Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Sunday, September 02, 2018

عمران خان جي حڪومت پنهنجي دعوائن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پئي آهي؟

سومر 03 سيپٽمبر 2018ع

سهيل سانگي

ڪيئن به ٿيو، ڇا به ٿيو، هاڻي اها حقيقت آهي ته عمران خان وزيراعظم آهي. عمران خان تبديلي جي دعويٰ ڪئي، ۽ تبديليءَ جو نعرو هنيو، جنهن جي بنياد تي ”ٽئين ڌر“ (ٿرڊ آپشن) طور هن پاڻ کي مڃايو. کڻي لمحي لاءِ مڃي وٺجي ته اڳيون ٻئي حڪمران پارٽيون خراب، هاڻي ڏسجي ته عمران خان ڇا ٿو ڪري؟ سندس ذڪر ڄڻ اُميد جو نالو هجي، ماڻهو چون ٿا ته چلو هي نئون تجربو ٿي وڃي. عمران خان ڪو پهريون ليڊر ڪونهي، جنهن سان ماڻهن ايڏيون اميدون وابسطا ڪيون هجن. دُنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ليڊر اڀريا، پر ڪي گهٽ اميدن تي پورا لٿا، ۽ تاريخ ۾ زنده رهيا. باقي سمورا تاريخ جي ڪٻاڙخاني ڀيڙا ٿيا. اپوزيشن ۾ هوندي هن وڏا واعدا ڪيا، دعوائون ڪيون، 100 ڏينهن جي پيڪيج جو به اعلان ڪيائين. هرڪو ڏانهس ڏسي پيو. سڀني کي پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائڻ سياست ۾ اهم هوندو آهي. خاص ڪري تڏهن، جڏهن ڪو سياست ۾ عملي طرح ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندو آهي، اڪيلو ٿي ويندو آهي- پر جيڪو اڳواڻ عملي طرح ڪجهه ڪرڻ جي حيثيت ۾ هوندو آهي. اهو عمل جي وسيلي ”ڪجهه“ ڪري ڏيکاريندو آهي. جيڪڏهن هو ائين نه ڪندو ته رڳو پاڻ ڏي سڀني جو ڌيان ڇڪائڻ واري ڳالهه ڪڏهن ڪڏهن ڳري به ثابت ٿي ويندي آهي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومت جي سئو ڏينهن واري ايجنڊا تي عمل ڪرڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. مختلف شعبن ۾ سڌارا آڻڻ، ڏکڻ پنجاب وارو صوبو ٺاهڻ ۽ وفاقي انتظام هيٺ علائقن کي خيبر پختونخوا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڇهه ڪاميٽيون جوڙيون ويون. سرڪاري مشينري کي وڌيڪ فعال ۽ سرگرم ڪرڻ لاءِ حڪومت تي زور ڀريو ويو. هونئن جن ملڪن ۾ سياسي ادارا مضبوط هوندا آهن، اتي سياسي پارٽين جون ٽاسڪ فورسز لڳاتار ڪم ڪنديون رهنديون آهن ته جيئن سندن پارٽي حڪومت ۾ اچي ته اها پنهنجي منشور تي جلد ۽ اثرائتي نموني عمل ڪرائي سگهي. گڏوگڏ تحقيق ۽ صحيح انگن اکرن سان پنهنجون رپورٽون پيش ڪري سگهي. جيڪڏهن اها پارٽي اپوزيشن ۾ آهي ته حڪومتي ڌر جي فيصلي کي سمجهي سگهي ۽ انهن تي ڀرپور طريقي سان اثرانداز ٿي سگهي، پر پاڪستان ۾ اهڙو ڪو رواج ڪونهي. تحريڪ انصاف به سمورين دعوائن جي باوجود ته وٽس منشور تي عمل ڪرائڻ جي تياري نامڪمل آهي. پراڻي رواج تي قائم آهي، وٽس ڪو گهڻو هوم ورڪ ٿيل ناهي.
