Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, December 11, 2017

ذري تان بچي ويل نواز شريف!

جمع 21 اپريل 2017ع
نواز شريف جي حڪومت ذري تان بچي وئي، پر کيس اهو ڌڪ اڃا پچائڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو پاناما ڪيس هلائيندڙ پنجن مان ٽن ججن جي فيصلي نواز حڪومت کي بچائي ورتو آهي. جڏهن ته ٻن ججن اختلافي نوٽ وارو فيصلو ڏنو آهي. عدالت جي آءِ ٽي (جوائنٽ انويسٽگيشن ٽيم) ٺاهڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته، سٺ ڏينهن اندر جاچ جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، يعني ڪيس جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن وقت تائين آيل فيصلي جي هڪ تشريح اها آهي ته نواز شريف جي حق ۾ فيصلو آيو آهي، جو سندس حڪومت بچي وئي آهي. ٻي تشريح اها آهي ته خطرو ٽريو ناهي، ڄڻ ايندڙ شنوائي تائين ڳالهه ڊيگهه کائي وئي آهي.
هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو ڪنهن ايڏي هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ٺهي آهي، سا به وري عدالتي حڪم تي- هن کان اڳ ڪراچي ۾ ٻه ٽي ڊزن جي آءِ ٽي ٺهيون، پر انهن جي رپورٽن کي عدالتن ۾ اها مڃتا نه ملي. سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي بعد ممڪن آهي ته هاڻي جي آءِ ٽي کي عدالتن ۾ مڃتا ملي. هن فيصلي اچڻ کان اڳ ميڊيا پنهنجي پراڊڪٽس جو خوب ڪاروبار ڪيو. اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا ۾ آيل تبصرن ۽ تجزين مان لڳي ٿو ته فيصلو انهن جي اميدن وٽان نه آيو آهي. عدالتون ڪو ورلي عوام جي خواهشن وٽان فيصلو ڪنديون هجن، عدالتي فيصلن جا پنهنجا مڪينزم هوندا آهن. هونئن به پاڪستان جي عدليه جي اپروچ ايترو وقت گذرڻ ۽ ڪجهه سڌارو اچڻ جي باوجود انصاف ڏيڻ جي بدران قانون جي پنڌ پيچرن ۾ هلڻ ۽ گهمڻ رهيو آهي. رڳو پاڪستان ئي نه، پر دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ به ائين ئي آهي، ڇاڪاڻ جو عدالتي فيصلا قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ جي بنياد تي ايندا آهن.
پيپلزپارٽيءَ جي انهيءَ دعويٰ کي هٿي ملي ٿي ته لاهور جي وزيراعظم جي خلاف ڪورٽ فيصلو نه ڏيندي. پيپلزپارٽيءَ جي خلاف عدالتي فيصلن جي حوالي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف آيل فيصلي کان وٺي يوسف رضا گيلاني تائين جي وڏي ڪهاڻي آهي. هن فيصلي جي حوالي سان هڪڙو موقف سياسي پارٽين جو آهي، جنهن ۾ نواز ليگ پنهنجي پاڻ کي فائدي ۾ سمجهي ٿي ۽ ڏاڍو خوش آهي. جنهن کي نواز ليگ جي جذباتي فتح جو نالو ڏنو پيو وڃي. عمران خان به خوش آهي، جو هڪ ته ٻن ججن اختلافي نوٽ هنيو. ٻيو اهو ته ڪيس جي اڃا جاچ ٿيندي، ان ڪري هو پنهنجي اخلاقي فتح سمجهي ٿو. پيپلز پارٽي کي ڪا اهڙي فتح ته نصيب نه ٿي، ان کي موقعو مليو ته اها ملڪ م موجود سياسي راءِ کي سامهون رکندي نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪري. هن وقت تائين مخالف ڌر جون به وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف نواز شريف کان اهڙو مطالبو ڪري چڪيون آهن.
سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن نظر وڌي وڃي ته اتي موجود ايڪٽوسٽ به مايوس ٿيا. سندن خيال هو ته عدالت فيصلي ۾ ڄڻ نواز شريف کي ڪرپٽ قرار ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. عدالت آڏو ڪيس عمران خان آندو، جنهن وٽ ڪي به اهڙا ٺوس ثبوت نه هئا، جو عدالت نواز شريف يا سندس خاندان کي ڪا سزا ڏئي سگهي. پئسا پرڏيهه ۾ شريف فيملي وٽ ڪيئن گڏ ٿيا؟ ڪيئن ملڪيتون ٺهيون، ان جو پيرو کڻڻ ۽ ثابت ڪرڻ ضروري هو. عام عدالتي اصول موجب فريادي ڪيس ثابت ڪندو آهي، پر موجوده صورتحال ۾ جوابدار يعني نواز شريف تي اهو بار وڌو ويو هو ته هو ثابت ڪري ته الزام سچا ناهن يا اهو ته هو ثبوت پيش ڪري فريادي ڌر جي موقف کي غلط ثابت ڪري. ان ڪري قانوني ٻولي ۾ چئي سگهجي ٿو ته ڳالهه ڀلي سچي آهي، پر ثبوت موجود ناهن. اها ڳالهه ڪيس هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بنچ جي سربراهه جسٽس کوسا پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ به چئي آهي. هو ماريو پوزو جي جگ مشهور ناول ”گاڊ فادر“ جي ان جملي سان شروعات ڪري ٿو ته، ”هر ججهي مال ملڪيت جي پويان ڏوهه هوندو آهي.“ اهو ڏوهه ڪڏهن ڳولي نه سگهبو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ڏوهه ڏاڍي ڪاريگر سان ڪيل هوندو آهي. هتي به اهڙو ئي معاملو لڳي ٿو، ڇاڪاڻ جو مختلف حڪومتي ادارا نواز شريف جي پرڏيهه ۾ ملڪيت ميڙن جا پيرا کڻڻ ۾ ناڪام ويا يا وري انهن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙو اشارو اختلافي نوٽ ۾ به ملي ٿو. هاڻي جڏهن عدالت ملڪيت ميڙڻ جا پيرا کڻڻ جي جاچ لاءِ ٽيم ٺاهڻ جو فيصلو ڏنو  آهي، تڏهن ڏسڻو پوندو ته اهي پيرا ڪڏهن کان ۽ ڪٿان کان کنيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو اصغر خان ڪيس ۾ عدالت جو فيصلو موجود آهي، جنهن ۾ آءِ جي آءِ ٺاهڻ لاءِ ججهي مقدار ۾ ڏوڪڙ ورهايا ويا هئا. انهيءَ آءِ جي آءِ ٺاهڻ ۽ ان کانپوءِ ان کي هلائڻ ۾ نواز شريف جو اهم ڪردار رهيو آهي. ٻيا به ڪيترا اهڙا موقعا آيا ۽ معاملا سامهون آيا، جن ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جون خبرون ميڊيا ۾ آيون. اهو معاملو رڳو نواز ليگ يا نواز ڪٽنب تائين محدود ناهي، ان جو دائرو تمام وڏو آهي. ساڳي طرح ڪرپشن جا الزام ۽ ڪيس پيپلز پارٽي جي قيادت جي باري ۾ به ايندا رهيا. ڪن تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته، پيپلزپارٽي مبينا ڪرپشن ڏاڍي بي افعالي سان ڪئي، جو ان جا پيرا کڻڻ سولا آهن، شريف خاندان ڏاڍي سياڻپ کان ڪم ورتو.
هن ڪيس جا ڪجهه ٻيا پاسا به اهم آهن. انهن ۾ وڌيڪ اهم پاسو سياسي آهي. ايندڙ سال يا ممڪن آهي ته ان کان به گهٽ مدي ۾ جيڪي چونڊون ٿيڻون آهن، انهن چونڊن دوران هيءُ اڌ ۾ ڦاٿل ڪيس نواز ليگ ۽ نواز شريف لاءِ وڌيڪ ڏکيائون پيدا ڪندو. ڪرپشن وارو معاملو پنهنجي جاءِ تي حقيقت جيان لڳي ٿو، پر هن ڪيس جي پويان سياسي معاملا آهن ۽ ان جون سياسي Implications به آهن. ڪن ڌرين جو چوڻ آهي ته اصل ۾ اسٽيبلشمنٽ ڪنهن به وزيراعظم کي پنج سال پورا ڪرڻ ڇو نٿي ڏيڻ چاهي. گذريل ڀيري پيپلز پارٽي ئي آئيني مدت پوري ڪئي، پر ان جي وزيراعطم آئيني مدت پوري نه ڪئي هئي. بهرحال ان ڳالهه جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو ته نواز ليگ کي پنهنجو وزيراعظم بدلائڻو پوي. بهرحال اهو ضرور آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪرپشن وارو نعرو چونڊن جو نعرو بڻبو. اهو ساڳيو نعرو پيپلز پارٽي کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو ته ساڳي وقت نواز ليگ کي به- اهو نعرو ماڻهن کي ڇا ڏئي سگهندو؟ ڪا نئين جماعت يا ڪو نئون ماڻهو حڪومت ۾ ايندو؟ اهي سوال اڃا تائين اڻ نبريل آهن، ڇاڪاڻ جو سمورين ڳالهين جي باوجود عمران خان گهڻين ڌرين لاءِ ڪا پسنديده شخصيت ناهي.

Nawaz Sharif

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home