Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Monday, December 11, 2017

جنرل راحيل جو نئون عهدو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي!

 اربع 05 اپريل 2017
آخر ائين ئي ٿيو، جنهن کان بچڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي. يعني پاڪستان سعودي ۽ ايران جي وچ ۾ ڌر بڻجڻ بجاءِ آزاد رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي عوام جي عام راءِ به اها ئي هئي. جنرل راحيل طرفان اتحادي فوج جو ڪمانڊر بڻجڻ تي پاڪستان جي خارجه پاليسي وري ٻيهر بحث جو هڪ اهم موضوع بڻجي پيو آهي. جيتوڻيڪ ملڪ جي طبعي عمر اچي ستر سالن کي پهتي آهي پر تڏهن به پارليامينٽ کان وٺي علم ۽ دانش سان تعلق رکندڙ پڙهيل طبقي ۽ مزدور، هاري ڪلاس وٽ خارجه پاليسي تي اڃا بحث هلندا اچن ٿا. غور سان جائزو وٺبو ته پاڪستان جي خارجه پاليسي جا بنيادي اصول ڪي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ڪو نه ٺاهيا هئا، پر انهن اصولن جو بنياد، انهن جا رخ ۽ لاڙا پاڪستان جي تاريخ جي ٻن وڏن دانشور پرڏيهي وزيرن طئي ڪيا هئا، جن ۾ پهريون سر ظفر الله خان ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو هو. قائداعظم کان وٺي جنرل ايوب، مشرف، بينظير ۽ نواز شريف تائين اسان جا حڪمران هن ٻن شخصيتن جي طئي ٿيل پاليسين تي عمل ڪندا آيا آهن، البته انهن جي طئي ڪيل اصولن کان ڦرڻ جو موقعو اسٽيبلشمينٽ طرفان ڪنهن به سياستدان کي نٿو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته طئي ٿيل اهي اصول اسٽيبلشمينٽ جي عين مفادن وٽان آهن. جن مان اهم آمريڪا ۽ چين جو آشيرواد حاصل ڪرڻ، ڪميونسٽ روس سان مهاڏو اٽڪائڻ، مذهب کي اندروني ۽ پرڏيهي پاليسيءَ ۾ استعمال ڪرڻ شامل آهن. عرب دنيا جي حڪمرانن سان گڏوگڏ اسرائيل کي وجود ۾ آڻڻ ۽ اقوامِ متحده جو ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي پهرئين وزير خارجه سر ظفر الله خان جو مشهور ڪتاب ۽ سوانح حيات ”تحديث نعمت“ پڙهڻ وٽان آهي. اقوامِ متحده جي 1947ع واري اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندي طور شريڪ ٿيندڙ سر ظفر الله پنهنجي ڪتاب ۾ اکر به اکر شامل ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام جي نالي ۾ فقط هڪ مهينو اڳ ۾ حاصل ڪيل ملڪ جو نمائندو اقوام متحده ۾ آمريڪا ۽ ڊنمارڪ جي قراردادن ۾ ترميم مٿان ترميم پيش ڪندو، فلسطين جي ورهاڱي لاءِ راهه هموار ڪري ڏئي رهيو. جيتوڻيڪ هن اسرائيل جي وجود جي مخالفت ڪئي هئي پر عملي طور فلسطيني نمائيندي جي روڪڻ تي به قرارداد ۾ ترميمون پيش ڪندو رهيو. وري افسوس اهو ته اڄ اسرائيل کي تسليم نٿا ڪيون. ان ئي اجلاس ۾ جڏهن اسپين ۾ هڪ جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ قرارداد پيش ڪئي وئي ته ظفر الله خان دنيا جي مشهور ڊڪٽيٽر جنرل فرانڪو جي فائدي ۾ هڪ دونهين دار تقرير ڪري ڏيکاري ۽ قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي جمهوريت جي مخالفت ڪئي. اهي سڀ ڪم آمريڪا جي خوشنودي لاءِ ڪيا ويا هئا.