ڏکڻ پنجاب جو صوبو ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جي ضرورت پوندي. ان سان گڏوگڏ پنجاب اسيمبلي مان گهربل ٺهراءُ به پاس ڪرائڻو پوندو. تحريڪِ انصاف وفاقي حڪومت به اڌ ڊزن ڌرين کي پاڻ سان ملائي پوءِ ٺاهي آهي. مٿان وري سينيٽ ۾ کيس ماڳهين اڪثريت حاصل ناهي. جيڪڏهن اها واقعي اهو صوبو ٺاهڻ گهري ٿي ته کيس نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي سهڪار جي ضرورت پوندي. اهو درست آهي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ماضي ۾ پنجاب صوبي جي حق ۾ بيان ڏينديون رهيون آهن. انهن جا اهي بيان عوام کي ريجهائڻ لاءِ هئا يا واقعي عملي طرح اهي پارٽيون ڏکڻ پنجاب جو صوبو ٺاهڻ چاهين ٿيون؟ ان جو اندازو هاڻي ٿيندو، جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت سنجيدگيءَ سان اهو معاملو کڻندي. في الحال وفاقي ڪابينا ۾ مخالف ڌر جي پارٽين سان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي. مخالف ڌر جي پارٽين طرفان تحريڪ انصاف جو ان معاملي تي ساٿ ڏيڻ مشڪل لڳي ٿو. ساڳي طرح سان فاٽا کي خيبر پختونخوا ۾ شامل ڪرڻ جو معاملو آهي. انهن ٻنهي لاءِ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي سياسي ڌرين جي حمايت جي ضرورت پوندي. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته فاٽا واري معاملي تي سياسي مشاورت ۽ اتفاق راءِ جوڙڻ بدران عدليه جو سهارو ورتو ويندو.
تحريڪ انصاف جي حڪومت نيب قانونن ۾ تبديلي چاهي ٿي. وفاقي وزيرِ قانون فروغ نسيم جي اڳواڻي ۾ نيب جي قانون کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڪاميٽي پڻ ٺاهي ويئي آهي. ارڙهين ترميم کان پوءِ نيب صوبائي دائره اختيار ۾ اچي ٿو. مسلم ليگ نواز جي گذريل حڪومت جي ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت متبادل نيب جو قانون اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو هو پر نواز ليگ جي گورنر سنڌ ان تي صحيح نه ڪئي، جنهن ڪري اهو بل ايڪٽ بڻجي قانون جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو. بعد ۾ پيپلز پارٽي به ڪجهه ڄاتل ۽ ڪجهه اڻ ڄاتل سببن ڪري ان بل تي زور نه ڀريو. موجوده حالتن ۾ آئيني ترميم ته پري جي ڳالهه تحريڪ انصاف لاءِ ڪو قانون پاس ڪرائڻ به ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ جو سينيٽ ۾ ان کي اڪثريت حاصل ناهي. هڪ خيال اهو به آهي ته احتساب واري معاملي کي عدليه کنيو بيٺي آهي. انڪري ممڪن آهي ته اها حڪومت جي مدد لاءِ اچي وڃي ۽ نيب جو قانون ٺاهڻ لاءِ هدايتون ڏئي وجهي. هونئن به ڪنهن قانون پاس ڪرائڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي زير بار ڪري هڪ حد تائين ڪم هلائي سگهجي ٿو پر عدالت ۾ معاملي وڃڻ جو مطلب ٿيندو ته عمران خان جي حڪومت جو انحصار عدليه تي وڌي ويندو.
هڪ ڪروڙ ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۽ 50 لک گهر ٺهرائڻ جي اعلان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي آهي، جيڪا 90 ڏينهن ۾ رٿابندي ڪري رپورٽ ڏيندي. ملڪ اڳ ئي مالي کوٽ سبب بحران ۾ ڦاٿل آهي، مٿان وري آءِ ايم ايف جو دٻاءُ آهي. اهڙي صورت ۾ وڏي تعداد ۾ سرڪاري نوڪريون ڏيڻ ممڪن نٿو لڳي. جيڪڏهن حڪومت سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڏي ٿي ته خود اهو عمران خان جي ”ڪفايت شعاري ۽ سادگي“ اختيار ڪرڻ واري پاليسي جي ابتڙ هوندو. ڪفايت شاعري واري مهم ۽ سرڪاري ملازمن کان ڀرپور نموني سان ڪم وٺڻ وارو معاملو جڏهن کنيو ويندو ته پتو پوندو ته سمورن