Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

سنڌ جو نئون وڏو وزير بااختيار هوندو؟

سنڌ جو نئون وڏو وزير بااختيار هوندو؟
           نيٺ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ وڏي وزير مٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. جتي موجوده مدت جا ٽي سال ۽ اڳئين مدت جا پنج سال ڪل 8 سال تائين صوبائي حڪومت جي سربراهي ڪندڙ ٿڌي طبيعت رکندڙ پراڻي سياستدان سيد قائم علي شاهه کي هن عهدي تان هٽايو پيو وڃي. وسيلن سان مالا مال، پر بدانتظامي، خراب حڪمراني جي ور چڙهيل هن صوبي جي واڳ ڏيڻ لاءِ پارٽي طرفان جيڪي نالا سامهون اچي رهيا آهن، سيد مراد علي شاهه جو نالو ٽاپ تي آهي. ان لسٽ ۾ نثار کهڙو، آغا سراج دراني ايتري قدر جو اڳڪٿيون ڪندڙ منظور وساڻ جو به نالو آهي، پر دلچسپ ڳالهه آهي، جو مخدوم خاندان جو نالو لسٽ ۾ شامل ناهي. سيد مراد علي شاهه اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه (مرحوم) جو فرزند آهي، کيس سنڌ ۾ موجود سيد لابي ۽ بلاول ڀٽو جي حمايت حاصل آهي. مراد علي شاهه کي جيئن ئي اها ذميواري سونپڻ جو اشارو مليو ته هن ترت ئي پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، جيڪو دبئي ۾ موجود هو.
اهو صحيح آهي ته نثار کهڙو، منظور وساڻ، جيڪي ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ پارٽي کي سنڌ ۾ سنڀالڻ لاءِ ڏکيا ڏينهن ڏسندا رهيا، جن جو ٽيهه سالن کان مٿي پارٽي اندر سياسي ڪيريئر آهي، انهن کي پاسيرو رکي، پارٽي قيادت پنهنجو وزن سيد مراد علي شاهه تي وڌو، جيڪو جوان آهي، ٻاهران پڙهي به آيو آهي. شايد بلاول ڀٽو جي ذهن ۾ ويو لينٿ wave length تي اچي پيو. هونئن به مراد علي شاهه جو نالو ڪو اوچتو سامهون نه آيو آهي. 2008 جي چونڊن کان پوءِ هو لڳاتار وڏي وزير جي اميدواري جي لسٽ ۾ رهيو آهي، ليڪن سيد قائم علي شاهه جو سياسي تجربو، ڀٽو دور کان پارٽي سان وابستگي رهڻ ڪري پارٽي اندر هيٺين سطح تي ورڪرن جي ساڻس ڄاڻ سڄاڻ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته مراد علي شاهه جي ٻٽي شهريت جي ڳنڍ سبب معاملو اٽڪيل رهيو. سندس ٻٽي شهريت وارو معاملو پاسيرو ٿيڻ بعد سنڌ ۾ جڏهن به سياسي يا انتظامي بحران آيو ۽ نتيجي ۾ سيد قائم علي شاهه کي هٽائڻ جي رٿ پارٽي ۾ ويچار هيٺ ايندي رهي ته سندس جاءِ تي مراد علي شاهه کي آڻڻ جون ئي ڳالهيون ٿينديون رهيون.
ٿر ۾ ڏڪار جي سوال تي گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا کيس هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڳالهه ايستائين وڃي پهتي ته ڏڪار نه هجڻ جو اعلان ڪرڻ جو بلاول ڀٽو نوٽيس ورتو ته 26 ڪلاڪن ۾ چاچا قائم علي شاهه کي مٺي پهچي ڏڪار هجڻ جو اعلان ڪرڻو پيو ۽ ”معاملي جي ذميوار“ ماڻهن خلاف قدم کڻڻو پيو. اهو قدم سنڌ جي بااثر مخدوم خاندان جي ماڻهن يعني زير بحاليات مخدوم جميل الزمان ۽ ڊي سي او ٿر مخدوم عقيل الزمان کي معطل ڪرڻ جي صورتحال ۾ سامهون آيو، ان سان پارٽي ۾ بحران پيدا ٿيو. پارٽي جي وائيس چيئرمين مخدوم امين فهيم جيڪو تڏهن حيات هو، تنهن کي کليل نموني ناراضگي ۽ ان جو اظهار ڪرڻو پيو. وڏي وزير جو اوڏي مهل اهو بيان به سامهون آيو ته ”منهنجي حڪومت جي خلاف سازش ٿي رهي آهي؟ بعد ۾ آصف زرداري وچ ۾ آيو. سائين قائم علي شاهه، مخدوم امين فهيم وٽ لنگهي ويو ۽ ائين معافي تلافي ٿي وئي، ليڪن مخدوم خاندان جي اها ناراضگي عملي طور ختم نه ٿي، جيڪا اڄ سوڌو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري آهي. چند هفتن بعد ٿر ۾ ٻارن جي مرڻ جي واقعن ۽ امدادي سرگرمين توڙي ڏڪار بابت حڪومتي اپائن تي بلاول ڀٽو زرداري بي اطميناني جو اظهار ڪندي، منظور وساڻ کي جاچ لاءِ ٿر موڪليو، جنهن جي رپورٽ ۾ سرڪاري اپائن تي عدم اطمينان جو اظهار ٿيل هو، پر ترت ئي اها رپورٽ واپس ورتي وئي ۽ ماڳهين وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا. ائين ٿر جي ڏڪار تي سياست ٿيندي رهي. شايد سائين کي ٿر جي اشو مان سدائين خطرو رهندو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ (جيڪو هاڻي آخري دفعو ٿي ويو) سائين جڏهن ٿر آيو ته چيو هئائين ته آئون ٽن سالن ۾ 11 دفعا مٺي آيو آهيان، ايترا ڀيرا آئون پنهنجي ضلعي خيرپور به نه ويو آهيان! ائين ٿر ۾ ڏڪار وارو سوال ۽ اتي اهڙا اپاءُ وٺڻ جيڪي پائيدار ترقي جو ڪارڻ بڻجن، تن جو آغاز نه ٿي سگهيو. حڪومت ٽن سالن کان امدادي ڪارروايون ته ڪندي رهي، پر باضابطا ڏڪار جو اعلان ڪرڻ کان لنوائيندي رهي. کيس ڊپ هو ته ائين ڪرڻ سان متان وري مخدوم خاندان نه ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃي ۽ بادشاهي لوڏي ۾ اچي وڃي. اهو ئي سبب آهي، جو ٿر بابت ٽن سالن جي عرصي ۾ اٺ ڪميٽيون ۽ ڪميشنون ٺهيون. هاءِ ڪورٽ تائين ڳالهه وئي، پر انهن ڪميٽين ۽ ڪميشن جي رپورٽن ۽ انهن جي سفارشن جي باوجود ٿر پائيدار ترقي جي حوالي سان ڪو قدم نه کڄي سگهيو. ساڳي طرح 2010.11ع وارين ٻوڏن، صوبي ۾ ارڙي پکڙجڻ جي موقعي تي قائم علي شاهه تي سخت دٻاءُ رهيو. 2012.13ع ۾ تعليم، صحت، مڪاني ادارن، پوليس، اطلاعات کاتي سميت مختلف کاتن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڀرتيون ٿيون، جن مان اڪثر ڀرتين کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو يا ڪن جو معاملو عدالتن يا وري تحقيقات ڪندڙ ڪميٽين وٽ اٽڪيل آهي. اهي ڀرتيون ۽ بدليون توڙي مقرريون مبينه طور تي پئسن جي عيوض يا سياسي سفارشن تي ڪيون ويون. اها ئي صورتحال ننڍن توڙي وڏن ترقياتي ڪمن، مڪاني ادارن جي ماهوار ملندڙ فنڊن جي حوالي سان ٿي، جو انهن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن جا الزام سامهون آيا. جاچ ڪميٽين جي رپورٽن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته اڪثر ڀرتين جي وڏي وزير کي ڪا ڄاڻ ئي نه هئي. وزيرن، سيڪريٽرين وغيره پنهنجي طور تي ڪيون هيون. ڳالهه اتي وڃي بيٺي ته اها ڳالهه عام ۽ ڳالهين جو موضوع ٿي ته هر هنڌ ڪرپشن آهي؟
سائين قائم علي شاهه کي پنهنجي عهدي جي نئين مدت شروع ٿيڻ شرط ئي ڏاڍي ڏکيائي ڏسڻي پئي، ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي. وفاق صوبي جي گادي واري شهر ۾ آپريشن جو فيصلو ڪيو. وزير اعظم نواز شريف ڪجهه اهم وفاقي وزيرن ۽ عسڪري ادارن جي سربراهن سان ڪراچي پهتو. جتي هن سنڌ حڪومت کي ڪراچي ۾ آپريشن لاءِ آماده ڪري ورتو. بظاهر وڏي وزير کي آپريشن جو ڪپتان بڻايو ويو، ليڪن عملي آپريشن شروع ٿيڻ سان ئي سندس حڪومت جي خاص طور تي گادي واري شهر ۾ رٽ ڪمزور ٿي وئي. پوليس به ثانوي حيثيت اختيار ڪري وئي، ڇاڪاڻ جو رينجرز کي پوليسنگ جا اختيار ملي ويا.