ان کانپوءِ خارجه پاليسي جي ميدان ۾ وڏو نالو ذوالفقار علي ڀٽو جو آهي. چين سان دوستيءَ جي شروعات هن وزير خارجه طور ڪئي هئي. گڏيل پاڪستان ۾ مولانا ڀاشاني سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو کي چين نواز سياستدان سڏيو ويندو هو. ان چين نوازيءَ جا رنگ اڄ نرالا آهن ۽ پاڪستان- چين راهداري جي صورت ۾ ظاهر ٿيا آهن. ڀٽي چين کانسواءِ اسلامي دنيا ۽ ان جي ليڊر ٿيڻ جي به ڳالهه ڪئي هئي. اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ سعودي حڪمران شاهه فيصل کي اهميت ڏيڻ سندس خارجه پاليسيءَ جو حصو هو. خانه ڪعبي جي امام کي لاهور ۾ آڻڻ، سعودي سفير رياض الخطيب کي پنهنجي مخالف اسلامي اتحاد جي ليڊرن سان ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ سان سعودي عرب جي پاڪستان اندر مداخلت کي به ڀٽي صاحب هٿي ڏني. اهڙي طرح ڀٽي جي اهڙي خارجه پاليسي هڪ طرف شاهه ايران کي ناراض ڪيو ته ٻئي طرف سوويت يونين کي پڻ- سعودي سان دوستيءَ سبب شاهه ايران ڀٽي سان آخري وقت نائين ناراض رهيو. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي خارجه پاليسي آمريڪا، اسلامي بلاڪ ۽ چين سان دوستي تي ٻڌل آهي. اسلامي بلاڪ جو ليڊر وري نالي ماتر پاڪستان آهي، پر اصل ۾ سعودي عرب مقرر ٿيل آهي. شاهه ايران جي ناراضگيءَ جو ثبوت ٻن ڪتابن جي پڙهڻ سان ملي وڃي ٿو، هڪ شاهه ايران ۽ ٻيو سندس راڻي فرح پهلوي جون سوانح عمريون، جن ۾ ڀٽي صاحب جو ڪٿي به ڪو ذڪر ڪو نه ٿو ملي، حالانڪه ان وقت هو وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي سياست تي مڪمل طور ڇانيل رهيو. اڄ به پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سر ظفر الله ۽ ڀٽي صاحب جي خارجه پاليسي واري ورثي کي قائم رکيو اچي ٿي. ڀٽو صاحب ۽ ظفر الله خان يقينن وڏا نالا آهن، جن تي ڀلي تنقيد به ڪئي وڃي پر هنن پرڏيهي معاملن جا رستا ۽ پيچرا پاڪستان لاءِ متعين ڪري ڇڏيا هئا. ان مان فائدو يا نقصان هن بحث هيٺ آڻڻ موضوع کان ٻاهر ٿيندو. اهڙي طرح روس ۽ ايران پاڪستان جي خارجه پاليسي ۾ ثانوي حيثيت رکندا اچن ٿا ۽ مخالفت جو اصل محور انڊيا يعني ڀارت رهيو آهي.
سعودي عرب جي قيادت ۾ اسلامي ملٽري اتحاد 2015ع ۾ ٺهيو هو، جنهن پاڪستان لاءِ هڪ مشڪل صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي، ڇاڪاڻ ته مسلم دنيا ٻن بلاڪن شيعه ۽ وهابي ۾ ورهايل آهي. پاڪستان ٻنهي ملڪن سان نڀائڻ جي ڪوشش ته ڪئي، پر اهو فقط ڏيکاءَ جي حد تائين ڪيو ويو، پر پوءِ آخر پاڪستان کي هن اهم معاملي تي فيصلو ڪرڻو ئي پئجي ويو ۽ پاڪستان ان اتحاد ۾ شامل به ٿيو ۽ پنهنجي هڪ اهم فوجي شخصيت کي ان جو ڪمانڊر بڻائڻ تي به راضي ٿيو. ڏٺو وڃي ته ايران کان پاڪستان جا مقتدر حلقا ضياءُالحق جي دور کان وٺي ناراض آهن ۽ ان ۾ ايران به ڪا گهٽتائي ڪو نه ڏيکاري آهي. ايران جو ڀارت ڏانهن واضح جهڪاءُ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي قطعي طور به قابل قبول ڪو نه رهيو آهي. ٻرندڙ تي تيل وارو ڪم وري پرويز مشرف جي دور ۾ ڊاڪٽر قدير خان واري مسئلي ڪري ڏيکاريو، جڏهن ايران ائٽم بم ٺاهڻ لاءِ ڊاڪٽر قدير کان ورتل سڀ راز پڪن پختن ثبوتن سان آمريڪا وٽ کولي پڌرا ڪري ڇڏيا ۽ ان کانپوءِ ڊاڪٽر قدير واري صورتحال اسان مان هر هڪ کي ڀلي ڀت معلوم آهي. پاڪستاني ايٽمي هيري کي دنيا اڳيان ٽي وي تي اچي معافي وٺڻي پئي ۽ مشرف کيس نظر بند به ڪيو- پر دل جي ڳالهه اسٽيبلشمينٽ جي دل ۾ ئي رهي ۽ ايران لاءِ اڃا به پاليسي سخت ڪئي وئي. ٻئي طرف سعودي عرب جو شهر تبوڪ اڄ به پاڪستان لاءِ اهم آهي، جتي اسان جا ”جوان“ گهڻي تعداد ۾ رهندا اچن ٿا. پاڪستان جي سلسلي ۾ ڪجهه وقت اڳ ڀارت، ايران ۽ افغانستان جي پروپيگنڊا اها به هلي رهي هئي ته پاڪستان دنيا ۾ تنها رهجي ويو آهي. مودي سرڪار سان اهڙي پروپيگنڊا ۾ ايران به وسان ڪو نه گهٽايو، بلڪه پنهنجو مشهور بندر چاهه بهار ڀارت حوالي ڪري ڇڏيو. پاڪستان هن اتحاد ۾ شامل ٿي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته هو دنيا ۾ اڪيلو نه، پر ايڪيتاليهه مسلمان ملڪن جي فوجي اتحاد ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان آهي. هونئن به مسلم دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جو شوق ته آمريڪا، اسان کي لياقت علي خان ۽ ظفر الله خان جي ۾ وقت ۾ ئي ڏياري ڇڏيو هو ۽ هاڻي پاڪستان جو اهو پراڻو خواب راحيل شريف جي سپهه سالار جي صورت ۾ تعبير سان گڏ پڌرو ٿي رهيو آهي. پاڪستان وٽ هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جا مضبوط دليل آهن، هڪ ته سعودي سان دوستي جو بنياد پاڪستان جي هڪ اهم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو، جيڪو آخر ۾ به پاڪستان لاءِ شهيد ٿيو. پوري وچ اوڀر ۾ روزگار جا رستا ڀٽي کوليا هئا، اڄ به وچ اوڀر جي ملڪن سعودي عرب، ڪوئت، گلف، اومان ۽ بحرين ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ روزگار ڪري رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي ضلعي دادو جي اها خبر آهي ته اتان جي اسي سيڪڙو عوام جي روزمرهه جي ضرورتن جو پورائو مڊل ايسٽ جي ريالن، درهمن ۽ دينارن مان ٿي رهيو آهي.
