Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, June 20, 2018

شهباز شريف جي ڪراچي آمد شهر جي سياست کي تبديل ڪري سگهندي؟ سهيل سانگي

سهيل سانگي

خميس 26 اپريل 2018ع
PMLN and Karachi
سنڌ جي صوبائي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي مختلف گروپن ۾ جهيڙو بدستو جاري آهي، اڃان تائين هڪ هڪاڻي نه ٿي سگهي آهي. ٻئي طرف گذريل چند هفتن کان ملڪ گير پارٽين ڪراچي کي فوڪس ڪرڻ شروع ڪيو آهي. گذريل سالن دوران جماعتِ اسلامي ۽ تحريڪ انصاف هتي پير کوڙڻ جون ڪوششون ڪنديون رهيون، پر ايم ڪيو ايم جي ڏاڍ ۽ هڪ هٽيءَ واري رويي سبب ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيون. ڪراچي 1980ع واري اڌ ڏهاڪي کان وٺي لسانيت، تعصب ۽ مارا ماريءَ جي ور چڙهيل رهيو. هالانڪه ملڪ جي وڏي صنعتي ۽ ڪاروباري توڙي وڏي بندرگاهه هجڻ جي ناتي شهر جي اهڙي تعصب واري سڃاڻپ نه هجڻ گهرجي.
ڏٺو وڃي ته پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي دوران هيءُ شهر سياسي فڪر توڙي عمل جي حوالي سان ترقي پسند، روشن خيالي ۽ جمهوريت پسندن سان گڏ بيٺل هو. مزدور ۽ شاگرد تحريڪون، ترقي پسندانه ادبي ۽ سياسي سرگرميون شهر جي سڃاڻپ هيون. اهو فڪر عام راءِ يا سوچ طور ئي مقبول نه هو، بلڪه اقتدار جي ايوانن تي به اثرانداز ٿيندو هو. شهر 1970ع جي چونڊن ۾ ڀرپور مذهبي رنگ جو اظهار ڪيو ۽ هتان مولانا شاهه احمد نوراني جي جميعتِ علماءِ پاڪستان ۽ جماعتِ اسلامي سوڀاريون ٿيون. پيپلز پارٽيءَ کي به ڪجهه حصو مليو، پر مجموعي طور تي ڇاپ ديوبندي ۽ بريلوي مڪتبهءِ فڪر رکندڙ ٻن مذهبي جماعتن جي رهي، جن جو ووٽر انڊيا مان لڏي آيل هو. انهن ٻنهي جماعتن پاڻ ۾ ڪو اتحاد نه ڪيو هو، بلڪه هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ئي هيون. 1970ع وارو ڏهاڪو انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ گذريو ته شهر ۾ مذهبي سياست حاوي هجي يا ترقي پسند لبرل سوچ؟ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جتي سڄي ملڪ اندر کاٻي ڌر جي سياست کي ڪمزور ڪيو، ان جو گهڻو اثر ڪراچيءَ تي ٿيو، جتي سندس دورِ حڪومت ۾ مزدور تحريڪن کي چيڀاٽيو ويو ۽ ترقي پسندن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون، ائين مذهبي سياست ڪندڙ ڌرين کي ڄڻ جڳهه ملي ويئي. ڀُٽي جي خلاف پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) جي تحريڪ ۾ جميعت علماءِ پاڪستان ۽ جماعتِ اسلامي سرگرمي وارو ڪردار ادا ڪيو. ائين ڪراچي کي پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي کانپوءِ هڪ دفعو وري اهو احساس ڏياريو ويو ته اها ڪو سياسي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جماعتِ اسلامي ۽ جميعت علماءِ پاڪستان ڪراچي کي ته اهو احساس ڏياريو پر ان احساس سبب ٿورو اڳتي هلي راند سندن هٿن مان نڪري ويئي. سمورين خصوصيتن جي باوجود ڪراچي ضياءُالحق خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به وڏي پيماني تي پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيو. ضياءَ دور ۾ لساني سياست کي زور وٺرايو ويو. پهرين اها مهاجر سياست طور سامهون آئي. آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن ۽ پوءِ ايم ڪيو ايم جي شڪل ۾ اچي بيٺي. پنجابي لساني سياست ”پنجابي- پختون اتحاد“ جي نالي سان ملڪ اعواڻ ڪرڻ جي ڪوشش هئي، پر پنجابي لسانيت جو ڪراچيءَ ۾ کليل اظهار 1988ع جي چونڊن کانپوءِ بنهه هلڪو ٿي ويو. ان بعد پختون عنصر آيو. پختون لساني سياست جو کليل ۽ اثرائتو اظهار مشرف دور ۾ ٿيو. ان سڄي عرصي دوران مختلف موقعن تي انهن لساني گروهن جي وچ ۾ هٿياربند ٽڪراءُ به ٿيندو رهيو. شهر جي بلوچ آبادي سندس اندروني ٽڪرائن ۾ ڦاٿل رهي. مختلف لساني گروهن جي ٽڪرائن سبب سوين انساني جانيون ضايع ٿيون. لساني سياست مروج ٿيڻ کان پوءِ هن ميٽروپوليٽن شهر ۾ مذهبي توڙي ترقي پسند فڪر ۽ سوچ ڪمزور پئجي وئي.
ضياءُالحق لسانيت کي هوا ڏيڻ سان گڏ هڪ ٻيو ڪم اهو ڪيو، جو هن روايتي مذهبي جماعتن جي جاءِ تي مختلف مڪتبهءِ فڪر مان نوان مذهبي گروپ پيدا ڪيا، انهن جي حوصله افزائي ڪئي ته جيئن ملڪ جو وڏو صنعتي شهر ورهايل هجي ۽ ڪنهن جمهوري ۽ حقن واري تحريڪ ۾ رول ادا نه ڪري سگهي. ساڳي وقت اهو ته مذهبي بيانئي کان ٻاهر نه نڪري سگهي.
مشرف دور ۾ جهادي عنصر ظاهر ٿيو. هڪ مذهبي سوچ رکندڙ ٻي مذهبي سوچ رکندڙ جي خلاف ٿي بيٺا. فرقيوار جهيڙو پڻ ڀڙڪي اٿيو. ان سموري ورڇ ۽ انجنيئرنگ جو فائدو ايم ڪيو ايم کي مليو، جنهن شهر تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪئي ۽ ورڇ ۽ تشدد کي وڌايو.
2015ع ۾ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن ۽ ان بعد ان جي اندر گروهه بندين هڪ نئين صورتحال پيدا ڪري وڌي. ڪجهه اسپيس پيدا ٿيو، ڪجهه آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هاڻي هر فڪر ۽ سياست ڪندڙ ماڻهو پنهنجي جڳهه ٺاهڻ گهرن ٿا. اها صورتحال هڪ نئين صف بندي جي گهرجائو آهي. مذهبي جماعتون متحده مجلس عمل جي شڪل ۾ ٻيهر ميدان ۾ لٿيون آهن. اهي ڄاڻن ٿيون ته اڪيلي سر اُهي نئين صف بندي ۾ مقابلو نٿيون ڪري سگهن. متوازي ۽ متضاد فڪر رکندڙ مذهبي جماعتون گڏجي ويون آهن. اهو اتحاد پنهنجي نوعيت ۾ جيتوڻيڪ نئون ڪونهي. هن کان اڳ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي خلاف به اهي جماعتون هڪ ٻئي سان اتحاد ۾ هيون. ڪنهن خلاف اتحادي ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي، گڏجي اليڪشن وڙهڻ بنهه مختلف آهي. ان جي تسلسل طور ڄڻ مشرف دور ۾ انهن جماعتن گڏجي چونڊ وڙهي هئي. ڪراچيءَ ۾ مذهبي فڪر جي حوالي سان پنجاب ۾ قائم ٿيل ”لبيڪ يا رسول الله“ جماعت گذريل ڪجهه مهينن کان سرگرم ٿي آهي. ماضي ۾ بريلوي مڪتبهءِ فڪر جو وڏو مرڪز ڪراچي رهيو آهي ۽ مولانا نوراني ان جي قيادت ڪندو هو. هن فڪر ۽ تنظيم احمدين خلاف مهم توڙي پي اين اي جي 9 ستارن واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو. مولانا نوراني جي وفات کانپوءِ بريلوي مڪتبهءِ فڪر جو مرڪز ڄڻ ڪراچي کان پنجاب منتقل ٿي ويو. نئين ٺهيل جماعت ان جو اظهار آهي، جيڪا هاڻي ڪراچيءَ ۾ لٿل آهي.
