تبديلي لاءِ محلاتي سازشون شروع
Pahenji Akhbar Dec 24, 2021
پيپلز پارٽي جي مک آصف علي زرداري هڪ دفعو وري باقاعدي پنهنجي سياسي سرگرمين جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، سال ڏيڍ کن اڳ تائين اڳوڻو صدر آصف علي زرداري بظاهر سياسي سرگرمين کان پاسيرو رهيو ۽ سمورو ميدان پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زراري وٽ هو. هو ملڪ جي مختلف صوبن جا تفصيلي دورا ڪري رهيو هو. پارليامينٽ ۾ به سرگرم رهو، ۽ اتي پارٽي جي اڳواڻي ڪندو رهيو. ساڳي ريت پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس پي ڊي ايم ٺاهڻ جو مکيه محرڪ رهيو. ان ڏس ۾ نواز ليگ جي اڳواڻن، توڙي جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان به هو ئي ڳالهائيندو رهيو ۽ مختلف معاملا اڪلائيندو رهيو. ان سڄي عرصي ۾ زرداري صاحب ڪڏهن ڪو نيب ڪورٽ ۾ حاضري جي موقعي تي هڪ ٻه معنيٰ خيز جملا چئي ڇڏيندو هو، گذريل هفتي کان هن لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتن سان گڏوگڏ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪرڻ شروع ڪيو آهي، اتي ٻه چار ڏينهن ڪارڪنن سان ملاقاتن ۾ مصروف رهڻ بعد پنهنجي اباڻي شهر نوابشاهه پهتو آهي. نواب شاهه ۾ به هن جو پروگرام ڏاڍو گهڻ پاسائو هو. هن ٽن چئن موقعن تي پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪيو. ان کان علاوه شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ تر جي مختلف بااثر شخصيتن سان عذرخواهيون ڪيون. ايئن عذرخواهي ڪرڻ سنڌ جي روايت به آهي، پر هتي معاملو روايت کان وڌيڪ سياسي نوعيت جو به آهي.
نواب شاهه ۾ پارٽي ڪارڪنن کي ڪيل سندس تقرير کي اسلام آباد جا حلقا وڏيون معنائون پهرائي رهيا آهن. آصف زرداري چيو ته کيس چيو ويو ته ملڪ کي مسئلن جي ڪن مان ڪڍڻ لاءِ مدد ڪريو، پنهنجو فارمولو شيئر ڪريو. اڳوڻي صدر چواڻي ته هن موٽ ۾ ٻڌايو ته پهرين موجوده حڪومت کي هٽايو، پوءِ ڳالهيون ٿينديون. هن اهو به چيو ته اسان هر ڪنهن جي زخمن تي ملم رکيو، هرڪنهن کي جڳهه ڏني.
نوابشاهه کانپوءِ خميس ڏينهن ٽنڊو الهيار ۾ به هن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻي وفاق ۾ ويهي حڪومت جو مقابلو ڪندو ۽ اهو به ته هو اسلام آباد ۾ ويهي مقابلو ڪندو. آصف زرداري جو ٽنڊو الهيار ۽ نوابشاهه ۾ اچڻ ڪا بنهه انوکي ڳالهه ڪانهي، ڇاڪاڻ ته اتي سندس زمينون ۽ جائيدادون آهن. جڏهن به کيس موقعو ملندو آهي ته هو اتي ايندو رهندو آهي. پر ڪارڪنن کي خطاب سو به هن لهجي ۾ ضرور اهم آهي. پيپلزپارٽي سان سلهاڙيل هڪ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته زرداري صاحب اتر سنڌ جي ڪنهن شهر جو به دورو ڪندو، ممڪن آهي ته اهو شهر گهوٽڪي هجي.
