Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, August 03, 2018

تحريڪ انصاف جون ”نئين پاڪستان“ لاءِ سوديبازيون سنڌ کي وڌيڪ پراڻو ته نه ڪنديون؟

سهيل سانگي

ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سڄو ملڪ نئين پاڪستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، سنڌ اڃان تائين پراڻي پاڪستان ۾ ئي بيٺل آهي. ڄڻ نئين پاڪستان ۾ ماڻهن کي جيڪو لاڀ ملندو، سنڌ ان کان وانجهيل رهندي. اهڙي خيال وارن کي ٻڌائڻ ضروري آهي ته پاڪستان، پاڪستان آهي. اهو نئين پاڪستان جو ٺپو پاڪستان جي مشهوري لاءِ آهي. جيڪي ڪجهه نئين پاڪستان ۾ ٿيندو، ان جو اُپاسرو سنڌ کي به ملندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ اڃان تائين جاگرافيائي، سياسي ۽ انتظامي طور تي پاڪستان ۾ ئي آهي.
عمران خان جي پارٽي بس ذري تان مار کائي ويٺي. جيڪڏهن خيبر پختونخوا اسيمبلي وانگر اها قومي اسيمبلي ۾ به سادي اڪثريت حاصل ڪري وٺي ها ته ان کي آزاد ۽ اتحادي ميمبرن جي ضرورت نه پوي ها. انڪري پنهنجي اڪثريت کي مساله دار بڻائڻ لاءِ سودي بازي ڪرڻ، فرمائشون مڃڻ کان سواءِ تحريڪ انصاف وٽ ٻيو ڪو رستو ڪونهي. اهو مسالو اليڪشن کان اڳ ئي پئجي چڪو، جڏهن تبديلي جو دهل وڄائيندڙ پارٽي جي سربراهه پاڻ چيو هو ته اقتدار ۾ اچڻ لاءِ پئسو ۽ اليڪٽيبلز کي ساڻ کڻڻ ضروري آهي. هن وقت جتي وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ عمران خان سمورا حيلا هلائي رهيو آهي، ساڳئي وقت پنجاب ۾ به صوبائي حڪومت نواز ليگ کي ڏيڻ جي موڊ ۾ ناهي. ان ڪري اتي به پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن. انهن ٻن حڪومتن ٺاهڻ جو سُٽ منجهڻ ڪري خيبر پختونخوا ۾ به حڪومت سازي جو معاملو مونجهاري جو شڪار آهي. تحريڪ انصاف آڏو رڳو وفاق، خيبر پختونخوا يا پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ جي حد تائين معاملو ناهي پر انهن ٻنهي اسيمبلين ۾ اسپيڪر ڪير هجن، صوبائي گورنر ڪير هجن، سيپٽمبر تائين خالي ٿيندڙ صدارتي عهدي تي ڪير اچي؟ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر ڪير هُجن؟ ايتري قدر جو خود سينيٽ جي چيئرميني ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. اليڪشن جا نتيجا اهڙا آيا آهن، جنهن ۾ رڳو عددي لحاظ کان ڳالهه اڪثريت واري ۽ ٺهڪندڙ نه پئي بيهي، بلڪه ملڪ ۾ ٽي وڏيون پارٽيون سامهون آيون آهن. انهن پارٽين جي ايڊجسمينٽ سان گڏوگڏ صوبن جي اقتدار ۾ شراڪت ۾ توازن وارا معاملا به ايندڙ هفتي ٻن ۾ اُڪلايا ويندا. اهو ئي سبب آهي ته اپوزيشن طرفان گڏيل تحريڪ هلائڻ تي ويچار ڪيو پيو وڃي.
حڪومت سازي جي معاملي ۾ سنڌ تحريڪ انصاف کي ليکي ۾ ناهي، ڇاڪاڻ جو عمران خان چونڊن کٽڻ کان پوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ پيپلز پارٽي کي پنهنجي سنگت مان خارج ڪري چڪو آهي. ان جي بدران هن ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کي گڏيل حڪومت ۾ اچڻ جي صلاح ڏني. سنڌ ۾ حڪومت سازي جو ڪم اڃان شروع نه ٿيو آهي، پر هتي پيپلز پارٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. ايم ڪيو ايم هونئن پيپلز پارٽي بدران تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويٺي هئي، ڪالهه انهن جي باضابطه طور تي عمران خان سان ملاقات به ٿي، ۽ انهن تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي پاران وفاقي حڪومت ڏي وڃڻ بعد تحريڪ انصاف لاءِ صوبي ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو وٺڻ سولو ٿي ويو آهي. هونئن سنڌ اسيمبلي ۾ 166 ميمبرن جي ايوان ۾ پي ٽي آءِ ٻئي نمبر تي آهي. وٽس 30 سيٽون آهن. ايم ڪيو ايم وٽ 21 سيٽون، جي ڊي اي وٽ مخصوص سيٽون ملائي 15 سيٽون آهن. جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ گڏجي چونڊون وڙهيون هيون. ائين اپوزيشڻ ليڊر جو عهدو پي ٽي آءِ وٽ هجڻ تي ان کي ڪو اعتراض نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي کي ٻئي ڌريون گڏيل دشمن سمجهن ٿيون.