ايم ڪيو ايم اندر پهريون ڏار ”حقيقي“ جي نالي سان پيو هو ۽ ٻيو ڏار ان گروپ سان پيو، جنهن پنهنجي سڃاڻپ سني تحريڪ طور ڪرائي، جيڪي بنيادي بريلوي مڪتبهءِ فڪر جا پوئلڳ هئا، پر سني تحريڪ ڪا جڳهه نه ٺاهي سگهي. ڪراچي ۾ ان متڪبهءِ فڪر جي حوالي سان خال موجود هو، جنهن کي پنجاب مان آيل جماعت ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن جماعت ماڻهن ۾ پنهنجو وجود ڏيکارڻ لاءِ خيراتي ۽ عام ڀلي وارا ڪم شروع ڪيا آهن. ڪراچيءَ ۾ واپاري برادري ۾ سوچ جون پاڙون رکڻ ڪري بريلوي مڪتبهءِ فڪر وٽ مالي وسيلا به آهن ۽ ووٽ به. هو ماضيءَ ۾ ان جو مظاهرو ڪري چڪا آهن. اها جماعت آهي ته مذهبي جماعتن جي اتحاد مجلس عمل وانگر نواز ليگ مخالف پر ان اتحاد جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار ناهي. بلڪه اها ايم ايم اي جي خلاف بيهندي نظر اچي ٿي.
سمورين ڳالهين جي باوجود وري به ڏهاڪن کان ڪراچي ۾ گهڙيل لساني سياسي گروه بندي اڄ به موجود آهي، ان کان ٻاهر نه اچي سگهي. اڪثر سنڌي ۽ بلوچ آبادي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ تي مجبور آهي. پنجابي آبادي نواز ليگ ڏي منهن ڪيو بيٺي آهي. پشتو ڳالهائيندڙن جا ووٽ عوامي نيشنل پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ مولانا فضل الرحمان ڏي ويندا. اردو آبادي جو ووٽ ورهائبو، پر اها ورهاست پاڻ ۾ ئي ٿيندي، ٻي ڪنهن پارٽي کي ڪو ٿورو ئي حصو ملندو. بلدياتي چونڊن ۾ پنجابي ۽ هزاره بيلٽ سان واسطو رکندڙ آبادي نواز ليگ کي ووٽ ڏنا هئا. شهباز شريف جو ڪراچي اچڻ ان لاءِ آهي ته هو نواز ليگ لاءِ هن شهر مان حصو ڪڍي سگهي. هن باقي سنڌ جو دورو ڪرڻ بدران رڳو گادي واري شهر تائين اچڻ پسند ڪيو. هن ايم ڪيو ايم جي بهادرآباد واري گروپ سان ملاقات ڪئي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي شاهي سيد سان مليو. سندس هي جملا اهم آهن ته اسان کي ڪراچي ۾ پنهنجي طاقت جو اندازو آهي. اسين سڀني سان گڏجي هلڻ گهرون ٿا. ايم ڪيو ايم جيتوڻيڪ گروپن ۾ ورهايل آهي پر ماضي ۾ ان ڪنهن سان چونڊن ۾ اتحاد نه ڪيو آهي ۽ هاڻي به نه ڪندي. ان صورتحال ۾ شهباز شريف پاران ايم ڪيو ايم جي گروپ سان ملاقات چونڊن لاءِ اتحاد نه، پر اهو ٻڌائڻ آهي ته نواز ليگ اي اين پي يا ٻي ڪنهن ڌر سان ٺاهه ڪري ٿي ته اهو ايم ڪيو ايم خلاف ناهي. هو دراصل پنجابي آبادي ۽ پختونن جا ووٽ هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۽ ڪجهه ٻين حلقن ۾ نواز ليگ جي حامين کي گڏ ڪرڻ گهري ٿو. هو اهو به چاهي ٿو ته ڪراچي ۾ ماحول نواز ليگ مخالف نه، پر پيپلز پارٽي مخالف ٺهي. سنڌ ۾ جڏهن پيپلز پارٽي ۽ تحريڪِ انصاف جون سرگرميون نظر اچن ٿيون ۽ نواز ليگ گم هئي، ان کوٽ جي پورائي لاءِ شهباز شريف پهتو آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته شهباز شريف جو سنڌ ۾ تعارف نواز ليگ جي صدر طور نه، پر پنجاب جي وڏي وزير طور آهي، جيڪو سنڌ سان جهيڙيندو رهيو آهي. عجيب ڳالهه ته نواز ليگ پنجاب ۾ سڄي سرگرمي نواز شريف ۽ مريم جي ذريعي ڪري ٿي، پر سنڌ ۾ اهو ڪم شهباز شريف کي ڏنو ويو آهي. حالانڪه سنڌ ۾ نواز شريف لاءِ شهباز جي مقابلي ۾ بهتر سوچ آهي. سوال آهي ته هن ڏکي صورتحال ۾ نواز ليگ ڪراچي ۾ پنهنجي لاءِ ڪيتري جڳهه ٺاهي سگهي ٿي ۽ ماحول کي نواز ليگ مخالفت مان ڪڍي پيپلز پارٽي مخالف ٺاهي سگهي ٿي؟

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/26%20Apr%202018.htm

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home