Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, December 08, 2017

سويلين بالادستيءَ لاءِ نواز شريف مارچ کان اڳتي ايندو؟

Nawaz Sharif has to come forward for civilian supremacy 
ڇنڇر 12 آگسٽ 2017ع
اڳوڻي وزيراعظم عهدي تان لهڻ بعد گهر موٽڻ واري سفر کي پنهنجو نئون سياسي سفر بڻائي ڇڏيو آهي. هو جي ٽي روڊ ذريعي جلسا جلوس ڪڍندو، ريلي جي شڪل ۾ لاهور اچي رهيو آهي. جيئن جيئن پنڊي کان پري ٿيندو پيو وڃي، تيئن سندس لهجي ۾ به تيزي اچي رهي آهي. نواز شريف جي روڊ شو پنجاب توڙي وفاقي حڪومت کي تڪليف ۾ وڌو آهي، پر هو اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته ڀلي عدالت طرفان نااهل ڪيل هجي، پر اصل پارٽي ليڊر هو ئي آهي. پاناما ڪيس ۾ هو سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي ناخوش هو، پر هاڻي هو ان فيصلي کي عوام ۾ چئلينج ڪري رهيو آهي. گوجرانوالا جي تقرير ۾ هن چيو ته، آئون واپس عوام جي عدالت ۾ آيو آهيان. مون عدالت ۾ ڪا به اپيل نه ڪئي، منهنجي اصل ڪورٽ توهان عوام آهيو. هو عوام کي سڏ ڏيئي رهيو آهي ته توهان جي ووٽ جي عزت نه ڪئي وئي، ڇا آئون توهان کي سڏ ڏيان ته توهان مون سان گڏ بيهندئو؟ اڳوڻي وزيراعظم طرفان لاهور واپسي لاءِ موٽر وي بدران جي ٽي روڊ جي چونڊ اهو پيغام ڏنو هو ته هو اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي موڊ ۾ آهي. پر سندس مٿي ڄاڻايل جملن ذريعي چئي رهيو آهي ته هو ڪيتري حد تائين وڃي سگهي ٿو. خيال هو ته جي ٽِي روڊ تي اچڻ جي اعلان بعد اڳوڻي وزيراعظم ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڳالهيون شروع ٿي وينديون، پر اهڙي ڪا صورت نه نڪري سگهي. ماڳهين ان جي ابتڙ صورتحال وڃي اها بيٺي ته اڳوڻي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ شهباز شريف جي ڪجهه ويجهن حلقن طرفان ميڊيا ۾ کليل لفظن ۾ نواز شريف جي مهاڏي اٽڪائڻ واري پاليسي جي مخالفت سامهون آئي. رڳو چوڌري نثار علي ئي نه، پر نواز ليگ جي اندر ڪجهه حلقا مهاڏي واري حڪمت عملي کي پارٽي سان اڻ ٺهڪندڙ سمجهي رهيا هئا. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي ته ماضي ۾ نواز ليگ ڪنهن به اهڙي صورت ۾ عوام ڏانهن رجوع نه ڪيو آهي. 1990ع واري ڏهاڪي جي اڌ ۾ جڏهن کيس صدر غلام اسحاق خان لاٿو هو يا وري 1999ع ۾ پرويز مشرف سندس چونڊيل حڪومت ڊاهي، قيد ڪري سزا به ٻڌائي ته ٻنهي موقعن تي نواز ليگ مهاڏي بدران مصالحت واري پاليسي اختيار ڪئي. ڏيئي وٺي سندس کاتي ۾ افتخار محمد چوڌري ۽ ٻين ججن جي بحالي جي موقعي تي ڪيل لانگ مارچ اچي ٿو. پر اهو لانگ مارچ به اسٽيبلشمينٽ جي خلاف نه هو، تڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي ۽ نواز ليگ ان تي دٻاءُ وجهي رهي هئي. اڃان لانگ مارچ اڌ ۾ ئي هو ته جنرل ڪياني جي وچ ۾ پوڻ تي جج بحال ٿي ويا.