پاڪستان ان اتحاد ۾ شامل نه ٿي يا راحيل شريف جون خدمتون سعودي حوالي نه ڪري هڪ وڏي غلطي ڪري وجهي ها ۽ خدانخواسته جيڪڏهن وچ اوڀر جا ملڪ ردِعمل ۾ پاڪستانين جي لڏپلاڻ شروع ڪرائين ها ته هتي هڪ وڏو اقتصادي بحران جنم وٺي ها ۽ ڪيترائي گهراڻا ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ڪنگال ٿي وڃن ها. جنهن ڪري هن اتحاد ۾ شامل ٿي پاڪستان اقتصادي طور پاڻي کي ڄڻ ته ڪنهن حد تائين بچائي ورتو آهي. اصل سبب به اقتصاديات آهي. 1971ع تائين جڏهن عرب امارات اڃا انگريز جي قبضي ۾ هئا، تڏهن اڄوڪي ابوظهبي وارو شيخ مبارڪ گهوٽڪي جي مهر سردارن جو مهمان ٿيندو هو. مهر سردارن جي مهمان نوازي کيس ساڻن پڳ مٽ ياري ۾ ڳنڍي ڇڏيو. آزادي کان اڳ خود شيخ زيد بن سلطان به ڪرائي جي ٿري اسٽار هوٽلن ۾ رهندو هو، پر پوءِ تيل ۽ گئس عرب دنيا جي قسمت بدلائي ڇڏي ۽ پاڪستانين لاءِ روزگار جا در کلي پيا. فوجي نقطهءِ نگاهه کان به پاڪستان کي سعودي عرب ۽ گلف جي ملڪن مان گهڻو ڪجهه حاصل ٿي رهيو آهي. پاڪستان هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻيو هيءُ دليل پيش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام کي وڌائڻ ۾ عربن جو ناڻو ضرور استعمال ٿيو آهي. اڄ به سعودي عرب وٽ ايٽمي بجلي گهرن کي قائم ڪرڻ لاءِ 80 بلين ڊالر جي هڪ جدا بجيٽ رکيل آهي. پاڪستان ۽ سعودي نيوڪليئر معاهدي تي اڳوڻي آمريڪي وزير خارجه جان ڪيري خدشا به ظاهر ڪيا هئا ته تنبيهه وارا لفظ به استعمال ڪيا هئا. جنهن جي سعودي وزير خارجه ڀرپور ترديد ڪئي هئي- پر ٻئي سعودي شهزادي ترڪي الفيصل وري اهو بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل ايٽمي قوت بڻجن ٿا ته پوءِ سعودي کي به ايٽم بم ٺاهڻ جو حق هوندو. چين سعودين کي ميزائيل جي حد تائين هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ سعودي عرب گهڻي کان گهڻو آمريڪي هٿيارن جو خريدار رهندو اچي ٿو، انهن سڀني دليلن باوجود ڏٺو وڃي ته پاڪستان هن اتحاد ۾ ان وقت شامل ٿيو آهي، جڏهن سعودي عرب يمن سان جنگ واري صورتحال ۾ آهي. ڪجهه ذريعن مان اهي خبرون به ملن ٿيون ته هڪ پوري برگيڊ سعودي عرب موڪلڻ جون تياريون آهن. يمن جي جنگ ۾ ويهارو هزار ماڻهو مري چڪا آهن. يمني سخت ويڙهاڪ قبيلن ۾ ورهايل آهن. اسماعيلين ۽ زيرين جون جنگيون عرب تاريخ ۾ اهميت واريون آهن. بهرحال راحيل شريف سعودي سرڪار جي مطالبي تي سعودي عرب موڪليو ويو آهي. ان جو اهم سبب سعودي عرب جو پاڪستان تي اعتماد آهي، نه ته هن اتحاد ۾ مليشيا، مصر ۽ ترڪي جهڙا ملڪ به شامل آهن، پر سعودين پاڪستان حڪومت ۽ ان جي فوج تي وڌيڪ اعتماد ظاهر ڪيو آهي. جنرل راحيل لاءِ هيءَ به هڪ امتحان جي گهڙي آهي.

Labels: ,

Saturday, September 30, 2017

آرمي چيف جي تبديلي ۽ ملڪي سياست جا بدلجندڙ رنگ!