سنڌ جي حوالي سان سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته نئين سيٽ اپ ۾ سنڌ کي ڪٿي بيهاريو ويندو؟ اهو درست آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت سان کٽيو آهي ۽ صوبي ۾ ان جي حڪومت ٺهندي، پر اقتدار ۾ شراڪتداري رڳو پارٽي جي حساب سان نه ٿيندي آهي. پاڪستان گهڻ قومي رياست آهي، انڪري ڀلي ڏيکاءَ لاءِ ئي سهي، پر اقتدار ۾ شراڪتداري رکي ويندي آهي. تحريڪ انصاف وٽ سنڌ ۾ قومي اسيمبليءَ جون 12 سيٽون آهن، جن مان 11 ڪراچيءَ جون آهن. باقي سنڌ ۾ ميان محمد سومرو جي ئي سيٽ پي ٽي آءِ وٽ آهي. ساڳي طرح صوبائي اسيمبلي تي اسلم ابڙو ۽ شهريار شر آهن. سوال کي ائين به رکي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ سان ڪهڙو سلوڪ ڪندي؟ سنڌ کي ڪيترو ۽ ڪيئن سوڙهو ڪندي؟ هن سوال جا ٻه ٽي حصا آهن. (1) حڪمران جماعت چونڊن ۾ ساٿ ڏيندڙن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندي؟ (2) پارٽي ۽ وفاقي حڪومت جون پاليسيون ڪراچي کان ٻاهر نڪري باقي سنڌ کي به فوڪس ڪنديون؟ (3) سنڌ جي ڪور اشوز تي تحريڪ انصاف جو بطور پارٽي ۽ بطور حڪومت ڇا رويو هوندو؟
اچو ته انهن ٽنهي نقطن کي ڪجهه تفصيل سان ڏسون. گرينڊ الائنس ۽ تحريڪ انصاف سنڌ ۾ اتحادي ٿي چونڊون وڙهيون ۽ هڪ ٻئي جو مقابلو نه ڪيو پر قومي اسيمبلي لاءِ فهميدا مرزا ۽ علي محمد کٽي سگهيا، ۽ پي ٽي آءِ ڪراچي کي ڇڏي رڳو محمد ميان سومري واري سيٽ کٽي سگهي. جيڪڏهن پارٽي ميمبرن جي بنياد تي وزارت يا اقتدار ۾ شراڪت جي ڳالهه ڳولبي ته معاملو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ بيهندو. سنڌ يونائٽيڊ پارٽي به تحريڪ انصاف جي چونڊن ۾ اتحادي هئي پر اها به نه صوبائي، نه وري قومي اسيمبلي ۾ ڪا سيٽ ڪڍي سگهي. ايم ڪيو ايم چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي مخالف رهي. بلڪه انهن هڪ ٻئي خلاف چونڊون وڙهيون. جيڪي سيٽون تحريڪ انصاف کٽيون، سي ماضي ۾ ايم ڪيو ايم کڻندي رهي آهي. ائين ڄڻ ان جي حصي جون سيٽون تحريڪ انصاف کي مليون پر ان جي باوجود عمران خان ايم ڪيو ايم کي گڏيل حڪومت ۾ کڻڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.
سنڌ کي اقتدار ۾ شراڪتداريءَ جو هڪ ماڊل مسلم ليگ نواز استعمال ڪندي رهي آهي. اهو ماڊل ڪراچي فوڪسڊ آهي. ان ۾ باقي سموري سنڌ سان پارٽي خواهه حڪومت جي پاليسين ۾ به ٻئي درجي وارو سلوڪ ٿيندو رهيو آهي، ۽ سنڌ رڳو پيپلز پارٽي جي ئي رحم ڪرم تي رهي. نواز ليگ گورنر جو عهدو هجي، صدر يا سينيٽ توڙي اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽن وارو معاملو هجي ڪراچي کي ئي ترجيح ڏيندي رهي. ان جي باوجود اها ڪراچيءَ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي نه سگهي. ڇا تحريڪ انصاف به ان ماڊل ڏي ويندي؟ انڪري به اهو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي جو سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي وڌيڪ سيٽون ڪراچيءَ مان ئي مليون آهن ۽ وفاق ۾ سنڌ مان کيس ڇهه سيٽن تي حمايت به ايم ڪيو ايم وٽان ملي رهي آهي. امڪان آهي ته تحريڪ انصاف چاهيندي نه چاهيندي پنهنجي پاليسين ۽ رويي ۾ ايم ڪيو ايم جي فريم ورڪ ۾ هلي وڃي، ڇاڪاڻ جو هڪ ته اها ان جي اتحادي آهي، ٻيو اهو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجا تڪ ٺاهڻا آهن، جتي کيس ايم ڪيو ايم جي ڪراچي يا لسانيت تائين محدود دائري ۾ ڪم ڪندڙن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. ائين ان جون پاليسيون ايم ڪيو ايم جي پچ تي هليون وينديون. اهو سڀ ڪجهه ان ڊپ وچان به ٿيندو ته ڪٿي ايم ڪيو ايم پنهنجي وڃايل جاءِ ٻيهر نه والاري وٺي. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ڪجهه ڌريون چاهين ٿيون ته تحريڪ انصاف ايم ڪيو ايم جي پچ تي اچي. جيڪڏهن ان ڪراچي بيسڊ سياست ڪئي ته اها سنڌ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي نه سگهندي ۽ سنڌ ۾ سياست هڪ دفعو وري شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادين جي وچ ٽڪراءَ ڏي هلي ويندي.
ٽيون نقطو سنڌ جي هاٽ اشوز بابت آهي. سنڌ جا پنجاب ۽ وفاق سان پراڻا تڪرار هلندڙ آهن. جن مان اڪثريتي سنڌ جو هر مڪتبهءِ فڪر ايتري قدر جو جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ به سنڌ سان گڏ رهيون آهن. پاڻي جي انصاف ڀري ورهاست ۽ 1991ع واري ٺاهه تي ان جي روح موجب عمل، ڪالاباغ ڊيم هجي، قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۽ ان تحت سنڌ کي ملندڙ مالي وسيلا، توانائي جا وسيلا ۽ انهن جي ورهاست مکيه اشوز رهيا آهن. هاڻي ارڙهين آئيني ترميم به ان بحث جو حصو بڻجي وئي آهي. ارڙهين ترميم تحت صوبن کي صوبائي خودمختياري مليل آهي. جيتوڻيڪ ان جي ڪجهه اهم حصن تي عمل ٿيڻ اڃان باقي آهي پر ڪجهه سگهارن حلقن طرفان اهڙا اشارا ڏنا پيا وڃن ته ان ترميم کي تبديل ڪيو وڃي. سنڌ جي عام راءِ ارڙهين ترميم کي ڦٽائڻ جي حق ۾ ناهي. ماضي ۾ سنڌ جون سموريون ڌريون ۽ قومپرست انهن مطالبن لاءِ احتجاج ڪنديون رهيون آهن. پيپلز پارٽي به ڪڏهن سنڌ جي انهن ڌرين سان گڏ ته ڪڏهن انهن کان ڌار اهي مطالبا پنهنجي انداز سان کڻندي رهي آهي. ارڙهين آئيني ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ صورتحال تبديلي ٿي ويئي آهي، جو انهن مطالبن کي آئيني ۽ قانوني مڃتا ملي وئي. نتيجي ۾ اهم نقطا پارلياماني سياست جي دائري ۾ هليا ويا. پوءِ ٿيو ائين جو قومپرستن به اهي مطالبا ڪرڻ ڇڏي ڏنا، ۽ رڳو پيپلز پارٽي ئي اهي مطالبا کڻندي رهي. نواز ليگ حڪومت جي گڏيل دور ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي وفاقي سرڪار سان ڇڪتاڻ رهي. سرڪاري طرح لکپڙهه ۽ واسطيدار فورمن ۾ اهي گهرجون کڻڻ سان گڏوگڏ پاڻي جي ورهاست ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف پيپلز پارٽي روڊن تي به آئي. هي سنڌ جا هاٽ اشوز آهن، جن تي حڪومتي توڙي عوامي سطح تي مضبوط راءِ موجود آهي. تحريڪ انصاف پنهنجي نقطهءِ نظر ۾ نواز ليگ کان وڌيڪ مرڪزيت پسند آهي، سا ڪالاباغ ڊيم جي به حامي رهي آهي. هن جي نزديڪ صوبن جا حق ۽ صوبائي برابري ثانوي سوال آهي. جڏهن ته انهن اشوز تي پارٽي جي ڪا واضح پاليسي موجود ناهي پر تاثر اهو ڏيندي رهي آهي ته ”گڊ گورننس سان معاملو حل ٿي ويندو.“ ان حد تائين ته صحيح آهي ته ڪنهن به صوبي اندر گڊ گورننس سان ڪافي مسئلا حل ٿيندا پر جيڪي معاملا ٻن صوبن يا ڪنهن هڪ صوبي ۽ وفاق وٽ تڪراري بڻيل آهن، يا صوبائي خودمختياري آهي. اهي مسئلا پنهنجي جاءِ تي ڪر کڻي بيٺل رهندا.
ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف ۽ ان جو ليڊر سنڌ جي انهن اشوز کي ڪيترو سمجهي ٿو ۽ اهميت ڏي ٿو؟ ٻي صورت ۾ هڪ دفعو وري صوبائي خودمختياري ۽ قومي حقن وارو سوال شدت سان اٿندو.

http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2018/Aug/04-08-2018/Page4/P4-2.jpg
http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/04%20Aug%202018.htm

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home