Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

سنڌ ۾ ”کاٻي ڌر“ جي تحريڪ ٻيهر اسري سگهندي؟

سهيل سانگي

           جهوني ڪميونسٽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي جدوجهد، سياست ۽ قربانين کي مڃتا ڏيڻ لاءِ اربع ڏينهن تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿيل ميڙاڪو کاٻي ڌر جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. بنا ايجنڊا، بنا ڪنهن رٿابنديءَ جي، ڪامريڊ جي دوستن ساڻس رهاڻ رچائي هئي، جنهن جي ڪا به سياسي ايجنڊا نه هئي. هن سڏ کي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان گهوٽڪي، سکر، شهدادڪوٽ، خيرپور ۽ نوابشاهه کان وٺي، عمرڪوٽ ۽ ننگرپارڪر تائين جي پراڻن ڪميونسٽن ۽ سياسي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. سڄو فوڪس ڄام ساقي، ساڻس گهاريل گهڙيون، جدوجهد ۽ سياست رهي. هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي هئي. اها ڪهاڻي جيڪا ملڪ ۾ سماجي، معاشي ۽ سياسي برابريءَ جا خواب سجائي ڪيل جدوجهد جي ڪهاڻي هئي. شرڪت ڪندڙن مان ڪيترائي دوست پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪي کان مٿي واري عمر ۾ آهن، پر سندن اکين مان اهي خواب اڃا ختم نه ٿيا آهن. هن ميڙاڪي کي ڏسي اهي خواب هيڪر وڌيڪ جرڪي پيا هئا. ميڙاڪي ۾ نوجوانن جو وڏو انگ هو، جيڪو سنڌ جي نوجوانن ۾ انقلابي لاڙي کي ظاهر ڪري رهيو هو. پراڻي ڪميونسٽ پارٽيءَ جا صرف ڪارڪن ۽ اڳواڻ ئي نه هئا، پر سنڌ جي مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ، جدوجهد ڪندڙ ۽ دانشور ليکڪ به موجود هئا. ائين هي گڏجاڻي زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن جي گڏجاڻي هئي، جيڪي تنظيمي يا نظرياتي طور تي کڻي ڪامريڊ ڄام جا ساٿاري نه رهيا هئا، پر انهن به پنهنجي پر ۾ هن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو هو. ائين سنڌ جي سمورن جاکوڙيندڙ اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ دانشورن اها مڃتا ڏني ۽ ٿر جي وارياسي ڀٽن ۾ جنم وٺندڙ بهادر اڳواڻ جي فڪري، سياسي ۽ جدوجهد جي سياسي پورهئي ۽ ڪردار کي ساراهيو. کيس هڪ غير تڪراري کاهوڙي ڪردار قرار ڏنو. ڪيترائي دوست شرڪت نه ڪري سگهيا، جو کين خبر ئي نه هئي ته اهڙو پروگرام ٿيندو.
سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڄڻ ڄام ساقيءَ جو ئي نالو هئي. ان جو اندازو حڪمرانن کي به ٿي ويو، جن کيس 1978ع ۾ گرفتار ڪري اهڙيون اهڙيون اذيتون ڏنيون، جن جا منفي اثر سندس صحت تي هاڻ چٽي طرح ظاهر ٿي رهيا آهن. 