اسلام آباد تي ڇانيل ڪوهيڙو ڇٽجي چڪو آهي، لڳي ٿو ته في الحال ”سڀ خير آهي“ جا احوال اچي رهيا آهن. گذريل ڇهن اٺن مهينن کان ملڪ اندر پيدا ٿيل غير يقيني صورتحال جو هڪڙو مرحلو پورو ٿي ويو. ايندڙ پنج مهينا گهٽ غير يقيني صورتحال وارا گذرندا. پاناما ڪيس جي شنوائي 30 نومبر تائين ملتوي ٿيل آهي، تيستائين فوج جو نئون سربراهه ڪمانڊ سنڀالي وٺندو. ان کان اڳ صورتحال ڪجهه اهڙي بيٺل هئي، جو تحريڪِ انصاف وفاقي گاديءَ واري شهر کي بند ڪرائي رهي هئي، تڏهن هر قسم جا افواهه، امڪان ۽ انديشا سياسي بازار ۾ گرم هئا.
پاڪستان عجيب ملڪ آهي، جتي سڄي سياست کي عسڪري ادارن جي محور تي بيهاريو ويو آهي، سياستدانن جو رول ڄڻ رهيو ئي ناهي. عام خيال اهو هو ته سمورين ناخوشگوارين جي باوجود وزيراعظم نواز شريف، جنرل راحيل کي عهدي ۾ واڌ ڏئي ڇڏيندو. ائين ڪرڻ سان کيس اها پڪ ٿي وڃي ها ته نواز ليگ پنهنجي حڪومت جي باقي رهيل آئيني مدت پوري ڪري وٺندي. پر جنرل راحيل هن معاملي ۾ پيشورانه رويو اختيار ڪيو، پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ٿيڻ تي عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. چوندا آهن ته ”ميڙو متل ڇڏجي“ جنرل راحيل به ائين ئي ڪيو. نئين آرمي چيف جي مقرريءَ ۾ دير وارو معاملو ڳجهارت بڻيل رهندو. خير جيڪو به ٿيو، سو خوب ٿيو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ پاليسيون ڇا ٿيون ٺهن؟ ۽ سياست ڪهڙي رخ ۾ ٿي وڃي؟ اهو صحيح آهي ته تاريخ ۾ فرد جو رول هوندو آهي پر اهو رول ڪنهن خاص صورتحال جي نتيجي ۾ اهم بڻجي ويندو آهي. چرچل شايد ايڏو وڏو ليڊر نه بڻجي سگهي ها، جيڪڏهن ٻي مهاڀاري جنگ نه لڳي ها. هن جيڪي به پاليسيون جوڙيون، فيصلا ڪيا، سي برطانيه جي مفاد کي سامهون رکندي ڪيا ۽ ان سڄي قصي ۾ برطانيه جي حڪمران طبقن ۽ ٻين سگهارين ڌرين کي پاڻ سان گڏ کڻي هليو. پاڪستان ۾ موجود ادارا، پوءِ اهي سياسي ادارا جهڙوڪ پارليامينٽ هجي، سياسي جماعتون هجن يا وري عدليه ۽ عسڪري ادارا، اهي سڀ سڌي يا اڻ سڌي طرح فيصلا اهڙي نموني ڪندا آهن، جيڪي انهن ادارن جي حق ۾ هجن ۽ کين پنهنجن پنهنجن ادارن وٽان کين حمايت حاصل هجي. سياسي پارٽيون ملڪ ۾ بطور مضبوط ادارن جي اها شڪل نه وٺي سگهيون آهن. انهن جي تنظيمي، سياسي دورانديشي، ماڻهن ۾ مقبوليت، حڪمت عملي وغيره جي صلاحيت گهٽ رهي آهي. نتيجي ۾ سندن پاسو هميشه ڪمزور رهيو آهي. سون تي سهاڳو اهو، جو مٿان وري خراب حڪمراني ۽ مالي ڪرپشن واريون ڳالهيون شامل ٿي وڃن ٿيون ته رهيل ڪسر به پوري ٿيو وڃي. پارليامينٽ اداري جي طور تي آهي، جيڪا مقرر قاعدن قانونن تحت هوندي آهي. پر اتي اهڙي قسم جي غير منظم ۽ ذاتي مفاد رکندڙ ماڻهن جي موجودگي ان جي رول کي هاڃو رسائي وجهي ٿي. عمران خان جڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن هيٺ ڌرڻو هنيو هو، تڏهن سياسي پارٽين ۽ پارليامينٽ جيئن ئي پنهنجو وزن ڏيکاريو ته ان کي پوئتي هٽڻو پيو. ساڳي صورتحال جسٽس افتخار محمد چوڌري جي زماني ۾ عدليه بابت چئي سگهجي ٿي ته ان بطور اداري جي عمل ڪيو. ظاهر آهي ته فوج ملڪ جي ٻين ادارن کان وڌيڪ مضبوط، سگهارو ۽ ڊسيپلين وارو ادارو آهي. اهو به بطور اداري جي عمل ڪندو آهي. ان جو چٽو اظهار نواز شريف طرفان جنرل مشرف کي هٽائڻ مهل اسان ڏٺو. اسين هتي ان بحث ۾ في الحال ڪونه ٿا وڃون ته ان عمل کي ڪيتري آئيني يا قانوني حيثيت آهي. ايندڙ وقت ۾ ڪهڙيون پاليسيون ٺهنديون؟ اهو هڪ سوال ضرور آهي.
