Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

ٽي او آرز ڪاميٽيءَ مان پيپلز پارٽيءَ جي عليحدگي ۽ سرڪار لاءِ سوڙها ٿيندڙ دڳ!


           پاڪستان اهڙو ملڪ آهي، جتي رڳو بجيٽ ئي خساري واري نه هوندي آهي، بلڪه هتي جمهوريت به خساري هيٺ رهندي آئي آهي، ايئن ئي عملي طرح بجيٽ جي خساري وانگر جمهوريت جو خسارو به عام ماڻهو کي ئي ڀوڳڻو پوندو آهي. پاناما ليڪس بعد پارلياماني ڌريون، جنهن ۾ سرڪاري ڌر به شامل هئي، معاملي کي اُڪلائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون هيون. ڪجهه معاملن تي حڪومت گوٿ ناٿ ڪري رهي هئي، پر مجموعي طور معاملو اڳتي وڌي رهيو هو. ايتري ۾ اوچتو علامه طاهر القادري هڪ دفعو ٻيهر نمودار ٿيو. سندس آمد ۽ عيد بعد ڌرڻو هڻڻ جي اعلان نئين صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. هو آرمي چيف کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته ماڊل ٽائون سانحي جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. علامه قادري ياد ڏياريو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي هدايتن تي ئي ٻه سال اڳ هن واقعي ۾ مارجي ويل پاڪستان عوامي تحريڪ جي 14 ڪارڪنن جي قتل جو ڪيس داخل ٿيو هو.
سياسي منظرنامي ۾ علامه جي انٽري بعد سڀ کان پهرين عمران خان پارلياماني ڪميٽي مان ڀڄڻ جو اشارو ڏنو. ان بعد حڪومت صفا پڙ ڪڍي بيهي رهي ته ٽي او آرز ۾ وزير اعظم جو نالو نه هجڻ گهرجي. ان بعد پيپلز پارٽي به عيد کانپوءِ هڪ ٻيو ڪنٽينر لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني، ۽ ڪالهه ته انهن ٽي او آرز لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي مان به ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حڪومت تي دٻاءُ وڌڻ بعد هڪ نئون ماحول جوڙڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. جنرل پرويز مشرف ملڪ جو سياسي ڍانچو ۽ ميڪنزم تبديل ڪيو هو، جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سياسي قوتن کي ڏاڍي سمجهداريءَ سان محنت ڪرڻ جي ضرورت هئي. جهڙي نموني سان سياسي ڌرين ضياءُالحق جي باقيات کي وقت سر ايڊريس نه ڪيو ۽ اهي باقيات اڄ سوڌو ملڪ جي هر شعبي ۾ عذاب بڻيل آهن، تيئن مشرف جون باقيات آهن، جن جي چڱي طرح سان ڇنڊڇاڻ جي ضرورت هئي. مشرف بعد پهرين پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي، جنهن ڇڪي تاڻي پنهنجي مدت پوري ڪئي. ان جو وڏو ڪارنامو ارڙهين آئيني ترميم هو. ورنه باقي معاملن ۾ اها به اسٽيبلشمينٽ آڏو جُهڪندي رهي. ايتري قدر جو ڪن معاملن تان ته ماڳهين هٿ کڻي وئي، ڄڻ اهي سڀ چونڊيل حڪومت جي دائره اختيار ۾ ئي نه هجن. ڪيترن حوالن سان پيپلز پارٽي جي حڪومت ماڻهن جي اُميدن تي پوري نه لٿي. باقي معاملا ٻئي دور جي حصي ۾ آيا، ان اميد سان ته ٻيو دور نواز ليگ جو هوندو، جنهن جو اباڻو صوبو پنجاب بيهي ٿو، ان ڪري اها ڪجهه شيون وڌيڪ بهتر ڪري سگهي ٿي، پر ايئن نه ٿي سگهيو. ملڪي معيشت ۾ بهتري، ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا، انڊيا سان تعلقات ۽ واپار، صوبن ۽ مختلف شعبن سان ترجيحات جي برابريءَ وارا معاملا نواز شريف ٺيڪ طرح سان ڏسي نه سگهيو.
