Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Wednesday, October 20, 2021

سهيل سانگي: سنڌي صحافت جو سدائين نوجوان ڪردار بدر ابڙو

 

نيون پُراڻيون                                                                                                                                                                                    بدر ابڙو

سهيل سانگي: سنڌي صحافت جو سدائين نوجوان ڪردار

                آڪٽوبر 1950 ۾  ڳوٺ جنجهي ۾ جنم وٺندڙ سهيل سانگي اصل ۾ نه سهيل آهي ۽ نه سانگي. سندس اصل ٿري نالو سينئل يا سينهل آهي. ٿري لفظ آهي ”سنئيو ياسنهيو“ جنهن جي معنيٰ ته خبر نه آهي ته ڇا آهي، پر مائٽن جو اهو نالو رکيو ته ضرور ڪا سهڻي معنيٰ هوندي. خبر ناهي ته کيس پنهنجو اهو نالو ڇو نه وڻيو! شايد حيدرآباد جي شهري دوستن لاءِ اهو اجنبي نالو بنهه اوپرو هو، جن ان کي ”سُهيل“ سمجهيو. ائين سينهل به ان تي اعتراض نه ڪيو ۽ خاموشيءَ سان اها تبديلي قبول ڪري ويو. پوءِ ، هُو ”سهيل“ ٿي ويو. ”سانگي“ سندس قلمي نالو آهي پر لاڙڪاڻي جا ’سانگي‘ ابڙا  هن کي سانگي قوم جو سمجهندا آهن ۽ اهو سوچي خوش ٿيندا آهن  ته هي پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو به اسان جي ڪُڙم قبيلي مان آهي. سهيل پنهنجو قلمي نالو ”سانگي“ ڇو رکيو؟ ڇا هو مير عبدالحسين ”سانگي“ کان متاثر هو؟ سهيل پاڻ ٻڌايو ته هو ميٽرڪ وارن ڏينهن ۾ شاعري ڪندو هو ۽ پنهنجو تخلص ”سانگي“ چونڊيو هئائين. هي لفظ خالص ٿري معنيٰ ۾ ”سانگيئڙا، جهانگيڙا، ماروئڙا“ آهي. سانگي معنيٰ اهي مارو لوڪ جيڪي مال چارڻ جي ”سانگي“ وس چرڻ ويندا آهن.  

                هو جيڪي آهي يا نه آهي، ”سهيل سانگي“ آهي ۽ منهنجو هڪ ذهين دوست آهي. جيئن انور پيرزادو منهنجو جبلن جو ساٿي هو، تيئن سهيل سانگي منهنجو جيل جو ساٿي آهي. سهيل جيل کائي آيو، مون کي ان جي خوشي ناهي پر هو جيل ۾ منهنجو سٺو ساٿي ٿي رهيو، جيل ۾ سندس موجودگيءَ مون لاءِ هڪ سٺو ادبي ماحول پيدا ڪيو، قلمڪار جو هو! ايئن ته ڪامريڊ جمال نقوي ۽ امرلال به منهنجا جيل جا سٺا ساٿي هئا پر ڪامريڊ جمال سان احترام جو رستو هو ۽ امرلال کي شاعري ۽ ادب بدران سياسي ڳالهيون ۽ ٻيا معاملا وڌيڪ پسند هئا.

                سهيل ۾ شاعري جا جيوڙا ان وقت داخل ٿيا جڏهن هو اٺين درجي کانپوءِ سال کن گهر ۾ ويٺو رهيو. تعليم جا وسيلا نه هجن ته ڪيڏي به خواهش جي باوجود ٻار نٿو پڙهي سگهي. هو پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا، وڏي مشڪل سان ڪو هڪ ٻار پڙهائيءَ لاءِ حيدرآباد تائين وڃي پئي سگهيو. ائين سينهل جنجهي پنهنجي ڳوٺ جنجهي (تعلقو ڇاڇرو) مان نڪري حيدرآباد پهتو.

                جيئن بيروزگاريءَ جو دور هوندو آهي، تيئن ڪڏهن ڪڏهن بي تعليميءَ جو دور به ايندو آهي. اهو ”بي تعليمي“ وارو هڪ سال سينهل لاءِ اهم هو. سندس ڳوٺ ۾ ڪتاب ايندا هئا، ڄام ساقي جيڪو سندس سئوٽ آهي، ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ سرگرم هو. ڳوٺ ۾ شاهه جو رسالو، شيخ اياز جي شاعري، روسي ناول ۽ ڪجهه سياسي فلسفي جو مواد ايندو هو. سهيل اهي خوب پڙهيا پر سوشلسٽ معاشيات جا ڪتاب ان وقت کيس ڇا سمجهه ۾ آيا هوندا؟ ايڪنامڪس هڪ ڏکي سائنس آهي، جيڪا فڪشن ۾ سمجهائجي ته جلد سمجهه ۾ اچي ويندي آهي.

                ڳوٺ جنجهي ۾ پهتل ڪتاب پڙهي ۽ ان ڳوٺ ۾ پڙهائيءَ جا بند رستا ڏسي، سندس ذهن ۾ اهي خيال ضرور اٿل پٿل ڪندا رهيا هوندا ته نيـٺ اسان جو ڀاڳ ائين ڇو آهي؟ تبديلي اچڻ گهرجي. سهيل ان ذهني آنڌ مانڌ سان  حيدرآباد جي ماحول ۾ گهڙيو. قدرتي طور سندس ويجهڙائپ ڄام ساقيءَ سان هئي. ايئن هو SNSF ۾ آيو. ڪتاب پڙهڻ ۽ شاعري ڪرڻ وارا اڪثر نوجوان اشاعتي ادارن ڏانهن ويندا آهن ايئن سهيل به اخباري حلقي ۾ اچي ويو. سهيل انگريزيءَ ۾ ايم اي ڪئي ۽ عملي طرح هن مهل تائين 45 کان مٿي سال پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ڏيئي چڪو آهي.  

