Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

لساني سياست جي نظر ٿيل ڪراچيءَ جو نظر انداز ٿيل عام ماڻهو

لساني سياست جي نظر ٿيل ڪراچيءَ جو  نظر انداز ٿيل عام ماڻهو
           ڪراچيءَ جي وصف جڏهن به پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ته اها چئن قسمن جي آهي، ”روشنين جو شهر“، ”عروس البلاد“ ”غريب پرور شهر“ يا ”دهشتگردي جو مرڪز“- جيڪڏهن ان جو سماجي ۽ نفسياتي جائزو ورتو وڃي ته هي انهن ماڻهن يا نسلن جو به شهر آهي، جيڪي الميا، دهشت ۽ احساسِ محرومي کڻي هن شهر ۾ اچي آباد ٿيا. هن شهر ۾ هر ڪميونٽي جو فرد پاڻ کي مظلوم ۽ باقي کي ظالم سمجهي ٿو. هر ڪنهن کي شڪايتون آهن، هر ڪو سمجهي ٿو ته ان جي حق تلفي ٿي رهي آهي. زميني حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته اربنائيزيشن جو فائدو اوچي طبقي يا زور آور طبقن کي مليو آهي، ڪي بچيل سچيل سهولتون عام شهري جي حصي ۾ آيون آهن.
جنهن تيزي سان ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ محنت مزدوري ۽ روزگار جا موقعا گهٽجي رهيا آهن ته هر ڪنهن جي نظر هن شهر تي آهي، ان ڪري شهر جي آبادي وڏي پيماني تي وڌي رهي آهي. ماهرن جو خيال آهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ هي دنيا جو ستون نمبر وڏو شهر بڻجي ويندو. بندرگاهه، جاگرافيائي بيهڪ ۽ پنهنجي مخصوص آب و هوا جي ڪري هي شهر برطانوي دور کان ئي معاشي حب طور اڀريو. شهر جو وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي ته هتي اٽڪل 93 سيڪڙو آبادي سٺ سالن دوران مختلف دورن ۾ لڏي آيلن جي آهي. هڪ لڏپلاڻ اها، جيڪا ماڻهن تي مسلط ڪئي وڃي، جيئن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو، ڏکڻ وزيرستان، سوات ۽ فاٽا ۾ آپريشن. ان کان علاوه قدرتي آفتن سبب لڏپلاڻ- ٻي لڏپلاڻ اها آهي، جنهن کي معاشي هجرت ڪوٺجي ٿو. يعني روزگار يا ڪاروبار لاءِ اچي آباد ٿيڻ. ڪراچي انهن ٻنهي قسمن جي لڏپلاڻ کي ڀوڳيو آهي. پر اڪثريت انهن متاثرين جي آهي جيڪي صدمي، درد ۽ تڪليف سبب هتي پهتا آهن.
پاڪستان ٺهڻ وقت ڪراچي جي ڪل آبادي ساڍا 6 لک کن هئي. انهن ۾ مقامي سنڌي آبادي 61 سيڪڙو کان مٿي هئي. هندو واپاري ۽ مڊل ڪلاس آبادي هتان لڏي انڊيا هلي ويئي. ان جي بدلي هن شهر کي هڪ ئي جهٽڪي ۾ ڇهه لک ماڻهن جو بار کڻڻو پيو، جيڪو جيئن پوءِ تيئن وڌندو رهيو. جيتوڻيڪ لياقت- نهرو پيڪٽ تحت 1951ع ۾ سرڪاري سطح تي لڏپلاڻ جو سلسلو روڪيو ويو، پر غير سرڪاري، غير قانوني طور لڏي آيلن جو سلسلو جاري رهيو.
ڪراچي ۾ آبادي جي ٻي يلغار ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ ٿي، جڏهن سنڌ کي اولهه پاڪستان جو حصو بڻائي ان جي صوبائي ۽ الڳ سڃاڻپ واري حيثيت ختم ڪئي وئي. ان دور ۾ پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير مان بندرگاهه ۽ وڌندڙ شهر جي ڪري ماڻهو اچي آباد ٿيا. ان جو پنجاب کي اهو فائدو پهتو، جو اتي بي زمين هارين طرفان زرعي سڌارن لاءِ دٻاءُ گهٽيو. ايوب خان جي دور ۾ صنعتڪاري سبب ملڪ جي مٿين علائقن مان لڏي اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيڻ ۾ واڌ آئي.
ون يونٽ ٽٽڻ بعد سنڌي آبادي جي هڪ دفعو ٻيهر واپسي ٿي، پر ان جو تعداد گهڻو گهٽ هو، جيڪي رڳو سرڪاري نوڪرين لاءِ اچي رهيا هئا. بنگلاديش ٺهڻ بعد اوڀر پاڪستان مان ”محصورين پاڪستاني“ جي نالي تي بهارين کي لکن جي تعداد ۾ پاڪستان ۾ آندو ويو. جيتوڻيڪ انهن مان ڪجهه کي پنجاب وغيره ۾ آباد ڪيو ويو، پر نيٺ انهن به ڪراچي جو رخ ڪيو. انهن بهارين جي اچڻ جو سلسلو وڏي عرصي تائين جاري رهيو.