آصف زرداري جي سياسي طور متحرڪ ٿيڻ جي پويان ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ ان جو مطلب اهو ٿيو ته سياسي ماحول ۾ اهڙي تبديلي آئي آهي جنهن کي هينڊل ڪرڻ لاءِ نوجوان قيادت بدران تجربيڪار هٿ جي ضرورت آهي. مون پنهنجي گذريل ڪالم ۾ لکيو هو ته هاڻي ملڪ ۾ لابين جي سياست شروع ٿيڻ واري آهي. آصف زرداري سياسي ڪارڪنن کي خطاب ڪري اهو پيغام ڏنو آهي ته هاڻي ڪنهن کي به ڳالهائڻو هجي ته ساڻس ڳالهائي. اها صورتحال اوڏي مهل آئي آهي جڏهن تحريڪ انصاف کي پنهنجي هوم گرائونڊ تي مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ شڪست ملي. جيتوڻيڪ اتي ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيون آهن پر اها شڪست جي يو آءِ جي هٿان ٿي آهي جنهن جي سربراهي مولانا فضل الرحمان ڪري رهيو آهي. ان بعد مولانا اهو چئي رهيو آهي ته اسان کي حڪومت ڏيو ته هلائي ٿا ڏيکاريون. خيبر پختونخوا ۾ مولانا فضل الرحمان جي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي سان جيتوڻيڪ افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي اچڻ ۽ ان سان ڳالهائڻ لاءِ اولهه وارن ملڪن جي خواهش کي به ڄاڻايو وڃي ٿو، پر پي ٽي آءِ جو هارائڻ اهم آهي ۽ پي ٽي آءِ جي هار جي ڪارڻن بابت اهو به چيو پيو وڃي ته مڪاني ادارن ۾ جيڪي چونڊجڻ جهڙا اميدوار هئا انهن هن پارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي عوام ۾ مقبوليت جي اهڙي صورتحال هئي، بهرحال تحريڪ انصاف جي مڪاني ادارن ۾ هار ڪافي معاملن کي کولي پڌري پٽ ڪري ڇڏيو آهي.
آصف زرداري جو اشارو ته کيس مدد ڏيڻ ۽ فارمولا شيئر ڪرڻ لاءِ چيو ويو، اهو ٻڌائي ٿو ته ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ڳالهيون رڳو هتي نه پر لاهور ۽ لنڊن ۾ به ٿي رهيون آهن. لنڊن وارين ڳالهين جو ڪجهه ذڪر مون گذريل ڪالم ۾ به ڪيو هو. انهن ڳالهين ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز تي هلڪو هٿ رکڻ لاءِ چيو ويو، سياسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اهي ڳالهيون پيون هلن ته موجوده اسيمبلي کي ختم ڪري نيون چونڊون ڪرائڻ وري نقطي تي ويجهڙائپ ٿي رهي آهي. تجزيه نگار چون ٿا ته اهڙي صورتحال ۾ شهبازشريف جي لاءِ رستو صاف ٿي رهيو آهي.شهباز شريف جي تازي بيان مان به لڳو جنهن ۾ هن چيو ته اسين حڪومت کي ڪيرائي ساهه کڻداسين.
ورنه عام حالتن ۾ شهباز شريف جو رويو مصلحت پسندي وارو رهيو آهي. هڪ ڳالهه ظاهر ٿيندي پئي وڃي ته هاڻي سياسي ڌرين کي تيار ڪيو پيو وڃي ته اهي موجوده بحران جو بار کڻڻ لاءِ تيار ٿين، خاص ڪري ملڪ جون ٽي پارٽيون نوازليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ اهي ڌريون جيڪڏهن بحران کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ اچن ٿيون ته پوءِ حڪومتي تبديلي آڻي سگهجي ٿي، سا به وري نين چونڊ جي ذريعي. بحران جو بار ڇا آهي؟ اهو ئي جيڪو وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف سان ٺاهه، تيل، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ جي صورت ۾ ڏيندو رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ اهو به ملڪ جي معاشي پرڏيهي پاليسي جيڪا به هينئر هلي رهي آهي تنهن کي معمولي ڦير گهير سان جاري رکن.