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جو عروج هو. اها تحريڪ فڪر ۽ تنظيمي لحاظ کان هڪ مضبوط لاڙي طور موجود هئي. سندس ڪارڪنن جي سچائي، ڪميٽمنٽ، بهادري ۽ جاکوڙ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف سياسي جماعتن ۽ ڪارڪنن لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ بڻيل رهي. هڪ اهڙو مضبوط پليٽ فارم، جنهن کان سواءِ ڪا به سياسي تحريڪ ۽ اتحاد ڄڻ اڌورو اڌورو لڳندو هو، پوءِ اهو اتحاد جمهوريت جي بحالي هجي يا سنڌ جي قومي حقن لاءِ هجي يا ڪنهن ٻئي ٻرندڙ اشو تي هجي.
1980ع واري ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾ ضياءُ الحق جي مرڻ کان پوءِ ملڪ ۾ سول حڪومت قائم ٿيڻ واري دور ۾ سڄي دنيا ۾ وڏيون تبديليون اچي چڪيون هيون. سرد جنگ اُجهامڻ ڏي وڃي رهي هئي ۽ نوان معاشي، سياسي مظهر ۽ سماج ۾ نوان ڪردار ۽ رانديگر اچي رهيا هئا. اوڏي مهل ڪميونسٽ پارٽيءَ اندر جيڪو بحث ڇڙيو، تنهن پارٽيءَ کي به اڌ ڪري وڌو. بنيادي نُقطو اهو هو پارٽيءَ جي ٽرانسفارميشن يعني پارٽي ۽ ان جي ڪم جي طريقيڪار ۽ مقصد کي بدليل حالتن مطابق ٺاهجي. ٻين لفظن ۾ اهو ته پارٽيءَ کي عوامي پارٽي بڻائي مک ڌارا جي پارٽِي ٺاهجي. پارٽيءَ اندر انهن ٻن لاڙن جي اندروني جدوجهد ٻه ٽي سال کن هلندي رهي. ٻيو لاڙو اهو هو ته پارٽي کي انڊر گرائونڊ پارٽي طور تي رکيو وڃي، ڇاڪاڻ جو اڃان تائين آمريڪي سامراج ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ڪنهن اهڙي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي کليل نموني سان ڪم ڪرڻ نه ڏيندا. ان ڀڃ ڊاهه ۾ اڪثريتي ۽ اقليتي گروپ ٺهي ويا. ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ نازش امروهوي، پروفيسر جمال نقوي سان ڪانگريس جي اڪثريت بيهي رهي. اقليتي گروپ طور سامهون ايندڙن ۾ افراسياب خٽڪ، امداد چانڊيو ۽ غلام رسول سهتو ۽ ٻيا شامل هئا. پارٽي جڏهن ٻه اڌ ٿي ته سڄي ملڪ، خاص طور تي سنڌ جي کاٻي ڌر جي ڪارڪنن ۾ مايوسي، ڏک ۽ ڪاوڙجي لهر ڇائنجي وئي. ائين کڻي چئجي ته پارٽيءَ جي ليڊرشپ صحيح صورتحال جو ادراڪ ڪري نه سگهي ۽ انهن اندروني اختلافن، سياسي توڙي نظرياتي گهوٽالي کي حل نه ڪري سگهي. نتيجو پارٽيءَ جي ٽُٽڻ جي صورت ۾ پڌرو ٿيو. ڪجهه عرصي تائين ٻه ڌار ڌار پارٽيون هلنديون رهيون، پر اهو سلسلو گهڻو وقت هلي نه سگهيو. جڏهن جهاز وچ سير ۾ ڀڄي پوندو آهي ته ان جو هر تختو پنهنجو گس وٺندو آهي، هتي به ائين ٿيو. ڪامريڊ ڄام ساقي دوستن جي وڇوڙي کي ڏسندي پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي عهدي تان استعيفا ڏئي پنهنجي پاڻ کي آزاد ڪيو. اوڏي مهل اقليتي گروپ، جنهن جا ڪيترائي مکيه اڳواڻ ڪامريڊ ڄام سان لڳاءُ رکندا هئا، اهي به کيس پاڻ سان شامل نه ڪري سگهيا. ائين هڪ مضبوط سياسي لاڙو، تنظيم ۽ تحرڪ سنڌ ۾ پنهنجو اثر بطور لاڙي ۽ تحريڪ جي وڃائي ويٺو. ها اهو ضرور ٿيو جو انفرادي طور