Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, June 20, 2018

وزيراعظم-چيف جسٽس ملاقات: نواز شريف پير ’پوئتي‘ ڪيا آهن يا ’پختا‘ ڪيا آهن؟ سهيل سانگي


سهيل سانگي
خميس 29 مارچ 2018ع

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار سان ملاقات، اڳ ئي گهاٽي ڌُنڌ ۾ آيل ملڪ جي سياسي آسمان کي وڌيڪ ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي. مختلف ڳالهيون، اڳڪٿيون، تجزيا، انديشا ۽ امڪان ڏيکاريا پيا وڃن. وزيراعظم ۽ چيف جسٽس جي وچ ۾ ملاقات هونئن به غير معمولي ئي هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو عام حالتن ۾ اهڙي ملاقات نه ٿيندي آهي. پاڪستان جي خاص حالتن ۾ جڏهن عدالت ساڳي پارٽي جي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيئي هٽايو ۽ پارٽيءَ جي سربراهيءَ وارو عهدو به ڇڏرائي ورتو. پارٽي جي هاڻي صرف قائد بڻيل نواز شريف تي اعلى عدالتن ۾ مختلف ڪيس هلندڙ آهن. انهن ڪيسن بابت قانوني ماهرن جي اها راءِ آهي ته احتساب عدالت کيس ۽ سندس ڪُٽنب جي ڀاتين کي سزا ئي ڏيندي. هوڏانهن اسٽيبلشمينٽ مختلف اپائن ذريعي سياسي طور توڙي چونڊيل ادارن ۾ حڪمران جماعت توڙي خود حڪومت کي گهڻو سوڙهو ڪري وڌو آهي. ائين ملڪ ۾ هڪ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
ملاقات وزيراعظم جي فرمائش تي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي آهي. جنهن جو نياپو اٽارني جنرل جي ذريعي ڏنو ويو هو. جيتوڻيڪ ان ملاقات کي سياسي معاملن سان ڳنڍيو پيو وڃي پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته سڄي قصي ۾ ڪو عدالتي، ڪو قانوني معاملو موجود آهي. ٻي صورت ۾ اها ملاقات کُليل نموني سان ڏينهن ڏٺي جو عدالت ۾ نه ٿئي ها. ملاقات کان پوءِ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪا به پڌرائي جاري نه ڪئي وئي، جنهن مان اهو پتو پئجي سگهي ته ان ملاقات ۾ ڇا ڳالهايو ويو؟ ڪهڙا معاملا ويچار هيٺ آيا؟ نتيجي ۾ ٽي وي چينلن ۽ اينڪرپرسنز جي لاءِ ميدان کُليل رهيو. نيٺ رات جو 11 وڳي ڌاري سپريم ڪورٽ مان ٻڌرائي جاري ٿي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته، ملاقات وزيراعظم جي درخواست تي ٿي. ملاقات جي گذارش اٽارني جنرل ذريعي ڪئي وئي هئي. پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته، وزيراعظم جي ملاقات چيف جسٽس جي چيمبر ۾ خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ترجمان موجب، وزير اعظم، ملڪ ۾ عدالتي نظام جي بهتريءَ لاءِ مڪمل معاونت جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته حڪومت سستي ۽ تڪڙي انصاف لاءِ وسيلا فراهم ڪندي. 
ملاقات بابت قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ آهي ته ملاقات لاءِ اهو مناسب وقت نه هو. هو اها نامناسبت اصل ۾ عدالتن ۾ نواز شريف خلاف هلندڙ ڪيسن ۽ ملڪ جي سياسي منظرنامي کي سڏي رهيو آهي. نواز ليگ جو گهڻو ۽ تکو ڳالهائيندڙ اڳواڻ سعد رفيق چوي ٿو ته ادارن جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ اهو به ته، ملاقات کي غلط رنگ نه ڏنو وڃي.