هڪ وضاحت اها ڪئي ٿي وڃي ته لڳاتار حڪومت جا اسڪرو ٽائيٽ ٿيندا رهيا. (اسڪرو ٽائيٽ ڪرڻ وارو تجربو زرداريءَ سان به ٿيندو رهيو) اها ڳالهه کڻي مڃجي به، ليڪن سياسي طور هو ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهيو پئي، سياسي ڌرين کي پاڻ سان جوڙي رکي پيو سگهي. هي اهو سڀ ڪجهه هو، جنهن سان جمهوريت ۽ سياسي قوتون مضبوط ٿي پئي سگهيون. هو سياسي قوتن سان مضبوطيءَ سان بيهي پئي سگهيو. هتي ميان صاحب جمهوريت کي نقصان رسايو، جنهن سبب نه رڳو سندس نقصان ٿيو، پر ان سان گڏوگڏ پوري نظام ۽ تسلسل جو به نقصان ٿيو. اهو سويلين ۽ سياسي تسلسل مشرف جي وڃڻ کان پوءِ انتهائي ضروري هو. اڃا به نواز ليگ مان وڏي ڪا اميد رکڻ اجائي آهي ته هو جمهوريت جي انهيءَ خساري جو ازالو ڪندي.
جمهوريت تسلسل ۽ تبديلي ٻنهي جو نالو آهي ۽ ان جمهوريت جي جهلڪ طرز حڪمراني، سياسي قوتن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ پارٽي اندر ۽ فيصلي سازي ۾ به نظر ايندي آهي. ان کي ميان صاحب قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بلڪه هو ته هن بحران توڙي پنهنجي بيماري ۾ به پارلياماني ليڊرشپ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هلندڙ سال دوران عيد کانپوءِ سياسي اُٿل پُٿل جو ٻيو رائونڊ شروع ٿيندو. پهريون رائونڊ پاناما ليڪس جي خلاف هلي چڪو. ملڪ ڄڻ ريموٽ ڪنٽرول ذريعي هلي رهيو آهي. وزير اعظم هارٽ سرجري بعد لنڊن ۾ آهي ۽ اتان کان ئي حڪومت ڪري رهيو آهي، ڪابينا جي اجلاس جي به صدارت ڪري رهيو آهي. سابق صدر آصف علي زرداري دبئي ۽ لنڊن مان ملڪي سياست ۽ سنڌ حڪومت هلائي رهيو آهي، سنڌ ڪابينا جا اجلاس به دبئي ۾ ٿيڻ لڳا آهن. ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين ته ڪيترن سالن کان لنڊن مان ويهي معاملا هلائي رهيو آهي. عمران خان جو به هڪ پير اسلام آباد ۾ آهي ته ٻيو پير لنڊن ۾. ملڪ ۾ ماڻهن کي هڪ ئي شخص سرگرم نظر اچي ٿو، اهو آهي جنرل راحيل شريف، جيڪو سرڪاري طرح پرڏيهي دورا به ڪري رهيو آهي.
هڪ پاسي حڪومتي خواهه اپوزيشن ڌر جو هرڪو اڳواڻ چوي ٿو ته ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، ٻئي طرف خطي ۾ اهم تبديليون رونما ٿي رهيون آهن. انڊيا سان تعلقات جي صورتحال جيڪا هئي، سا هئي، هاڻي آمريڪا ۽ افغانستان سان به معاملا خراب ٿي چڪا آهن. بس رڳو هڪ ئي پاڙيسري دوست بچيو آهي، سو آهي چين. تعجب جي ڳالهه آهي ته اهڙي موقعي تي سموري سياسي ليڊرشپ ٻاهر آهي، ڄڻ انهن سمورن معاملن کان لاتعلق. سياستدان اهو هوندو آهي، جنهن کي جيڪڏهن معاملن کان لاتعلق به ڪيو وڃي يا اڪيلو به ڪيو وڃي ته هو ڪٿان نه ڪٿان ڪو پنهنجو رستو ڳولي ڪڍندو آهي ۽ اهم معاملن ۾ تعلق دار بڻجي بيهندو آهي، پر زميني سچائي ڪي به اهڙا نشان نه ٿي ڏيکاري.
