارٽي وٽ سنڌ ۾ حڪومت آهي، ان ڪري اها احتجاج ڪري نه امن امان جو مسئلو پيدا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي ۽ نه وري حڪومت مان هٿ ڪڍڻ جي پوزيشن ۾. حڪومت ۾ هجڻ ڪري کيس ڪجهه سهولتون به حاصل آهن ته ان کان وڌيڪ ڏکيائيون به، حيڪڏهن گهڻي احتجاج ۾ ويندي ته وفاق گورنر راڄ هڻي، ٽن مهينن بعد فارورڊ بلاڪ وغير ذريعي ڪا تبديلي آڻي سگهي ٿو. نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻئي عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ مان خطرو سمجهن ٿيون. ٻنهي کي هڪ ٻئي تي اعتبار به گهٽ آهي ۽ خطرو به، متان انهن مان ڪا هڪ ڌر اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه نه ڪري ويهي رهي ۽ ٻي ڌر ڪنڊائتي ٿي وڃي.
حد دخلين جي نالي تي گهر ۽ دڪان ڊاهڻ، ڊالر جي قيمت وڌڻ بعد ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه وڌڻ ماڻهن کي تپائي ڇڏيو آهي. پر جيئن ته ڪابه سياسي پارٽي انهن حقيقي اشوز تي اچڻ لاءِ تيار ناهي، ان ڪري ماڻهو به روڊن تي اچڻ لاءِ تيار ناهن. ذهن ۾ رکڻ کپي ته اها ڳالهه ڊگهي عرصي تائين جاري رهي نه سگهندي. سخت دٻاءُ ۾ اچي ڪا پارٽي ماڻهن سان رجوع ڪر سگهي ٿي، يا وري ماڻهو پنهنجي لاءِ به روڊن تي اچي سگهن ٿا.
سعودي عرب، چين، گڏيل عرب امارتن طرفان مالي مدد جي اعلان ۽ آسرن ذريعي حڪومت کي هڪ حد تائين نفسياتي مالي دٻاءُ مان ڪڍيو آهي، پر سرزمين تي ڪابه شيءِ ناهي. ماڳهين خزاني وارو وزير اسد عمر ٽئڪس وڌائڻ ۽ مني بجيٽ آڻڻ جا دڙڪا ڏئي رهيو آهي. ان ڪري حڪومت لاءِ سياسي گهوٽالو ايترو تڪڙو خطرو ناهي جيترو مالي بحران ۽ معيشت خطرو آهي. اها ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، معاشي واڌ يا ترقي جيڪڏهن ٿئي ٿي ته اها موجوده پاليسين تحت هڪ ڊگھو وقت وٺندي، تيستائين عوام کي ڇا ڏجي؟ ماڻهن کي ڪيئن ماٺ ڪرائجي؟
هتي به مشرف وارو فارمولا آهي، معاشي ترقي ۽ سرگرمين لاءِ ڪٿان ٻاهران اسپانسر شپ وٺجي، جيڪا مشرف دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي تي ورتي. هڪ مبصر چواڻي، ”جڏهن به هن کي پئسا کپندا هئا ته ٻه چار طالبان جهلي آمريڪا کي پيو ڏيندو هو“. عمران خان ٻاهرين ملڪن جا پئسا اسٽيٽ بئنڪ ۾ رکرائي ملڪ جي مالي ساک وڌائڻ پيو گهري، پر خود معاشي ترقي ۽ ڪاروباري ڦيٿي جو ڇا ٿيندو؟
لڳي ٿو ته عمران به مشرف جيان احتساب جو چُورن وڪڻڻ گهري ٿو، سويلين حڪومتن جي خراب حڪمراني، ميڊيا ۽ ادارن طرفان اپٽار ۽ مهم ڪرپشن خلاف نعري کي ماڻهن ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ ٻيو ڪو نعرو ايڏو آساني سان نٿو وڪڻي سگهجي. ان ڪري تحريڪ انصاف حڪومت جنهن اڳ تبديلي جو دهل پئي وڄايو سا هاڻي احتساب جو دهل وڄائيندي رهندي. ان ذريعي ماڻهن کي آسيس ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ته ڏسو ڪيڏن وڏن لٽيرن کي ٻڌي ويهاريو اٿئون، اسين ئي هيرو آهيون.

Pahenji Akhbar Dec 23, 2018


Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home