تجزيه نگارن جي هڪ وڏي کيپ آهي، جيڪا هن ملاقات کي نواز شريف جي ناڪامي ۽ ادارن سان سندس ٽڪراءَ واري موقف کان پوئتي هٽڻ سڏي رهي آهي. سندن خيال آهي ته شهباز شريف ۽ چوڌري نثار علي جو موقف حاوي ۽ سچو ثابت ٿي رهيو آهي ته ادارن سان جهيڙو ڪري نٿو سگهجي. اهڙن تجزيه نگارن موجب، نواز شريف لاءِ ڪو رليف وٺڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. نواز شريف ۽ مريم نواز ٿڪجي پيا آهن يا ڊڄي ويا آهن، تنهنڪري اهي ڪنهن ڊيل جا خواهشمند ۽ ان جي انتظار ۾ آهن. ان ڏس ۾ هفتو کن اڳ ڏنل نواز شريف جي بيان جو خاص طور حوالو ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي. هو سڀني ادارن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. ان بعد چيف جسٽس ثاقت نثار جو بيان سامهون آيو، جنهن ۾ هن پڪ ڏياري ته ملڪ ۾ ڪوبه جڊيشل مارشل لا نه پيو اچي. اڃا اهي بيان ميڊيا ۾ بحث هيٺ هئا ته آرمي چيف سان منسوب ارڙهين آئيني ترميم بابت خبرون آيون، جنهن جي هفتي کن کان پوءِ آرمي جي ميڊيا واري ونگ ترديد ڪئي. اها ترديد سامهون آئي ته هڪ ٻي خبر به ميڊيا تائين پهتي ته عسڪري ڌريون چند هفتن لاءِ چونڊون ملتوي ڪرڻ گهرن ٿيون. ائين ملڪ جي مکيه ادارن ۽ حڪمران جماعت جي اڳواڻن وٽان بيان ايندا رهيا. عام ماڻهو توڙي تجزيه نگار انهن بيان جي روشني ۾ ملڪ جي صورتحال کي ڏسي رهيا هئا.
ان ڏس ۾ اهم ڳالهه اها به ٿي آهي ته پهريون ڀيرو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کي هارس ٽريڊنگ ذريعي ٿيل چونڊ ڪوٺيو. وزيراعظم جا لفظ اوترا ئي سخت هئا، جيترا سندس پارٽي جي قائد نواز شريف جا هئا. ان کان اڳ نواز شريف ۽ سندس پارٽي جا ڪجهه ٻيا اڳواڻ بيان ڏيندا رهيا ته ڪيئن نه اسٽيبلشمينٽ ڪاريگري ڪري حڪمران جماعت کي سينيٽ جي چيئرميني وٺڻ ۽ پنهنجي اڪثريت مڃائڻ کان پري رکيو. پر وزيراعظم وٽان اهو بيان، سو به ان لهجي ۾ پهريون ڀيرو آيو آهي. وزيراعظم جو اهو بيان ٻڌائي ٿو ته حڪمران پارٽي ئي نه پر حڪومت به سينيٽ ۾ ٿيل ’چائنا ڪٽنگ‘ جي خلاف موقف رکي ٿي ۽ سينيٽ ۾ ٿيل ”فائول پلي“ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ وٺڻ گهري ٿي. اهڙي صورت ۾ وزيراعظم ۽ چيف جسٽس جي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ نواز شريف يا حڪمران جماعت جي ڪمزوري ڳولڻ ايترو صحيح نٿو لڳي.
دراصل نواز شريف ٽڪراءَ وارو موقف سوچي سمجهي اختيار ڪيو هو. حالانڪه اوڏي مهل سندس پارٽي ۾ چڱو خاصو تعداد ان موقف جو مخالف هو! پر وقت سان گڏ مخالف موقف رکندڙن به نواز شريف جي موقف کي مڃيو. اوڏي مهل نواز شريف کي اهو اندازو هو ته اهڙي موقف بعد کيس سزا به اچي سگهي ٿي. هو سزا قبولڻ لاءِ تيار هو ۽ اڄ به آهي پر ٽڪراءُ وارو موقف ڇڏڻ لاءِ تيار نٿو لڳي. هو اين آر او نٿو چاهي. بلڪه ڪوبه ادارو اين آر او نٿو چاهي. اصل ۾ نواز شريف ۽ ان بعد وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو اهو موقف بيٺو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ حڪمران جماعت کي آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته پوءِ ٻيا ادارا ۽ ماڻهو به قانوني ۽ آئيني حدن ۾ رهن. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته رڳو هڪ ڌر تي آئين ۽ قانون لاڳو ڪرڻ کي ماڻهو انصاف نه مڃيندا ۽ ايندڙ وقت ۾ به انهن جي مڃتا ۽ قبوليت نه بيهندي. نواز شريف سمجهي ٿو ته احتساب عدالت کيس سزا ڏيندي پر کيس هاءِ ڪورٽ رليف ڏيندي. ماضي ۾ به هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي فيصلن کي ريٽيو آهي. ان ڪري هو اين آر او ڪري پنهنجو سياسي موت نٿو چاهي. جيستائين رليف جو تعلق آهي ته اهو کيس هاءِ ڪورٽ يا اپيل ڪورٽ مان به ملڻو آهي. هو اڄوڪي صورتحال ۾ رليف ڇو گهرندو؟ نواز شريف ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڄ به ان ڳالهه تي بيٺا آهن ته توهان به ته قانون تي عمل ڪريو. نواز شريف اهڙي ڳالهه ان ملاقات کان چند ڪلاڪ پوءِ صحافين سان احتساب عدالت ٻاهران ڳالهائيندي پڻ چئي آهي.

http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2018/2018/29%20Mar%202018.htm

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home