                جيل ۾ سهيل سان سٺي هم خيالي ٿي وئي. ايتري حد تائين جو آئون فخر سان چوندو آهيان ته سهيل منهنجو جيل جو ساٿي آهي. ٻه ٽي سال اڳ (2010 ۾) آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس لاءِ تيار ڪيل ڊڪشنري جي لانچنگ حيدرآباد ۾ رکي سون، ته OUP جي MD امينه سيد به حيدرآباد هلي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس رکي وئي. سهيل به آيو ته مون امينه کي فخر سان تعارف ڪرايو  هو ته ”هي آهي سهيل سانگي، منهنجو جيل جو ساٿي !“  عام طور تي ماڻهو پنهنجو نوڪري ۽ ڪيريئر بچائڻ لاءِ جيل وڃڻ جهڙيون ڳالهيون آجرن جي آڏو نه ڪندا آهن، باقي ٻين جي سامهون وڏيون ٻٽاڪون هڻندا آهن. آئون به هروڀرو ڪونه ڳالهائيندو آهيان  پر جيڪا ڳالهه ضمير موجب ٺيڪ آهي، مون ڪڏهن به چوڻ يا ٻڌائڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ڪئي آهي. امينه تعارف ٻڌي هيڪر ته ککي وکي ٿي وئي، پر پوءِ کِلي ماٺ ٿي وئي، سمجهي وئي هوندي ته صحافت ۽ جيل ڪيترا لازم ملزوم ٿين ٿا.

                سو، سهيل منهنجو جيل جو ساٿي ٿيو. ڇا اسانجي اڳ به پاڻ ۾ ڪا ملاقات هئي، يا جيل وارن مهرباني ڪري اسان جي ملاقات ڪرائي هئي؟ منهنجو خيال آهي ته هڪ ملاقات ٿيل هئي. آئون ڪو پريس رليز ڏيڻ لاءِ ”سنڌ نيوز“ اخبار حيدرآباد ويو هئس. ريشم گلي واري چاڙهيءَ ويجهو ٽانگا اسٽينڊ جي ڀر ۾ آفيس هئي. سهيل سب ايڊيٽر هو، مان وٽس گهڻو نه ترسيو هئس جو ٻين اخبارن کي به ساڳي خبر ڏيڻي هئي. اها ملاقات سهيل کي ياد نه آهي. سندس چوڻ آهي ته اسانجي هڪ ملاقات تڏهن ٿي هئي جڏهن هو اسانجي گهر آيو هو، اها ملاقات مون کي ياد نه آهي. پر هيءَ جيل واري ملاقات ته اسان ٻئي قيامت تائين وساري نه سگهنداسين.  

                اجھو! مون کي سهيل سان هڪ ٻي ملاقات ياد پئي اچي، اها ملاقات تِلڪ چاڙهيءَ جي هيٺيان اسٽيشن روڊ تي يونيورسل بُڪ ڊپوءَ جي ڀر  ۾ ”قومي ڪتاب گهر“ تي ٿي هئي، اتي سهيل 1968ع کان ”سيلز مين“ طور ويهندو هو ۽ ڪتاب پيو پڙهندو هو. تازو، مون کي سهيل ٻڌايو ته اهو ”پارٽيءَ جو دڪان“ هو. سهيل 1969ع ۾ پارٽيءَ جو ميمبر ٿيو. اها ڳالهه به هن مون کي تاوز ئي (آگسٽ 2013 ۾) ٻڌائي نه ته هيترن سالن ۾ نه مون ڪڏهن هن کان پڇيو ۽ نه ئي هن ڪا اهڙي لکا ڏني. سو اسان جي ڊگهي ملاقات جو بندوبست ملڪ جي ’غيبات‘ ڪيو. ملڪ جي ’غيبات‘ ڪير آهي؟ توهان پاڻ سمجهي وڃو! اها 1980ع جولاءِ جي بنهه پڇاڙي هئي جو سهيل سانگي نوڪريءَ جي تلاش ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي آيو. منهاج برنا ۽ تنوير شيخ  اخباري دنيا جا ڪامريڊ اڳواڻ هئا، کيس ڪراچي اچڻ جي صلاح ڏنائون. بس! اها صلاح پنهنجو ڪم ڪري وئي! ان جي پويان قدرت جو راز هو، همراهه ايئن جهٽجي ويو جيئن عقاب جهرڪيءَ کي کڻي وڃي.  

                ان ڏينهن هو ڪراچيءَ ۾ ڪنهن هنڌ ٿيلهو رکڻ لاءِ ڪمال وراثي جنهن کي سڀ ’ڀيا‘ چوندا هئا، جي پڇا ڪندو آيو ۽ اچي پاڪستان ڪوارٽرز ۾ هڪ گهر جو دروازو کڙڪايائين، در کليو، کيس اندر اچڻ لاءِ چيو ويو ۽ پوءِ کيس هڪ ڪنڊ ۾ ويهاري ڇڏيائون. ان ڏينهن ’غيبات‘ ان گهر تي به قابض هئي ۽  هر ان ماڻهوءَ تي قابض ٿيڻ لاءِ تيار هئي، جيڪو اتي اچي.  ساڳئي ڏينهن ڪمال وارثي ۽ شبير شر سميت پروفيسر جمال نقوي پيپلز ڪالونيءَ جي ڪنهن جاءِ مان گرفتار ٿيا هئا. بعد ۾ نذير عباسي به اتي آيو هو  پر خطرو محسوس ڪري هڪدم واپس نڪري ويو. پر، غيبات ڪافي تيز هئي، ان جي ڪڍ لڳي ۽ هڪ بس مان کيس جهلي ورتائون. ان ڏينهن مون کي به پاڪستان ڪوارٽرز وڃڻو هو پر مون کان دير ٿي وئي. خبر ناهي ته ڪيئن انهن گرفتارين جي خبر اڏاڻي، ڪجهه ئي دير ۾ مون کي محسن زيديءَ فون تي اطلاع ڏنو ته جمشيد ڪوارٽر تي ڇاپو لڳو آهي جتان شبير، ڀيا (ڪمال وارثي)، ماستر صاحب (ڪامريڊ جمال)، سهيل سانگي ۽ ٻيا گرفتار ٿيا آهن. مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو. آئون سمجهي ويس ته  هاڻي غيبات کي مون تائين پهچڻ ۾ دير نه لڳندي، ڇو ته اهو ڇاپو  پڪ سان جمشيد ڪوارٽرز تي نه، پر پاڪستان ڪوارٽرز  واري جاءِ تي لڳو هوندو جيڪا مون شبير کي رهڻ  ۽ سنڀالڻ لاءِ ڏني هئي. شبير مون وٽ آفيس ۾ ٽائپسٽ هو. ۽ پاڪستان ڪوارٽر ۾  منهنجي آفيس جو سامان ۽ فائل رکيل هئا ۽ اها به خبر هئي ته شبير  اتي پارٽيءَ لاءِ پمفليٽ ٽائيپ ڪندو آهي. اڃا هڪ ڏينهن اڳ مو ن کي چيو هئائين ته ”ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي تقرير اچڻي آهي، سڀاڻي کڻي وڃجانءِ، ورهائڻ لاءِ.“