جنرل ضياءَ جي دور ۾ پاڪستان جڏهن افغانستان ۾ پراڪسي جنگ وڙهي رهيو هو ته 40 لک کان وڌيڪ افغاني خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي گسن مان پاڪستان ۾ داخل ٿيا، جيڪي آهستي آهستي ڪراچي تائين اچي پهتا. انهن جو تعداد پڻ لکن ۾ آهي. هاڻي انهن جو ٻيو نسل هتي پلجي جوان ٿي چڪو آهي، جن جي واپسي جو ڪو امڪان ڪونه ٿو نظر اچي. افغان آبادي ڪراچي ۾ ايتري آهي، جنهن کي شهر جي اڪثر علائقن ۾ باقاعده محسوس ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته سنڌي ۽ بلوچ آبادي ڪيترن علائقن ۾ محسوس ئي نه ٿيندي آهي. برما ۾ مسلمانن ۽ مقامي آبادي ۾ ڇڪتاڻ بعد برمي مسلمان به بنگلاديش کان ٿيندا انڊيا ۽ راجستان ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿيا، انهن جي منزل ڪراچي رهي. موجوده وقت ۾ مڇر ڪالوني، ريڙهي ۽ ارکان آباد ۾ اها آبادي ڏسي سگهجي ٿي.
2005ع ۾ ڪشمير، خيبر پختونخوا ۽ فاٽا ۾ زلزلي جي ستايلن کي به ڪراچي پنهنجي هنج ۾ جاءِ ڏني. اهڙي طرح وزيرستان، سوات، فاٽا ۽ ٻين علائقن ۾ جڏهن به آپريشن شروع ٿيو ته اتان جي متاثرين به ڪراچيءَ جو رخ ڪيو. ان جي باوجود جو سنڌ جي قوم پرست جماعتن توڙي سنڌ حڪومت نرم لهجي ۾ ئي سهي تحفظات ۽ خدشن جو اظهار ڪيو، پر ان کي اسلام آباد سنجيدگي سان نه ورتو.
سنڌ ۾ 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏ ستايل به چند هزارن جي تعداد ۾ ڪراچي پهتا، جيڪي ڪيمپون هڻي ڪيترن مهينن تائين رهيا. بعد ۾ اڪثريت واپس هلي وئي، سواءِ چند سئو خاندانن جي- جن واپس وڃي زميندارن جي غلامي ڪرڻ بدران هتي محنت مزدوري ڪرڻ کي ترجيح ڏني. موجوده دور ۾ سرائيڪي بيلٽ ۾ معاشي بدحالي سبب ننڍا ننڍا ڪم ڪرڻ لاءِ سرائيڪي لوڪ به هيڏانهن جو رخ ڪري رهيا آهن. مرد رڪشا ٽيڪسي هلائي يا حجامڪو ڪم ڪري ٿو، جڏهن ته عورتون گهرن ۾ صفائي وغيره جو ڪم ڪري رهيون آهن.
ڪراچي ۾ آبادي جو تناسب زبان ۽ علائقي جي حوالي سان گهڻو تبديل ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ جو هاڻي هر ٻاهران ايندڙ ماڻهو ”اردو ڳالهائيندڙ“ ناهي، بلڪه ڪنهن لساني نسل يا گروهه سان تعلق رکي ٿو. ايم ڪيو ايم ان ڊيموگريفڪ تبديلي کي مختلف طريقن سان روڪيندي رهي آهي. سنڌ جي ٻوڏ ستايلن کي پنهنجي صوبي جي گادي واري شهر ۾ به ٽڪڻ ۽ روزگار ڪرڻ نه ڏنو ويو. ايم ڪيو ايم اها مزاحمت ان ڪري ڪري رهي آهي، جو هاڻي هي شهر اردو ڳالهائيندڙن جو شهر نه رهيو آهي، بلڪه هاڻي ان ۾ ٻيون قوميتون به شامل ٿي چڪيون آهن، جيڪي پنهنجو سياسي، سماجي ۽ انتظامي حصو وٺڻ جي ڳالهه ڪري رهيون آهن. ان بنياد تي شهر جي سياست هڪ نئين شڪل اختيار ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم جي سياست ۽ عسڪريت جي مقابلي لاءِ هڪ زماني ۾ ملڪ غلام سرور اعواڻ پنجابي- پختون اتحاد ٺاهيو هو. گذريل چند سالن دوران پٺاڻن به مزاحمت شروع ڪئي. 2008ع جي عام چونڊن ۾ عوامي نيشنل پارٽي پٺاڻن جي نمائنده پارٽي طور اڀري، اهڙي طرح لياري ۾ امن ڪميٽي سامهون آئي، جنهن جون پڻ متحده سان هٿياربند چڪريون ٿيون.