علامه قادري جيڪي مطالبا ۽ طريقو کڻي آيو آهي، ان سان هڪ دفعو وري اصل اشو دٻجي ويندا. نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جو ڇا ٿيندو؟ مشرف جي باقيات جي صفائي ٿيڻي هئي، تنهن جو ڇا ٿيندو؟ افغانستان سان ناتا خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ان جا اثر ڪهڙا پوندا؟ جڏهن چاليهه پنجاهه لک افغاني جنهن ۾ هر قسم جا ماڻهو شامل آهن، پاڻ وٽ رهايو ويٺا آهيون، انهن مان ڪيترن جو ته پاڪستان ۾ پنهنجو گهر گهاٽ ناهي، انهن ڪاروبار ڌنڌا ڪري هتي به پنهنجا اسٽيڪ وڌائي ڇڏيا آهن. هڪ پورو نسل آهي، جيڪو هتي پلجي جوان ٿيو آهي، اهو افغانستان وڃڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ جي نه ويندو ته پوءِ ڇا پاڪستان ۾ رهندي ٻنهي ملڪن جي خراب تعلقات جي نتيجي ۾ پنهنجو رويو ۽ عمل ڇا رکندو؟
علامه قادري جي وطن واپسي ۾ ڪا گهڻي پُراسراريت ناهي، ڇاڪاڻ جو پاناما ليڪس جو معاملو پارليامينٽ ۾ وڃڻ بعد سياسي ڌريون گڏجي رهيون هيون، يعني ان معاملي کي عيد کانپوءِ حل ٿيڻو هو. سندس اچڻ سان هڪ پاسي ماڊل ٽائون وارو اشو جيئرو ٿي نواز حڪومت جي ڳچي ۾ پيل نوڙ کي سوڙهو ڪري رهيو آهي، ۽ اهو ماحول جوڙي رهيو آهي ته پاناما ليڪس واري معاملي کي پارليامينٽ کان ٻاهر آندو وڃي ۽ رستن جي سياست ڪئي وڃي. شايد اهڙو ئي ماحول آهي، جنهن جي اثر هيٺ اچي ڪالهه پيپلز پارٽي پارلياماني ڪاميٽيءَ مان عليحدگيءَ جو فيصلو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جو هڪ رُخ اهو آهي ته جيڪو اعتزاز احسن جي شڪل ۾ آهي ۽ هڪ ٻيو ڪنٽينر لڳائڻ چاهي ٿو. ٻيو رُخ سيد خورشيد احمد شاهه آهي، جيڪو چوي ٿو ته پيپلز پارٽي معاملي کي ان حد تائين نه کڻي ويندي، جو بال ڪورٽ کان ٻاهر هليو وڃي.
پيپلز پارٽي جي ٻن شين ۾ گهڻي دلچسپي آهي، هڪ اها ته پنجاب ۾ پارٽي جي بحالي، ٻيو اهو ته نواز شريف کي ايترو ڏُٻرو ڪيو وڃي، جو ايندڙ چونڊن ۾ هو اسٽيبلشمينٽ وٽ بطور آپشن موجود نه هجي. پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته هو عمران خان جي ڀيٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين قوتن لاءِ وڌيڪ قابلِ قبول ٿي سگهي ٿي، ان ڪري پيپلز پارٽي ٻٽي پاليسي هلي رهي آهي، ان ڪري ڪجهه هنڌن تي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ به بيٺل نظر اچي ٿي. بهرحال اسٽيبلشمينٽ انهن ٽنهي ڌرين کي متوازي انداز ۾ کڻي هلي رهي آهي، نه نواز شريف ۽ نه ئي وري آصف علي زرداري خلاف ڪا باقاعده ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي. ها اهو ضرور آهي ته کين پنهنجي حدن ۾ رکڻ ۽ ڪنٽرول ۾ رکڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي جي ان ۾ دلچسپي ٿي سگهي ٿي ته نواز ليگ پنهنجي پارلياماني ليڊرشپ تبديل ڪري، يعني ان هائوس تبديلي. بلاول ڀٽو زرداري، چوڌري نثار علي خان بابت بيان مان هو اهو ڏيکارڻ پيو گُهري ته نواز ليگ اندر تبديليءَ جو عنصر موجود آهي.