اها تقرير اصل ۾، ڪامريڊ جي 1978ع ۾ گرفتاريءَ کانپوءِ عدالت ۾ ڏنل اسٽيٽمينٽ هئي. جيڪا  پوءِ (1985 ۾) ڪتابي صورت ۾ ”فتح آخر عوام جي ٿيندي“ جي ٽائيٽل سان شايع ٿي. اهو عدالتي ڪاغذ هو، ڪا غيرقانوني ڳالهه ڪونه هئي پر اهو مارشل لا جو دور هو ۽ اهڙا بيان ڇاپڻ ورهائڻ، پڙهڻ، يا رکڻ وڏو ڏوهه هو. مون کي اها به خبر هئي ته شبير شر سنڌي ٽائپ رائٽر تي هلچل اخبار جا اسٽينسل تيار ڪندو آهي ۽ مون کيس اَجهو ڏنو هو. اهو سڀ مارشل لا جي قانون تحت ڏوهه هو، پر ڇا ڪجي؟ مون کي انور پيرزادي چيو هو، ”پارٽي چاهي ٿي ته تون شبير کي ڪنهن جاءِ تي رک، بس ٿورن ڏينهن لاءِ، جيسين ڪو ٻيو بندوبست ٿئي!“ هي هڪ اهڙي پارٽيءَ جو حڪم هو جنهن جو آئون ميمبر به ڪونه هئس پر ’ابڙو‘ ڇا ڪندو؟ ڪو پناهه يا اَجهو گهرندو ته ضرور ملندي. اها روايت به شايد اسان جي رتَ ۾ آهي. بابا سائين به ڪامريڊن کي پناهه ڏيندو هو.  اها ٻي ڳالهه آهي ته جوانيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ جو ميمبر رهڻ کان پوءِ ڪڏهن به ڪنهن پارٽيءَ جو رسيدي ميمبر ڪونه هو. هن رسول بخش پليجي جي چوڻ تي ڪامريڊ عارب کي ڪافي وقت اجهو ڏنو هو، توڻي جو پاڻ عوامي تحريڪ جو رڪن به ڪو نه هو.

                محسن زيديءَ جي وقتائتي ٽيليفون مونکي محتاط ڪري ڇڏيو. مون نيم روپوشي اختيار ڪئي، انور پيرزادي سان صلاح ڪرڻ لاءِ رات جي پيٽ ۾ سفر ڪري ڳوٺ ٻلهڙيجي وڃي نڪتس. اسٽوپا تي ويهي ڪجهه ڳالهيون طئي ڪيوسين. انور جي صلاح هئي ته مونکي ڪجهه وقت ملڪ کان ٻاهر نڪري وڃڻ گهرجي پر مان نه ويس. جلد ئي 9 آگسٽ تي خبر آئي ته نذير عباسي غيباتي تحويل ۾ شهيد ٿي ويو آهي. تازو (آڪٽوبر  2013 ۾)، مون کي ڪمال وارثيءَ ٻڌايو  ته ٻئي جايون غيبات جي نظر ۾ اچي چڪيون هيون. ۽ پارٽيءَ کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو هو، پر سينيئر ڪامريڊن ان اطلاع کي سنجيدگي سان نه ورتو.

                مون سهيل کي گهڻي وقت کان ڪونه ڏٺو هو. بس اخبار جي آفيس ۾ يا ڪتاب جي دڪان تي اها ئي ڪجهه منٽن جي سرسري  ملاقات. منهنجي ذهن ۾ بس اهو ئي ڇوڪراٽ پيو ڦِري (اڃا به اهڙو ئي آهي، فقط مٿي ۾ تجربي جا اڇا وار پئجي ويا اٿس). جنهن ماڻهوءَ سهيل سانگيءَ جو فقط نالو ٻڌو آهي، اهو هن کي پڪ ڪا وڏي ڳري بلا سمجهندو هوندو، پر  جڏهن کيس اکين سان ڏٺو هوندو، ڏاڍو حيران ٿيو هوندو. هلڪو ڦلڪو  ڪمزور ٿري قد بت، نه مولوي عبدالڪريم (ڄام ساقي) واري ڏاڙهي، نه شير سنڌ وارا شهپر، نه وري ڪا ظاهري حشمت! نه ڳالهائڻ ۾ حفيظ قريشي سينيئر وارو جوش ۽ وِلوِلو، نه موٽر نه گاڏي! ته پوءِ ڪنهنجو ڌيان ڏانهنس ڪيئن وڃي؟ هو عام ماڻهن ۾ ايئن گم هوندو آهي جيئن پاڻيءَ جو ڦڙو سمنڊ ۾ پاڻيءَ سان پاڻي ٿي ويندو آهي.  ها! هو تڏهن نظر ايندو جڏهن  ڪنهن مامري جو باريڪ بيني سان تجزيو ڪندو هجي. هو پنهنجن دليلن مان نظر ايندو آهي. دليل ڏيڻ مهل نه آواز اوچو ڪندو آهي، نه وري ڪنهنجو پٽڪو لاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجي ڳالهه تي مدلل طريقي سان بيٺو هوندو. ڪنهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ٻئي انداز سان ڳالهه ورجائي سمجهائيندو. توهان جو اختلاف اڃا به جاري هوندو ته چوندو ” ڏسي وٺ! مون کي ايئن نه ٿو لڳي!“ سهيل اندر ۾ ڪيترو به حساس هجي، جذباتيت حاوي نه ٿيندي اٿس. مجموعي طرح سنجيدو ماڻهو آهي. ايڏو به نه! پنهنجي حلقي ۾ ڀوڳ چرچو ڪندو ۽ سهندو آهي. پر، سهيل جهڙي ماڻهوءَ سان وقت ڀوڳ چرچي ۾ وڃائجي، مون اهو ڪڏهن به مناسب نه سمجهيو آهي. جيڪا سا گهڙي سوچ ويچار ۾ وڃي ته چڱو!  

