Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, June 20, 2018

ڇا هي ننڍا واقعا ڪنهن ”وڏي رٿا“ جو حصو سمجهڻ گهرجن؟

سومر 08 جنوري 2018ع

سهيل سانگي

حليم باغي جڏهن ”منهنجي ٿر جو حال جي پُڇندين روئي پوندي“ وارو شعر لکيو هو، تڏهن سندس نظر ۾ ٿر جو ڏڪاريل، ڏتڙيل حالتون، بکايل ۽ ڏکايل ماڻهن جون حالتون هُيون پر ٿر جو اڄوڪو ڏک ان ڏک کان ڪجهه مختلف ۽ وڌيڪ ڏکيرڙو آهي. گڍي ڀٽ واري هن شهر ۾ صبح ٽاڻي ٿيل ٻن نوجوان مهيشورين جي ”نامعلوم“ ڦورن هٿان قتل جي سانحي نه رڳو ڏڪائي وڌو آهي بلڪه ڏهڪائي به وڌو آهي. ڏهڪاءُ ۽ صدمي جي لهر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آهي پر ٿر ۾ ڪجهه سوائي آهي، جتي اهو واقعو ٿيو آهي. هونئن ته حي ٻٽي قتل جو واقعو، ڏوهن جي دنيا ۾ رڳو ڏوهه آهي پر جڏهن ڪنهن واقعي کي پس منظر ۾ ڏسجي ٿو ۽ ان جي امڪاني اثرن ۽ خطرن جو سوچجي ٿو ته پوءِ مٺي توڙي ٿر جي ٻين شهرن ۾ ڦهليل ڏهڪاءُ سمجهه ۾ اچي ٿو. ان حساب سان اهو واقعو دهشتگرديءَ جي کاتي ۾ اچي ٿو. ٿرپوليس جو سربراهه چوي ٿو ته پوليس جوابدارن کي ويجهو پهچي ويئي آهي، بلڪه گهڻو ويجهو پهچي ويئي آهي. ٿر جا سڀئي ماڻهو، سنڌ توڙي ملڪ جون ساڃاهه وند ڌريون دعاڳو آهن ۽ ان انتظار ۾ آهن ته پوليس واقعي حقي جوابدارن تائين پهچندي. اها جاچ ۽ جوابدارن تائين پهچڻ پوليس جي ڪارروائي آهي. جيئن ته اهو واقعو خاص حالتن ۾ ٿيو آهي ۽ ان جا گهرا اثر پوندا آهن، ان ڪري هتي منهنجو موضوع اهي ئي شيون رهنديون.
ٿر ۾ گهڻو ڪجهه تبديلي ٿي ويو آهي. اها تبديلي معاشي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حوالن سان ته آهي ئي آهي، پر ساڳئي وقت سماجي رشتن ناتن جي حوالي سان به آهي. ڪيئي صديون شين جي مٽاسٽا، جنهن کي انگريزيءَ ۾Barter  چئجي ٿو، ان نظام تي هلندڙ هيون. هتان جا ماڻهو بادلن ۾ اکيون وجهي سڄو سال برسات جو انتظار ڪندڙ رهيا. صبر، شڪر ۽ انتظار ۾ خوش رهندڙ پاڻ کي معاشي طور تي خود ڪفيل ئي سمجهندا هئا. ايتري قدر جو ويهارو سال اڳ ٿر جي هڪ ڊپٽي ڪمشنر ڪچهري دوران ٻڌايو ته ٿر ۾ حڪومت جي ضرورت ئي ڪونهي. اها ضرورت صرف تڏهن پوي ٿي، جڏهن ڏڪار پوي ٿو. ورنه حڪومت کي کپي ته اها ٿر ۾ مداخلت نه ڪري. ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڇاڪاڻ ته شريف ماڻهو هو، ان ڪري سندس نيت ۽ سوچ تي شڪ نه پيو ڪري سگهجي پر اها به حقيقت آهي ته ٿر ۾ ملڪ ٺهڻ کان وٺي ٽيهارو سالن تائين ڪجهه به نه بدليو هو. 1971ع واري جنگ جي لڏپلاڻ ڪجهه تبديل ڪيو پر حڪومت طرفان به حالتن بدلائڻ لاءِ ڪوشش ورتي ويئي، ايتري قدر جو ستر واري ڏهاڪي تائين بئراج علائقي کان ٿر ڏي ڪڻڪ کڻي وڃڻ تي به بندش هوندي هُئي. ٿر ۾ پهريون رستو 1985ع ۾ ٺهيو.
