Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Saturday, September 30, 2017

آرمي چيف جي تبديلي ۽ ملڪي سياست جا بدلجندڙ رنگ!

اسلام آباد تي ڇانيل ڪوهيڙو ڇٽجي چڪو آهي، لڳي ٿو ته في الحال ”سڀ خير آهي“ جا احوال اچي رهيا آهن. گذريل ڇهن اٺن مهينن کان ملڪ اندر پيدا ٿيل غير يقيني صورتحال جو هڪڙو مرحلو پورو ٿي ويو. ايندڙ پنج مهينا گهٽ غير يقيني صورتحال وارا گذرندا. پاناما ڪيس جي شنوائي 30 نومبر تائين ملتوي ٿيل آهي، تيستائين فوج جو نئون سربراهه ڪمانڊ سنڀالي وٺندو. ان کان اڳ صورتحال ڪجهه اهڙي بيٺل هئي، جو تحريڪِ انصاف وفاقي گاديءَ واري شهر کي بند ڪرائي رهي هئي، تڏهن هر قسم جا افواهه، امڪان ۽ انديشا سياسي بازار ۾ گرم هئا.
پاڪستان عجيب ملڪ آهي، جتي سڄي سياست کي عسڪري ادارن جي محور تي بيهاريو ويو آهي، سياستدانن جو رول ڄڻ رهيو ئي ناهي. عام خيال اهو هو ته سمورين ناخوشگوارين جي باوجود وزيراعظم نواز شريف، جنرل راحيل کي عهدي ۾ واڌ ڏئي ڇڏيندو. ائين ڪرڻ سان کيس اها پڪ ٿي وڃي ها ته نواز ليگ پنهنجي حڪومت جي باقي رهيل آئيني مدت پوري ڪري وٺندي. پر جنرل راحيل هن معاملي ۾ پيشورانه رويو اختيار ڪيو، پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ٿيڻ تي عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. چوندا آهن ته ”ميڙو متل ڇڏجي“ جنرل راحيل به ائين ئي ڪيو. نئين آرمي چيف جي مقرريءَ ۾ دير وارو معاملو ڳجهارت بڻيل رهندو. خير جيڪو به ٿيو، سو خوب ٿيو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ پاليسيون ڇا ٿيون ٺهن؟ ۽ سياست ڪهڙي رخ ۾ ٿي وڃي؟ اهو صحيح آهي ته تاريخ ۾ فرد جو رول هوندو آهي پر اهو رول ڪنهن خاص صورتحال جي نتيجي ۾ اهم بڻجي ويندو آهي. چرچل شايد ايڏو وڏو ليڊر نه بڻجي سگهي ها، جيڪڏهن ٻي مهاڀاري جنگ نه لڳي ها. هن جيڪي به پاليسيون جوڙيون، فيصلا ڪيا، سي برطانيه جي مفاد کي سامهون رکندي ڪيا ۽ ان سڄي قصي ۾ برطانيه جي حڪمران طبقن ۽ ٻين سگهارين ڌرين کي پاڻ سان گڏ کڻي هليو. پاڪستان ۾ موجود ادارا، پوءِ اهي سياسي ادارا جهڙوڪ پارليامينٽ هجي، سياسي جماعتون هجن يا وري عدليه ۽ عسڪري ادارا، اهي سڀ سڌي يا اڻ سڌي طرح فيصلا اهڙي نموني ڪندا آهن، جيڪي انهن ادارن جي حق ۾ هجن ۽ کين پنهنجن پنهنجن ادارن وٽان کين حمايت حاصل هجي. سياسي پارٽيون ملڪ ۾ بطور مضبوط ادارن جي اها شڪل نه وٺي سگهيون آهن. انهن جي تنظيمي، سياسي دورانديشي، ماڻهن ۾ مقبوليت، حڪمت عملي وغيره جي صلاحيت گهٽ رهي آهي. نتيجي ۾ سندن پاسو هميشه ڪمزور رهيو آهي. سون تي سهاڳو اهو، جو مٿان وري خراب حڪمراني ۽ مالي ڪرپشن واريون ڳالهيون شامل ٿي وڃن ٿيون ته رهيل ڪسر به پوري ٿيو وڃي. پارليامينٽ اداري جي طور تي آهي، جيڪا مقرر قاعدن قانونن تحت هوندي آهي. پر اتي اهڙي قسم جي غير منظم ۽ ذاتي مفاد رکندڙ ماڻهن جي موجودگي ان جي رول کي هاڃو رسائي وجهي ٿي. عمران خان جڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن هيٺ ڌرڻو هنيو هو، تڏهن سياسي پارٽين ۽ پارليامينٽ جيئن ئي پنهنجو وزن ڏيکاريو ته ان کي پوئتي هٽڻو پيو. ساڳي صورتحال جسٽس افتخار محمد چوڌري جي زماني ۾ عدليه بابت چئي سگهجي ٿي ته ان بطور اداري جي عمل ڪيو. ظاهر آهي ته فوج ملڪ جي ٻين ادارن کان وڌيڪ مضبوط، سگهارو ۽ ڊسيپلين وارو ادارو آهي. اهو به بطور اداري جي عمل ڪندو آهي. ان جو چٽو اظهار نواز شريف طرفان جنرل مشرف کي هٽائڻ مهل اسان ڏٺو. اسين هتي ان بحث ۾ في الحال ڪونه ٿا وڃون ته ان عمل کي ڪيتري آئيني يا قانوني حيثيت آهي. ايندڙ وقت ۾ ڪهڙيون پاليسيون ٺهنديون؟ اهو هڪ سوال ضرور آهي.
