Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, December 08, 2017

سياسي راند جي اصولن ۾ آيل تبديلي ڪنهن کي فائدو ڏيندي

جمع 13 آڪٽوبر 2017ع
سياست جي آسمان تي ڌنڌ ڇانيل آهي. واسطيدار ڌرين طرفان ڪا نئين چال هلڻ سان هڪ پاسو ڳرو ته ٻيو پاسو هلڪو ٿي ويندو آهي. گذريل چند مهينن کان نواز شريف کي سوڙهو ڪيو پئي ويو. کيس نااهل قرار ڏيڻ بعد ماڳهين ڳالهه ڳچي تائين اچي ويئي هُئي پر گذريل چند هفتن کان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن سرگرم آهي، جتي حاضر ٿي ملڪ جي هن آئيني اداري آڏو پنهنجو موقف رکڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي سمجهي ٿو، هاڻي سندس خلاف اليڪشن ڪميشن ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا آهن. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پاڻ کي پارٽيءَ جو سربراهه چونڊرائي پاڻ، سندس ڌيءَ ۽ ناٺي سوڌو احتساب عدالت ۾ پيش ٿي اهو تاثر ڏيئي رهيو آهي ته هو قانون جي پاسداري ڪن ٿا. کيس انصاف جو آسرو ته گهٽ آهي پر وري به عدليه کي آزمائي ڏسن ٿا. عدالت ۾ حاضر ٿيندو رهڻ وارو سندس فيصلو سياسي آهي، جنهن ۾ هو ميدان ۾ بيٺل به نظر اچي ٿو ته وري ساڳئي وقت ڪنهن به سزا لاءِ تيار به نظر اچي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ عمران خان جو فيصلو غير سياسي لڳي ٿو.
ميان صاحب جي نواز ليگ جو صدر ٿيڻ بعد سياسي ميدان ۾ ڪجهه تبديليون آيون آهن. سينيٽ ۾ پنهنجي پاسي ڪيل هڪ بل جي خلاف ٺهراءُ پاس ڪري ورتو آهي ته جيڪو ماڻهو پارليامينٽ جو ميمبر ٿيڻ لاءِ نااهل آهي، سو ڪنهن پارٽي جو عهديدار ٿيڻ لاءِ به اهل ناهي. بل پاس ٿيڻ بعد قانون بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ٺهراءَ جي حيثيت سياسي موقف ۽ اخلاقي دٻاءَ واري هوندي آهي، ان ڪري هن ٺهراءَ کي سياسي معاملن ۾ اهميت کڻي هُجي پر ان بابت عمل ڪرڻ لاءِ ڪا شيءِ موجود ناهي.
پنهنجي نااهلي بعد نواز شريف کڻي ٻي ڪا چال هلي ها، پر جڏهن آرمي چيف جو اهو بيان آيو ته هو آئين جي پاسداري ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي حق ۾ آهي ته ان ڳالهه کيس سياسي ويڙهه ڪرڻ ڏانهن آندو. سياسي ويڙهه به اها نه، جيڪا رستن ۽ گهٽين يعني احتجاجن جي آهي، بلڪه اها جيڪا چونڊيل ادارن ۽ اقتدار جي هوندي آهي، سياسي شطرنج جي هوندي آهي. کيس اها پڪ هئي ته گيم هڪ فريم ورڪ ۾ رهندي ٿيندي. پهرين سينيٽ ۽ پوءِ قومي اسيمبليءَ مان سياسي پارٽين واري قانون ۾ ترميم ۽ راند کي واپس پارليامينٽ ۾ آڻڻ واري ڳالهه عمران خان ۽ سندس حامي حلقن کي فڪر ۾ وجهي ڇڏيو، جن جو خيال هو ته هاڻي نواز شريف ۽ سندس خاندان رڳو حڪومت کان ئي ٻاهر نه آهن، بلڪه پارٽي ۽ سياست کان به ڌڪجي ٻاهر ٿي ويا آهن. جڏهن معاملو فريم ورڪ اندر اچي بيٺو ته پيپلز پارٽي جي به اهميت ٿي. نواز شريف توڙي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ٻنهي الڳ الڳ موقعن تي آصف زرداري کي ميثاقِ جمهوريت ياد ڏياريو. موٽ ۾ زرداري صاحب ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ته جڏهن مٿس خراب وقت آيو ته اهو جمهوريت وارو ٺاهه ۽ سندس نڀايل مصالحت واري سياست کي کنگهيو به نه ويو. زرداري جو اهڙو موقف ۽ ناراضگي پنهنجي جاءِ تي آهي، پر هو گذريل چئن سالن دوران پيپلز پارٽيءَ جي اختيار ڪيل ”فرينڊلي اپوزيشن“ جو پروفائيل مٽائڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ايئن ڪرڻ سان پارٽي کي پنجاب ۾ وڏو ڌڪ لڳو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي جاءِ عمران خان اچي ڀري. هو ڪو اهڙو حيلو ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن سان پنجاب ۾ پارٽي ڪُجهه عزت واري حيثيت ۾ بحال ٿي سگهي.