ڪراچي ۾ لساني ورهاست ان حد تائين پهچي وئي، جو گذريل دور حڪومت ۾ پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت هجڻ جي باوجود ايتري مجبور ٿي ويئي، جو صوبائي حڪومت ۾ پٺاڻن کي به حصو ڏنائين. ليڪن بعد ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي، تنهن ۾ اي اين پي جي جاءِ تي عمران خان جي تحريڪ انصاف اچي وئي. ڪراچي جيڪو سٺ واري ڏهاڪي جي پڇاڙي تائين روشن خيال، ترقي پسند پروفائيل رکندو هو، سو ان بعد صرف ڏيڊ ٻن ڏهاڪن ۾ لساني بنيادن تي ورهائجي ويو. تازو ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊن جو لساني حوالي سان جائزو وٺجي ته پتو پوي ٿو ته ايم ڪيو ايم پهرين نمبر تي، پيپلز پارٽي ٻئي نمبر تي، نواز ليگ ٽئين نمبر تي آهي. لڳي ٿو ته ڪيترن سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو پنجابين ڪراچي ۾ سياسي قوت جو مظاهرو ڪيو آهي، نتيجي ۾ نواز ليگ ٽئين سياسي قوت طور اڀري آهي. هن ڀيري پٺاڻ ووٽ جيڪو پهرين متحد ٿي ڪڏهن اي اين پي، ته ڪڏهن جي يو آءِ کي ڪامياب ڪرائيندو هو، هن ڀيري چئن کان وڌيڪ حصن ۾ ورهائجي ويو. هن ورهاست ۾ اي اين پي، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي پنهنجو پنهنجو حصو کنيو.
ڪراچي ۾ بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ مجموعي طور سڄي ڪراچيءَ جي محرومي واري احساس کي وڌايو آهي، جنهن کي ايم ڪيو ايم صرف مهاجرن جي احساسِ محروم جي نعري طور اڀاري رهي آهي. 1988ع جي چونڊن کان پوءِ لڳاتار ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اقتدار ۾ رهڻ واري پارٽي ايم ڪيو ايم شهري نمائندگي جي ته دعوا ڪندي رهي آهي، پر پوري شهر بدران رڳو پنهنجي تڪن تائين شهري سهولتن کي محدود رکندي رهي. صورتحال اها آهي، جو ڪراچي واٽر بورڊ جون صرف شهر جي 50 سيڪڙو علائقن ۾ لائينون آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اٽڪل هڪ ڪروڙ آبادي کي واٽر بورڊ پاڻي نه پيو ڏئي. ڪيترين بستين ۾ پاڻيءَ جا باقاعده دڪان آهن، جتي پاڻي جا ٽينڪر لاٿا وڃن ٿا ۽ اتان کان ماڻهو دٻن ۽ گيلن ۾ پاڻي خريد ڪن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٽينڪر مافيا ڪراچي واٽر بورڊ کان 15 روپيا في گيلن پاڻي خريد ڪري ٿي، پر شهرين کي 5 روپيا في ڪلو پاڻي وڪڻي ٿي.
ڊيموگرافي جي هن تبديلي کي ايم ڪيو ايم دل سان تسليم نٿي ڪري. ان ڪري جيڪي علائقا ايم ڪيو ايم جا ووٽر ناهن، اتي تعليم، پيئڻ جو پاڻي، صحت، سيوريج جهڙيون سهولتون وجود ئي نٿيون رکن. جيتوڻيڪ ڪيترن هنڌن تي سرڪاري اسڪول ۽ اسپتالون به آهن، پر اتي مقرر ٿيل عملو مقامي لساني گروهه سان تعلق نٿو رکي، تنهن ڪري اهو انهن سرڪاري سهولتون پهچائيندڙ ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جو رخ نٿو ڪري. نه هتي سرڪاري اسپتال هلي ٿي، نه اسڪول، اتي مدرسن يا پرائيوٽ اسڪولن لاءِ ميدان کليل ڇڏيو ويو آهي.
مسئلو اهو به آهي ته اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم جي عسڪري ونگ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، پر اها مهاجر لساني سياست کي انهي پراڻي بيانيه ۽ نعري تي ئي برقرار رکي پئي. آفاق احمد ايم ڪيو ايم حقيقي ٺاهي ته هو به مهاجر ڪاز جي ڳالهه ڪري ٿو، مصطفيٰ ڪمال پاڪ سر زمين پارٽي ٺاهي ٿو ته ان جو به نعرو ساڳيو آهي. سنڌ يا پاڪستان جو بيانيه يا نعرو ته پري جي ڳالهه، هو ڪراچي يا ان جي سمورين رهواسين جي به ڳالهه نٿا.
هتي اها ڳالهه دلچسپي جو ڪارڻ آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ پاڻي جي ورهاڱي تي سنڌ حڪومت جو اهو موقف رهيو آهي ته ٻيا صوبا پنهنجي حصي مان ڪراچي کي پاڻي ۽ مالي وسيلا ڏين، ڇاڪاڻ جو انهن صوبن جي رهواسين جو هڪ وڏو انگ هتي رهي ٿو، پر ڪوبه هن مسئلي کي ٻڌڻ يا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي. ها ان ۾ ضرور دلچسپي آهي ته اتان کان وڌ ۾ وڌ ماڻهو هيڏانهن اچن. هن شهر ۾ هرڪو پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪري ٿو پر موٽ ۾ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي.
sohailsangi@yahoo.com

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home