ڪيترائي ڪامريڊ انسان دوست، پورهيت عوام ۽ ڌرتيءَ جي حقن، جمهوريت ۽ ترقي پسنديءَ سان واڳيل رهيا، پر سندن اهي انفرادي سوچون ۽ ڪوششون اثرائتو ڪردار ادا نه ڪري سگهيون، ڇاڪاڻ جو ڪا به تنظيم يا نيٽ ورڪ موجود نه هو. اڪثريتي گروپ جو ساٿ ڏيڻ ۽ ان بعد اتان استعيفا ڏيڻ بعد ڪامريڊ ڄام اڪيلو ٿي ويو. خود انهيءَ اڪيلائپ ۽ ڪامريڊن جي وڇوڙي بابت هن ڪيترائي ڀيرا مون سان حال پڻ اوريو.
وقت گذرندو ويو، حالتون تبديل ٿينديون رهيون. پُلين جي هيٺان الائجي ڪيترو پاڻي وهي ويو. ان وچ ۾ ٽي چار ڀيرا ڪامريڊ جي سالگرهه جون تقريبون پڻ ٿيون، پر اهڙي وڏي ۽ اثرائتي موٽ نه ملي. هن ڀيري جي ڪوشش هڪ وڏو ڇال هئي، جنهن سمورن محبتن کي ميڙي وڌو. کيس پراڻن ڪامريڊن سڄي سنڌ مان اچي، سرعام ۽ باضابطا مڃتا ڏني، ائين ڄام کي Own ڪرڻ جو سرعام اعلان ڪيو ويو، انهن ۾ اهي دوست به شامل هئا، جيڪي پارٽيءَ جي ٽُٽڻ مهل سندس مخالف ڪئمپ ۾ بيٺا هئا. ڪامريڊ غلام رسول سهتو ۽ امداد چانڊيو جا خاص طور تي اهي جملا ته ”اسين ڄام ساقي جي پيداوار آهيون، هن اسان کي حق تي بيهڻ، انسان دوستي ۽ جدوجهد ڪرڻ سيکاريو.“ ڪامريڊ ڄام سان سڄي سنگت گڏ ٿي اچي محبت جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه کي ورجايو ته توهان جدوجهد ڪئي، جيڪا قرباني ڏني سا رائيگان نه وئي آهي. توهان جا اڄ به پرستار موجود آهن، جيڪي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي کيس سُرخ سلام پيش ڪرڻ آيا آهن، ان ساڳي پنهنجائپ جو اظهار ڪري رهيا آهن. غير رسمي گڏجاڻي ڪجهه رسمي ۽ سياسي به بڻجي وئي، ان ۾ اها خوشبو موجود هئي ته ڪم کي ٻيهر شروع ڪجي شديد خواهش ۽ هر کر هئي. سخت ۽ ڊگهي جدوجهد ڪندڙ سياست جو وڏو جذبو رکندڙ دوستن جون تقريرون ۽ ساڻن ٿيل ڳالهه ٻولهه اهو ٻُڌائي رهي هئي ته اهي موجوده منظر مان بنهه غير مطمئن آهن، ان جو اظهار به ڪري رهيا هئا. جيتوڻيڪ ڪا باقاعده سياسي حڪمت عملي نه هئي، پر انقلابي سياست سان لڳاءُ هو، اهو لڳاءُ ڪنهن کاٻي ڌر جي ڪامريڊن جي ٻيهر اوسر جي به شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. بهرحال هن ميڙاڪي اهو ثابت ڪيو ته ڪنهن مربوط ۽ تنظيمي شڪل ۾ نه سهي، پر فڪري ۽ سياسي طور تي اهو لاڙو ۽ گروپ موجود آهي، جيڪو ڪالهه تائين ڪميونسٽ يا ڄام ساقي گروپ سڏبو هو. سنڌ ۾ ليفٽ جي تحريڪ اُڀري سگهي، ان لاءِ ڪنهن اهڙي ارڏي ۽ جاکوڙي ڪردار جي ضرورت آهي. اهو صحيح آهي ته ڪامريڊ ڄام پنهنجي صحت ۽ عمر جي ڪري پاڻ ذاتي طور ڪو فعال سياسي ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي، پر سندس رُٺل ساٿي به کيس پنهنجو سڏي رهيا آهن.
sohailsangi@yahoo.com


جمع  16 ڊسمبر  2016ع

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home