ڪجهه عرصو نئين چيف کي پنهنجي اداري جا انتظامي معاملا ڏسڻ ۾ لڳندو. ان کان پوءِ ئي مختلف معاملن تي پاليسي ۽ فيصلي سازي ڪندو. پر ڪيترن معاملن ۾ پاليسين جو تسلسل برقرار رهندو، ڇاڪاڻ جو آپريشن ضربِ عضب هجي يا ڪراچي وارو آپريشن هجي، انهن کي پنهنجي منطقي ماڳ تي پهچائڻو آهي. اهڙو حوالو جنرل راحيل شريف پنهنجي الوداعي تقريرن ۾ ڏئي چڪو آهي. جيستائين ملڪ جي پرڏيهي پاليسي، انڊيا، افغانستان، آمريڪا يا چين وغيره سان ناتن يا هن خطي ۾ پاڪستان جي رول يا امن جو تعلق آهي، ان بابت ڪافي ڳالهيون طئي ٿيل آهن. اهي ڳالهيون چونڊيل حڪومت جي اختيارن کان مٿڀريون ٿيل آهن. اهي جيئن جو تيئن رهنديون، جڏهن ته هن خطي جي صورتحال ۾ ترڪي جو اچڻ نئون سياسي مظهر لڳي ٿو، جيڪو اڳتي هلي اڃا وڌندو. هونئن به نواز شريف کي ان معاملي ۾ ڪو فڪر ناهي. ان ڪري في الحال معاملو ائين ئي هلندو. اهو چئي سگهجي ٿو ته بظاهر سندس حڪومت کي ڪو خطرو ڪونهي، پر پاناما ليڪس وارو معاملو سندس ڳچي ۾ پيل آهي، جيڪو سياسي وڌيڪ بڻجي ويو آهي. ان مان وقت بوقت مختلف ڌريون پنهنجي ضرورت ۽ سگهه موجب فائدو وٺنديون رهيون آهن. لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ به اهو سلسلو جاري رهندو. قانوني ماهرن جو خيال آهي ته هن وقت تائين آيل ثبوتن ۽ دليلن کي ڏسندي سڌي طرح ڪنهن فيصلي ڏيڻ بدران جڊيشل ڪميشن کي موڪلڻ کي ترجيح ڏني ويندي.
انهيءَ جو قطعي طور اهو مطلب ناهي ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ اندر ڪا هلچل يا تبديلي نه ايندي. لڳي ٿو ته نواز شريف کي جيترو ڪمزور ڪرڻو هو، سو ٿي چڪو. ان جي نتيجي ۾ پنجاب ۾ ڪيتري جاءِ خالي ٿي آهي، ان جو اڃان تائين ڪو اندازو نه ٿي رهيو آهي. اها جاءِ جيڪڏهن عمران خان ڀري ٿو ته 2018ع جي چونڊن ۾ سندس پارٽي وفاقي حڪومت ٺاهي وٺندي، پر جيڪڏهن اها جاءِ پيپلز پارٽيءَڀري ٿي ته اها وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته اها وڏي ڳالهه ٿي ويندي، جيڪا گهڻين ڌرين کي ڪونه وڻندي. خود نواز ليگ به ان جي حق ۾ نه ويندي ته ڪو پيپلز پارٽي کي ايتري جڳهه ڏني وڃي. اهڙي حالت ۾ هنگ پارليامينٽ بيهندي. مطلب ڪا ٻي ڌر وچ ۾ اچي گڏيل حڪومت ٺهرائي. اها گذريل حڪومت نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي ٿي سگهي ٿي يا وري تحريڪ انصاف سان ڪجهه ڌرين کي گڏائي جڙي سگهي ٿي. بلاول ڀٽو جي لڳاتار لاهور ۾ موجودگي ۽ آصف زرداري طرفان ملڪ اچڻ جو اعلان ان ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿيون ته پيپلز پارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. مطلب ته هاڻي اهو وقت شروع ٿي رهيو آهي، جڏهن اختيار ۽ اقتدار ۾ حصو پتي ورهائڻ جو فيصلو ٿيڻو آهي، پر پيپلز پارٽي جي لاءِ اهو ڪم ايڏو سولو ڪونهي. سنڌ ۾ سندس حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ هڪ دفعو وري ان خلاف عدليه ۾ ايندڙ مختلف ڪيس ٻڌائين ٿا ته ان کي ايترو ”واندو“ ۽ آزاد نه ڇڏيو ويندو، جو اها پنجاب اچي وڌيڪ حصو ڪليم ڪري. اوڏي مهل سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ بي ضابطگين وارا قصا نئين سر سامهون اچي ويندا. بهرحال معاملو هاڻي نئين ورڇ ٿيڻ واري نقطي تي اچي بيٺو آهي.
sohailsangi@yahoo.com

سهيل سانگي 
جمع 25 نومبر 2016ع 
آرمي چيف جي تبديلي ۽ ملڪي سياست جا بدلجندڙ رنگ!