هونءَ ڏٺو وڃي ته سياسي پارٽين واري ايڪٽ ۾ ترميم، نواز شريف جي واپس نواز ليگ جي صدارت ماڻڻ، سينيٽ مان وري ان ترميم خلاف ٺهراءُ پاس ٿيڻ نه رڳو نواز شريف جي، بلڪه خود پيپلز پارٽي جي به همت ٻڌائي، ڇاڪاڻ جو فريم ورڪ جي صورت ۾ رڳو ٻه ٽي جماعتون حيثيت رکن ٿيون. انهن ٻنهي جماعتن وري پنهنجي ٻڌيءَ جو مظاهرو نيب جي چيئرمين جي مقرريءَ جي موقعي تي به ڪيو. تبديل ٿيل صورتحال ۾ آصف زرداري خيبر پختونخوا ۽ بلاول ڀٽو سنڌ ۾ سرگرميون شروع ڪيون. نئين فارمولا ملڪ جي ادارن ۽ خاص ڪري پارليامينٽ جي اهميت وڌائڻ سان گڏ کين آزمائش ۾ به وجهي ڇڏيو آهي. هاڻي سياست جو دائرو واپس چونڊيل ايوان آهن، جتي پيپلز پارٽي اڳيان اڳيان آهي. اها پنهنجي پوزيشن مڃائڻ چاهي ٿي، جنهن جو هڪ اظهار سينيٽ واري ٺهراءَ ذريعي ڪيو ويو آهي. اهڙي صورت ۾ عمران خان واري سياست پاسيري ٿي وڃي ٿي. اهو ضرور آهي ته عدليه هن سڄي سياسي بحران ۾ اڃان تائين اهم آهي، جتي نواز شريف، سندس خاندان ۽ اسحاق ڊار ئي نه، پر عمران خان ۽ جهانگير ترين به ڦاٿل آهن. جڏهن پاناما ليڪس وارو معاملو اٿيو ته سياسي پارٽيون ۽ پارليامينٽ ان کي ڪميٽيءَ توڙي سياسي حوالي سان حل نه ڪري سگهيون. نتيجي ۾ اهو بال ڪورٽ جي دائري ۾ اچي ويو، اتان اهو بال جاچ ڪندڙ ادارن جي هٿ چڙهي ويو، ائين وزيراعظم نااهل ٿي ويو. اهو معاملو جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ ئي نبرجي وڃي ها ته ايترو نقصان نه ٿئي ها.
اڄ صورتحال اها آهي ته ڪُجهه آواز پيا اچن ته ڪي ماڻهو وري ڪي آهٽون پيا محسوس ڪن. انهن آوازن ۽ آهٽن جو حاصل مقصد اهو آهي ته ڪنهن طرح سان معاملو فريم ورڪ مان ٻاهر نڪري. اهو ئي سبب آهي، جو عمران خان چوي ٿو ته ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن. شيخ رشيد جهڙا وري مارشل لا جو ڊپ ڏيئي رهيا آهن. ان ڏس ۾ سرحدن تي موجود خطرن توڙي اندروني خطري جو به حوالو ڏنو وڃي ٿو. هاڻي تازو ملڪي معيشت جو ذڪر به نڪتو آهي، جنهن تي آرمي چيف قمر جاويد باجوه ڪراچي ۾ واپارين ۽ صنعت ڪارن کي خطاب ڪندي تبصرو به ڪيو آهي ۽ پنهنجي فڪرمندي جو اظهار به ڪيو آهي. آرمي چيف طرفان معاشي حالت بابت فڪرمنديءَ ۾ ڪا چڱائي ڳولي سگهجي ٿي ته اسان جي عسڪري ادارن کي ملڪ جي معاشي حالتن جو احساس ۽ ادراڪ آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن ڪو آرمي چيف صنعتڪارن ۽ واپارين جي اجلاس کي خطاب ڪندو هو ته اُن کي ڪو سُٺو سنوڻ نه سمجهيو ويندو هو.