مان سندس مضمون پڙهندو آهيان يا ڪنهن چئنل تي سندس تجزياتي راءِ ٻڌندو آهيان ته سندس ڳالهه ۾ ڪافي جان محسوس ٿيندي اٿم. توڻي جو هر تجزيه نگار وٽ پنهنجا دليل، زاويا ۽ حالتن جي ڇيد جو طريقو ٿئي ٿو. سهيل جي دليلن  ۽ طور تڪ ۾ وڏو وزن هوندو آهي، خاص ڪري ڇيد کانپوءِ اهو ٻڌائڻ ته مستقبل ۾ هو ڇا پيو ڏسي! اهڙي تربيت پارٽيءَ جي ڪلاسن ۾ ٿيندي هئي. جنهن ۾ ”حڪومت جي اندر جون ڳالهيون“ ته ڪنهن وٽ به ڪو نه هونديون هيون پر اخباري خبرن تي ڏاڍي گهري نظر رکي ويندي هئي. هر سياسي واقعي ۽ سياسي بيان تي گهري سوچ ويچار ڪري هر ڪو پنهنجي راءِ ڏيندو هو. جڏهن اها راءِ ڪنهن ڪلاس ۾ بحث جي ذريعي پختي ٿيندي هئي ته ان راءِ کي وزن ملندو هو. اها هروڀرو غلط به ڪو نه هوندي هئي، اها ئي راءِ اڳتي هلي سچ ثابت ٿيندي هئي. منهنجي خيال ۾ اهي ئي ڪلاس ۽ ڇنڊ ڇاڻ جو طريقو سهيل کي صحافتي دنيا ۾ ڪم آيو. اڄ جڏهن هو ڪنهن چئنل جي سڌي نشريات ۾ اعتماد سان ايئن چوي ٿو ته ”اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي“ ته ان جو مطلب آهي ”ائين ڪونه ٿيندو“ يا جڏهن هو ائين چوي ٿو ته ”ائين ٿيڻ، سمجهه ۾ اچي ٿو!“ ته ان جي معنيٰ آهي ”ائين ٿيڻ جا وڏا امڪان آهن.“

                مون کي ياد آهي، اهڙن تجزياتي ڪلاسن ۾ ڪو سينيئر دوست ڪجهه هن ريت سوال بحث لاءِ رکندو هو ”پير صاحب پاڳاري ستارن جي چال هن ريت پڙهي آهي ... فلاڻو جنرل صاحب هنن اکرن ۾ فلاڻي ڳالهه پيو چوي! مولانا فلاڻو هي لفظ استعمال پيو ڪري. آمريڪي خارجه سيڪريٽري ۽ پينٽاگون هيءَ ڳالهه پيا چون ... توهان سڀني اهي بيان پڙهيا آهن ... توهان جي خيال ۾ هُو سڀ ڇا ٿا چون؟“ پوءِ جو ڳالهه هلندي هئي ته ڪلاڪ ڏيڍ جي بحث مباحثي ۾ تازي صورتحال جي ڄڻ ”ايڪسري رپورٽ“ اچي ويندي هئي. ان ريت سوچڻ جي تربيت به ملندي هئي ۽ گڏيل راءِ به جڙندي هئي. آخر ۾ اهو ئي سينيئر دوست سڄي بحث کي ٺاهي جوڙي ان جو ’مغز‘ ڪڍي وچ تي رکندو هو، جنهن کي اڄڪلهه ٽي وي اينڪر ”سَم اپ ڪرڻ“ چوندا آهن.

                سنڌي ماڻهو ڪچهرين جا ڪوڏيا هوندا آهن، روزانو هر وقت ڪچهريءَ ۾ هوندا آهن پر سندن ڪچهري ۾ موضوع پيو بدلجندو آهي، ڳالهه مان ڳالهه پئي نڪرندي ۽ الائي ڪٿان کان ڪيڏانهن هليا ويندا. پڇاڙيءَ ۾ ”يارو ياري!“ چئي وڃي ڪٿي ڊهندا. انڪري، مان انهن دوستن کي چوندو آهيان ته ”ٻيلي ڪچهري ڀلي ڳالهه آهي، ڀلي ڪريو پر ٻليءَ وانگر ست گهر نه مٽايو. ڪچهريءَ جو ٽائم ۽ موضوع مقرر ڪري، ان تي پنج اٺ دوست گڏجي خوب ڇنڊ ڇاڻ ڪريو ... هر ڀيري هڪ نئين موضوع تي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ. ڀلي اها ذهني ورزش پاڙي جي سطح تي هجي يا وري ڪنهن به سطح ۽ سوچ جي دوستن جي هجي. هر ڪو موضوع تي پڙهي اچي ۽ ذهني ورزش ۾ شريڪ ٿئي. ان سان ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه ٿئي، مامرو ته سمجهه ۾ ايندو. ادا! ڀلي سياسي موضوع کڻو. ڀلي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو موضوع کڻو، ڀلي فلڪيات تي ڳالهايو، ڀلي جهنگلي جيوت ۽ شڪاريات تي ڳالهايو، ڀلي زرعي مسئلن ۽ جنس تي ڳالهايو پر هڪ موضوع تي ڳالهايو ۽ ڇنڊ ڇاڻ پوري ڪري اُٿو.

