Sangi سهيل سانگي

سهيل سانگي سنڌي ڪالم ۽ آرٽيڪل About Current political, economic media and social development issues

Friday, June 18, 2021

سياسي بجيٽ،عمران خان کي تڪڙ ڪهڙي آهي؟

 

0

سھیل سانگي 

بجيٽ جي موسم آهي، وفاقي بجيٽ کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب جون به بجيٽون پيش ٿي چڪيون. وفاقي هجي يا صوبائي حڪومتون، ڪا به مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته انهن ڪو عوام تي ٽئڪس مڙهيو آهي. وفاقي حڪومت چوي ٿي ته اسان ماڻهن کي ڏنو آهي. ساڳئي ڳالهه سنڌ حڪومت به چوي ٿي. ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. اڳي جڏهن بجيٽ ايندي هئي ته ان جو سڌو سنئون اثر پوندو هو. بجيٽ کان اڳ مهينو 15 ڏينهن شيون مارڪيٽ مان غائب ٿيڻ لڳنديون هيون ۽ مهانگيون ٿي وينديون هيون. ماڻهن کي خبر پوندي هئي ته بجيٽ آئي آهي يا وري ڪا سهولت يا فائدو هوندو هو ته اُهو به پڌري پٽ هوندو هو. هاڻي حالت اها آهي جو خبر ئي نٿي پوي ته بجيٽ آئي آهي. ماڻهو ان مان پوندڙ نفعي يا نقصان کي محسوس ڪندا هجن. اهو سڀ ڪجھه اهڙي طريقي سان ڪيو پيو وڃي جو ماڻهن جي کيسي مان ڪجھه نڪري رهيو آهي.