صورتحال ان وقت ڳنڀير ٿي، جڏهن سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن جو رينجرز، نيب ۽ ايف آءِ اي نوٽيس ورتو ۽ ان وائيٽ ڪالر ڏوهن کي دهشتگردي سان ڳنڍي، سرڪاري آفيسن تي ڇاپا هڻڻ ۽ سرڪاري اعليٰ عملدارن جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪيو. انهي ڪرپشن ۾ پارٽي جي اهم ماڻهن کي ملوث هجڻ جون خبرون اچڻ لڳيون. نتيجي ۾ ڏيڍ ڊزن کن آفيسر ملڪ کان ٻاهر هليا ويا يا وري انهن هاءِ ڪورٽ کان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي. مهينو کن اهڙو به گذريو، جو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ معمول جو ڪار وهنوار معطل رهيو. سنڌ حڪومت جي ڪجهه وزيرن ان کي سنڌ حڪومت تي حملو سڏيو. آصف زرداري جي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر عاصم ۽ لياري سان تعلق رکندڙ عذير بلوچ ۽ ڪجهه ڪامورن جون گرفتاريون عمل ۾ آيون. شرجيل ميمڻ، مظفر ٽپي ۽ ٻه ٻيا وزير گرفتاري جي ڊپ کان ٻاهر هليا ويا. سيد قائم علي شاهه جي حڪومت وفاقي حڪومت خلاف بيان ڏيندي رهي، پر رينجرز جي مجموعي ڪم کي ساراهيندي رهي. معاملو ”سئو بصر ۽ سئو لٺيون کائڻ“ جهڙو ٿي ويو. عملي طرح سنڌ حڪومت ڪا به ڪارروائي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هئي. پيپلز پارٽي وزير اعظم نواز شريف کي نياپا، ڏک ڏوراپا ڏنا، پر هو به ڪا مدد ڪرڻ ۾ بيوس پئي لڳو. اتان کان پيپلز پارٽي نواز حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ، سينيٽ ۾ پنهنجي اڪثريت ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي سيٽ پاڻ وٽ هجڻ جو فائدو ورتو. پيپلز پارٽي ايتري قدر اڳتي وڌي آهي، جو جنهن کي موجوده سياسي نظام لاءِ خطرو قرار پئي ڏنو، انهي عمران خان سان گڏ بيهي رهي ۽ هن سان گڏجي نواز حڪومت خلاف ڌرڻي هڻڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو. ان حڪمت عملي پيپلز پارٽي کي به ساهه کڻڻ جي وٿي ڏني. اها ٻي ڳالهه آهي ته ائين ڪرڻ سان مجموعي طور سويلين حڪومت پنهنجو اسپيس ملڪي سطح تي وڃايو.
 پيپلز پارٽي وقت جو انتظار ڪندي رهي ۽ ڊسمبر ۾ رينجرز جا خاص اختيار وڌائڻ جي مدي ۾ واڌ جو وقت اچي ويو. سنڌ حڪومت تڪڙ ۾ مدو وڌائڻ بدران سنڌ اسيمبلي سان رجوع ڪيو ۽ اسيمبلي مان هڪ ٺهراءُ پاس ڪري رينجرز جا اختيار گهٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي ۽ ائين خاطرين وٺڻ بعد اختيارين جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي. هلندڙ مهيني 19 جولاءِ تي صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي، ڇاڪاڻ جو رينجرز کي آپريشن بعد ڏنل رڳو خاص اختيار ئي نه، پر ڪراچي ۾ نوي واري ڏهاڪي ۾ سول حڪومت جي مدد لاءِ گهرايل رينجرز جي مقرري جو مدو به ختم ٿي رهيو هو، اتان ڇڪتاڻ نئين شڪل ورتي. رينجرز جي مقرري ۽ اختيارن جي مدي ختم ٿيڻ کان چند هفتا اڳ ڪراچي ۾ امجد صابري قوال جو قتل ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پٽ اويس شاهه جو اغوا ٻه هاءِ پروفائيل ڪيس سامهون آيا. جن صوبائي حڪومت جي بيوسي کي وائکو ڪيو ۽ ان جي اڪيلائپ به سامهون آئي. ڪجهه وفاقي ادارن طرفان صوبائي ڪابينا جي بااثر رڪن وزير داخلا سهيل انور سيال کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. رينجرز اختيارن جي مدت ختم ٿيڻ کان ٻه چار ڏينهن اڳ صوبائي وزير داخلا جي ويجهن ساٿين ۾ هٿ وڌو ۽ لاڙڪاڻي ۾ وزير موصوف جي رهائش گاهه جو گهيرو ڪيو. ائين رينجرز، سنڌ حڪومت هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويون. وفاق جو رويو به ٽڪراءُ وارو نظر اچڻ لڳو. ائين سنڌ جي وڏي وزير جي تبديلي آخري موڙ تي اچي وئي.