                سهيل سان جيل ۾ گهاريل ڏينهن جو تفصيل منهنجي ”جيل جي ڊائري“ ۾ ڏنل آهي. آئون انهن ڏينهن کي سنڌ ۽ خدا جي خلق کي گهِرائي ۽ مڪمل ڌيان سان سمجهڻ ۽ پرکڻ جا ڏينهن سمجهندو آهيان. ڏک، سُور، اڪيلايون، محروميون، بي وسي ۽ انهن ڏينهن ۾ هڪ سٺو سلجهيل ساٿي، آئون پاڻ کي سنڀالي ويس. اها سهيل جي ئي صلاح هئي ته اسان جيل ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جون گڏجاڻيون شروع ڪريون. اها به سهيل جي صلاح هئي ته آئون ڪامريڊ جمال نقويءَ کان، جيڪو انگريزي ادب جو استاد هو، کان تنقيد نگاريءَ جي تاريخ تي ليڪچر وٺان. اهي ٻئي مثبت سرگرميون هيون، نتيجي طور ”اسان جيل کي ڪَٽِي ڇڏيو“ نه ته ”جيل اسان کي ڪٽي ڇڏي ها!“

                آئون جيل ۾ ڪا به ڪهاڻي لکندو هئس يا شاعري ’نازل‘ ٿيندي هئي يا ڊائريءَ جا ورق لکندو هئس ته سهيل کي پڙهائيندو هئس. وٽس ادبي تنقيد جي صلاحيت به چڱي آهي. توڻي جو هن پاڻ شاعري ۽ ٻيو تخليقي ادب لکڻ ڇڏي ڏنو هو. هن جو سڄو ڌيان اسان واري ڪيس تي هو جيڪو فوجي عدالت ۾ هلي رهيو هو، پر ڪيس متعلق سوچ ويچار جي انهن بيٺڪن ۾ آئون شريڪ نه هئس. وڏا وڪيل ۽ پروفيسر سان گڏ ڄام ساقي موجود هئا، آئون ان جهنجهٽ ۾ نه پيس، منهنجي رهنمائي بابا سائين ڪئي ۽ مون پنهنجو سڄو ڌيان لکڻ ۽ پڙهڻ تي رکيو. اهو سهيل جو ئي ڪم هو ته هن ڪيس کي ڪهڙي رخ ۾ هلائڻ گهرجي. قانوني معاملا قانوني هوندا آهن پر سياسي ساک ۽ ويڙهه جون تقاضائون ڪي ٻيون هونديون آهن. انڪري خود وڪيلن کي به سمجهائڻو پوندو آهي ته هو عدالت ۾ ڪهڙو مؤقف اختيار ڪن. آئون جيل وارن ڏينهن ۾ گهاريل گهڙين ۾ نٿو وڃان جو اهي اڳ ئي جيل جي ڊائري ۾ لکيل آهن. ڪا رهجي ويل ڳالهه ياد آئي ته ضرور لکندس.

ڄام ساقي ڪيس ۾ سهيل جي مصروفيت ٻين کان مختلف ۽ ڪارائتي هئي. هو هر وقت اهو سوچيندو هو ته ڪيس ڪيئن وڙهجي؟ دفاع ڪيئن ڪجي؟ بچاءَ جا شاهد ڪهڙا هجن؟ ڪنهن کان ڪهڙا سوال پڇجن؟ اها سڄي تياري سهيل ڪندو هو. مختلف اخبارون هٿ ڪري انهن مان تراشا تيار ڪري ، انهن جي بنياد تي ڪيس اڳتي وڌائڻ ۾ سهيل وڪيلن جي خوب مدد ڪئي. کيس ڄام ساقيءَ واري حيدرآباد ڪيس جو به تجربو هو. عدالت ۾ وڪيلن کي گهڙي گهڙي صلاح ڏيڻ سبب ڪيس جو پرزائِيڊنگ آفيسر ڪرنل عتيق (جيڪو جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ جو ڀاءَ هو) سهيل کي JAG branch of accused چوندو هو. بچاءَ جي شاهدن ۾ سياسي اڳواڻن کي گهرائڻ جو خيال به بنيادي طرح سهيل جو هو، جيڪو ٻين ڪامريڊن به پسند ڪيو.

سهيل صحافيءَ طور ڪيئن لکي ٿو؟ اهو ته ڪاوش ۽ ٻين اخبارن ۾ موجود سندس لکڻين مان ظاهر آهي. پر سندس اندر ۾ موجود باضمير  تخليقي ليکڪ جي جهلڪ سندس ان بيان ۾ آهي جيڪو هن خاص فوجي عدالت نمبر 4 ۾ 9 جنوري 1983 تي داخل ڪرايو هو. اهو بيان ڄڻ ته بي هٿيار بيٺل عوام جي هڪ پُر امن عيوضيءَ جي دانهن آهي، جيڪو   وقت جي حاڪمن کان سوال پڇي ٿو. هُو ڄڻ ته ڪنهن درٻار ۾ بيهي بادشاهه سلامت جي خليفن کي تاريخ جي پس منظر ۾ انسان جي جدوجهد کان واقف ڪري ٿو ۽ پنهنجو زندگيءَ جو زاويو سمجهائي ٿو،  مون کي ياد آهي ته هن پنهنجي عدالتي بيان ۾ ڇا لکيو. ڪجهه ٽڪرا ياد اٿم: ”مان صحافي آهيان، سچائيءَ جو ڳولائو آهيان. قلمڪار عوام لاءِ خواب ڏسندو آهي. ۽ خوشين ۽ لفظن کي معنائون پارائيندو آهي. ... مان ٿرپارڪر کي ڪوهه مري نه ٿو چوان جو اتي  جبلن جي جهرڻن بدران واريءَ جون ڀِٽون هونديون آهن، اتي پاڻيءَ جي خوفناڪ اڻاٺ آهي، اسان آواره  ڪڪرن کي حسرت سان ڏسندا آهيون  ... اصل مسئلو سماج جي اوچ نيچ ، بک ۽ بيروزگاريءَ جو آهي. .... مان بد ديانت ڪوٺجڻ نه ٿو چاهيان، صحافت ايمانداريءَ جو نالو آهي .... اڄ مان ڪي ايم سي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ملزم جي ڪٽهڙي ۾ بيٺو آهيان، جتان ڪجهه فرلانگن تي، اڌ صدي اڳ نامور صحافي مولانا محمد علي جوهر خالقڏني هال ۾ ملزم ٿي بيٺو هو. اسان انهن عظمتن جا وارث آهيون ته پوءِ اڄ منهنجي هٿ ۾ هٿڪڙيون ڇو آهن؟ ... مان مطمئن آهيان ته مون منهنجي ننڍڙيءَ کي انسانيت جا جيڪي اعليٰ قدر ، انساني همدردي ۽ جرئت جو ڪهاڻيون ٻڌايون هيون، انهن تي قائم آهيان. مون پنهنجي ايندڙ نسل سان منافقي نه ڪئي آهي. نه غداري ڪئي. زندگي ۽ قيد ڪا حقيقت نه ٿا رکن، مان مطمئن آهيان“. هو ڪيڏي نماڻائيءَ سان ڪيڏو نه تلخ ڳالهائي رهيو هو!