جيستائين عوام جو تعلق آهي، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ٻئي انهن جون آزمايل آهن. الاهي سارو ڪم، جيڪو انهن ٻنهي پارٽين جي ذميواري هو، سو هو ڪري نه سگهيون آهن. عمران خان کي آزمايو نه ويو آهي، پر ان جا امڪان به ڪي گهڻا روشن ناهن. سياست، سياستدان جي ئي راند آهي، ان ۾ ڪنهن ٻاهر جي ريفري يا مداخلت ڪار جي ضرورت نه هوندي آهي.
اها حقيقت آهي ته ملڪ ۾ رڳو بجيٽ جو خسارو ناهي، جمهوريت جو به خسارو آهي. سياسي قوتون ان خساري کي پوري ڪرڻ جي پوزيشن نه وٺي رهيون آهن. اصل ۾ عوام طرف ڪو به دٻاءُ ڪونهي. عوام طرفان دٻاءُ پيدا ڪندڙ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل لڏو مشڪل سان پنهنجي وجود جي جنگ لڙي رهيو آهي. مين اسٽريم جون سياسي قوتون عوام کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ڇاڪاڻ جو اهو ”جن“ جيڪڏهن بوتل مان نڪري آيو ته پوءِءَ اهو انهيءَ سياسي طبقي جي قابو ۾ به نه ايندو. عوامي دٻاءَ بنا نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي اهڙي ڪا شئي نه ڪري سگهنديون، جيڪي عوام کي فائدو ڏئي سگهن، جمهوريت ماڻهن لاءِ بي لاڀ ۽ بي مقصد رهي. اها اميد هئي ته مشرف جي وڃڻ کان پوءِ جمهوري ۽ آئيني سڌارا آڻي طاقت جو متوازن جمهوريت ۽ عوام جي حق ۾ آندو ويندو. جمهوريت ۾ تبديلين کي مضبوط ڪيو ويندو. جمهوريت ۾ عوام کي ڪجهه ملي ها ته سڌي طرح سان ان جا اسٽيڪ به وڌن ها ۽ اها بطور ڌر جي بيهي ها.
هن سڄي چڪر ۾ هڪ ٻئي آپشن تي به ويچاريو پيو وڃي ته وچ مدي واريون چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن، ڇاڪاڻ جو ان لاءِ احتجاج ۽ غير معمولي اپاءَ ڪرڻا پوندا، جيڪي سويلين حڪومت جي تسلسل کي ٽوڙيندا. ان تسلسل کي ڪا به ڌر ٽوڙڻ لاءِ تيار ناهي، ان ڪري اهو چوٻول آهي ته حڪومت جي آئيني مدت گهٽائي چار سال ڪئي وڃي. ڇا ان فارمولي سان جمهوريت مضبوط ٿيندي؟ اهڙا تجربا غلط طريقي سان ئي سهي، پر نوي واري ڏهاڪي ۾ ڪيا ويا، پر ان سان ججهو نقصان ٿيو. اصل ڳالهه عوام جي شرڪت، ان جا حق ۽ مسئلن جو حل آهي. جمهوري ۽ سياسي ڌرين کي سياسي نظام ۽ جمهوريت ۾ عوام جا اسٽيڪ وڌائڻ لاءِ اهي قدم کڻڻا پوندا.
sohailsangi@yahoo.com
جمع 24 جون 2016ع

سهيل سانگي

ٽي او آرز ڪاميٽيءَ مان پيپلز پارٽيءَ جي عليحدگي ۽ سرڪار لاءِ سوڙها ٿيندڙ دڳ!

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home