سو به اهڙي غير محسوس طريقي سان، وچ ۾“ٿرڊ پارٽي” اچي وئي آهي، جيڪي ڪجھه ٿي رهيو آهي، حڪومت چوي ٿي ته اسين ڪونه پيا ڪريون. اهي واپاري، مافيا يا صنعتڪار ڪري رهيا آهن. حڪومت جيڪو به ٽئڪس مڙهي ٿي هو چوي ٿي ته ان صنعتڪارن يا واپارين تي هنيو آهي. هرڪو ڄاڻي ٿو ته ڪو به واپاري يا صنعتڪار ننڍو هجي يا وڏو پنهنجي کيسي مان نه ڀريندو آهي. هو اهو لڳل ٽئڪس پنهنجي پيداوار يا وڪري واري شيءَ تي هڻي ماڻهن کي ڏيندو آهي. ايئن سمورا ٽئڪس دراصل عام ماڻهو ئي ڀري ٿو. بلڪه ٿئي ايئن ٿو ته جڏهن به ڪنهن شيءَ تي ٽئڪس لڳندو آهي ته واپاري ۽ صنعتڪار ان ٽئڪس کان به وڌيڪ ان جو اگھه وڌائي ڇڏيندا آهن، جيڪڏهن گھڻي گتي پوندي ته ان شيءَ جو معيار ڪيرائي ڇڏيندو. ان صورت ۾ حڪومت کي اهو چوڻ جو وجهه ملندو آهي ته اها سڄي مهانگائي ۽ قيمتن ۾ واڌ واپارين وغيره ڪئي آهي. بظاهر ڀلي اهو نظر اچي، مهانگائي هجي يا امن امان جون حالتون سڀني معاملن لاءِ اصل ريگوليٽري اٿارٽي حڪومت آهي. ان کي ئي اهو ڏسڻو آهي ته مهانگائي يا اگھه ٽئڪس کان مٿي چڙهيا آهن ته انهن کي روڪڻ حڪومت جي ذميواري آهي ايئن حڪومت واپارين سان جُٽ ٿيل هوندي آهي. ماڻهن کي کاٽ لڳي رهيو آهي، حڪومت ان ۾ شامل هوندي به نظر نٿي اچي.
“ٿرڊ پارٽيءَ” جو هڪ ٻيو چٽو مثال به سامهون آيو، خزاني واري وزير شوڪت ترين کان جڏهن بجيٽ کان پوءِ واري پريس ڪانفرنس ۾ پڇيو ويو ته بجلي ته مهانگي نه پيا ڪريو؟ هن وراڻيو ته “آءِ ايم ايف کي چئون ٿا ته اها بجلي مهانگي نه ڪري.” يعني پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي ان ۾ ڪهڙي شيءَ تي ٽئڪس لڳندو، ڪهڙي تي نه يا ڪيترو ٽئڪس لڳندو ان جو فيصلو چونڊيل حڪومت ۽ چونڊيل ادارا نه پر ٻاهريان ادارا ڪندا. اها ئي صورتحال تيل ۽ گئس جي آهي. مطلب عوام کي ڪا سهولت ملي يا نه ملي ان جو فيصلو آءِ ايم ايف ڪندو. اها ڳالهه ٻڌائي ٿي ته اسين ڪيترا خودمختيار آهيون؟ جيڪڏهن مالي ۽ معاشي حوالي سان خودمختيار نه آهيون ته پوءِ سياسي ۽ حڪومتي حوالي سان به خودمختيار نه هونداسين.
وزيراعظم عمران خان حڪومت جي هن کا اڳ ڏنل ٻن بجيٽن ۾ عوام کي ڪجھه به نه ڏنو ويو. تڏهن اهي ڳالهيون ٿينديون رهيون ته ملڪ ۾ پئسو آهي ئي ڪونه، خزانو خالي آهي، نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارا سڀ ڪجھه ڦري لٽي ٻاهر کڻي ويا، ان جو واهراڙو پيا ڪريون. اهي به ڳالهيون ٿيون ته سرڪاري خرچ گھٽائڻ لاءِ ملازمن جو تعداد گھٽايو ويندو. ان ڪم لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر عشرت حسين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽي چار ٽاسڪ فورسز ٺهيون. انهن ٽاسڪ فورسز سفارشون به پيش ڪيون جيڪي عمل جوڳيون نه پئي لڳيون. وفاقي حڪومت جي سول ملازمن اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو. چوڻ هو ته رڳو سول ادارن ۾ ڇانٽيون ڇو پيون ڪيون وڃن؟ ايئن معاملو رڪجي ويو.
فرينچ سفير کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ مذهبي نعري سان هڪ مذهبي گروهه سامهون آيو، ان بعد صورتحال تبديل ٿي وئي. ساڳئي وقت اپوزيشن جماعتن جو اتحاد پي ڊي ايم به ٽٽي ويو. ان جي ٽٽڻ جو ڪارڻ اهو هو ته اتحاد ۾ شامل ٻه مکيه جماعتون پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ واري معاملي تي اختلاف ٿي پيا.
پيپلز پارٽيءَ جو موقف هو ته ان هائوس تبديلي آندي وڃي. ان جي شروعات پنجاب جي وڏي وزير کان ڪجي. ان بعد قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻجي، مطلب پارليامينٽ ۾ رهندي يا ٻين لفظن ۾ اهو ته موجوده اقتداري ڌرين جي هوندي حڪومت جي مخالفت ڪجي، تحريڪ هلائجي ۽ ڪوششون ڪجن. ٻين لفظن ۾ اهو ته ڄڻ موجوده حڪومت ۽ اسيمبلين کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي. پيپلز پارٽي ان ڪري به ايئن ڪيو جو ملڪ جا سگھارا ادارا موجوده اسيمبلين کي وقت کان اڳ ٽوڙڻ لاءِ تيار ناهن، نواز ليگ جو موقف هو ته استعيفائون ڏجن جنهن بعد ترت اليڪشن ٿي ويندي. اصل ۾ ٻن نقطن تي اختلاف هو. هڪ اهو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪيئن هٽائجي؟ ٻيو اهو ان کان پوءِ جيڪو ملڪ ۾ سيٽ اپ ٺهندو، حڪومت جڙندي، سا ڪنهن جي هوندي ۽ ڪهڙي هوندي؟