هڪ پاسي نين چونڊن جو مطالبو آهي ته ٻئي پاسي واري آهٽن جو احوال ته فوج ئي اقتدار سنڀالي. انهن ڳالهين جي منطق ۽ جزن کي سمجهڻ ضروري آهي. اڄ کان 18 سال اڳ نواز شريف کي جنرل مشرف مارشل لا هڻي حڪومت تان لاٿو ۽ قيد ڪري کيس سزا ٻڌائي ويئي. اڃا ٿورو پوئتي وڃجي ته چاليهارو کن سال اڳ جنرل ضياءَ، مارشل لا هڻي ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار تان هٽايو. ان بعد ڪيس هلائي کيس ڦاهي چاڙهيو ويو. ستم ظريفي اها آهي ته ٻنهي موقعن تي ”سانون ڪي“ يا ”مُنهنجي ڇاتيءَ تان گولي گسي ڄڻ ڀت ۾ لڳي“ جهڙي موقف ۽ احساس جو مظاهرو ڪيو ويو. سياسي پارٽين جو موقف رهيو ته جنهن پارٽيءَ جي حڪومت ڊٺي آهي، اُن سان جُٺ ٿي آهي. دراصل اهو قومي الميو هو، جنهن ۾ سياسي پارٽين جي ڊگهي نظر جي ناڪامي هُئي، جو ايڏي وڏي آئيني ڀڃڪڙي جيڪا سمورين سياسي پارٽين جا ترا ڪڍي رهي هُئي، تنهن کي سمجهيو ئي نه ويو.
نئين فارمولي ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي لاءِ جڳهه ٿي ڳولي، تحريڪ انصاف ان کي نه پارليامينٽ ۾ نه وري اليڪشن ڪميشن ۾ وٺي وڃڻ ٿي گهُري. چلو عمران خان جي مطالبي جي کڻي حمايت به ڪجي، سوال اهو آهي ته ان جو منطق ڇا آهي؟ جواز ڇا آهي؟ سياست ۾ نئين سر چونڊون آئيني ۽ جمهوري حوالي سان آخري آپشن هونديون آهن، ڇا اسين ٻيا سمورا سياسي ۽ آئيني آپشن استعمال ڪري چُڪا آهيون، جو هاڻي ان نقطي تي اچي بيٺا آهيون؟ چونڊون 2008ع ۽ 2013ع ۾ به ٿيون، تڏهن به سياسي طور تي ساڳئي قسم جا مسئلا درپيش هُئا. جيڪڏهن اهي چونڊون انهن مسئلن کي حل نه ڪري سگهيون ته نيون چونڊيون ڪهڙي مقصد لاءِ ڪرايون وينديون. ڇا واقعي سُٺي حُڪمراني جي خواهش آهي يا اهو ڊپ ته مخالف مضبوط ٿي ويندا؟ مشرف جي انهن ڏٽن تي ڌيان نه ڏيڻ گهُرجي ته هن (مشرف) ملڪ جي حالتن کي سُڌاري ڇڏيو هو. حالانڪه معاملو ان جي ابتڙ آهي. سندس ٽيڪ اوور حالتن کي وڌيڪ خراب ڪيو هو. اها ڳالهه ڇو نٿي سمجهي وڃي ته فوج جو اقتدار ۾ اچڻ ان معاشي اصول جهڙو آهي، جنهن جو شروع ۾ فائدو آهي، پر پوءِ اهو فائدو ڏينهون ڏينهن گهٽبو ويندو آهي.
اهو صحيح آهي ته سياسي پارٽيون ڪي مثالي ناهن، پر سياسي پارٽين جي تربيت ۽ بلوغت کي وقت به لڳندو آهي ۽ ان لاءِ جمهوري عمل جو تسلسل به گهربل هوندو آهي. ان تسلسل لاءِ پارليامينٽ ۽ جمهوري ادارن جي موجودگي به اوتري اهم هوندي آهي. تڏهن وڃي سياسي پارٽيون بلوغت کي پهچنديون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن پارٽين تي چيڪ اينڊ بيلنس رکڻ، انهن کي صحيح معنائن ۾ پارٽيون بنائڻ جي ضرورت آهي. سندس خراب ڪارڪردگي ۽ خراب حڪمرانيءَ ۽ ڪرپشن وارن الزامن کي چڱيءَ طرح سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. پر اهو سڄو ڪم سياسي طور تي ٿيڻ گهُرجي. جيڪي ڌريون تڪڙ ۾ تبديلي ۽ اختلاف جي ڳالهه ڪن ٿيون يا جيڪي ماڻهو انهيءَ چمڪيلي نعري تي هرکجي پون ٿا، تن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کپي ته هاڻي اهو دور ناهي، جو ڪنهن هڪ حڪم نامي سان توهان انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. سو به اهڙي صورت ۾ جڏهن توهان وٽ نه اثرائتي ۽ انقلابي تنظيم هُجي ۽ نه وري انقلابي منشور، رڳو نعري سان ڪم نه هلندو. چوڻ لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اڄ لولي لنگڙي جمهوريت آهي، جنهن جي بچاءَ ۾ به ڪو گهڻو ڳالهائي نٿو سگهجي. پر سوال اهو آهي ته ٻيو ڪهڙو رستو آهي؟


جمع 13 آڪٽوبر 2017ع

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home