ايم ڪيو ايم خلاف ٺهراءُ ڇو آندو ويو؟
ايم ڪيو ايم خلاف ٺهراءُ ڇو آندو ويو؟
|
اهو ئي ٿيو جنهن جو چٽو امڪان هو، يعني فاروق ستار جيڪا ايم ڪيو ايم پاڪستان ٺاهي آهي، ان کي پارٽي جي بانيءَ پاران قبولڻ ايترو سولو نه هو، جيترو سمجهيو پئي ويو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شروع ۾ ”باني“ فاروق ستار واري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ابتدائي فيصلي جي توثيق ڪئي هئي. پر باني پاڻ ۽ پارٽيءَ اندر ڪجهه گروپن ان فيصلي کي دل سان نه مڃيو هو. ڪي پارٽي کي جيئن جو تيئن رکڻ پيا گهرن ته ڪي وري فاروق ستار بدران پنهنجي ليڊر شپ پيا آڻڻ گهرن. مطلب ته ايم ڪيو ايم اندر ڪيترائي متضاد ۽ متوازن ڌڙا موجود هئا، جيڪي هاڻي کلي ظاهر ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي هئي ته هڪ عرصي تائين پارٽي اندر ۽ ٻاهر ان جي حامين ۾ شخصيت پرستيءَ ۽ سختيءَ وارو ڊسيپلين هلي رهيو هو، جيڪو پارٽيءَ جي پاليسيءَ جو بنيادي نقطو بڻجي چڪو هو. ان سان گڏوگڏ جنهن سطح جي ”مهاجريت“ جو نعرو ڏنو ويو هو، اهڙي صورت ۾ بانيءَ جي شخصيت ۽ پاليسين کان هٽڻ ۽ ان بعد هڪ موثر شڪل ۾ بيهڻ ڏکي ئي نه پر مشڪل ڳالهه پئي لڳي. ايم ڪيو ايم جي تاريخ کان واقف ماڻهن جو اهو ئي خيال هو ته الطاف ۽ سندس هم خيال چند ڏينهن ڌڪ پچائي، ڪنهن مناسب وقت تي ميدان ۾ اچي ويندا.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جي سربراهه نديم نصرت لنڊن پهچي رازن تان پردو کڻي چيو ته، ”باني“ بنا ايم ڪيو ايم ڪجهه به ناهي. ان بعد فاروق ستار جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ ڌڙي نديم نصرت، واسع جليل، مصطفيٰ عزيز آبادي ۽ قاسم رضا کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. هن کان اڳ فاروق ستار ۽ هن جا ساٿي پارٽيءَ جي منشور مان الطاف حسين جو نالو بطور ”قائد“ خارج ڪري چڪا هئا. اهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي ناراض اڳواڻ سليم شهزاد وري نديم نصرت کي پارٽيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صورتحال جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته اهو فيصلو گهڻو اڳ ڪرڻ گهربو هو. ايم ڪيو ايم جي اڄوڪي حالت کي سمجهڻ لاءِ گذريل ٽن هفتن دوران ايم ڪيو ايم اندر تيزيءَ سان ٿيندڙ اٿل پٿل وارن واقعن کي سامهون رکڻ ضروري آهي. 22 آگسٽ تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ڪراچي پريس ڪلب آڏو هلندڙ بک هڙتال ختم ٿيڻ وارين گهڙين ۾ شام جو باني الطاف حسين تقرير ڪئي. جنهن ۾ هن ملڪ خلاف ڳالهايو ۽ ڪارڪنن کي ميڊيا جي ڪجهه ادارن خلاف ڀڙڪايو. ان ڀڙڪائيندڙ تقرير ٻڌڻ بعد پريس ڪلب ڪراچي جي پويان واقع هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي آفيس تي ڪارڪنن حملو ڪري ڏنو. ساڳي ڏينهن تي الطاف حسين آمريڪا ۾ به ڪارڪنن کي خطاب ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ساٿ ڏين ته هو داعش، القاعده ۽ طالبان پيدا ڪندڙ ملڪي ڳجهي اداري سان پاڻ وڙهڻ لاءِ ويندو وغيره وغيره. الطاف جي خطرناڪ تقرير کانپوءِ فاروق ستار ۽ خواجا اظهار الحسن پريس ڪانفرنس لاءِ ڪراچي پريس ڪلب پهتا ته رينجرز کين گرفتار ڪري ورتو. ائين بس پوءِ ٿوري دير ۾ رينجرز ۽ پوليس شهر ۾ ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس نائين زيرو سميت ٻين آفيسن کي بند ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو. راتو رات پاليسي ۽ پارٽي ۾ تبديلي جو اعلان ٿيو، جنهن تحت فاروق ستار الطاف جي تقرير کان لاتعلقي ڪري لنڊن سيڪريٽريٽ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. انهن سمورن واقعن دوران ۽ ”تڪڙ“ ۾ پارٽي پاليسيءَ ۾ آيل تبديليءَ باوجود ايم ڪيو ايم جو اميدوار وسيم اختر ڪراچيءَ جو ميئر چونڊجي ويو. وسيم اختر 12 مئي واقعي واري ڪيس ۾ تڏهن به جيل ۾ هو ۽ اڃان سوڌو جيل ۾ آهي. هو بانيءَ جو حامي آهي يا وري فاروق ستار جي نئين پاليسيءَ جو؟ اهو راز اڃان افشان ٿيڻو آهي.