ڏٺو وڃي پيو ته موجوده مارچ نواز شريف جي مجبوري بڻجي ويو، جو سندس سياسي بقاءَ جو سوال پيدا ٿي پيو هو. جيئن پارٽي خاقان عباسي کي وقتي وزيراعظم ۽ شهباز شريف کي باقي آئيني مدت لاءِ وزيراعظم جو فيصلو ڪيو ته پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ پارٽي اندر مختلف لابين ۽ گروپن وچ ۾ ڊوڙ ۽ تضاد تيز ٿي ويا. پنجاب پارٽي جو اصل بيس آهي. اتي ميان نواز شريف ڪو به کٽراڳ نٿو چاهي. رڳو ايترو ئي نه، پر پنجاب جي وڏ وزارت واري سوال تي خود شريف خاندان ۾ به ڏار نظر اچڻ لڳا. نتيجي ۾ شهباز شريف کي پنجاب جي وڏ وزارت تان چورڻ وارو فيصلو تبديل ڪيو ويو. هاڻي بيگم ڪلثوم نواز لاهور واري سيٽ تان پارٽي جي اميدوار آهي، جيڪا وقت اچڻ يا اڪثريت جي چوڻ تي وزيراعظم جي عهدي جي به اميدوار ٿي سگهي ٿي.
نواز شريف خلاف عمران خان به جي ٽي روڊ تان لانگ مارچ ڪيو هو، جي ٽي روڊ پنجاب بلڪه پاڪستان جي سياست ۾ اهم ڪردار اد ڪندو رهيو آهي. ان ڪري عمران خان پير ڊاهڻ لاءِ به اهو ضروري سمجهي پيو. نواز شريف اهو روٽ اختيار ڪري انهي تاثر کي به ڌوئي رهيو آهي ته پنجاب نواز ليگ کان ڦري ويو آهي ۽ اهو عمران خان جو ساٿ ڏيئي رهيو آهي. اڳوڻو وزيراعظم سويلين بالادستي جو نعرو کڻي ميدان ۾ لٿو آهي. اهو نعرو ڏاڍو پُرڪشش آهي، ملڪ جي معروضي حالتن جمهوريت پسندن ۽ ترقي پسند حلقن کي نواز شريف سان گڏ بيهاري ڇڏيو آهي. سوال اهو آهي ته ميان صاحب جي هن نعري ۽ بيانيه ۾ ڪيتري سچائي آهي؟ اهو به ته هو پاڻ هن نعري سان ڪيترو سچو آهي؟
جيستائين نعري جي سچائيءَ جو سوال آهي ته پاڪستان ۾ ڪو به چونڊيل وزيراعظم پنهنجي آئيني مدت پوري نه ڪري سگهيو، ساڳئي وقت چونڊيل حڪومتن کي سدائين خطرو رهيو آهي. 50ع واري ڏهاڪي کان وٺي مختلف واقعن کي ڏسجي ته سياستدانن جي سدائين هار ٿي آهي. اها هار ڪڏهن صدر جي هٿان ته ڪڏهن وري عدالتن جي هٿان ته ڪڏهن وري عسڪري ڌرين جي هٿان. اڪثر حالتن ۾ ڏٺو ويو آهي ته اهي ٽيئي ڌريون چونڊيل حڪومتن جي معاملي ۾ جُٽ رهيون آهن. پيپلز پارٽي جيئن تيئين 2008ع وارين چونڊن بعد آئيني مدو پورو ڪيو پر کيس ٻه وزيراعظم مٽائڻا پيا. ضياءُالحق جي ”حادثاتي“ موت بعد جڏهن 1988ع جي چونڊن ۾ بينظير ڀٽو کي حڪومت ڏني وئي ته اها به شرطن شروطن تي هئي، جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو شرط غلام اسحاق خان کي صدر چونڊڻ هو. مطلب ته چونڊون کٽيندڙ پارٽي بااختيار نه رهي. اهڙي طرح چونڊيل وزيراعظم ۽ چونڊيل پارليامينٽ به بااختيار نه رهي. ميان نواز شريف جيڪو اڄ سويلين بالادستي، عوام جي ووٽ ۽ پارليامينٽ جي بالادستيءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سو 1988ع