کاتن ۾ اڳ ئي اضافي ڀرتيون ٿيل آهن. نوڪريون ڏيڻ جو ٻيو رستو اهو ٿيندو ته روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. يعني ننڍا ۽ سنها ٿلها ڪاروبار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. اهو ڪم تڏهن ئي ٿي سگهندو، جڏهن سيڙپ ٿيندي ۽ معيشت جو ڦيٿو تيز ٿيندو. ان مقصد لاءِ رڳو حڪومت کي سيڙپ ڪاري جي حق ۾ پاليسيون ٺاهڻيون نه پونديون، ملڪ ۾ پنهنجي طرفان به ڪا سيڙپ ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ وري رقم گهربل ٿيندي. جيڪڏهن حڪومت مالي طور مدد ٿي ڪري ته سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جون پاليسيون دير سان نتيجا ڏينديون، جيڪو ٻه کان ٽي سال جو عرصو ٿي سگهي ٿو. نٿو لڳي ته ايترو عرصو ماڻهو ڪو انتظار ڪندا.
عمران خان جي حڪومت کي هڪ ٻئي وڏي سياسي چئلينج کي به منهن ڏيڻو پوندو. اهو چئلينج سندس پارٽي جي اندران ئي هوندو. هن تبديلي جو نعرو هڻي جنهن طبقي کي سياسي طور سرگرم ڪيو، ان جي خواهشن توڙي پروگرام ۽ بعد ۾ عملي طرح پيدا ٿيل صورتحال ۾ وڇوٽي آهي. هڪ وڇوٽي اوڏي مهل آئي، جڏهن اليڪشن لاءِ پارٽي ٽڪيٽون جاري ٿيون. 60 کان وڌيڪ اهڙن ماڻهن کي کنيو ويو، جيڪي ماضي ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جو حصو هئا، ۽ اتان روايتي انداز سان سمورا فائدا کڻندا رهيا، بلڪه ڪن خلاف مختلف ڪيس به ٻڌايا وڃن ٿا. اهي سڀ ماڻهو ان ڪري تحريڪِ انصاف ۾ آهن، جو کين پڪ ڏياري وئي هئي ته اها پارٽي حڪومت ۾ ايندي. ڄڻ انهن ماڻهن پارٽيءَ کي سواري سمجهيو، جنهن تي چڙهي هو پنهنجي منزل مقصود يعني حڪومت تائين پهتا. پارٽي جي پڪن پختن ماڻهن کي اوڏيءَ مهل جهٽڪو لڳو، جڏهن پارٽي کي گڏيل حڪومت ٺاهڻي پئي ۽ ڪي اهم وزارتون اتحادين کي ڏيڻيون پيون. اهو سلسلو  ڪابينا جي واڌ جي ٻئي مرحلي ۾ هيڪاري وڌندو. ائين اهي ماڻهو نه رڳو چونڊيل ايوانن ۾، بلڪه ڪابينا جو به حصو بڻيل آهن، جيڪي ڪنهن به طرح سان تبديليءَ جي حق ۾ ناهن، بلڪه تبديليءَ جي خلاف آهن.
عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ همدردن کي اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته ”فڪر نه ڪريو، آئون ويٺو آهيان.“ مطلب سڄي فيصلي سازي توڙي پاليسي جو بار فردِ واحد تي آهي. ڇا اڪيلو ڪو به شخص ايڏو بار کڻي سگهي ٿو؟ اڄ جي دنيا شراڪت داري ۽ مشاوت جي دنيا آهي، نه ڪو هڪ ماڻهو عقلِ ڪُل ٿي سگهي ٿو، نه وري فيصلا ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ جي سگهه رکي سگهي ٿو. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته هڪ پاسي کيس پنهنجي ذاتي مشيرن ۽ ذاتي طور تي ويجهن ماڻهن تي ڀاڙڻو پوندو. اهو رستو چاپلوسي، خوشامد، پنهنجا ورسائڻ ڏي هليو ويندو. جنهن ۾ ميرٽ، حقيقت پسندي توڙي عقليت پوئتي رهجي ويندي. ٻئي پاسي سياسي آمريت جو تصور پڪو ٿيندو، جيڪو جمهوري عمل توڙي ادارن لاءِ ڪنهن به طرح سان فائديمند ثابت نه ٿيندو.

http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2018/Sep/03-09-2018/Page4/P4-2.jpg

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home