Labels:

جنرل راحيل جو نئون عهدو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي!

Gen Raheel and Pakistan's foreign policy

سهيل سانگي

       آخر ائين ئي ٿيو، جنهن کان بچڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي. يعني پاڪستان سعودي ۽ ايران جي وچ ۾ ڌر بڻجڻ بجاءِ آزاد رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي عوام جي عام راءِ به اها ئي هئي. جنرل راحيل طرفان اتحادي فوج جو ڪمانڊر بڻجڻ تي پاڪستان جي خارجه پاليسي وري ٻيهر بحث جو هڪ اهم موضوع بڻجي پيو آهي. جيتوڻيڪ ملڪ جي طبعي عمر اچي ستر سالن کي پهتي آهي پر تڏهن به پارليامينٽ کان وٺي علم ۽ دانش سان تعلق رکندڙ پڙهيل طبقي ۽ مزدور، هاري ڪلاس وٽ خارجه پاليسي تي اڃا بحث هلندا اچن ٿا. غور سان جائزو وٺبو ته پاڪستان جي خارجه پاليسي جا بنيادي اصول ڪي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ڪو نه ٺاهيا هئا، پر انهن اصولن جو بنياد، انهن جا رخ ۽ لاڙا پاڪستان جي تاريخ جي ٻن وڏن دانشور پرڏيهي وزيرن طئي ڪيا هئا، جن ۾ پهريون سر ظفر الله خان ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو هو. قائداعظم کان وٺي جنرل ايوب، مشرف، بينظير ۽ نواز شريف تائين اسان جا حڪمران هن ٻن شخصيتن جي طئي ٿيل پاليسين تي عمل ڪندا آيا آهن، البته انهن جي طئي ڪيل اصولن کان ڦرڻ جو موقعو اسٽيبلشمينٽ طرفان ڪنهن به سياستدان کي نٿو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته طئي ٿيل اهي اصول اسٽيبلشمينٽ جي عين مفادن وٽان آهن. جن مان اهم آمريڪا ۽ چين جو آشيرواد حاصل ڪرڻ، ڪميونسٽ روس سان مهاڏو اٽڪائڻ، مذهب کي اندروني ۽ پرڏيهي پاليسيءَ ۾ استعمال ڪرڻ شامل آهن. عرب دنيا جي حڪمرانن سان گڏوگڏ اسرائيل کي وجود ۾ آڻڻ ۽ اقوامِ متحده جو ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي پهرئين وزير خارجه سر ظفر الله خان جو مشهور ڪتاب ۽ سوانح حيات ”تحديث نعمت“ پڙهڻ وٽان آهي. اقوامِ متحده جي 1947ع واري اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندي طور شريڪ ٿيندڙ سر ظفر الله پنهنجي ڪتاب ۾ اکر به اکر شامل ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام جي نالي ۾ فقط هڪ مهينو اڳ ۾ حاصل ڪيل ملڪ جو نمائندو اقوام متحده ۾ آمريڪا ۽ ڊنمارڪ جي قراردادن ۾ ترميم مٿان ترميم پيش ڪندو، فلسطين جي ورهاڱي لاءِ راهه هموار ڪري ڏئي رهيو. جيتوڻيڪ هن اسرائيل جي وجود جي مخالفت ڪئي هئي پر عملي طور فلسطيني نمائيندي جي روڪڻ تي به قرارداد ۾ ترميمون پيش ڪندو رهيو. وري افسوس اهو ته اڄ اسرائيل کي تسليم نٿا ڪيون. ان ئي اجلاس ۾ جڏهن اسپين ۾ هڪ جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ قرارداد پيش ڪئي وئي ته ظفر الله خان دنيا جي مشهور ڊڪٽيٽر جنرل فرانڪو جي فائدي ۾ هڪ دونهين دار تقرير ڪري ڏيکاري ۽ قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي جمهوريت جي مخالفت ڪئي. اهي سڀ ڪم آمريڪا جي خوشنودي لاءِ ڪيا ويا هئا.