تعجب جي ڳالهه آهي ته تعليم، امن امان، مقررين توڙي بدلين ۽ ڀرتين جا معاملا سپريم ڪورٽ تائين پهتا. ڪراچي ۾ امن امان جي بدترين صورتحال رهي، جو ڏينهن ۾ ٻه ڊزن کن ماڻهو مارجڻ لڳا. 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏ، ٿر ۾ ڏڪار، تعليم جي تباهي ۽ هر کاتي ۾ ڪرپشن، غلط ڀرتين تي شڪايتون عام بڻجي ويون. خراب حڪمراني آخري حدون به ٽُپي وئي. اهي سڀ شيون ”ٽاڪ آف دي ٽائون“ بڻجي ويون، ليڪن پيپلز پارٽي ڪنهن به مرحلي تي ان جو نوٽيس نه ورتو. انهن کي روڪڻ لاءِ ڪي به عملي تدبيرون ۽ پابندي نه ڪئي. ان ۾ سائين قائم علي شاهه جو قصور گهٽ ۽ قيادت جي سڌي مداخلت ۽ هر چيز جي اعليٰ سطح تي فيصلي سازي ٿيندي رهي. ايم پي ايز، ايم اين ايز کي وڏو وزير يا پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نه، پر اعليٰ قيادت ئي سڌي طرح ڊيل ڪندي رهي. وزيرن ۽ ايم پي ايز جا ويجها مائٽ يا ”فيوريٽ“ اهم عهدن تي مقرر ٿيل هئا، جن کي ڪو وزير ته پري جي ڳالهه خود وڏو وزير به ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيو. معاملا ته سائين قائم علي شاهه جي ڪنٽرول ۾ بيٺا، نه سندس وس ۾.
پيپلز پارٽي سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي جو تڏهن فيصلو ڪيو، جڏهن اها پاڻ ”سوڙهي گهٽي“ ۾ پهتي. سندس مٿو ڀت سان ٽڪرائجڻ لڳو، تڏهن ڪجهه نه ڪري رهي هئي، جڏهن سنڌ جي لکين ماڻهن جو مٿو ڀت سان پئي لڳو. سر تي اچڻ کان اڳ پيپلز پارٽي ڪو وزير به تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي.  اهو صحيح آهي ته قائم علي شاهه حڪومت قانون سازي گهڻي ڪئي، پر اصل ڳالهه نون توڙي پراڻن قانونن تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو آهي، ان بنياد تي ئي گورننس ۽ ڪارڪردگي کي ماپيو ويندو آهي، انهن معاملن ۾ ”ٻُڙي“ هئي.
پنجاب ۽ ٻين صوبن مان 2013ع جي چونڊ ۾ ڌوپجي وڃڻ بعد پيپلز پارٽي لاءِ موقعو هو ته اها سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺهڻ تي ڪارڪردگي ڏيکاري ها ۽ مثالي ڪارڪردگي ڏيکاريندي، سڄي ملڪ ۾ ساک ٺاهي ها. شايد پارٽي لاءِ اهو سبق ناڪافي هو يا ان ڪجهه سکڻ ئي نه ٿي چاهيو. صورتحال اها وڃي بيٺي، جو پارٽي ڪشمير ۾ چونڊون هارائي ويٺي. اها پهرين چونڊ مهم هئي، جنهن جي اڳواڻي بلاول ڀٽو ڪئي هئي. پيپلز پارٽي وٽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه به نه هو.
 پيپلز پارٽي سنڌ ۾ واقعي ڪجهه تبديل ڪرڻ گُهري ٿي؟ موجوده حالتن ۾ نه ٿو لڳي ته وڏو وزير مٽائڻ سان ڪا تبديلي اچي ويندي. سائين قائم علي شاهه ته ائين چئجي ته قرباني ڏني آهي. هاڻي جيڪي ڪجهه نه ٿيو يا جيڪو غلط ٿيو، سو سڄو سندس کاتي ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. سچ ته اهو آهي ته قائم علي شاهه جيڪي ڪجهه ڪندو رهيو يا جيڪي ڪجهه نه پئي ڪيو، سو سڀ پارٽي قيادت جي هدايت ۽ منظوري تحت ئي هو. نئين ڪابينا ۾ لڳ ڀڳ ساڳيا ماڻهو هوندا، سواءِ کاتن جي مٽا سٽا جي صورتحال تڏهن بدلجي سگهندي، جڏهن پارٽي قيادت پنهنجي اپروچ ۽ سوچ تبديل ڪندي، صوبي جي زميني حقيقتن کي مڃيندي، وزير اعليٰ کي بااختيار بڻائيندي، جنهن جو امڪان گهٽ لڳي ٿو.
sohailsangi@yahoo.com

سهيل سانگي


اربع 27 جولاءِ 2016ع

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home