ڪجهه عرصو نئين چيف کي پنهنجي اداري جا انتظامي معاملا ڏسڻ ۾ لڳندو. ان کان پوءِ ئي مختلف معاملن تي پاليسي ۽ فيصلي سازي ڪندو. پر ڪيترن معاملن ۾ پاليسين جو تسلسل برقرار رهندو، ڇاڪاڻ جو آپريشن ضربِ عضب هجي يا ڪراچي وارو آپريشن هجي، انهن کي پنهنجي منطقي ماڳ تي پهچائڻو آهي. اهڙو حوالو جنرل راحيل شريف پنهنجي الوداعي تقريرن ۾ ڏئي چڪو آهي. جيستائين ملڪ جي پرڏيهي پاليسي، انڊيا، افغانستان، آمريڪا يا چين وغيره سان ناتن يا هن خطي ۾ پاڪستان جي رول يا امن جو تعلق آهي، ان بابت ڪافي ڳالهيون طئي ٿيل آهن. اهي ڳالهيون چونڊيل حڪومت جي اختيارن کان مٿڀريون ٿيل آهن. اهي جيئن جو تيئن رهنديون، جڏهن ته هن خطي جي صورتحال ۾ ترڪي جو اچڻ نئون سياسي مظهر لڳي ٿو، جيڪو اڳتي هلي اڃا وڌندو. هونئن به نواز شريف کي ان معاملي ۾ ڪو فڪر ناهي. ان ڪري في الحال معاملو ائين ئي هلندو. اهو چئي سگهجي ٿو ته بظاهر سندس حڪومت کي ڪو خطرو ڪونهي، پر پاناما ليڪس وارو معاملو سندس ڳچي ۾ پيل آهي، جيڪو سياسي وڌيڪ بڻجي ويو آهي. ان مان وقت بوقت مختلف ڌريون پنهنجي ضرورت ۽ سگهه موجب فائدو وٺنديون رهيون آهن. لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ به اهو سلسلو جاري رهندو. قانوني ماهرن جو خيال آهي ته هن وقت تائين آيل ثبوتن ۽ دليلن کي ڏسندي سڌي طرح ڪنهن فيصلي ڏيڻ بدران جڊيشل ڪميشن کي موڪلڻ کي ترجيح ڏني ويندي.
انهيءَ جو قطعي طور اهو مطلب ناهي ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ اندر ڪا هلچل يا تبديلي نه ايندي. لڳي ٿو ته نواز شريف کي جيترو ڪمزور ڪرڻو هو، سو ٿي چڪو. ان جي نتيجي ۾ پنجاب ۾ ڪيتري جاءِ خالي ٿي آهي، ان جو اڃان تائين ڪو اندازو نه ٿي رهيو آهي. اها جاءِ جيڪڏهن عمران خان ڀري ٿو ته 2018ع جي چونڊن ۾ سندس پارٽي وفاقي حڪومت ٺاهي وٺندي، پر جيڪڏهن اها جاءِ پيپلز پارٽيءَڀري ٿي ته اها وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته اها وڏي ڳالهه ٿي ويندي، جيڪا گهڻين ڌرين کي ڪونه وڻندي. خود نواز ليگ به ان جي حق ۾ نه ويندي ته ڪو پيپلز پارٽي کي ايتري جڳهه ڏني وڃي. اهڙي حالت ۾ هنگ پارليامينٽ بيهندي. مطلب ڪا ٻي ڌر وچ ۾ اچي گڏيل حڪومت ٺهرائي. اها گذريل حڪومت نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي ٿي سگهي ٿي يا وري تحريڪ انصاف سان ڪجهه ڌرين کي گڏائي جڙي سگهي ٿي. بلاول ڀٽو جي لڳاتار لاهور ۾ موجودگي ۽ آصف زرداري طرفان ملڪ اچڻ جو اعلان ان ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿيون ته پيپلز پارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. مطلب ته هاڻي اهو وقت شروع ٿي رهيو آهي، جڏهن اختيار ۽ اقتدار ۾ حصو پتي ورهائڻ جو فيصلو ٿيڻو آهي، پر پيپلز پارٽي جي لاءِ اهو ڪم ايڏو سولو ڪونهي. سنڌ ۾ سندس حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ هڪ دفعو وري ان خلاف عدليه ۾ ايندڙ مختلف ڪيس ٻڌائين ٿا ته ان کي ايترو ”واندو“ ۽ آزاد نه ڇڏيو ويندو، جو اها پنجاب اچي وڌيڪ حصو ڪليم ڪري. اوڏي مهل سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ بي ضابطگين وارا قصا نئين سر سامهون اچي ويندا. بهرحال معاملو هاڻي نئين ورڇ ٿيڻ واري نقطي تي اچي بيٺو آهي.
sohailsangi@yahoo.com

سهيل سانگي 
جمع 25 نومبر 2016ع 
آرمي چيف جي تبديلي ۽ ملڪي سياست جا بدلجندڙ رنگ!

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home