ان کانپوءِ خارجه پاليسي جي ميدان ۾ وڏو نالو ذوالفقار علي ڀٽو جو آهي. چين سان دوستيءَ جي شروعات هن وزير خارجه طور ڪئي هئي. گڏيل پاڪستان ۾ مولانا ڀاشاني سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو کي چين نواز سياستدان سڏيو ويندو هو. ان چين نوازيءَ جا رنگ اڄ نرالا آهن ۽ پاڪستان- چين راهداري جي صورت ۾ ظاهر ٿيا آهن. ڀٽي چين کانسواءِ اسلامي دنيا ۽ ان جي ليڊر ٿيڻ جي به ڳالهه ڪئي هئي. اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ سعودي حڪمران شاهه فيصل کي اهميت ڏيڻ سندس خارجه پاليسيءَ جو حصو هو. خانه ڪعبي جي امام کي لاهور ۾ آڻڻ، سعودي سفير رياض الخطيب کي پنهنجي مخالف اسلامي اتحاد جي ليڊرن سان ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ سان سعودي عرب جي پاڪستان اندر مداخلت کي به ڀٽي صاحب هٿي ڏني. اهڙي طرح ڀٽي جي اهڙي خارجه پاليسي هڪ طرف شاهه ايران کي ناراض ڪيو ته ٻئي طرف سوويت يونين کي پڻ- سعودي سان دوستيءَ سبب شاهه ايران ڀٽي سان آخري وقت نائين ناراض رهيو. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي خارجه پاليسي آمريڪا، اسلامي بلاڪ ۽ چين سان دوستي تي ٻڌل آهي. اسلامي بلاڪ جو ليڊر وري نالي ماتر پاڪستان آهي، پر اصل ۾ سعودي عرب مقرر ٿيل آهي. شاهه ايران جي ناراضگيءَ جو ثبوت ٻن ڪتابن جي پڙهڻ سان ملي وڃي ٿو، هڪ شاهه ايران ۽ ٻيو سندس راڻي فرح پهلوي جون سوانح عمريون، جن ۾ ڀٽي صاحب جو ڪٿي به ڪو ذڪر ڪو نه ٿو ملي، حالانڪه ان وقت هو وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي سياست تي مڪمل طور ڇانيل رهيو. اڄ به پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سر ظفر الله ۽ ڀٽي صاحب جي خارجه پاليسي واري ورثي کي قائم رکيو اچي ٿي. ڀٽو صاحب ۽ ظفر الله خان يقينن وڏا نالا آهن، جن تي ڀلي تنقيد به ڪئي وڃي پر هنن پرڏيهي معاملن جا رستا ۽ پيچرا پاڪستان لاءِ متعين ڪري ڇڏيا هئا. ان مان فائدو يا نقصان هن بحث هيٺ آڻڻ موضوع کان ٻاهر ٿيندو. اهڙي طرح روس ۽ ايران پاڪستان جي خارجه پاليسي ۾ ثانوي حيثيت رکندا اچن ٿا ۽ مخالفت جو اصل محور انڊيا يعني ڀارت رهيو آهي.
سعودي عرب جي قيادت ۾ اسلامي ملٽري اتحاد 2015ع ۾ ٺهيو هو، جنهن پاڪستان لاءِ هڪ مشڪل صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي، ڇاڪاڻ ته مسلم دنيا ٻن بلاڪن شيعه ۽ وهابي ۾ ورهايل آهي. پاڪستان ٻنهي ملڪن سان نڀائڻ جي ڪوشش ته ڪئي، پر اهو فقط ڏيکاءَ جي حد تائين ڪيو ويو، پر پوءِ آخر پاڪستان کي هن اهم معاملي تي فيصلو ڪرڻو ئي پئجي ويو ۽ پاڪستان ان اتحاد ۾ شامل به ٿيو ۽ پنهنجي هڪ اهم فوجي شخصيت کي ان جو ڪمانڊر بڻائڻ تي به راضي ٿيو. ڏٺو وڃي ته ايران کان پاڪستان جا مقتدر حلقا ضياءُالحق جي دور کان وٺي ناراض آهن ۽ ان ۾ ايران به ڪا گهٽتائي ڪو نه ڏيکاري آهي. ايران جو ڀارت ڏانهن واضح جهڪاءُ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي قطعي طور به قابل قبول ڪو نه رهيو آهي. ٻرندڙ تي تيل وارو ڪم وري پرويز مشرف جي دور ۾ ڊاڪٽر قدير خان واري مسئلي ڪري ڏيکاريو، جڏهن ايران ائٽم بم ٺاهڻ لاءِ ڊاڪٽر قدير کان ورتل سڀ راز پڪن پختن ثبوتن سان آمريڪا وٽ کولي پڌرا ڪري ڇڏيا ۽ ان کانپوءِ ڊاڪٽر قدير واري صورتحال اسان مان هر هڪ کي ڀلي ڀت معلوم آهي. پاڪستاني ايٽمي هيري کي دنيا اڳيان ٽي وي تي اچي معافي وٺڻي پئي ۽ مشرف کيس نظر بند به ڪيو- پر دل جي ڳالهه اسٽيبلشمينٽ جي دل ۾ ئي رهي ۽ ايران لاءِ اڃا به پاليسي سخت ڪئي وئي. ٻئي طرف سعودي عرب جو شهر تبوڪ اڄ به پاڪستان لاءِ اهم آهي، جتي اسان جا ”جوان“ گهڻي تعداد ۾ رهندا اچن ٿا. پاڪستان جي سلسلي ۾ ڪجهه وقت اڳ ڀارت، ايران ۽ افغانستان جي پروپيگنڊا اها به هلي رهي هئي ته پاڪستان دنيا ۾ تنها رهجي ويو آهي. مودي سرڪار سان اهڙي پروپيگنڊا ۾ ايران به وسان ڪو نه گهٽايو، بلڪه پنهنجو مشهور بندر چاهه بهار ڀارت حوالي ڪري ڇڏيو. پاڪستان هن اتحاد ۾ شامل ٿي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته هو دنيا ۾ اڪيلو نه، پر ايڪيتاليهه مسلمان ملڪن جي فوجي اتحاد ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان آهي. هونئن به مسلم دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جو شوق ته آمريڪا، اسان کي لياقت علي خان ۽ ظفر الله خان جي ۾ وقت ۾ ئي ڏياري ڇڏيو هو ۽ هاڻي پاڪستان جو اهو پراڻو خواب راحيل شريف جي سپهه سالار جي صورت ۾ تعبير سان گڏ پڌرو ٿي رهيو آهي. پاڪستان وٽ هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جا مضبوط دليل آهن، هڪ ته سعودي سان دوستي جو بنياد پاڪستان جي هڪ اهم سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو، جيڪو آخر ۾ به پاڪستان لاءِ شهيد ٿيو. پوري وچ اوڀر ۾ روزگار جا رستا ڀٽي کوليا هئا، اڄ به وچ اوڀر جي ملڪن سعودي عرب، ڪوئت، گلف، اومان ۽ بحرين ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ روزگار ڪري رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي ضلعي دادو جي اها خبر آهي ته اتان جي اسي سيڪڙو عوام جي روزمرهه جي ضرورتن جو پورائو مڊل ايسٽ جي ريالن، درهمن ۽ دينارن مان ٿي رهيو آهي.