پيپلز پارٽيءَ واري لائين کي ان ڪري به هٿي ملي جو خطي جي صورتحال ۾ تبديلي آئي. افغانستان مان آمريڪي فوجن جي نڪرڻ، چين سان آمريڪا جي واپاري ويڙهه سڌي شڪل اختيار ڪرڻ ۽ وچ اوڀر ۾ سعودي عرب کي آمريڪا طرفان مهنداري وارو رول ڏيڻ بعد معاملا تبديل ٿيا.
ڪجھه ملڪ توڙي ادارن جي اندروني حالتن، صورتحال کي تبديل ڪيو. وزيراعظم عمران خان اهو سنگھي ورتو ته ڪو “ان هائوس” تبديلي جي کچڻي پچي راس ته نه پئي ٿئي؟ هن ذري گھٽ اهو رخ ڏيکاريو ته جيڪڏهن اهڙي ڪا ڪوشش ٿي ته هو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو.
مارچ کان وزيراعظم عمران خان جي چرپر گھڻي وڌي وئي، هن ملڪ جي مختلف شهرن جا دورا ڪيا. هر هفتي ٽي چار ترقياتي اسڪيمن جا اعلان ۽ افتتاح ڪيا. اهو ماڻهو جيڪو اڃان چار پنج مهينا اڳ تائين ماڻهن جي کاتي ۾ ڪو رليف وجھڻ لاءِ تيار نه هو سو اوچتو ئي اوچتو تبديل ٿي ويو، معيشت کي سوڙهو ڪرڻ ۽ گھٽائڻ جي بدران ان کي وسيع ڪرڻ ۽ وڌائڻ ۾ لڳي ويو. صحت ڪارڊ، هائوسنگ اسڪيمون ۽ الائجي ڇا ڇا ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. جنهن مان لڳي ٿو ته وزيراعظم عمران خان کي ڪا تڪڙ آهي. ايتري قدر جو خود وفاقي بجيٽ به اليڪشن واري بجيٽ لڳي ٿي. هاڻي اهو نعرو تبديل ڪرڻو پوندو ته “نه ڇڏينداسين، متان ويو آهين” بلڪه اها ڳالهه وڌيڪ مقبول ٿي رهي آهي ته عوام کي ڇا مليو؟ ان کي ڇا ڏنو ويو، جنهن کي عام سياسي ٻوليءَ ۾ ڊليوري چيو ويندو آهي. وزيراعظم عمران خان سمورا اعلان ۽ خود بجيٽ ملڪي معيشت کي سامهون رکندي ديواني جو خواب لڳن ٿا اهي خواب عوام کي ڏيکاريا ويا آهن،
کيس شايد ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي (۽ اها سڀاڻي ڪا تڪڙي اچڻي آهي) عوام وٽ ويندس ته اتي پڇاڻو ٿيندو. گھٽ ۾ گھٽ ڪجھه شيون اهڙيون ته هجن جن جي ڳالهه ڪري سگھجي.
اهوبه ته ڪجھه اهڙيون اسڪيمون به هجن جن تي نالي واري تختي ته هجي. ان ڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته اها سياسي بجيٽ آهي، جنهن ۾ واپارين کي صنعتڪارن کي ناراض نه ڪيو ويو آهي. انهن لاءِ سهولتون ڏنيون ويون آهن، اهڙيون سهولتون جن جو کين هلندڙ مالي سال ۾ ئي فائدو پوندو. عوام جي لاءِ اعلانيل سهولتن جي عوام تائين رسائيءَ لاءِ 5 سال گھرجن، تيستائين جيڪي طبقا يا گروهه هروڀرو سرگرم ٿين ٿا يا تڪڙ ڪن ٿا تن لاءِ ڪجھه ننڍن قرضن جون اسڪيمون ۽ ڪجھه هڪ ٻه ٻيا ائٽم آهن، جيڪي انهن کي وندرائي سگھن ٿا.
عمران خان جي موجوده بجيٽ ۽ ٻيا اعلان اصل ۾ سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين جي موڪليل پئسن جي آڌار تي آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهن جي ئي موڪليل پئسن جي ڪري ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيا آهن. سمونڊ پار پاڪستانين لاءِ هن مختلف اسڪيمن جو اعلان پڻ ڪيو آهي. کين سڀ کان وڏي لالچ اها ڏني آهي ته ملڪ ۾ “اي-ووٽنگ” وارو سسٽم لاڳو ڪري کين ووٽ جو حق ڏنو ويندو. عمران خان سمجھي ٿو ته ايئن ڪرڻ سان سندس حڪومت کي مالي ٽيڪو ملي ويندو ۽ ايندڙ وقت ۾ سمونڊ پار پاڪستانين جا ووٽ هن لاءِ سياسي ٽيڪو بڻبا.
ملڪي بجيٽ کوٽ واري بجيٽ آهي. اها کوٽ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارن کان قرض کڻي پورت ڪئي ويندي. اهي قرض لاهڻ يا وياج ڀرڻ موجوده حڪومت جي ذميواري ناهي. اها ڳالهه عمران خان کي سندس معاشي مشيرن سمجھائي آهي ته “ڪهڙو سڀاڻي توکي قرض ۽ وياج ڀرڻو آهي” سو في الحال پنهنجو گاڏو هلائي ڪم ٽپاءَ، پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان.
ايئن 2021ع جو عمران خان ان کان اڳ واري عمران واري کان مختلف آهي. ان جون پاليسيون ، فيصلا ۽ مقصد به مختلف آهن. اهي مختلف ٿيل شيون باقي فيصلو ڪندڙن ڌرين کي ڪيتريون واري ۾ پيون اچن اهو وڏو سوال آهي. هو اهڙا منصوبا ڪجھه اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي سڀاڻي ڳڻائي به سگھجن ۽ ڳائي به سگھجن.

  • Budget 2021, Pahenji Akhbar, Sohail Sangi

Labels: , ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home