                1985 ۾ جڏهن اسان جي ڪيس ۾ فيصلو آيو ته سهيل به باعزت بري ٿيو ۽ حيدرآباد هليو ويو، جيل ۾ چوندو هو ته ”آئون پنهنجن ستن پيڙهين کي جهلي ويندس ته ڪراچي نه وڃجو، ڇو ته جڏهن روزگار لاءِ آئون پهريون ڀيرو ڪراچي ويس ته جهلي کڻي جيل واڙيائون!“

                جلد ئي، 86-1985 ڌاري مون به صحافت ۾ پير پاتو. صحافتي مضمون، آئون جيل وارن ڏينهن ۾ لکي مختلف نالن سان هلال پاڪستان ۽ امن اخبار ڏانهن موڪليندو هئس. ايئن ڪالم نويسيءَ ڏانهن مائل ٿيس، باقي پريس رليز ۽ خبرون ٺاهڻ جو ڪم ته ادبي سنگت وارن ڏينهن ۾ به ڪندو هئس. سهيل وري حيدرآباد ۾ ئي اخباري نوڪريءَ ۾ لڳو. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪٽنب سان ۽ پوءِ ڳوٺ ۾ وڃي ٿڪ ڀڳائين. هڪ مهينو کن ٿڪ ڀڃي وري حيدرآباد آيو ۽ سينيٽر شيخ علي محمد جا ٿورا مڃڻ ويو جيڪو آفتاب اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر به هو، ۽ اسان واري ڪيس ۾ سهيل جو بچاءُ وارو شاهد به هو، جنهن ۾ هن سهيل جي ذميوار شهري هجڻ ۽ ڪنهن به قسم جي غلط ڪم ۾ ملوث نه هجڻ جي ساک ڏني هئي.

                شيخ صاحب وڏي عمر وارو، گڻائتو ۽ مهربان شخص هو. هُن سهيل کي پنهنجي اخبار ۾ ڏينهن واري شفٽ جو انچارج ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ سهيل ڪڏهن ڪڏهن ايڊيٽوريل به لکندو هو. سال کن کانپوءِ سهيل عبرت اخبار ۾ اسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو، پر پوءِ جڏهن علي قاضيءَ وارن اردو ۾ ”سفير“ اخبار ۽ انگريزيءَ ۾ ”سنڌ آبزرور“ ڪڍي ته هُو کيس اوڏانهن ڇڪي ويا. سهيل ”سفير“ ۾ انچارج ايڊيٽر هو. آئون آزاديءَ کانپوءِ سهيل سان آفتاب ۽ سنڌ آبزرور ۾ به مليو هئس. حيدرآباد جي اخبارن جو حال پورو سارو هو، عام صحافيءَ جو گهر ان پگهار ۽ ”واعدن“ تي هلي نه ٿي سگهيو. سهيل هڪ ڀيرو ٻيهر ان وقت ڪراچي آيو جڏهن ڪراچيءَ مان ”عوامي آواز“ نڪرڻ جو ماحول جڙي تيار ٿيو.

                عوامي آواز ڪامريڊن تي ٻڌل ادارو هو، جبار خٽڪ جيڪو ڄام ساقي ڪيس ۾ ”مفرور“ هو ۽ دير سان گرفتار ٿيو هو، ان جو روح روان هو، هن سان گڏ امداد اوڍو ۽ ناصر داد بلوچ هئا. سڀني پاڻ ۾ ڦوڙي ڪئي، ناصر داد پئسا سيڙپ ڪرڻ ۾ ماهر هو، پر ايڊيٽرشپ جو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود هو ته اها ڪنهن کي ڏجي؟ سهيل سانگيءَ کي ورڪنگ پارٽنر بڻايو ويو، جنهن اچي پنهنجي تجربي ۽ امداد اوڍي سان گڏجي ٽيم جوڙي، ۽ سڄي سنڌ ۾ ڇنڊي ڇاڻي ايجنٽ ۽ نمائيندا مقرر ڪيا. هڪ ڀيري سهيل ٻڌايو ته ايجنٽ ۽ نمائيندا مقرر ڪرڻ واري ان هڻ وٺ دوران هڪ شهر جي نوجوان هڪ دلچسپ ۽ اهم صلاح ڏيڻ چاهي. هُو سهيل کي هلندڙ ميٽنگ مان ٻاهر وٺي ويو ۽ ڏاڍي خلوص سان چيائين ”سائين هڪ خاص صلاح ڏيڻي اٿم ، مهرباني ڪري ايجنٽ ۽ نمائيندا سوچي سمجهي رکجو“.  سهيل سندس خلوص کي ڏسي پنهنجي خاص سنجيده انداز ۾ کيس چيو ”يار واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي، مون ته اها ڳالهه سوچي ئي ڪونه هئي ته ڪو اهو ڪم سوچي سمجهي ڪبو آهي!“