ڪوئلو نڪتو ته ٿر بابت حڪومت، اسان جي ادارن جي سوچ ۽ رويي ۾ تبديلي آئي. هاڻي حڪومتي ادارن جي نقشي ۾ ٿر نظر اچڻ لڳو، روڊ ٺهڻ لڳا. پرڏيهي ڪمپنيون، پرڏيهي ماڻهو، ملڪ جي مٿين علائقن جا ماڻهو اچڻ لڳا. ڪجهه ڪاروبار شروع ٿيا. ڪوئلي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪمن ڪارين ۾ اربين رپين جي سيڙپ ڪاري ٿيڻ لڳي. آر او پلانٽ به اچي ويا. مختلف تجربا ٿيڻ لڳا. اسان  تڏهن ئي چيو پئي ته ”ٿر کي ڪاروباري نظرن سان نه ڏسو“ پر ڪاروباري ڌريون ته ڪاروبار ئي ڪنديون آهن. ائين ٿر جي بارٽر معيشت ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر به اچي پير کوڙيا. ڪالهه تائين بارٽنر معيشت ”مال جي بدلي مال“ جي جاءِ تي آزاد معيشت اوچتو اچي ويئي. مٽاسٽا واري معيشت سندن رشتن ۽ هڪ ٻئي تي دارومدار رکڻ وارن اصولن تي بيٺل هوندي آهي. جنهن ۾ هڪ ٻئي جي خبر رکڻ ۽ خيال رکڻ لازمي هوندو آهي. جذبا ۽ احساس ان معيشت جي هڪ اصول طور ڪم ڪندا آهن، ان ڪري سماجي توازن ۽ هم آهنگي رهندي آهي. آزاد معيشت اچڻ سان پيدوار ۽ خدمتن جا طريقا تبديل ٿي ويا، تڏهن اهي پراڻا سماجي رشتا ۽ ناتا برقرار رهي ئي نٿا سگهن. هن بدلجندڙ معيشت نوان طبقا، نوان اسٽيڪ هولڊر، نوان پاور بروڪرز به پيدا ڪيا. اهي نوان طبقا ۽ نوان اسٽيڪ هولڊر ڪيترن هنڌن تي هڪ ٻئي جا ساٿي آهن، ته وري ڪيترن موقعن تي هڪ ٻئي جي چٽا ڀيٽي ۾ آهن. انهن جا هڪ ٻئي سان تضاد آهن. اهم پهلو اهو به آهي ته ان ۾ ڌاريو عنصر، ڌاريو پئسو ۽ اثر رسوخ به شامل ٿي ويو. نتيجي ۾ حالتن کي توڙي انهيءَ سموريDynamics  کي سمجهڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ توڙي ان ۾ رهڻ ڪو ايڏو سولو ڪم نه رهيو آهي. حڪمرانن جي نااهلي اها آهي، جو اهي انهن سمورين تبديلين جي نه ڄاڻ رکن ٿا. نه وري ڪو ان لاءِ ريسرچ ڪئي وئي ۽ نه وري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽون ڪڍيون ويون. حڪومت انهيءَ ڪم کي سولو سمجهيو ته حڪمراني ۽ انتظام ڪاري انگريزن واري ئي رکي وڃي ۽ باقي ڪوئلو ۽ ان سان لاڳاپيل شيون ڪارپوريٽ سيڪٽر جي حوالي ڪيون وڃن. اها عجيب ڳالهه آهي ته هن سڄي قصي ۾ حڪومت ماڻهن ۽ انهن جي مفادن سان گڏ بيهڻ بدران ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ ڌنڌوڙين سان گڏ بيٺي. ان جا ننڍا مثال ايئن ملن ٿا ته ڌارين صوبن جا ماڻهو ٿر ۾ وياج تي شيون ڏيئي وسيلن ۽ ماڻهن تي حاوي ٿي رهيا آهن. وڏو مثال ڪوئلي واري ڪمپنيءَ جو طريقي ڪار ۽ گوڙاڻو ڊيم جو آهي. هڪ سال تائين اسلام ڪوٽ ۾ هلندڙ احتجاج ڪندڙن وٽ اڄ سوڌو ڪو ذميوار سرڪاري عهديدار نه پهتو آهي.