جڏهن زرداري صاحب کي نسخو شيئر ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته کيس موجوده بحران جي حل لاءِ چيو ويو، اهو نه ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن.؟ سنئين سڌي ڳالهه آهي ته اصل ڪارڻ ملڪ جي معاشي ۽ پرڏيهي پاليسي سان واسطو رکن ٿا جنهن لاءِ ڪا به ڳالهه شامل نه پئي سمجهي وڃي. اها ڳالهه رڳو اوڏي مهل شامل ٿي سگهندي آهي جڏهن وڏي پئماني تي عوامي تحريڪ يا عوامي دٻاءُ هوندو آهي. هن وقت ملڪ اندر ڪا به عوامي تحريڪ يا عوامي دٻاءُ موجود ناهي. سياسي دٻاءُ آهي جنهن لاءِ لابين جي سطح تي ڳالهيون ڪري حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرائي پاسيرو ڪري سگهجي ٿو.
سياسي منظر نامو ٻڌائي ٿو ته هڪ ئي وقت تي مختلف ڌريون آهن جيڪي ڌار ڌار گروپن ۾ مختلف آپشنز سان ڳالهائي رهيون آهن. مختلف ادارن جي اتي ويٺل همراهن جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن، هر ڪو پنهنجي پاڻ کي بچائڻ ۽ صورتحال جو وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ساڳئي وقت اهو به ته ايندڙ وقت ۾ ساڻس ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو ۽ سندس پوزيشن ڇا بيهندي؟
ڪي تجزيانگار ان ڳالهه کي بنهه رد نٿا ڪن ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي تي جيڪڏهن اتفاق راءِ نٿو ٿي سگهي جيڪو ٿيڻ ڏکيو به آهي ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي جماعتون اقتدار وٺڻ جي معاملي ۾ هڪ ٻئي کي نه سهنديون آهن. اهڙي صورت ۾ نئين واٽ جي طور تي مولانا فضل الرحمان جي لاٽري نڪري سگهي ٿي. جنهن لاءِ ڪيترائي جواز موجود آهن ۽ ممڪن آهي ته ٻئي وڏيون پارٽيون ان فارمولا ته راضي به ٿي وڃن. جيڪڏهن مولانا واري فارمولا تي سڀ راضي ٿين ٿا ته هڪ دفعو وري ملڪ جون مکيه رانديگر پارٽيون نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ساڳي طرح اقتدار کان ٻاهر هونديون. هي اهڙو فارمولو آهي جهڙو پرويز مشرف ايم ايم اي ٺاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مولانا ته تڏهن به وزيراعظم ٿيڻ جا خواب پئي ڏٺا، هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ تڏهن اهڙو ذڪر به ڪيو هو، پر مولانا کي اها شڪايت رهي ته پيپلزپارٽي سندس سياسي حمايت نه ڪئي. هي فارمولا پاڪستان ۾ هلندڙ موجوده حڪومت جي فارمولا کي به ويجهو آهي. عمران خان جيان مولانا فضل الرحمان جو هوم گرائونڊ به خيبرپختونخوا آهي، هن وقت به پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ حڪومت کان ٻاهر آهن ضروري ناهي ته هروڀرو مشرف فارمولا يا موجوده پي ٽي آءِ فارمولا کي هوبهو ڪاپي ڪيو وڃي. بدليل حالتن سان ان ۾ ڪا ڦيرڦار ڪري سگهجي ٿي سواءِ ڪجهه بنيادي شين جي.
جيئن مٿي چئي ويا آهيون هرڪو هر ڪنهن سان ڳالهائي پيو، ڳالهيون هلن پيون پر ان جو اظهار ڪو به نه پيو ڪري، وڏي ڳالهه اها ته ان سڄي ڳالهين جي عمل ۾ عوام ۽ عوام جو نمائندو گم آهي، ان کي چئبو آهي لابين جي سياست يا عام زبان ۾ محلاتي سازشون، ڏسجي لابين جي سياست ڪٿي وڃي ٿي دنگ ڪري؟
Labels: Imran khan, Nawaz-Zardari, pahenji Akhbar
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home