فاروق ستار پاران 23 آگسٽ تي اعلانيل پاليسيءَ کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. خاص ڪري نديم نصرت طرفان الطاف حسين جي پارٽيءَ اندر بطور ”قائد“ موجودگيءَ جي اعلان کان پوءِ صورتحال تبديل ٿي ويئي. ان مقصد لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي مدد لاءِ ٻين سياسي جماعتن جو ساٿ ڏياريو ويو ۽ انهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ته الطاف حسين ”غدار“ آهي، ان خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلايو وڃي. هونئن غداريءَ جو ڪيس هلائڻ لاءِ اسيمبليءَ جي ڪنهن ٺهراءُ جي ضرورت نه هوندي آهي، ان لاءِ ٽي شيون گهربل هونديون آهن، هڪ ٺوس ثبوت، ٻيو گهربل قانون ۽ ٽيون وفاقي حڪومت جي وزارت داخلا جي ذريعي منظوري. هن کان اڳ جيڪي به غداريءَ جا ڪوڙا يا سچا ڪيس داخل ٿيندا رهيا آهن. تن لاءِ اسيمبلين مان ڪڏهن به ڪو ٺهراءُ منظور نه ڪرايو ويو آهي. اهو غداري جو ڪيس نعپ جي اڳواڻن تي هلائڻو هجي يا مشرف تي پر، الطاف جي معاملي ۾ شايد حڪومت پنهنجي پاڻ کي ڪمزور پئي سمجهي يا وري اهو سوچيو ويو آهي ته، غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مقصد هوندو پاڪستان ۾ موجود ايم ڪيو ايم کي الطاف جي مقابلي ۾ سياسي مدد ڪرڻ. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته الطاف حسين کي پاڪستان حڪومت برطانيه جو شهري مڃي ٿي. جيڪڏهن اها هن جي پاڪستاني شهري هجڻ واري قانوني پوزيشن مڃي ها ته، سنئون سڌو الطاف جي برطانيه کان ٻانهن گهري ها. ٻانهن گهرڻ بدران پاڪستان سرڪار برطانيه کي لکيو آهي ته، توهان جو شهري اتان ويهي اسان جي ملڪ ۾ گڙ ٻڙ ڪرائي رهيو آهي، ان ڪري سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. جيڪڏهن الطاف حسين قانوني حوالي سان پاڪستان جو شهري ئي ناهي ته ان خلاف ملڪ سان غداريءَ جو ڪيس ڪيئن ٿو هلائي سگهجي؟
سنڌ اسيمبليءَ جي هن ٺهراءَ کان پوءِ لنڊن سيڪريٽريٽ جي نديم نصرت متحده جي رابطا ڪميٽي سوڌو تنظيمي ڍانچي ۽ ان جي سمورن شعبن کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ سمورن اسيمبلي ميمبرن کي چيو آهي ته اهي پنهنجي سيٽن تان استعيفائون ڏين ۽ نئين سر چونڊ وڙهن. ڇاڪاڻ جو سندس چواڻي ته اهي سيٽون کين الطاف حسين جي صدقي مليون آهن. فاروق ستار جوابي رد عمل ۾ چيو آهي ته ڪو به پارٽي اسيمبلي ميمبر استعيفا نه ڏيندو.
سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءُ ۾ 22 آگسٽ تي پريس ڪلب آڏو بک هڙتالي ڪارڪنن کي الطاف حسين پاران ڪيل خطاب کانپوءِ ملڪ خلاف نعرا هڻائڻ جو خاص طور تي ذڪر ٿيل آهي. هن ٺهراءُ جي ايم ڪيو ايم نه رڳو حمايت ڪئي، بلڪه سڀ کان اڳتي وڌي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر سيد سردار احمد اهو ٺهراءُ پاڻ پيش ڪيو. فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي درست چيو آهي ته، پنهنجي ليڊر خلاف ٺهراءُ آڻڻ ڪو آسان ڪم ناهي، ڏسڻو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم سميت سڀني جماعتن اهو ٺهراءُ ڇو آندو؟
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم رهنما ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جي اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير پارٽيءَ جي اندروني صورتحال جي اپٽار ڪري ٿي. اظهار الحسن کي گذريل هفتي ايس پي رائو انوار گرفتار ڪيو ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي مداخلت تي چند ڪلاڪن کانپوءِ آزاد ڪيو ويو هو. بقول هن جي، 22 آگسٽ جي رات قيامت کان گهٽ نه هئي، انهيءَ رات ئي اسان لنڊن کان تعلق ترڪ ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ پئي گهريو. ان کان پهريائين اسان مذمت، معذرت ۽ شرمندگي جي اظهار جو فيصلو ڪري چڪا هئاسين. اهو تاثر غلط آهي ته ايم ڪيو ايم جو هر ڪارڪن ڏوهاري آهي. سندس چوڻ هو ته وٽن ملڪ بدر ٿيڻ، پارٽي تبديل ڪرڻ ۽ واقعي جي ذميواري قبوليندي معاملا حل ڪرڻ جا سمورا آپشن هئا، پر اسان پارٽي نه مٽائي ۽ ٽانڊن تي هلڻ جو فيصلو ڪيو. بانيءَ کان لاتعلق ٿي چڪا آهيون، ٻڌايو وڃي ته اهڙي پڪ ڏيارڻ لاءِ ڪهڙو فارمولا آهي؟ پارٽي بدلايون ته پاڪستانيت جو سرٽيفڪيٽ ملندو؟ ساڳي قسم جو بيان هڪ ڏينهن اڳ فاروق ستار به ڏنو هو ته اسان جي ڀلي ڊي اين اي ڪرايو، اسين توهانکي پاڪستاني ملنداسين.
الطاف حسين جا لنڊن ۾ موجود ساٿي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پاليسين ۽ فيصلن کي غلط سمجهن ٿا، هاڻي ان جي ٽوڙ ۽ مقابلي لاءِ ميدان ۾ لهي آيا آهن. سندن چوڻ آهي ته چند ميمبر تحريڪ بچائڻ جي نالي تي اهڙا قدم کڻي رهيا آهن، جيڪي تحريڪ جي مفاد ۾ ناهن. ايم ڪيو ايم هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي، ان کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏبي. الطاف حسين جي سالگرهه جي موقعي تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه هنڌن تي الطاف حسين جي حمايت ۾ وال چاڪنگ نظر آئي، ڪراچي ۾ اهڙا بينر به لڳايا ويا ته ”جيڪو قائد جو غدار آهي، سو موت جو حقدار آهي.“ جوابي ڪارروائي ۾ وري اهڙا بينر به لڳل نظر آيا ”جيڪو ملڪ جو غدار آهي، سو موت جو حقدار آهي.“ لنڊن وارن سمورن فيصلن جي توثيق الطاف حسين ڪئي آهي ۽ سمورا اختيار نديم نصرت کي ڏنا ويا آهن، هاڻي بظاهر مقابلو نديم نصرت ۽ فاروق ستار وچ ۾ آهي.
موجوده صورتحال ايم ڪيو ايم جي حامين کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، فاروق ستار، خواجه اظهار الحسن ۽ سيد سردار احمد ايم ڪيو ايم جي جيڪا سياست ڪرڻ گهرن ٿا، ان کي لڪل هٿن، ڪجهه ادارن ۽ سياسي جماعتن جي حمايت حاصل آهي. جنهن جو مثال سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءُ مان به ملي ٿو. اهڙي حمايت بنا پاڪستاني ايم ڪيو ايم نه اهڙو قدم کڻي سگهي ٿي ۽ نه وري مضبوطي سان بيهي سگهي ٿي. سمورين ڌرين جي فرمائش آهي ته پاڪستاني ايم ڪيو ايم لساني بنيادن کان هٽي بيهي، سنڌ جي ورهاست واري نعري تان دلي طور هٿ کڻي سياست ڪري ۽ پاڻ کي الطاف جي حڪمت عملي ۽ سياست مان ٻاهر ڪڍي. اها فرمائش تمام سٺي ٿي لڳي، پر اها به حقيقت آهي ته پاڪستاني ايم ڪيو ايم ان فرمائش ۽ الطاف حسين جي تازي ڪاهه جي وچ ۾ بيٺل آهي. ايم ڪيو ايم جي نئين حڪمت عملي کانپوءِ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان نعري ۽ لساني سياست کي اسپيس ملي جيڪا، الطاف چاهي ٿو يا وري اهو ته پاڪستاني ايم ڪيو ايم لنڊن کان کڻي الڳ بيهي پر نعري ۽ مقصد ۾ ساڳي هنڌ تي بيٺي هجي. اهڙي صورت ۾ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کان وڌيڪ بهتر مهاجر هجڻ واري مقابلي ۾ اچي وينديون، جنهن سان ڪراچيءَ ۾ لساني سياست کي وڌيڪ هٿي ملندي. اها صورتحال ڪراچي جي موجود بدليل ڊيموگرافي ۾ وري رتوڇاڻ ڏي وڃي سگهي ٿي. ڏسجي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جماعتون ان جو ڪهڙو حل ٿيون ڪڍن.
sohailsangi@yahoo.com
|
ايم ڪيو ايم خلاف ٺهراءُ ڇو آندو ويو؟
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home