ٿر جي سماجيات کي لڳاتار ڏڪارن به تبديل ڪيو. اڳي ڏڪار پوندا هئا ته ماڻهو لڏا کڻي مال ڪاهي بئراجي علائقن ڏي ايندا هئا، يا وري پورهيو ڪرڻ جهڙا ماڻهو ايڏانهن اچي لابارو يا ڪو ٻيو زرعي ڪم ڪندا هئا. گذريل ٽيهارو سالن کان ايئن ئي ٿيندو پيو اچي ته چوماسي وارين برساتن جي بي قاعدگي کي ڏسندي، ڪوشش ڪري هر خاندان پنهنجي ڪٽنب جو هڪ فرد بئراجي علائقي جي شهرن وغيره ۾ موڪلي ڇڏيو. هنPhenomenon  (مظهر) به سماج ۾  تبديلي آندي ۽ معيشت کي آزاد معيشت ڏي ڌڪيو. گهڻن ماڻهن لاءِ اها ڄاڻ ڏاڍي دلچسپ هوندي ته 21 هزار چورس ميلن تي پکڙيل ٿر جي 2400 ڳوٺن لاءِ ڪُل 13 ٿاڻا آهن. (اهي 13 به هاڻي ڪيا ويا آهن، نه ته اڳي 7 ٿاڻا هُئا) يعني 1600 چورس ملين تي هڪ ٿاڻو آهي. ان ٿاڻي ۾ به روايتي ”ڪاڪو سپاهي“ ويٺل آهي، جنهن کي نه تيزيءَ سان بلدجندڙ حالتن جي ڄاڻ آهي، ۽ نه وري ٽريننگ ۽ سوچ- کيس اها به خبر ناهي ته پرڏيهين کي پروٽوڪول ڪيئن ڏبو آهي. انهن جي حفاظت يا شڪي پرڏيهين تي نظر ڪيئن رکبي آهي؟ ڪهڙيون ڪهڙيون ڌريون هتي ڪهڙن مقصدن لاءِ سرگرم آهن؟ ۽ ڇا ڇا پيون ڪن؟ پوليس جو ته رڳو هڪ مثال آهي، اها ڳالهه ٻين کاتن سان به لاڳو ٿئي ٿي. معيشيت ۾ تيزيءَ سان پيدا ٿيندڙ خال مقامي ماڻهن کي سکيا، ڄاڻ، سهولت ۽ مدد نه ملڻ ڪري ڪو ٻيو ڀري رهيو آهي. اڳي ٿر ۾ کيکڙا مقامي ماڻهن جا هلندا هئا، جن جا شهرن ۾ ڪاروبار به هئا، هاڻي وڏي ٽرانسپورٽ تي به ٻاهر جو ماڻهو اچي رهيو آهي. ٿر ۾ عملي طرح ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو وجود ناهي. پيپلز پارٽي جي دعويٰ به چار ڊزن جيالن کان مٿي ڪونهي. ورنه ننڍا وڏا گروپ آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي سامهون بيهن ٿا، ٽڪرائجن ٿا، پاسا مٽائن ٿا. ٺوس فڪري ۽ سياسي حوالي سان ڪي به بنياد ناهن. اهو فڪري خال به ٻاهر جون ڌريون ڀري رهيون آهن، جن جا اثر ايندڙ وقت سامهون اچڻ شروع ٿيندا. انهن بدلين حالتن ۾ ٿر ۾ پنهنجا تضاد پنهنجي جاءِ تي، پر عالمي ڌرين جي مفادن جي ٽڪرائن سبب به نوان چئلينج آهن. ڪوئلي واري رٿا سيپيڪ ۾ شامل ٻُڌائي وڃي ٿي. اهو ٿر جي تضادن ۾ هڪ عالمي تضاد جو اضافو ڪري وجهي ٿو.