                اهي 1989 وارا ڏينهن هئا. عوامي آواز جي آفيس لياريءَ ۾ اٺ چوڪ جي ويجهو ڪنهن جاءِ تي هئي، مان هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر هئس، دستگير ڀٽي انهن ڏينهن ۾ هلال جو ايڊيٽر ٿي آيو هو، اهي ئي ڏينهن هئا جڏهن ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ ۾ لکڻ جو نظام ڊيويلپ ٿيو هو، ماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه جي محنتن سان تيار ٿيل سندن تربيت ڏنل نوجوان ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ ڪرڻ لڳا هئا. عوامي آواز کي هڪ وڏي ٽيم جي ضرورت هئي، فيلڊ کان وٺي رپورٽنگ، ايڊيٽنگ ۽ ڪمپوزنگ سيڪشن تائين، پر هڪ وڏو بحران هو. سنڌي اخبارون ڪا وڏي صنعت ڪونه هيون، ان کان اڳ هينڊ ڪمپوزنگ هلندي هئي ۽ شهرن ۾ ڪو هڪ اڌ پگهاردار رپورٽر هوندو هو، وڏي ۾ وڏيون سنڌي اخبارون هلال پاڪستان ۽ عبرت هيون، جن ۾ سمورا وڏا صحافي کپي ويا هئا.  

                عوامي آواز جي ابتدائي تربيتي مرحلي ۾ فقير محمد لاشاري (جنهن کي چيف ايڊيٽر ڪيو ويو هو) ۽ سهيل سانگي (ايڊيٽر)  باقي ٽيم کي تربيت ڏيندا هئا، آئون به جڏهن هلال پاڪستان ۾ پنهنجو نوڪري جو وقت (صبح جو 9 کان 5 شام) پورو ڪري اٿندو هئس ته پراڻي ڪامريڊي جذبي تحت عوامي آواز ۾ رات واري شفٽ ۾ رات جو 12 وڳي تائين نئين ٽيم کي ايڊيٽنگ سيکاريندو هئس. صبح جو 9 وڳي وري هلال پاڪستان ۾ ... ايئن ٽن مهينن تائين اهو تربيتي سلسلو هليو ۽ پوءِ عوامي آواز هلي پئي. امداد اوڍو ۽ سهيل سانگي ۽ هنڌ هنڌ نمائندا، ايجنٽ ۽ رپورٽر مقرر ڪري چڪا ۽ عوامي آواز لانچ ٿي ۽ سنڌ جو سڄو ڪامريڊ لڏو عوامي آواز کي پنهنجي اخبار سمجهڻ لڳو پوءِ خبر ناهي ته ڇا ٿيو جو فقير محمد لاشاري ”عوامي آواز“ ڇڏي واپس هلال پاڪستان  موٽي آيو.  شايد فقير محمد کي `عوامي آواز‘ جي ڪاميابيءَ تي شڪ هو، يا شايد سندس ذهن ۾ ’جاڳو‘ اخبار جو خيال ڪَـرَ کڻي رهيو هو.

                عوامي آواز جي سڄي ٽيم نئين هئي، ۽ ڪامريڊ لڏي تي ٻڌل هئي. ڪامريڊ لڏي کي صحافت جي ميدان ۾ آڻڻ جو خيال به سهيل جو هو، ان خيال سان سڀ سهمت هئا جو تجربيڪار صحافي لڏي جو ڪال هو.  ڪامريڊن کي صحافت ۾ آڻڻ واري تجربي اڳتي هلي اخبارن جي مزاج کي بدلائي ’عوامي ۽ مزاحمتي‘ ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف، فقير محمد جي هِلال پاڪستان ڏانهن موٽ کانپوءِ عوامي آواز لاءِ انور پيرزادي کي آڇ ڪئي وئي. انور عوامي آواز سٿ ۾ جوائنٽ ايڊيٽر طور شامل ٿيو، پر مون ڏٺو ته هو سڄو عرصو مجموعي طور غير مطمئن هو. ايئن ڇو هو؟ آئون نٿو ڄاڻان. انور به 1991 ۾ عوامي آواز ڇڏي وري انگريزي پريس طرف فري لانس صحافي طور هليو ويو.  

                هلال پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سياسي مداخلت سبب ماحول خراب ٿيو اها 1990 ڌاري جي ڳالهه آهي. هلال پاڪستان جو نئون ايڊيٽر سيد سڳورو سيد عالم شاهه سپاف جو اڳواڻ هو. هن اچڻ شرط اسان کي چيو ته ”توهان ڪميونسٽ پيپلزپارٽيءَ جي خلاف آهيو ۽ ان کي نقصان ڏيڻ ٿا چاهيو“ پوءِ اسان تي ماحول تنگ ٿيو. مون، عبدالرحمان نقاش ۽ نصير اعجاز هڪ ئي هفتي ۾ هلال ڇڏي. آئون ”پُڪار“ سکر جو ايڊيٽر ٿيس جيڪا صفدر شاهه جي اخبار هئي پر ڪاغذن ۾ مرشد گيلاني ان جو مالڪ هو. ان دوران ڪراچيءَ مان فقير محمد جي ادارت جو جاڳو ۽ حيدرآباد مان علي قاضيءَ جي ادارت ۾ ڪاوش اخبارون نڪتيون ته هڪ اتساهه ڏيندڙ صحافتي ماحول جڙي پيو. سڀني اخبارن ۾ دوست هئا پر سڀني اخبارن جي هڪٻئي تي مقابلي واري نظر هئي، ڪاوش جلد ئي گهڻو اڳتي نڪري وئي، ان جا گهڻائي سبب هئا جن تي ڪنهن ٻئي هنڌ لکبو.