وارين چونڊن ۽ ان کانپوءِ جي صورتحال ۾ پاڻ ان ڳالهه جو جوابدار رهيو آهي. بلڪه 1990ع واري ڏهاڪي ۾ مسلسل هو چونڊيل حڪومت توڙي پارليامينٽ جا اختيار گهٽائڻ ۾ عملي طرح وڏي پيماني تي حصو وٺندو رهيو آهي. هو جيڪڏهن تڪڙ نه ڪري ها، پارليامينٽ ۽ سويلين بالادستي مضبوط ڪري ها ته کيس نه 1999ع وارا ڏينهن ڏسڻا پون ها ۽ نه ئي وري اڄوڪي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ها. محترمه بينظير ڀٽو 1990ع واري ڏهاڪي ۾ نواز شريف حڪومت خلاف اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ يا آڌار تي جيڪو ڪردار ادا ڪيو، تنهن جو ازالو هن جمهوريت واري پڌرنامي ذريعي ڪيو. ڇا نواز شريف کي پنهنجي ان رول بابت ڪو پڇتاءُ، ڪو احساس آهي، جيڪو هن 1988ع کان وٺي 2013ع تائين پيپلز پارٽي حڪومت دوران ادا ڪيو؟ ان رول جي نتيجي ۾ پارليامينٽ جمهوريت به ڪمزور ٿي ۽ سويلين بالادستي به گهٽي. جيڪڏهن ائين آهي ته کيس ان جو کليل طرح سان اظهار ڪرڻ گهرجي ته هن غلطي ڪئي. ان سان گڏوگڏ ان جي ازالي لاءِ به ۽ ان تي عمل ڪري ڏيکارڻ گهرجي.
ڏٺو وڃي ته 1988ع واري ڏهاڪي کان 2013ع تائين ۽ ان کان اڳ واري دور ۾ پنجاب جون حڪمران ڌريون، جن کي سياسي معنائن ۾ پنجاب چئي سگهجي ٿو، سو ملڪ ۾ جمهوريت ۽ حقن واري جدوجهد ۾ آڏو رهيو آهي يا مخالف رهيو آهي. جڏهن ملڪ جي مختلف صوبن جا ماڻهو جمهوريت، حقن ۽ سويلين بالادستيءَ لاءِ اڳين صفن ۾ جدوجهد ڪندا رهيا، تڏهن پنجاب انهن جو ساٿ نه ڏنو. اها صورتحال ايم آر ڊي تحريڪ دوران به رهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪابه ڳالهه ڪيتري سٺي ڇو نه هجي، ان کي تيستائين مڃتا نه ملندي آهي، عمل ۾ نه اچي سگهندي آهي، جيستائين پنجاب اها نه چاهيندو آهي. ملڪ ۾ جمهوريت تڏهن آئي جڏهن بنگلاديش ٺهڻ بعد باقي بچيل پاڪستان ۾ پنجاب اڪثريت ۾ آيو. ساڳي ريت پاڪستان جون قومپرست ڌريون ۽ ننڍا صوبا ملڪ ٺهڻ کان وٺي صوبائي خودمختياري لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا، جيلون ڪاٽيندا رهيا. پر ارڙهين ترميم تڏهن آئي جڏهن پنجاب چاهيو. سو اڄ به سويلين بالادستي جي اشد ضرورت آهي. پنجاب اها ڳالهه محسوس ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته پوءِ اڳتي اچي پنهنجو قرض چڪائي ۽ ڪفارو ادا ڪري. ان مقصد لاءِ رڳو ريليون، جلوس ۽ تقريرون ڪافي ناهن. عوام جي عدالت رڳو جلسا به ناهن. نواز ليگ کي ان کان اڳتي اچڻو پوندو. ملڪ جي جمهوري ڌرين ۽ صوبن سان ڳالهائڻو پوندو ۽ مستقل طور سويلين بالادستي لاءِ ميڪنزم ٺاهڻو پوندو، ميثاقِ جمهوريت جهڙو هڪ ٻيو ٺاهه جوڙڻو پوندو.

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home