هاڻي اچو ته هن واقعي جي اثرن بابت ڪجهه ويچار ونڊيون. مٺي ٿر جو ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ هتي جو وڏو شهر آهي. سڄي ملڪ ۾ مٺي جي صوبائي اسيمبلي واري واحد سيٽ آهي، جنهن ۾ اقليتي ووٽ اڪثريت ۾ آهن. ساڳي طرح سڄي ملڪ ۾ اقليتن جو وڏو انگ هن ضلعي ۾ آهي. ان ڪري هي هڪ حساس علائقو آهي. ٿر جتي هٿيارن جي نمائش يا هٿيارن جو استعمال ڳولئي به مثال مشڪل سان ملي، ان ۾ ايئن ڏينهن ڏٺي جو واقعا معاملي کي وڌيڪ حساس بڻائي وجهن ٿا. ڪجهه سال اڳ عمرڪوٽ ۾ ٿيل ٻن واقعن سبب اتي وڏو ڏهڪاءُ پيدا ٿي ويو هو، جنهن کي وڏين ڪوششن سان ٽاريو ويو. هاڻي وري مٺي ۾ ٿيل واقعي خوف پيدا ڪيو آهي. هن ڏکي صورتحال ۾ مثبت ۽ سگهاري ڳالهه به سامهون آئي آهي. واقعي خلاف ۽ جوبدارن جي گرفتاري لاءِ جڏهن مٺي شهر ۾ ڌرڻو لڳو ته سمورن ماڻهن بنا ڪنهن سياسي، فڪري، مذهبي ۽ فرقي جي امتياز جي ان ۾ شرڪت ڪئي ۽ اڪيلي نه هجڻ جو احساس ڏياريو. ان خوف کي حڪومت جوابدارن جي گرفتاري جا اثرائتا اپاءُ، مقامي آبادي کي خاطرين، ان سان گڏجي بيهڻ جي عملي شڪل ذريعي وٺي سگهي ٿي. ٿر ۾ جڏهن وسڪارو ٿيندو آهي ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو سنڌ توڙي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هن عجب علائقي جو نظارو ڪرڻ لاءِ گهمڻ ايندا آهن. 2017ع ۾ اهو انگ لکن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. ڇا انهن ماڻهن جي ذميواري نٿي بڻجي ته صدمي ۾ ورتل ٿر جي ماڻهن کي اچي دلداري ڏين. هن جو مطلب اهو ناهي ته ٿر جي ماڻهن ۽ هتان جي معيشت کي انهن پراڻين حالتن ۾ ئي رکيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٿر جي ماڻهن کي بدليل حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪري، سندن سکيا ڪري، مدد ڪري ۽ مالڪي ڪري.
دنيا ۾ اهو اصول هاڻي مڃجي چڪو آهي ته صرف اها ئي ترقي گورننس لاءِ لاڀائتي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ عوام جي عملي ۽ اثرائتي شرڪت هجي. اهو حڪومت لاءِ به چئلينج آهي ته وري سمورن ساڃاهه وندن ۽ سول سوسائٽي توڙي ٿر جي ڏٻري ماڻهو لاءِ به.

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home