سهيل جو صحافتي سفر جيڪو SNSF جي پارٽي پمفليٽن ۽ ڪتابڙن کان شروع ٿيو ، هاڻي وچ سِي ۾ هو. آر يا پار واري صورتحال اچڻ واري هئي. پر مون کي ياد اچي ٿو سهيل جارح ۽ عملي صحافت سان گڏوگڏ سٺو ٽرانسليٽر به رهيو آهي. هن مرڪزم تي به ڪجهه ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ ڇپايا، انهن ۾ گورڪيءَ جو ناول ’ماءَ‘ ۽ مارڪسي فلسفو به شامل آهي.  هڪ ڀيري سهيل پاڻ ٻڌايو ته شاگرديءَ واري زماني ۾ هو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن  جو رسالو ’پرهه ڦُٽي‘  به ڪڍندو هو. هن SNSF جي فرنٽ تي پنج سال پارٽي انچارج طور ڪم ڪيو ۽ جڏهن ڄام ساقي انڊر گرائونڊ ٿيو ۽ بنگال آپريشن وقت مير ٿيٻو ۽ ميهر حسين شاهه ڇڏي ويا هئا، تڏهن هن SNSF جي تنظيم ڪاري به ڪئي هئي.

                سال 1993 ۾ مون ڪراچيءَ مان ماهوار ’روح رهاڻ‘ جاري ڪئي جو نيم ادبي ۽ نيم سياسي پرچو هو، ته سهيل سان به صلاح ڪيم. ساڳئي سال سهيل به روزاني عوامي آواز ڇڏي ڪراچيءَ مان ئي تجزياتي خبرن تي مشمل مئگزين ’آرسي‘ ڪڍڻ لڳو. منهنجي آفيس بِي.وِي. ايس پارسي اسڪول (صدر) جي سامهون هئي. ”آرسي“ هفتيوار سياسي مئگزين هئي، ان جي آفيس هوٽل جبيس جي سامهون فليٽن ۾ هئي. اسان ڏاڍي محنت ڪئي پر ايجنٽ اسان کان ڏاڍا نڪتا. سهيل حيدرآباد موٽي ويو ۽ مان يوسف شاهين جي اخبار روزاني ”برسات“ ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ لڳس. (برسات تي جدا لکبو).

سهيل پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ ڪم نهايت خاموشيءَ سان ۽ پوري ارپنا سان ڪيا. شادي به ايئن ئي خاموش بغاوت سان ڪيائين، سو به چون ٿا ته ڄڃ ٽانگي ۾ ڪنواريتن جي گهر پهتي هئي. جڏهن سهيل جي شادي ٿي، تڏهن اسان جي واقفيت ڪونه هئي. پر 1980 کانپوءِ سهيل جي سڄي فئملي ڄڻڪ اسان جي گڏيل فئملي هئي. هن ڪيس سڀني ’جوابدارن‘ جي گهرن کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو هو. اهي ڪيس وارا ڏينهن ڀاڄائيءَ ڏاڍي تڪليف ۾ گذاريا، هو3 شهري عورت هئي پر سنڌي ماڻهن وانگر  حالتن کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏنائين. ڏکئي وقت ۾ سهيل جو گهر  سنڀالي ويٺي هوندي هئي. جيل تي ۽ عدالت ۾ ننڍڙن ٻارڙن سان اچي نڪرندي هئي. افسوس! ان وقت سهيل کي اڪيلو ڪري وئي جڏهن سهيل بهتر ڏينهن ڏانهن وڌي رهيو هو. مون ڏٺو ان جدائيءَ سهيل کي جهوري وڌو هو.  جنهن شخص کي جيل نه لوڏي سگهيو، دوستن جي بيوفاين ۾ نه ٽُٽو، سو هاڻي جُهر ي پيو. شڪر ٿيو پاڻ سنڀالي ورتائين ۽ هاڻي پوٽن ڏهٽن  جي بهشت ۾ خوش آهي.

                منهنجو سهيل سان يادگيرين جو هڪ باب 2009 ۾ آهي، جڏهن مون سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ تي ڪم پئي ڪيو. هي هڪ وڏو ٽاسڪ هو  جنهن ۾ 15 سال اڳ جو لکيل مواد اپ ڊيٽ ۽ نئون مواد شامل ڪري ٽن مهينن ۾ اشاعت لاءِ موڪلڻ جوڳو بنائڻو هو. اٿارٽيءَ سان ورڪنگ تجربو ڪيئن رهيو، ان تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو، پر ان ۾ سهيل جو حصو اهو هو ته مون کي الف ۽ بي جي سري هيٺ ايندڙ سياستدان ۽ سياسي تحريڪن تي مواد هنگامي بنيادن تي کپندو هو، جن جو ڪو حوالو موجود ئي ڪو نه هو. مون سوچيو ته اها انسائيڪلوپيڊيا ئي ڪهڙي جنهن ۾ سنڌ جي پارليامينٽرينز ۽ سياسي تحريڪن جو ذڪر نه هجي! مون ڄاتو ٿي ته اهو ڪم مختصر وقت ۾ فقط سهيل سانگي ئي ڪري سگهي ٿو ۽ هن سچ پچ ڪري ڏيکاريو. مون وٽ روزانو آفيس ۾ ڳچ وقت اچي لک لکان، ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ کي لڳي ويندو هو، مواد هٿ ڪرڻ لاءِ مختصر وقت ۾ ڪا بهتر شئ (آئون بهترين ان ڪري نه چوندس جو ڀلو ڀليءَ جو چيهه آهي ئي ڪونه) اچي

سگهيو، ان ۾ سهيل جو سهڪار به شامل آهي.

                سهيل حيدرآباد موٽي ويو ته ڪاوش ۽ ڊان ڪراچي لاءِ ڪم ڪندو رهيو. ڪتابن جا ترجما ڪندو رهيو آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 2002 کان ماس ڪميونيڪيشن پڙهائي ٿو. انساني حقن واري ڪميشن پاڪستان جو ريسورس پرسن آهي ۽ بي بي سي لاءِ آن لائن رپورٽنگ به ڪندو آهي. سندس تجزياتي ڪالم ۽ رپورٽون هڪ وڏو ڪم آهي. ڪاش ڪو سهيڙي سگهي! هاڻي ته سندس پٽ به صحافت جي سٿ ۾ اچي ويا آهن. رياض ته بي بي سي سان لاڳاپيل آهي.

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home