پاڪستان ان اتحاد ۾ شامل نه ٿي يا راحيل شريف جون خدمتون سعودي حوالي نه ڪري هڪ وڏي غلطي ڪري وجهي ها ۽ خدانخواسته جيڪڏهن وچ اوڀر جا ملڪ ردِعمل ۾ پاڪستانين جي لڏپلاڻ شروع ڪرائين ها ته هتي هڪ وڏو اقتصادي بحران جنم وٺي ها ۽ ڪيترائي گهراڻا ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ڪنگال ٿي وڃن ها. جنهن ڪري هن اتحاد ۾ شامل ٿي پاڪستان اقتصادي طور پاڻي کي ڄڻ ته ڪنهن حد تائين بچائي ورتو آهي. اصل سبب به اقتصاديات آهي. 1971ع تائين جڏهن عرب امارات اڃا انگريز جي قبضي ۾ هئا، تڏهن اڄوڪي ابوظهبي وارو شيخ مبارڪ گهوٽڪي جي مهر سردارن جو مهمان ٿيندو هو. مهر سردارن جي مهمان نوازي کيس ساڻن پڳ مٽ ياري ۾ ڳنڍي ڇڏيو. آزادي کان اڳ خود شيخ زيد بن سلطان به ڪرائي جي ٿري اسٽار هوٽلن ۾ رهندو هو، پر پوءِ تيل ۽ گئس عرب دنيا جي قسمت بدلائي ڇڏي ۽ پاڪستانين لاءِ روزگار جا در کلي پيا. فوجي نقطهءِ نگاهه کان به پاڪستان کي سعودي عرب ۽ گلف جي ملڪن مان گهڻو ڪجهه حاصل ٿي رهيو آهي. پاڪستان هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻيو هيءُ دليل پيش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام کي وڌائڻ ۾ عربن جو ناڻو ضرور استعمال ٿيو آهي. اڄ به سعودي عرب وٽ ايٽمي بجلي گهرن کي قائم ڪرڻ لاءِ 80 بلين ڊالر جي هڪ جدا بجيٽ رکيل آهي. پاڪستان ۽ سعودي نيوڪليئر معاهدي تي اڳوڻي آمريڪي وزير خارجه جان ڪيري خدشا به ظاهر ڪيا هئا ته تنبيهه وارا لفظ به استعمال ڪيا هئا. جنهن جي سعودي وزير خارجه ڀرپور ترديد ڪئي هئي- پر ٻئي سعودي شهزادي ترڪي الفيصل وري اهو بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل ايٽمي قوت بڻجن ٿا ته پوءِ سعودي کي به ايٽم بم ٺاهڻ جو حق هوندو. چين سعودين کي ميزائيل جي حد تائين هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ سعودي عرب گهڻي کان گهڻو آمريڪي هٿيارن جو خريدار رهندو اچي ٿو، انهن سڀني دليلن باوجود ڏٺو وڃي ته پاڪستان هن اتحاد ۾ ان وقت شامل ٿيو آهي، جڏهن سعودي عرب يمن سان جنگ واري صورتحال ۾ آهي. ڪجهه ذريعن مان اهي خبرون به ملن ٿيون ته هڪ پوري برگيڊ سعودي عرب موڪلڻ جون تياريون آهن. يمن جي جنگ ۾ ويهارو هزار ماڻهو مري چڪا آهن. يمني سخت ويڙهاڪ قبيلن ۾ ورهايل آهن. اسماعيلين ۽ زيرين جون جنگيون عرب تاريخ ۾ اهميت واريون آهن. بهرحال راحيل شريف سعودي سرڪار جي مطالبي تي سعودي عرب موڪليو ويو آهي. ان جو اهم سبب سعودي عرب جو پاڪستان تي اعتماد آهي، نه ته هن اتحاد ۾ مليشيا، مصر ۽ ترڪي جهڙا ملڪ به شامل آهن، پر سعودين پاڪستان حڪومت ۽ ان جي فوج تي وڌيڪ اعتماد ظاهر ڪيو آهي. جنرل راحيل لاءِ هيءَ به هڪ امتحان جي گهڙي آهي.

اربع 05 اپريل 2017
Sohail Sangi
Daily Kawish 

Labels: ,